تبديل ٿيندڙ سنڌ جي سياسي صورتحال
سنڌ جي ماڻهن سان وڏيون وساھ گهاتيون ڪيون ويون آهن، کين خوشحالي جا سنهري خواب ڏيکاري ڪري هميشه ڏکارو ڪيو ويو آهي، اقتدار ڌڻي هجڻ جي باوجود بہ سنڌ ۾ ڪو بہ مثالي ترقي نظر نہ ٿي اچي، هن دفعي اليڪشن جي صورت حال اڳ واري صورت حال کان مختلف نظر اچي پئي، هن دفعي جي اليڪشن ۾ سنڌ جون گهڻ گهريون طاقتون اڀري ڪري سامهون اينديون، هن دفعي سنڌ جي سياست جو رخ تبديل ٿيندو ۽ سنڌ دوست شخصيتن کي اڳتي اچڻ جو بهترين موقعو آهي.
سنڌ جي سياسي حالتون ان طرف اشارو ٿيون ڪن تہ هن دفعي اقتدار ڌڻي ڪنهن هڪ پارٽي يا ڌر جا فرد نہ ٿي سگهندا هن دفعي واري حڪومت گڏيل حڪومت ٺهندي، گڏيل حڪومت ٺهڻ جا چٽا امڪان وفاقي حڪومت جي ٺهڻ ۾ بہ نظر اچن ٿا پر سنڌ ۾ تہ گڏيل حڪومت ٺهڻ جا چٽا ۽ واضع امڪان نظر اچن پيا، هن دفعي سنڌ اندر سياسي وايو مڊل اڳ واري اليڪشنن کان مختلف آهي.
حُرن جي روحاني پيشوا جي ڊي اي کي جوڙي ڪري پنهنجي ئي بنيادي پارٽي فڪشنل ريت کي پاڻ پوئتي ڌڪي ڇڏيو، فڪشنل ليگ جي جاءَ تي جي ڊي اي جي تشڪيل مان اهو تاثر وٺي سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ اڄ تائين فڪشنل ليگ پاڻ کي مضبوط نہ ڪري سگهي آهي ان جي لاءَ کي کيس هن دفعي جي ڊي اي جو ويس پارايو ويو آهي، ان کان علاوه محترم اياز لطيف پليجو صاحب جي قومي عوامي تحريڪ بہ سنڌ اندر پنهنجون پاڙون ايتري مضبوط نہ ڪري سگهي آهي جو ان کي انفرادي طور اليڪشن ۾ حصو وٺڻ بجاءَ جي ڊي اي جو پاسو وٺڻو نہ پوي ها، ان سان گڏوگڏ ذلفقار مرزا صاحب جهڙي ريت پ پ پ کان علحدگي ڪري پنهنجو بنياد پي ٺاهڻ چاهيو ان جو اچانڪ جي ڊي اي جو حصو بڻجڻ بہ يقنن هڪ علامتي امڪان آهي.
تحريڪ انصاف سنڌ هن مهل اندر ايتري سگهاري نہ بڻجي سگهي آهي جو کيس سنڌ جي سياسي متبادل جو لقب ڏجي ها، جي ڊي اي بہ سنڌ جي سياست جو متبادل هر گز نہ آهي ڇو تہ جي ڊي اي جو تصور صرف اليڪشن تائين محدود آهي، اليڪشن کان پوءَ جي ڊي اي جا سڀ ميمبر پنهنجي اصلوڪي سياسي جماعتن ڏانهن رخ ڪندا، سنڌ اندر هن مھل پاڪستان پيپلز پارٽي جي متبادل طور جيڪا سياسي پارٽي سامهون اچي رهي آهي سان آهي تبديلي پسند پارٽي، ڇو تہ هن مهل جهڙي ريت ٿوري عرصي ۾ تبديلي پسند پارٽي سنڌ اندر پنهنجون پاڙون مضبوط ڪيو آهن تهڙي ريت شايد ٻي ڪا بہ پارٽي نہ ڪري سگهي آهي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي گهڻو اڳ کان وٺي ڪري هر دفعي جي اليڪشن ۾ حصو وٺندي آئي آهي پر کيس اڄ تائين اُها سوڀ نصيب نہ ٿي سگهي آهي جيتري ان منجهان سنڌ جي ماڻهن کي توقع هوندي هئي، پر ان جي برعڪس تبديلي پسند پارٽي تمام گهٽ وقت ۾ پوري سنڌ جي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، هاڻ ڏسڻو اِهو آهي تہ پاڪستان پيپلز پارٽي کي هن دفعي اليڪشن ۾ وڌ کان وڌ شڪست ڪهڙي پارٽي طرفان ڏني وڃي ٿي.
سنڌ جا ماڻهون ويڳاڻپ واري حال ۾ رهي رهي هاڻ بي حال ٿي چڪا آهن، پهريان کين اهو بهانو هوندو هيو تہ کين متبادل سياسي پارٽي نہ آهي، حقيقت جي بنيادن تي جيڪڏهن سنڌ جي سماجي صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو تہ اهو معلوم ٿئي ٿو تہ هتان جي عوام جو معاشي استحصال ڪيو ويو آهي کين غلامي واري زنجير ۾ جڪڙي ڪري کين تڪليفن مٿان تڪليفون ڏنيون ويون آهن، سندن روزگار جا دروازا بند ڪري کين بينظير ڪارڊ جي پئسن جو عادي بڻايو ويو آهي، سندس روڊ رستا بند ڪري کين حادثن جي ور ڪيو ويو آهي، سندن صحت جي سهولتن کي اڻ لڀ ڪري کين ڌڻي وٽ جلد پهچائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو آهي، سندن تعليم تباه ڪري کين جهالت ۾ اونداهي واري غار جي حوالي ڪيو ويو آهي.
مجموعي طور ايتريون ساريون تڪليفون، ڀوڳنائون ۽ ويساه گهاتين سهڻ جي باوجود بہ هتان جو عوام جهموريت تي يقين رکي ٿي، ووٽ ذريعي پنهنجي قسمت تبديل ڪرڻ واري فهم تي اعتبار ڪري ٿي ۽ هاڻ سنڌ اندر سياسي شعور اڳ کان وڌيڪ سگهاري ٿي چڪي آهي، هن مھل سنڌ جو هر هڪ باشعور توڙي لاشعور فرد سنڌ جي بهتر مستقبل لاءَ فڪر مند آهي، ان پنهنجي فڪر کي عملي طور ظاهر ڪرڻ لاءَ اليڪشن جو انتظار ڪري رهيو آهي، اليڪشن جي ايندي ئي گهڻا سنڌ شناس فرد ساڳين چهرن ۽ آزمايل سياسي اڳواڻن کي گهر ڀيڙو ڪندا، ڇو تہ اصل سرچشمو ۽ طاقت عوام ئي آهي، عوام جنهن کي چاهي ان کي اقتدار ڌڻي بڻائي سگهي ٿي ۽ جنهن کي چاهي ان کي گهر ڀيڙو ڪرائي سگهي ٿي.
سنڌ مان جهڙي ريت نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي ڪري پنهنجي حيثيت وڃائي چڪيون آهن اهڙي ئي ريت پاڪستان پيپلز پارٽي جو مستقبل نظر اچي پيو، ڇو تہ پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيتريون ويساه گهاتيون هن سياسي پليٽ فارم جي بنيادن تي سنڌ جي عوام سان ٿيون آهن ايتريون ويساه گهاتيون تہ نواز جي دور حڪومت ۾ بہ سنڌ سان نہ ٿيون هيون، هن وقت سنڌ جو هر فرد ساڳين چهرن ۽ آزمايل ڀوتارن کان بيزاري جو اعلان ڪيو ويٺو آهي، هن دفعي ڀوتارن جي شڪست جا چٽا امڪان واضع نظر اچي رهيا آهن.
اِها بہ هڪ حقيقت آهي تہ سنڌ تڏهن ئي ترقي واري راھ اختيار ڪري سگهي ٿي جڏهن نوا چهرا ايوانن تائين پهچندا، جڏهن نئي قيادت سنڌ مان اڀري ڪري سنڌ جي دردن جو حل تلاش ڪندي، اقتدار ڌڻي جڏهن تبديل ٿيندا تڏهن ئي ڪا ڪارڳر حڪمت عملي جڙي سگهندي جنهن جي وسيلي سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي وارو خواب ساڀيان ماڻيندو، باقي آزمايلن کي وري آزمائڻ ناداني جو هڪ اعلي ۽ نادر نمونو آهي، هن دفعي سنڌ جا ماڻهو اياڻا نہ پر سياڻا ٿي ڪري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا تڏهن ئي سنڌ خوشحالي طرف سفر ڪندي ۽ اسان وٽان فرسوده سياست جو خاتمو اچي ويندو.
روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
21 جون 2018