ڪاڳر جي بدن تي لفظن جي بارش : آسي زميني
شاعر جو من، جيڪو وشال بي انت ساگر سمان ھوندو آھي، اُن مان آننت احساسن جا بادل اُٿندا آھن ۽ اکڙين جي آڪاس تي سليٽي رنگ ھاري، سمورو وايو منڊل مڌمست بڻايو ڇڏين . . . . پر ڪير ڄاڻي اھي بادل ڪھڙي دل ڌرتيءَ تي ٿا برسن، ۽ ڪھڙي انداز ۽ ڪيتري ماترا ۾! اھو ته انھن ڪڪرن جي سرگوشين کي ڪنائي، ڪجھه سمجھي سگھڻ واري صلاحيت رکندڙ تخليقي ذھن ئي ٻڌائي سگھي ٿو. ھڪ تخليقڪار جي حساسيت، اسان جي “سياسي موسمي کاتي” وٽ موجود سماجي اڳڪٿي ڪرڻ وارن روايتي آلات کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ حساس ۽ ويساھ لائق ھوندي آھي. تنھن ڪري ماڻھوءَ جي من جي موسم بابت ھڪ سياسي ماھر کان وڌيڪ دلين جو پارکو، سرجڻھار ٿي وايومنڊل تي ڇانيل ڪارن ڪڪرن کان پُڇي ٻُڌائي سگھي ٿو ته بارش ڇا ٿي سوچي؟
۽ ھن ڪتاب جي ٻنھي ڪنڌين وچان وھندڙ لفظن جي تيز ڌارائن کان پُڇي ڏسو، ته اھي من جي مانسروور مان نڪري، نئين صبح جي سمندر ڏانھن ويندي، راھ ۾ ڪھڙين رنڊڪن سان مُھاڏو اٽڪائينديون آيون آھن ۽ بُوند بُوند بارش برسڻ کان اڳ بارش ڇا ٿي سوچيو؟ ڪو ئي ڄاڻي يا نه ڄاڻي پر اسان ڄاڻون ٿا ته ايوب کوسي جي اکڙين جي آڪاس تان وُٺل ڪاڳر جي بدن تي لفظن جي بارش سوچي ٿي.
ھي احساسن جي اگھاڙي بدن تر آشنائن جي آرائين مٿان ڪريل بُوندون آھن، يا آدميءَ جي تتل سرير تي ڪنھن مُڏي ڏانٽي، ڪاتر يا ڪھاڙيءَ کي ڏنل لوھار جا ڇنڊا آھن! ھي لفظن جا موتي، ڪنھن نوورَنيءَ جي وارن مان ڇڻي پنن تي پکڙيا آھن يا ڪنھن جوڌي جڳن آڱريون آھن، جيڪي محاذ تي وڃڻ کان اڳ واريءَ رات، ھن پنھنجي سجنيءَ جي سيني تي سِيس نوائي، سندن وارن ۾ ڦيريون ھُيون . . . . ۽ ساڳئي وقت بارش اھو به سوچي ٿي ته سيمائن جي ٻنھي پاسي موجود سئناڻن جي سپاھين جي زالن جا ھي ڳوڙھا ئي ته آھن، جن کي ھوءَ چورائي سرحدن جي ٻنھي پاسي برسي ٿي – پر اھو سڀڪجھه رڳو بارش سوچي ٿي، اي ڪاش! اھو سڀڪجھه انسان پڻ سوچي!
[b]آسي زميني
[/b]6 مارچ 2005ع
”سليٽ“ دانشگاھ، ٽنڊوقيصر
03003249063