برفباري!
... حادثن جون ھوائون دل جي ڪچي گھر جي جاري ۾ رکيل آرزوئن جي ڏيئن کي وسائينديون رھن ٿيون، وقت بدن جي مِٽيءَ ۾ درد جي ٻَٻَر جا چيچڪا پوکيندو رھي ٿو! پر پوءِ به صبح جي آرسي، اکين کي جياپي جو ڪو انوکو احساس پسائيندي رھي ٿي، ۽ اسان جيون جي جوڳي کي ڳلين جي سُڃ ۾ روليندا رھون ٿا، ان تسلسل جي خبر ئي ڪانھي ته ڪھڙي پُڄاڻي آھي !
... ڪڏھن ڪڏھن چوڏھين جھڙين راتين ۾ چنڊ جي جوڀن ڏي نھاري سوچيندو آھيان، اسان جا جيون ۽ جوڀن نما شام جيان ڇو ٿيندا ٿا وڃن!؟ اسين ڇوليءَ جي بدن جيئن ڇو ڪنارن جي آس پاس ڇيھون ڇيھون ٿيندا رھيا آھيون!؟ ڇا ۽ ڇو؟ ساحل اسان جي سڏن کان ناآشنا آھن؟ ڇا ڪناري جي واريءَ رڳو اسان سان آشنائي جي سزا ڀوڳي سج جي گولي ھيٺان ائين ئي ٻرندي رھندي، جيئن اسان ۽ اسان جا خواب ٻري رھيا آھن!؟
رات جي رڻ ۾ چوريءَ چوريءَ حسين چھرن کي چُمندڙ ھوا احساسن جي جھولي تي جھولائي ويندي آھي! ڊپ آھي اسان سان ان وفا جي ڏوھ ۾ ڪٿي ان ھوا کي به ڪاريءَ ڪري نه ماريو وڃي! اسان سان ھن وفا جي ڏوھ ۾ اڳي ئي اھا اربيلي ننڊ به سزا کائي سڄي سڄي رات ستارن جي آس پاس رلندي ۽ جاڳندي رھي ٿي، منزلن جا پير ته اڳي ئي زنجيرن ۾ آھن!
... ڪنھن جو ياد ڪرڻ زندگي جي حسين لمحن کي حسين ڀيٽا آھي!
... اُھي معصوم آڱريون جيڪي ڏينھن جو سُئي سان ڀرت ڀرن ٿيون ، ۽ جيڪي رات جي خاموشي ۾ تارن جي ڇاٽ ھيٺان پنھنجي پريمي جي ڇاتيءَ ۽ ڳلن تي ڇھاءُ جي ٿڌاڻ سان زندگي جي احساس ۾ پيار جي سُرور جو رنگ ۽ ڀرت ڀرن ٿيون، اسان لاءِ اھي مقدس آھن!
... بادلن سان ڍڪيل آڪاش ھيٺان مٿي ۽ چيلھه تي گھڙا کڻي ايندڙ، سائي نيري، گلابي ۽ پيلي پڙن، گج ۽ پانچن تي ڀريل ڪنڊڙي واريون پاڻياريون ڪنھن خوشي جي جمالي جيان اسان لئه محبوب ۽ مقدس آھن! توڙي دنيا جي نظرن ۾ اسان جا اِھي عشق گناھ جي زمري ۾ اچن ٿا! پوءِ به اسان کي پرواھ ناھي!
... تازو اردو جي بسنت رُت جھڙي شاعر محسن نقوي کي ڪنھن گس تي گولين جو تحفو ڏئي مھل کان اڳ ماريو ويو!
... سوچيان ٿو، فن جي بدن تي جي ائين ئي ڪفن ايندا رھندا ته پوءِ عشق جي رئندڙ رُتن کي ڪير پرچائيندو؟ گوليون جي شاعر اکيون ائين ئي اونداھ ۾ لاھينديون رھيون ته پوءِ معصوم حُسن جي معصوم چھرن جون ڳالھيون ڪير ڪندو!؟ ڪير انھن اکين کي زبان ڏيندو، جيڪي ڦليھار ۾ پيل آخري ننڍڙن ٽانڊن جيان پويان پساھ کڻي رھيون آھن!
... اسين ڪويل جي ڪُوڪُو، ۽ چرچن ۾ ڏنل ٽھڪن کي ته نظرانداز ڪري سگھون ٿا، پر لاٿل پوتين، پٽيل اُرھن ، جوانن جي جنازن، مليل محبتن، ڀڳل چوڙين، ڪرندڙ ڪچن گھرن ۽ اُس ۾ سڙندڙ وجودن کي نظرانداز نٿا ڪري سگھون، اسان ڇانئن ۽ ٻانھن جي سھارن کي ته وساري سگھون ٿا، پر، حُسن ۽ سونھن کي لُٽجندو ڏسي تماشو ڏسي نٿا سگھون! ڍير گھرن جي ڪچري تي پيل نئين ڄاول ٻارن جي لاشن جو ذڪر اسين ان ڪري ڪريون ٿا، جو اسان معصوم محبتن جا ڀرم رکڻ ڄاڻون ٿا!
... اوچ نيچ جا تصور ھر باغي ماڻھو لاءِ، ٻارن کي پرچائڻ لاءِ ڏنل رانديڪن جھڙا آھن!
... سانجھه جي صفحي تي ستارن جو نظم وڇڙيل محبوبن لاءِ گذريل بيقرار پيار جو ياداشت نامو آھي! جنھن کي ھو پڙھن ٿا يا نه ڪا خبر ڪانھي!
... ڪنھن ھيراڪ مَڌ شناس ۽ مَڌُ پياڪ جيان، مون ھُن جي شاعري جو شراب ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيتو آھي، جنھن جي نشي کي آئون وساري ئي نٿو سگھان!
... اڄ جڏھن زندگي جو وجود بارود جي بُوءِ ۽ اُس سان ويڙھ ۾ رڌل آھي،، اتي ھڪ قلمڪار جو ڪردار ڪيڏي ۽ ڪھڙي حيثيث رکي ٿو؟ ڪاش ڪو انھن آڱرين کي سمجھائي سگھي، جيڪي ڌرتيءَ جا مُحسن مارين ٿيون!
... رَت جي تاريخ پنھنجا ڪردار پاڻ ٺاھيندي آھي!
... ايمانداريءَ جو بدن ڏاڍو اگھاڙو ٿئي ٿو، ان کي ڇُھڻ ماڻھن لاءِ اڄڪلھه ڀوائتي خواب جو درجو رکي ٿو!
... ھر ڳالھه گرڀوتي ٿئي ٿي، ٿيندي آھي، اُنجي ظاھر ٿيڻ بعد مذڪر مؤنث، رنگ ۽ شڪل جو پتو پوي ٿو!
... عشق بدن جي بُک تي اچي بيھي رھيو آھي! خوبصورتي ڏاڍي سَستي وڪجي رھي آھي، حُسن ڪاروبار ٿيندو ٿو وڃي!
... اسانکي جنونيت ۽ دھشتگردي ورثي ۾ ڇو ملي آھي!؟ ان جو جواب ڳولڻ لاءِ مون عشق جي اگھاڙي ۽ ڪاوا ڪاوا ديس جو پيرين اگھاڙو پنڌ ڪري ڏٺو آھي!
... عجيب آپگھاتن جي ٻکن مان نڪرندا ۽ گذرندا رھون ٿا!
... اي اڻ ڏٺا نامڪمل محبوب ھي سڀ ڇا آھي!؟ ھي سڀ ڇا ٿي رھيو آھي!؟
... سوالن جي سلسلن قيدي بڻائي ڇڏيو آھي !
... سماج جي نظرن ۾ ٿيل ھر گناھ، سچائي جي خدائي ۾ ثواب جيان آھي!
... جڏھن پُور چانڊوڪي جي ڇير وڄي ٿي، جڏھن تتيءَ ۾ ڪي گھڙا ڀرن ٿيون، اڪ تپن ٿا، ۽ شام سچل جون سٽون ٿيو پوي، چيتي جيئن سُتل سھاڳڻ واريءَ تي جڏھن ٿوھر ٻانھون پکيڙي چنڊ کي سڏن ٿا، جڏھن ٿر جي واري جو روح روھيڙو ٿي پوي ٿو ۽ جڏھن ٿڌي واريءَ کي چوڙين جون سرگوشيون ڪچي ننڊ مان اٿاري وجھن ٿيون، جڏھن ڀٽ ڀٽ ڦُلڙيون ڦلڙيون ٿي رول بادل ڏي واجھائي ۽ نھاري ٿو، تڏھن ھتي ڪو ميڙو مچي ٿو، سينڌن ۾ ڦڻيون اچن ٿيون، اکيون سُرمي جي ڇھاءُ جو گيت سُڻن ٿيون !!
... چاھتن جي درن تي، درد، انتظار ۽ اوجاڳن جي موسم ڦٽي پئي آھي، سانوڻ ا صبح الئه ڪڏھن آرسيون ٿيندا، مِٽيءَ جو قدمن سان سنگسار بُت الئه جي ڪڏھن ڦُلڙيون ڦُلڙيون ٿيندو! ؟ في الحال ته رڳو اميدن جون ٻانھون کڄنديون رھن ٿيون، خيالن جون ويران مزارون ڪنھن بادل جي لاءِ ڏسنديون ۽ لڇنديون رھن ٿيون!
... ڪنھن کير جھڙي رات ۾ ڪوسن ڀاڪرن ۽ ٿڌين چُمين جون حسرتون کڻي ڪنھن لوڙھي جي ڀر ۾ سرگوشين جون ڪھاڻيون جنمي ڪن مارجي ويل جوانين جون پويون نگاھون اسان جي ڄڻ ته ساھن ۾ آھن!
... اسان سوين سڏن کي ته پٺي ڏيندا ئي رھيا آھيون ، پر پنھنجين محبتن کي پُٺي ڏيڻ اسان جي دل جي مذھب ۾ ڪفر آھي! نه معاف ٿيڻ جھڙو گناھ آھي!
...اسان چاھيون ٿا ته اسانجو ايندڙ نسل اسان کان وڌ سمجھدار ، باغي ، حقيقت پسند ۽ حقيقت شناس ھجي!
... پيار جو صبح جھڙو چھرو جڏھن ڪاراڻ سان ڍڪجي ويندو آھي، تڏھن من جون موسمون مري وينديون آھن!
... چاھتون جڏھن بيوفائي جي چوٽي تان ڪرنديون آھن، تڏھن دل تازو بمباري ٿيل بستي جھڙي ويران، تباھ ۽ اجاڙ ٿي ويندي آھي!
... عشق جو اڌ رات جھڙو يا جيان رھجي وڃڻ، نه آسمان، ٿو ٽوڙي سگھي نه زلزلو ٿو آڻي سگھي، مگر چاھتن جا شھر ويران ڪيو وڃي، اھو الميو اُس کان به وڌيڪ ساڙيندڙ رھي ۽ لڳي ٿو.
... سوچ جي بدن تي گلابن جھڙي جواني اچڻ کان ان تي پوڙھپڻ جا دؤرا پوڻ تائين، صليبن جو ھڪ سفر آھي جيڪو نه ٽُٽي ٿو نه کُٽي ٿو!
... سوڳوارين جا داستان ھميشه اڻ پورا رھيا آھن!
... آئون حقيقتن کان منھن موڙي نٿو سگھان، ھن ڪائنات جو اوترو ئي ڏوھي آھيان، جيترو ھر حقيقت پسند ماڻھو کي ٿيڻ کپي!
... ھوءَ معصوميت جو گيت آھي!
آئون اُس جو مسافر آھيان! ھُن کي پاڻ سان گڏ ڪيئن وٺي ھلان!؟ اڄ به ڪا ويڙھ ڄڻ ته پاڻ سان وڙھي رھيو آھيان!
... ھوءَ خوشبو جيان ائين جو ائين مروت سان ٽمٽار آھي ! منھنجي غلطي رڳو اھا آھي جو مون پنھنجي اکين سان کيس محسوس ڪرايو ته تون (ھوءَ) تپيل ماحول واري رڻ پٽ ۾ سڀن کان بنھه منفرد ڪو بانورو ڪڪر آھين، ڪنھن پازيب جي صدا آھين! ۽ ھُوءَ ڦڙي ڦڙي ٿِي وسندي ٿِي وڃي!
... شعور ۽ سج لتاڙجڻ جي ھر وارتا انسانيت جي موت برابر آھي !!