بارش سوچي ٿي, ليکڪ : ايوب کوسو

بارش سوچي ٿي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : بارش سوچي ٿي
ليکڪ : ايوب کوسو
ڪيٽيگري : ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا
ڇپيندڙ : ڪويتا پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 2004
شامل ڪيو ويو : 2018-11-21
ڏِٺو ويو : 10302 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1879 ڀيرا
ھِن ڪتاب ۾ ٻيو ڪجھه آھي يا ناھي! ان جي ڪا خبر ڪانھي! بس اِھو ضرور آھي ته ھنن ورقن ۾ اھي راتيون روپوش ٿي اچي لڪيون آھن جن راتين ۾ شھر ۽ ڳوٺ ته سُمھندا آھن، پر عاشقيون جاڳنديون آھن! ھِن ڪتاب ۾ انھن مفلس مزدورن جي آڱرين جو يتيم ٿَڪ ڊوڙي اچي سُتو آھي، جيڪو ٻاھر جي ماحول ۾ سدائين شمشان گھاٽن جي چتائڻ جيان ٻَريو آھي! ھِن اداس ڊائريءَ ۾ انھن پکين جا خالي ٿيل آکيرا به اچي اٽڪيا آھن، جن جا پکي اڏامندي مارجي چُڪا آھن! ھن ڊائريءَ ۾ گلاب تمام ٿورا آھن، پر اھڙا ڳوڙھا بنھه گھڻا آھن جيڪي بيوس انسانيت جي اکين جي آخري پُونجي آھن! ھي ڊائري سنگبارين جي ميدانن ۾ پاڻھي لکجي وئي آھي! اُن ڪري ان جا سمورا گس به رت ۾ رڱيل آھن! ھي ڊائريءَ اونداھين ۾ سِٽ سِٽ ٿي لکجي وئي آھي اُن ڪري به ھِن ڊائريءَ – ڪتاب جو سڄو مزاج زخميل آھي!

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ