بانوريءَ بھار جي ڳولا!
... تنھنجي ارپيل پيار کي پيار ڏيڻ جي لاءِ سوچيان ٿو احساس جي ماٿري جا ڪھڙا گل اماڻيان! پيار جنھن جو ڪو مذھب ناھي، جنھن جو وجود ھميشه باوضو رھيو آھي، ۽ اسان ان پيار جا پانڌيئڙا، جن جو ڪو پنھنجو نه ڪو صبح آھي، نه ڪا شام آھي! اسان ڄڻ ته ڪنھن خواب جي ٻيٽ تي آباد ڪي اوائلي (قديم) انسان ھجون. سج ڪنھن بدمست شرابي جي ڳاڙھين اکين جيان اسان کي نھاري افق جي اولي ۾ الھي وڃي ٿو. اسان ان ٻيٽ جي ڪنارن تي بيھي پيار ۽ امن لاءِ ھوا ۾ ھٿ جيئن لھرائيندا ٿا رھون، پر ڪا به پيار ۽ امن جي نيا (ٻيڙي) نظر جي نرڙ تي نٿي اڀري! ۽ اسان جون سانجھيون سري گھاٽ جي کليل درين جيئان بي رنگ ٿينديون اوندھ ۾ ڄڻ ته ٻڏيو وڃن ٿيون! ڪير ڄاڻي ھوائن ۾ اسان لئه ڪو سنيھو آھي به ڪي نه، اسان پنھنجا پيار زمانا ٿيا، اُجھيل ۽ ٻريل گھرن جي ٽُٽل درن ۽ کليل درين ۾ لُٽائي آياسين، جن جي رک (ڦلھيار) ھوا ۾ گھلي، ھُلي يا وکري وئي ڪا سُڌ ڪانھي! ڪا سُڌ ڪانھي!!
... سرد موسم جي سُڪل ڪلين جھڙن گھڙين ۾ تو ياد جا گل اماڻيا آھن، ۽ مون اکين تي رکيا آھن!
... درد دل جي اڱڻ تي پيرن جي پنن جيان پاڻھي پاڻ ڇڻندا ٿا رھن! انھن کي روڪڻ ڪنھن جي وس ۾ ڪونھي ڪو . . ! ھي نظريا، فلسفا، ادب، شاعري، ان درد جي ڳلن تان ڪو ھڪ به ڳوڙھو اگھي ناھن سگھيا، جي ائين ناھي ته پوءِ ڪنھن جي به من جي آرسي ٽُٽل نه پر سلامت ملي!
... بيشرمائيون، بيحيائيون ۽ بيوفائيون، جڏھن ڪنڊن مان نڪري رستن، گھٽين ۽ چؤراھن تي رقص ڪنديون اچن ٿيون، تڏھن احساسن جي کوھن جو پاڻي سڪڻ لڳي ٿو. سچائي سُڃ ۾ سمھي ٿي، وفائون جلاوطن ۽ ماڻھپي جون ڀتيون ڀرڻ لڳن ٿيون!
... ماڻھو ازل کان بيوفا شين سان محبت ڪئي آھي، ۽ درد پرائيا آھن، ان بيوفائن جي لسٽ ۾ ”زندگي” جھڙي بيوفا محبوبا شايد ئي ڪا ٻي ھجي!