خزان جي بدن جي خوشبو
... اسان مٽي جي بدن جا ماڻھوئڙا آس جي ڪڪرن ھيٺ ۽ مايوسين جي اُس ۾ جنم جون تاريخون گھٽائيندا ۽ وڃائيندا آھيون! اسان جا خواب، خيال ۽ تصور مئخاني جي مسافرن جيئن ھوش جي ھستي کان ٻاھر محسوس ٿيندا آھن!
... اسان کي اسان جي حصي جون مليل محبتون ڪنوار جي رخصتي مھل منظر جيئن رئارينديون آھن ، جذبا شھيد ٿي ويل ھستين جي ارمانن جيئن جلندا ۽ لڳندا آھن، جن ڪڏھن حسين رُتن جا رنگ پسڻ چاھيا، جن ڪڏھن صبحن جي پيرن تي پازيين جا سُر سُڻڻ چاھيا، جيڪي منڪر ۽ ڪافر دل ۽ عشق جا ڀرم رکندي دغا جي ريتن جي سانجھين ۾ اولھه جي سج جيئن الھي ويا!
... اسان جو جرم اھو آھي جو اسان آڱر اُڀي ڪري ڳاڙھي سج جي ھئڻ جي ساک ڏني آھي، ريٽي سج جي اڀرڻ جو خواب اکين جي ڳوٺ ۾ پاليو آھي، توڙي جو اسان وڇوڙي جي رات جا اھي لڙڪ بڻجي ويا آھيون، جن کي ڪڏھن ڪڏھن گمنام شاعر جي آڱرين جنميو. ۽ گمنام راڳي جي گلي ان کي آلاپيو!
... اڄ دل اٻاڻڪي پئي لڳي، ڄڻ ته زندگي جي بدن تان ڪنھن سمورا ڪپڙا لاھي ڦٽا ڪيا ھجن، ۽ ھُو اگھاڙي ٿي پئي آھي!
... اسان سان الميا خوابن جيئن ڳنڍجي ويا آھن، ان المين ۾ بيروزگاريءَ کان بيوفائين تائين، رشتن جي زخمن کان ريتن جي صليبن تائين ھڪ نه کٽندڙ سلسلو سمنڊ جيئن ھلي ٿو پيو!
... ٻرندڙ سج سمي اُفق جا ڳاڙھا روپھرا رنگ نه پر اھي اسان جي دلين جا نوحا ۽ مرثيا آھن!
... ڪاش! ھن زماني ۾ ڪا اھڙي به دوا ايجاد ٿئي ھا، جيڪا غمن ۾ ٻڏل ۽ ٻڏندڙ ماڻھو کي ڪو ھڪ پل ئي چين ڏئي سگھي ھا، ۽ دلين جون ٽُٽل آرسيون وري جُڙي سگھن ھا!
... ڪڏھن ڪڏھن اداس راتين ۾ اھي پرھ جھڙا پل ياد پوندا آھن، جن کي ماڻھو اکين جا اوجاڳا ۽ ڳوڙھا ڏئي پائي ٿو!
... اسان ڪتابن جي بند ورقن جي اھا خوشبو بڻجي ويا آھيون، جنھن کي ڪو پڙھي ٿو ته محسوس ڪري ٿو! نه ته اسان درد جي ڍنڍ تي اڏري آيل پيار جي پکين جيئن بي نام آھيون! شامون اسان جون سکيون، صبح اسان جا جذبا ۽ راتيون اسان جا لڙڪ آھن، ۽ اسان جي سوچ، عشق ۾ بيقرار اُن ڇوڪري جي اُھا بيچيني آھي، اھو جذبو آھي جنھن جو بدن ڪاريءَ ڪري ماريل عورت جي اکين جيئن آھي. اسان جي رڳن ۾ پلجندڙ درد، ڀڳل چوڙين ۽ ڪُنواري سينڌ جي اھا ڪھاڻي آھي جنھن کي ڪوڙي غيرت جون ڪھاڙيون ڳولن ٿيون!!
... ڪڏھن ڪڏھن لڳندو آھي، اسان عشق جي اُجري رُت جا ڳاڙھا ڳوڙھا بڻجي ويا آھيون. اسان جي وجود جي رڳن ۾ اڻ ميي پيار سان گڏوگڏ ناانصافين، ۽ بيڪار رسمن جو اھو زھر ڀريو ويو آھي، جو اسان ھر شيءِ کي فريب ھئڻ جي گمان سان ڏسڻ تي مجبور آھيون!
... ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو آھي ته اسان جون سچائيون، اسان جو محبتون، بارش ۾ پُسيل ڪاڳرن جيان بي رنگ ٿي ويون آھن. جن کي ھوائن جي ھٿن سڪڻ کان اڳ ۾ ڦاڙي وڌو آھي. جن تي روئڻ لاءِ اسان جي اکين وٽ ڪو لڙڪ ئي ناھي رھيو. ڪو لڙڪ ئي ناھي بچيو!
...شاعر صدين جو روح ھوندا آھن، جن جو قلم تاريخ جي کاٽ لڳل صفحن کي وري وري نئون جنم ڏيندو آھي، اھو قلم قيدي جي زنجير جيان ھوندو آھي، جيڪا پھريدارن جي ننڊ حرام ڪري وجھندي آھي!
... حقيقت اھا آھي جو بيروت هي بدن جھڙي ھن دؤر ۾ اسان اڌ سڙيل سگريٽ جيئن رھجي ويل ماڻھو سچائين جو صبح جھڙو بدن ڳوليندا آھيون! ان جي حاصلات لاءِ پنھنجو پاڻ کي روليندا آھيون، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ان سچائين کي پائي گلابن جيان ٽڙي پوندا آھيون، جڏھن ته ھونئن اڪثر بي معنى گھاريندا آھيون!
... غم، ڪوڙ، ڪروڌ، ڪرڀ ۽ ڪاوڙ جي نگاھ سان جذبا ناھن پرکيا ويندا. جذبا ته دل جي سچائي ، مروت، پيار ۽ سچي احساسن سان پرکيا ويندا آھن!
... ڪاوڙ ڪر، ڀلي ڪر، پر ڪاوڙ به پيار سان ڪر ته ڪجھه مزو به اچي!
... مون چنڊ کي پري کان بھارن ۽ وفائن جا ڳيچ ڳائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، اھو مون کي مليل محبتن جيان عزيز آھي!
... پھرين منھنجي وجود ۾ رت جي ھڪ قطري، پاڻي جي ھڪ بُوند جيان، پيار جي اُجري احساس جيان، لھي ته ڏس، پوءِ تنھنجو ھر الزام اکين تي! ھونئن ته اسان ۽ الزامن جو ناتو نئون ناھي ، گھڻو پراڻو آھي!
... اسان پينگھي ۾ ستل سونھن کي خود سونھن جي نگاھ سان ڏٺو آھي، جي اھو ڏوھ آھي ته پوءِ ھر سزا قبول آھي!
... خوبصورتي، ڪائنات جو آواز آھي.
... محبتون قيدي جي زنجير جيان آھن، جن کي ڪو جيلر، ڪو پھريدار سَڻي ناھي سگھندو، ڇو جو ان لاءِ احساس کپن!
... محبتون سرد ملڪن جي اجري عاشق پکين جيان ، ڀٽڪي به بي مروت ناھن بڻيون!
... احساس جي موسم جا سمورا ڪپڙا ڄڻ ته ڪنھن لاھي ڦٽا ڪيا آھن!
... تاريخ اھا اَلھڙ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ آھي، جنھن جي اُڀريل اُرھن کي وقت جي بيرحم، سنگدل، ماڻھن جي ھٿن ھر دؤر ۾ ڇڪيو ۽ پٽيو آھي، ۽ انھن اُرھن مان ريٽو رت ٽمندو رھيو آھي!
... گلابن جون پنکڙيون فطرت جو خواب آھن! اھو ڄاڻي ته مٿان آڱرين جون اکيون کين ڇرڪائي وجھن، اسان ان ڪري اُنھن کي چپن جي اکين سان چُميو آھي! جي اھو ڏوھ آھي ته پوءِ ھر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آھيون!
... بي رحم، بي حس، رنج ۽ الم جي نماشام جھڙين سنگسار گھڙين ۾ ڪي اکيون، ڪي آڱريون، اھڙيون به وقت وري وري جنميندو رھيو آھي، جيڪي سوڳوار سُونھن ۽ سوريءَ چڙھيل سچ لاءِ احتجاج بڻجن ٿيون، دکندڙ ماحول ۾ ڪنھن پازيب جي صدا باسن ٿيون، مڇريل گھوڙن جي ٽاپن کان طنبُور جي تارن تائين، ڇيرن جي سازن کان آلن وارن جي خوشبو تائين، ھر پيار جي جھولي جھلڻ کان ھر ستم خلاف احتجاج تائين، ھڪ جنگ وڙھن ٿيون! اُنھن اکين، اُنھن آڱرين، اُنھن وجودن اسان جي تاريخ کي اسان جي سامھون اڳيان آڻي بيھاريو آھي!
... اسين پنھنجي ڌرتيءَ جا جوابدار آھيون، وقت ۽ حالتون اسان کان ڪنھن تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جي توقع رکن ٿيون!
... اسين نه کٽندڙ رات جي ھنج ۾ قتل ٿي ويل صبح جي سج جو غم ڪريون، يا جنسي جنون ھٿان پنھنجي ويڙھن جي لُٽيل سُونھن لاءِ اکيون اشڪبار ڪريون؟ اسان ٽارچر سيلن مان نڪتل پنھنجي جسمن جون ڦاٽل رليون ٽانڪيون يا پنھنجي محبتن جي تاج محلن جي ٽٽڻ ۽ ڀرڻ ڪاڻ دلين جا ويرانا وري وري نھاريون؟ اسان دار جي درن جا سڏ ورنايون يا عشق جي جلاوطن موسم ۾ مينھن جيان وسي وڃون!؟ انھن سوالن جا جواب نه وقت ڪلھه ڏنا ھئا، نه وقت اڄ ڏئي ٿو!!
... ڪنھن سوڙھي گھٽيءِ ۾ ڪنھن ننڍڙي معصوم نينگري جي ڪنن مان زوري ڇڪي لاٿل والين کان، ڪنھن ھوٽل جي معصوم پيشه ور ٻار جي زنا تائين، جرم جو جھولو جھولندو رھي ٿو، شام ٿيندي ئي ٻھراڙين جي سُونھن سڃ ۾ بدلبي رھي ٿي، شھر اجنبيت جي احساس ۾ ويڙھجندا ٿا وڃن!