شمشانن جي خاڪ ۾!
ان ڪري ڪراڙي رُڃ اکين جي ڳوٺن۾ رھي ٿي،
بندرگاھن جي شامن جھڙي رولاڪ بيچيني ڏسائن ۾ وکريل آھي،
صبح جي پاڪيزگيءَ کي الاءِ ڪنھن پُٺي ۾ ڇُرو ھنيو آھي،
وقت جي رڳن مان رت ڳڙي رھيو آھي،
ڪير ھوا کي اداس ڪري ويو آھي!؟
نه پکي ٻڌائين ٿا، نه اُس ڳالھائي ٿي!
موسيقارن جي ڌُنن ۾ ميريون راتيون لڪي ويون آھن!
اُڀ جو ھر ستارو جواڻ سانورين جي ڏنل ٽھڪن جو ڳوٺ آھي،
اُن ڪري اُن ڏي آڱر اُڀي ڇا لئه ڪريون؟
چئه! تاريخ کان ڪھڙي ريت منڪريت ڪجي؟
ڪلھه تاريخ جي رستن تي اکين ڏٺو ھو،
فاتحن جي محلن ۾ اگھاڙيون غلام ڪنواريون ساقي گري ڪري رھيون ھيون!
ھاٿين جي پيرن ۾ ٻار لتاڙجي رھيا ھا،
ننڊ جي ترين ۾ ڪوڪو کُتل ھا،
۽ اڄ جي تاريخ جو مٿو به ائين ئي اگھاڙو آھي!
بيواھن جا لڙڪ شاعريءَ کان سواءِ ڪٿي به پناھ ۾ ناھن!
چئه! ڪھڙي طرفداري جي دھل تي تاڙي وڄايون؟
ڪاري رات جي بُت کي سچ جي بليڊن سان چھڪ ڏيڻ کپن،
فاصلن کي دل جي چيچ جو ڇلو ڇا لئه ڪريون؟
شمشانن جي خاڪ ۾ پيرن جا ڪيل پنڌ سڏ ڪري رھيا آھن،
نه پاڙجي سگھيل واعدن جو روح ڪبوترن جي پرن ۾ لڪل آھي!
مسافرن جون بيقرار راتيون رنل خوشبو جي پويان ڀٽڪيل آھن،
بَرن جي ٺريل خاموشيءَ کي ڪائي اجرڪ کڻي آئي آھي،
تنھن ڪري ئي خيمن مٿان ڪويل ڪوڪي پَئي! ٻُڌ . . . !
جيڪو پاڻ سڄو اکيون ٿي نٿو سگھي،
ان کي ڀلا ڪنھن جون اکيون نھارڻ جو ڪھڙو حق آھي؟!
نرتڪين جي جسمن جي وراڪن ۾ ٻاٻيھن جون رڙيون سمايل آھن،
بارش ٿي انھن جي روح کي ڄاڻي سگھين ٿي!
استاد اوشوءَ جي اکين ۾ تڏھن ئي ته وڄن جون بيقراريون ھُيون،
جو ھُن رقص جي دلبري ۾ اکيون وھنجاريون ھُيون!
چانڊوڪيون به عاشقين جو ڪفن ٿي ويون آھن،
سُٺو اِھو ٿيندو جو جاڳ جي پوئواري ڪجي!
ڏيئن کي مرڻ نه ڏجي، لفظن کي ڄمي وڃڻ کان بچائجي!!
(مارچ 2003)