اداس موسم جون اکيون!
... ٻڌو ھوسين ته لاھور اُھا محبوبا آھي، جنھن وٽ دل آھي ئي ڪونه! ۽ ان لاھور جي ٻک ۾ مُحسن نقوي جو قتل ۽ موت ان ڳالھه کي سورنھن آنا سچ ثابت ڪري ٿو !!
... تھذيبون ۽ ثقافتون صدين جي ڪھاڻي ۽ قومن جو روح ھونديون آھن!
... تھذيب ۽ ثقافت تاريخ جي گھرن جي نوڪرياڻي ناھي جو ان کي پل ۾ چوٽي کان جھلي ڌڪي ٻاھر ڪڍي ڇڏجي!
تھذيب ۽ ثقافت پنھنجو خوبصورت چھرو پاڻ ۾ رھندڙ نسلن کي پنھنج آرسيءَ ۾ ڏسيندي رھندي آھي!
... اسان جو پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت کان ڪٽجڻ، دور ٿيندو وڃڻ ڪو سٺو سنوڻ ناھي پر زوال جي نشاني آھي!
... اُھا دانگيءَ جنھن تي سنڌ جي ڪنھن حسين سنڌياڻي جي آڱرين جا ڇُھاءُ وسندڙ اوطاقن ک ڪا معنى بخشيندا رھيا آھن، ۽ مھمان نوازي جي ريت کي زندگي ملندي رھي آھي. ڇا اُھا وساريل واٽن جي ڪھائي ئي رھجي ويندي؟ يا اُھي ڇَل جيڪي شادين جا ڳيچ ڳائيندڙ نينگرين جي چپن سان سرگوشيون ڪندا رھيا آھن، ڇا اُھي اُنھن جو آخري ٻوليون آھن؟ يا اُھا مانڌاڻي جيڪا اَسرُ کان اڱڻن تي جياپي جو جمالو جھونگاريندي رھي آھي، اُھا انتھا جي اکين ۾ لھي ويندي؟ ۽ سڀ فنا ٿي ويندو!؟ اُن جو جواب چھرن جي گھنجن ۾ به ملڻ مشڪل آھي!!
... سُک ۽ آسائشون حاصل ڪري، اسين پاڻ کي ڪيڏو به کڻي معتبر ڇو نه سمجھون، پر اھو تيستائين بنھه خصيص آھي، جيستائين ان جي پٺيان ڪنھن تھذيب جو ۽ ثقافت جو ھٿ شامل ناھي!
... سچ ڪلھه به قتل ٿيو ھو، اڄ به قتل ٿئي پيو !
اھو سڀ پنھنجي جاءِ تي، پر اصل الميو اھا جنونيت آھي، جيڪا زمانا گذرڻ کان پوءِ به آزاد آھي! فڪر ڪندڙ ۽ فڪر ڏيندڙ ذھن مارجڻ لاءِ جنم ناھن وٺندا.
... ڪوڙي دنيا ۾ ھن جھڙي سچي وجود سان ڪا ويساھ گھاتي ۽ ڪِن ڪنين خواھشن جي تڪميل بابت سوچ اڄ به بيحد ڀيانڪ ٿي لڳي!
... لالچ، لوڀ ۽ ڪينو وجودن لاءِ داغ مثل آھي!
... وجودن جون بھاريون مڙني ڀرمن ۽ ادائن سان برقرار رھن، اھائي وڏي ڳالھه آھي!
... ڪائنات جي ڊگھي عمر حسين ماڻھن جي ڪري آھي!
... آئون بنھه بي چيو آھيان، انسان جي عظمت کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ۽ ڳالھه مڃان ئي ڪونه!
... ڪائنات ۾ ڪوڙ آسمان جيڏو ڊگھو ٿي ويو آھي!
... ماڻھن کي حرامپائيون ھضم ٿيو وڃن، اسان کي سچائيون رڻ ۾ روليو ڇڏين!
... آئون پيار جي پويان بي لباس چانڊوڪيون ساريان ٿو، منھنجو روح آلو ٿي وڃي ٿو!
... تو ڪڏھن ڪنھن بيگناھ عورت کي ننڊ ۾ سُتي ڪھاڙين سان وڍجندي ڏٺو آھي!؟ مون اھو منظر ڏٺو آھي، مون وڍيل عورت جون رڙيون نه رڳو ڪنن سان پر روح سان به ٻُڌيون آھن، تڏھن کان وٺي مون کي ائين لڳو آھي ته انصاف آھي ئي ڪونه!
زندگي جا نظريا فلسفا، ادب، بيگناھ وھندڙ رَت ۾ بنھه بي معنى ۽ ڀوڳ لڳندا آھن!
رُت جي ڳالھه ھلندي، چُوڙين جي سرگوشين جا ڪھڙا چرچا ڪجن!
... خوشبو جو ماتم، ھر دؤر جو الميو آھي!
... مون دنيا جي مختلف ملڪن جا سفرناما پڙھيا آھن، ۽ ليکڪن جا لڪايل پھلو محسوس ڪيا آھن! مون ٽي وي يا ڊش جي پروگرامن ۾ دنيا جي ڪن ملڪن جھڙوڪ ڀارت، بنگلاديش ۾ سائيڪل ٽانگي طور مفلس انسانن کي ٽانگي ۾ جُٽيل ڏسي، دل ۾ درد محسوس ڪيو آھي، ماڻھو انھن تي چڙھي پنھنجي منزلن طرف وڃن ٿا، پر ان سائيڪل ٽانگي ۾ جٽيل انسان جي ڪابه منزل ڪانھي! سنڌ جو قسم! جيڪڏھن ڪو اھڙو ملڪ گھمڻ جو موقعو به اچي، ڪيڏي نه مجبوري ڇو نه ھجي، آئون ان پگھر ۾ شل ساھن ۾ ورتل ٿڪل انسان تي سواري نه ڪريان! پنھنجو پاڻ کي گولي ھڻڻ بھتر سمجھان!
... ڦلڙيون ڦلڙيون ٿيل آڪاش جھڙين دلين جا وڃائجي ويل چنڊ، نه رڳو وڇوڙن جو داستان آھن! پر اداسين جو ڪو عجيب سفرنامو به آھن! رقص، شاعري ۽ موسيقي، مقدس رڳو ان ڪري آھن جو اتان ئي انسانيت جي ڄم ٿئي ٿي! اتان ئي انسانيت جو احساس ڪر موڙي ڦلن جيان ڦٽي ٿو! بي راھ روين، مذھبن کي غلط نموني پيش ڪرڻ، حوس پرستي، ماڻھن جا اندر ڪارا ۽ کارا ڪري ڇڏيا آھن، ھاڻ ڌرتيءَ کي لڳي ٿو ڪنھن نئين انقلاب جي ضرورت آھي! نه ته سموري ڌرتيءَ گند جو گودام ۽ دلدل ٿي ويندي، ماڻھپو ڳولي به نه ملندو، سڄي خدائي اوڇنگارن ۽ وحشتن جو ڏيک ۽ آلاپ بڻجي ويندي!!
...اکين جي سوڳواري کي ڏسندو رھڻ آئينن جي نصيب ۾ الئه جي ڪنھن لکي ڇڏيو آھي!
... وجود ۾ عجيب اجنبيت جو واسو آھي! جيئن شمشان گھاٽن تي سج لھندو آھي، تيئن اھڙي اجنبيت ۽ اداسي جو ڏيک من ۾ آھي!
مون مِٺي ۾ ھڪ دفعو شمشان تي سج ٻڏندي ڏٺو ھو، جيڪو اڃان تائين مون کي وسريو ناھي! ۽ انھي ساڳئي لمحي پريان ڀٽ تي اڏيل مندر وٽان ڍڳين جو چرڻ، چڙن ۽ ٽِلين کي وڄائيندي آيو پئي، مينھن جي موسم جي اِھا سانجھي ڀٽائيءَ جي اکين جھڙي ٿي لڳي، مونکي مِٺي ۾ قديم سنڌ جو ڏيک ھر بار محسوس ٿيو آھي، شل اھو ڏيک ائين ئي سلامت رھي، ڇو جو سنڌ اسان جي ساھن جي ڪھاڻي آھي، سنڌ ڪيڏي نه نماڻي آھي، ڪيڏي نه سياڻي آھي، ڪاش! ان کي ھرڪو ڀٽائي جي اکين سان ڏسندو رھي!
... دؤر ڪاري نانگ جيان زھر جي علامت آھي!
... سانجھه ٿي آھي، ستارا گھٽين ۾ رانديون ڪري موٽندڙ ٻارڙن جيان موٽي رھيا آھن، ۽ ڪي موٽي آيا آھن، ڳوٺ ھڳاءُ جي چادر ۾ ويڙھجي ويو آھي، گھرن مان اٿندڙ دُونھون وسيل گھرن کي زندگي جي روپ ۾ پسائي رھيو آھي!
... منحوس سازشن ۾ ورتل سنڌ جو ھر شھر ڪھاڻين جو ڪتاب ئي نه آھي، اُھي دوزخ ڪھاڻيون اسان جي رَت مان اُڀرن ٿيون! اُھي ڪھاڻيون درد جي دوزخ ڏي ڌڪن ٿيون، اسان جا سمورا شھر وڃايل سڏن جيان سوالي آھن، اھي شھر چؤنڪن تي اُجھيل اکيون به آھن، ته اھي شھر دونھانٽيل دلين جا در به آھن! اھي شھر اسان جون اميدون به آھن، ته اھي شھر اسان جي خوابن جا موتي به آھن!
... ڪھڙي سھائي جون ڳالھيون ڪجن!؟
ھر سھائي يا ته ڳوڙھن ۽ باھ ۾ ورتل آھي، يا وري ويچارن ۾ ويڙھيل آھي! ۽ سوڳوار آھي!
... ھي گلابي پل اُنھن جي ٿا نانءُ ڪريون،
جيڪي ويرانين جو کاڄ ٿي ويا!
جيڪي پرين جي ڳل تي سياري جي ڊگھي رات جيڏي ڊگھي چُمي ڏيڻ جي آس ۾ جوانين ۾ يا ته پوڙھا ٿي ويا، يا مقتلن جي راھ ڏي ڌڪجي ويا!
... قلم ھلي ٿو ۽ احساس ڇڻندا وڃن ٿا!
ھِيءُ ڪھڙو سرءُ آھي!؟
تنھن جي به سُڌ ڪانھي!
... تنھائين جي ٻکن ۾ سوچيان ٿو، آئون ڪير آھيان!؟
تڏھن اندر مان ڪوئي ڀڻڪي ٿو، ۽ چوي ٿو،
تون سوين سال اڳ آباد ھت اُن ماڻھو جو ٻيو جنم آھي، جيڪو ڪنھن آلي رات اندر پنھنجي پريتم جي ڀاڪر ۾ ماريو ويو ھو!
...مجبوري جنھن زبان ۾ ڳالھائيندي آھي ، جنھن روپ ۾ سامھون ايندي آھي، اھو ڪيڏو نه ڀيانڪ ۽ ڪنو ھوندو آھي!!
... دنيا جو اھو ڪيڏو نه وڏو الميو آھي جو مُبھم ٻارڙن کي خوشيون مھيا ڪري ڏيندڙ ڦوڪڻا اڄ اھي ئي معصوم ٻار پيدا ٿيڻ کي روڪي رھيا آھن!
... قدم قدم تي صليبن سان گڏ حسناڪيءَ جو اڻ کٽندڙ پنڌ سامھون آھي، جاڳ جڏھن ڦٽي ٿي، ته جھان جون رنگينيون ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏين ٿيون، ھونئن سڄو ماحول ڏھين محرم جي ڏھاڙي جيان آھي، سڄو ديس اوڇنگارن جو ڏيک آھي، حوس پرستي گلاب جوانيون کائيندي ٿي رھي، لڪن ۾ لڙيل سج ڀٽائي جي اکين جو ڏيک ڏئي ٿو، ۽ سڄي سنڌ ھوشوءَ جي موت کان پوءِ مڙي آيل مايوسي، کڙي پيل خاموشي ۽ ٽڙي پيل ٽاھ جيان آھي! ڇا ڪجي!؟ تاريخ سُرخ اکرن جو نالو ئي ته آھي، ڀنڀور جي ڀُريل ڀتين ۾ پورچي ويل گرم ساھن جون ڪھاڻيون ، مڪلي جي پٿرائين وجود ۾ رھجي ويل سڏ، موئن جي دڙي ۾ دفن ٿي ويل ڪِن اُجرن صبحن جا سينھا، حجابن جون اڻ چيل ڪٿائون، رڳو تاريخ جو پويون ورق ناھن، پر اسان جي گم ٿي ويل صبحن جو داستان به آھن!
... درد، سرد موسم جيئن ڊگھو آھي، ان کي بيان ڪرڻ لاءِ زمانا کپن!
... آئون ھن نظام کان انڪاري ۽ مُنڪر آھيان! ھن نظام ۾ چوڙيون ٽُٽن ٿيون، خواب ٽُٽن ٿا، دليون ٽُٽن ٿيون! ھي نظام سُرمي، سڳين ۽ سُونھن جو قاتل آھي! ھي نظام انڌين مائن جي بيگناھ مارجي ويل پُٽن جي قاتلن کي پناھ ڏئي ٿو! ھي نظام معصوم ٻارڙن، ٻارڙين ڪنوارين نارين ۽ کدڙن سان زوري زناء ڪندڙن کي ڪا به سزا نٿو ڏئي! انھن بي رنگ حقيقتن جو درد منھنجي وجود کي لوڏي ٿو!
... آئون ڪُسندڙ مورن جي رڙين کان غافل ناھيان! آئون روئندڙ اکين کان نا آشنا ناھيان!
... ڪنھن آباد گھر کي ڪنھن تيلي جي ويجھو وٺي وڃڻ انسانيت جي توھين آھي!
... ڇا ڪجي! سموريون ڳالھيون آليون آھن!
... اسان جي اکين ۽ دلين ۾ رڳو ڪنوارن ڪنولن جھڙا خواب ۽ ڪچين جوانين جھڙيون حسرتون ناھن پر انھن ۾ لُٽيل شھرن جون ڪھاڻيون به آھن، سُڏڪن جي ھڪ ڊگھي تاريخ سان گڏ سوڳوارين جا اڻ چيل ناول به آھن، اسان ويرانين ۾ اُڀرندڙ چنڊ جي ڇيرن جا ساز ۽ سُر وساريا ڪونھن، اسان قيامتن جا ڇھاءُ محسوس ڪيا آھن، اسان مرڪ جي قيمت ڄاڻون ٿا، اسان ڪاڪُلن جي ٻيلي ۾ وڃائجي ويندڙ آڱرين جي چاھ کان نا آشنا ناھيون رھيا ! اسان ڪائنات جو روح لڳندڙ سانورين جي مُرڪن جي سُھائي کي ڪنھن نئين ڪتاب جيان ليکو آھي، اسان سيلاني سج جھڙين نظرن کي پُٺي ڏيڻ ڪائنات جي توھين ڀانيو آھي، اسان اکين ۾ لھي آيل شامن جھڙيون ويرانيون نظرانداز ناھن ڪيون، پر نظر اندازي تڏھن بھتر ڄاتي ھوندي جڏھن سچ، سُونھن ۽ سُرھاڻ جي جياپي جو تصور اڀريو ھوندو، اسان سڙيل گھرن جي رک (ڦلھيار) پنھنجي بدن تي مينديءَ جيان مکي احتجاج جي ريت کي نئين زندگي ڏيڻ جي جستجو ڪري ڪو چين پاتو آھي ! اِھا چريائي اسانکي ھر شيءِ کان وڌيڪ عزيز آھي!!
... اسين سڀ روز تماشو ٿي وڃون ٿا، اسان جون چريون اکيون سوين چنڊن جي سوجھري جي حُسناڪي ۾ به دربدر، بي خواب ۽ نڌڻڪيون ٿيون رھنديون اچن! لڳي ٿو اسان جو وجود ئي شايد ڳوڙھن جي بيچين مِٽيءَ مان ڳوھيو ويو آھي!
... اڻ ڄاڻ اجنبي خوبصورت اکين جھڙا سانورا صبح ڇو وڻندا آھن!؟ شايد ان ڪري جو سڃاتل اکين جي شھرن ۾ اسان پاڻ کي ھميشه اجنبي محسوس ڪندا رھيا آھيون!!
... ماڻھوءَ جي بدن جي مِٽي ڇڻندي ٿي رھي!
دنيا جي ھر ديس ۾ درد جو رنگ ساڳيو آھي!
... اڄ به رڳو پنھنجو حساسپڻو پيارو لڳي ٿو، ڇو جو ان جي ڪري ڪائنات سان شدت سان پيار جاڳي ٿو، ھونئن لڳي ٿو، چئوطرف صحرا آھي، سموريون واٽون ڄڻ ته گم ٿي ويون آھن. ماڻھو ذھنن ۾ گند ۽ بارود ڀري به مطمئن آھن، اسان جھول ۾ گل کڻي، پاند ۾ محبتون ۽ سچائيون سمائي به اداس، دربدر، ۽ نامطمئن آھيون! ڪنھن جي گھر ۾ لڳل کاٽ ۽ اسان جي دل ۾ لڳل کاٽ ۾ عجيب ھڪجھڙائي آھي، پر اسان جي دل جي نظام ۽ رياست جي نظام ۾ ڏينھن رات جھڙو فرق آھي! اسان جي دل جو نظام فلسطين کان ايٿوپيا ۽ آفريڪا تائين ھر دردمند دل سان گڏ ڄڻ ته ڌڙڪي ٿو! پر رياست جو نظام امداد جي آسرن تي اکيون پوري ڇڏي ٿو! اُھو ڀڳل چوڙين، ٽُٽل والين، سڙيل گھرن، سڙيل جسمن ۽ تشدد سان نيراڻ مائل وجودن، لاٿل پوتين، ڦاٽل چولين، لُٽيل عزتن ۽ ڪپيل اُرھن کي پُٺي ڏئي ٿو ۽ اڪثر حرامپائين جي حمايت ڪري ٿو، جڏھن ته اسان جي دل جو نظام انھن لاءِ رڙي ٿو، ڪنھن ٻيلي جي ڪپيل ھڪ ٽار تي به تڻجي ٿو! ھر شڪاري اک ۽ بندوق کي ڪائنات جو قاتل تصور ڪري ٿو! ھر معصوم ٻار ۽ ٻارڙي جي ڦھليل ھٿ کي چُمي ڏيڻ لاءِ تڙپي ٿو! ھر لُٽيل عزت پنھنجي لُٽيل عزت سمجھي ٿو! ھر بيگناھ قتل ٿيل جي قاتل لاءِ قاتل ٿيڻ جو سوچي ٿو! پر ڪجھه به ته وس ۾ ڪونھي! رڳو حسرتن جي خاڪ آھي، خوابن جون مزارون آھن، نا مھربان موسمن جي دؤر جي ڊگھائي اڄ به نسورو عذاب آھي!!
... ديوران تي لکيل بيھوده ڳالھين ۽ نعرن کي ڏسي، آئون اڪثر تنھائي ۾ سوچيندو آھيان، ڪو اھڙو ڇو نٿو خوبصورت باغي ھر گھٽي ۾ پيدا ٿئي، جيڪو چُن سان راتين جو اھي نعرا ۽ ڳالھيون ڊاھي ۽ اتي ھي لکي وڃي ته ؛
اي خوبصورت اکيون روح جياريو!
اي چنڊ چھرا، اي گلاب جوانيون، دلين جا
ويران شھر پنھنجي دلربائي ۽ دلبري سان
اچي آباد ڪريو!
دوستو دوزخن کي ھٽايو!
سوڳوارين جا صليب ھٽائي، ماڻھوءَ جي
وجود کي مُرڪڻ ڏيو!
پر اي ڪاش ائين ٿي سگھي!
اسين ته رڳو خوبصورت تصور ئي سجائي ٿا سگھون!