يا خُدا !!
اُھي وجود جيڪي سُونھن کي سوڳوار ڪن ٿا ۽ لُٽين ٿا يا ته انھن جي دل کي عشق سان ٽمٽار ڪري ڇڏ! يا وري اُنھن جي اکين ۾ رات لاھي ڇڏ!!
... رُڃ وجود ۾ ڇو ٿي رھي؟
ان جو جواب پائڻ ڏاڍو اوکو آھي، ماڻھو جو من به ساگر تڏھن بڻجي ٿو، جڏھن پيار جو رنگ جيون جي جذبن کي ڇُھي ٿو!
... سنگ مرمر تي کڄندڙ پير توڙي جو ڏاڍا سھڻا ھوندا آھن، پر اُھي واريءَ جي ڇھاءُ کان محروم رھي، ھڪ تجربي کان نا آشنا رھندا آھن!
... جيون ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪو پل بھار جي گل جيئن ٽڙي ٿو، ته به اھو گمان ويڙھي وڃي ٿو، ان کي به ڪا نه ڪا خزان پڪ سان کڻي ويندي!
... اسان ماٺ جي ڪتاب جا سمورا ورق اٿلائي ڏسون ته به حسرتن جي سڙيل شھر مان اٿندڙ دونھين سوا ٻيو ڪجھه به سلامت نظر نٿو اچي ، ان شھر جي بيواھن رستن تي يا ته رڳو درد جي ويراني ڊڪي ٿي، يا وري ڀڳل چوڙين، ٽُٽل والين ۽ سڙيل خوابن جا ٽُڪڙا، روئندي ملن ٿا!
... دل جي عجيب اُجاڙ رُت آھي، بيرحم پيرن ھيٺان لتاڙيل گلابن جون پنکڙيون آھن، سرءٌ جا صبح آھن! اکين جا ويران آکيرا آھن ، محبتون ننڍي وھيءَ ۾ وڪجي ويل نينگر جيان نڌڻڪيون ۽ اداس ٿينديون ٿيون وڃن، پيرن کي پنڌ ۽ منزل جو پتو ڪونھي! پرين جي نيڻن جھڙيون شامون موئن جي دڙي جي وجود جي ڪھاڻي لڳن ٿيون! ستارن جي سيج تي سُتل چنڊ ۽ سنگمرمر تي ھلندڙ کڄندڙ ڪومل پير اسان جو درد ڇا ڄاڻن! سانوڻي جي سائي سلي جو درد ھوا ڀلا ڇا ڄاڻي!!
... ھر رُت ۾ اسان کي خوابن جي گلابن جو ڪانڌپو نصيب ٿيو آھي، ولھه ۾ سُتل پرين جي پيشاني جھڙا پھر صدا جو سرير بڻجي ويا آھن، ۽ اسان جي عشق جا سجدا خزان جو کاڄ ٿي ويا آھن، ۽ دلبرين جي ديس ۾ درد ڪاھي پيو آھي!
... سگريٽ جي ڦلي جيان ڇَڻي ويل راتيون جڏھن سڏينديون آھن تڏھن دل دُکي ۽ ڏکي پوندي آھي!
... غربت جي ڪھاڻي، غربت جي تاريخ، ٺريل چُلھن کان جسم جي وڪري تائين ڇا ڇا پسيو ۽ ڀوڳيو آھي؟ ڪاش ان کي ھر ذھن ڄاڻي ۽ سمجھي سگھي!
... ٻيو ته ٺھيو پر اسان جو ن محبتون به ويران ٿي ويون آھن! اُنھن جي ڳچي ۾ پارايل گل به لڳي ٿو ته يا سُڪي ويا آھن! يا سُڪي رھيا آھن!
... ماتم ته ول ول، گل گل تي لٿل آھي ! اڄ به ديس جي واھن ۾ لاش لڙھندا ٿا رھن! ڪاريءَ جو موت ملڻ جي ڀئو ۾ پيار جون پينگھون لڏڻ جي حسرت دل ۾ ئي رھي رھي مري ٿي وڃي. ھر شام شام ڪربلا جو عڪس ٿي لڳي! وجود خوابن جي خوشبو ماڻڻ لاءِ سانجھه ٿيندي ئي ننڊ جي ٻک جي تمنا ڪن ٿا! پر ڪڏھن ڪڏھن ته ننڊ به اکين سان لائون ناھي لھندي، جي لھندي آھي ته اکيون خوابن کان خالي ڇڻيل اڪن جي ڦلڙين جيئن لڳن ۽ رھن ٿيون!
صبح ھر سڏ کان بي نياز بيقراري ئي پوکي ٿو !!
... سچ اھو آھي ته من ۾ ڪوبه ڦول ڦلاريل ڪونھي! موسم ۾ مئخاني جي در تان ٿي آيل ڪنھن مدھوش وجود جيئن لڳي ٿي!
اسين دؤر جو درد ڄاڻون ٿا !!
... رات گھڻي لڙي چُڪي آھي، سرد رات جي سرد بدن تي ستارا، عاشقن جي اکين جيان اوجاڳي ۾ آھن!