احساس
... اسان کي صحرا ۽ واريءَ جي بدن تي بيٺل روھيڙي جي ڳاڙھن گلن جي ڳاڙھين شالن جي سُونھن سلامت ڏسڻ لاءِ سوين لڪ لتاڙڻا آھن!
...توڙي جو دلبريءَ جي درن تي اڃا به ڪن ھٿن جون حرڪتون مھربان آھن، توڙي جو نيڻن ۾ نينھن جون نينڍون اڃا به مرڪنديون ملن ٿيون، پوءِ به تلاش جا واءَ رُخ ڦيريندا رھن ٿا، دؤر جا دوزخ ۽ پھر نئين الجهنن سان آشنا ڪرائيندا رھن ٿا!
... اکين کي امانتون ڪري ڏنل اسان جون محبتون اگھاڙن پيرن سان اُس ۾ ھلنديون رھيون آھن، ۽ جيڪڏھن انھن ڪڏھن ڪا ڇانءُ ماڻي به آھي ته سگھوئي انھن جا روح روئاريا ويا آھن!
... سرد موسم جي سرد صبحن جيان عجيب حقيقتون اسان تي کلنديون رھيون آھن!
... ٿر جي وسيع صحرا ۾ ھرڻن، تلورن ۽ ٻاٻيھن کي عرب ملڪن کان آيل شڪارين جون بندوقون ۽ باز جھٽيندا وتن ٿا، ۽ ڪارونجھر جي ڪور تي چانڊوڪيءَ ۾ سُتل اياز جي نظمن جھڙا مور خوابن ۾ ڀي ڇرڪندا رھن ٿا!
... شھرن جا ڪئين تيري ميري ڳالھائيندڙ ڇورا ٻھراڙين مان کير ڪڻي ايندڙ ٻالن ڀولن ڇوڪرن ۽ پيرسن پوڙھن جو کير روڊ تي ھاريندا ھڙتال ھڙتال جون ھنڀوڇيون ھڻندا رھن ٿا، ۽ سنڌ جي مٽيءَ جي چپٽي تريءَ تي رکي ھر پيرسن چوندو وتي ٿو.
“امڙ اڳي ته ائين ڪونه ھو.”
... خانگي جيلن ۾ وڏيرن جي ڪمدارن جي کٽن تي سُتل ننگا بي سھارا بدن ۽ ڳاڙھيون اکيون چنڊ جي چلولائين جا سمورا اُجرا احساس ان بسترن جي ورن ۾ وساري ريڊيو تي استاد محمد جمن جي آواز ۾ لطيف جون وايون ٻُڌي روئي پون ٿيون، ۽ پري پري لطيف جي درٻار تي طنبورن جون تارون الئه جي ڪھڙو احتجاج ڪنديون رھن ٿيون!
... اسان جنم جنم کان پاڻي تي پوندڙ چنڊ جي پاڇي جيان ليرون ليرون ڇيھون ڇيھون آھيون! الئه جي ڪھڙي جنم ۾ مڪمل ٿيون، يا ٿيون ئي نه!؟ ڪو پتو ڪونھي!!