بارش سوچي ٿي!
ھي عاشقين کي ڇا ٿي ويو آھي؟ جو سيني رنگن تي قبرن جي ڪُتبن جو گمان ٿيڻ لڳو آھي! ھي باذوقي ڪيڏانھن مُنھن ڦيري ھلي وئي آھي جو وقت سنسان ٿيڻ لڳو آھي!
بارش سوچي ٿي!
چنڊ جو پاڇو سمنڊ ۾ وھنجي ٿو، پوءِ به سمنڊ جو پاڻي کارو ھجي ٿو، ماڻھوءَ جي دل ۾ ان جو محبوب وھنجي ٿو ته ماڻھو درياھ کان به وڌ مٺو ٿي وڃي ٿو! آخر اِھو ڪھڙو راز آھي!؟ اِھا ڪھڙي ڳجھارت آھي!؟
بارش سوچي ٿي!
اُھو سَڏ کي ٻُڌڻ کپندو ھو، جيڪو پوھ جي رات ۾ اگھاڙن پيرن واري مُسافر ڇوڪريءَ ٻُڏڻ کان اڳ ٻئي ٻانھون مٿي ڪري چنڊ ھيٺان بيھي چيو ھو، “ اي وقت مون کي حوصلو ڏي!” اِھو سڏ ھوا جي ڊگھي ناول کي چورائڻ نه کپندو ھو!
بارش سوچي ٿي!
نِرڙ تي ڪاري چنڊ جھڙو تلڪ ھُن الاءِ ته ڇو ھنيو ھو! جڏھن ته بادلن کي مدھوش ڪرڻ لاءِ ھن جي ڳاڙھي چَپَ ھيٺان پنھنجو ڪاسبي جھڙو تِر ئي ڪافي ھو!
بارش سوچي ٿي!
آثارِ قديم وارا اُھي نڪن جون ننڊاکيون ڦلڙيون ڇو نٿا مڻين مِٽيءَ ھيٺان ڳولي ڪڍن، جيڪي اروڙ جي اُجڙڻ وقت دفن ٿي ويون ھُيون!
بارش سوچي ٿي!
راتين جي الھڙ خاموشين ۾ محبتن جا اظھاريل لفظ گڏ ڪري ڪا تاريخ ڇو نٿي لکي وڃي! ؟ ڇو نٿو انھن لڙڪن کي ميڙي ھڪڙو مُلڪ ٺاھيو وڃي، جيڪي لڙڪ جدائين جي اڪيلائين ۾ اکين مان ڇڻندا رھيا آھن!
بارش سوچي ٿي!
موئن جي دڙي جي وارثن کي شايد ڇيرن جا سُر وسري ويا آھن! تڏھن ته آثارن جي مالڪي لاءِ ڪٿان به ڪو آواز، ڪو احتجاج اُڀري ئي نٿو!
بارش سوچي ٿي!
جيل جي سيخن جي پويان ھڪ سؤ پندرنھن نظم لکندڙ ڪيمونسٽ شاعر موسى جليل کي خبر ناھي ته ڪھڙي انداز سان قتل ڪيو ويو ھو! جڏھن موسى جليل ڪاغذ تي ته اِھو ئي لکيو ھو ته: “مان ويھي نه – بيھي مرندس!” پر ٿيو الاءِ ڇا ڪا سُڌ ڪانھي!
بارش سوچي ٿي!
بنگالي بانوري شاعر قاضي نذرالاسلام ڪيڏو نه سچ چيو آھي ته: “مُحبت ھڪ آھي، پر جن سان ڪئي وڃي ٿي، اھي اڻ ڳڻيا آھن! محبت جو رنگين شراب مختلف پيالن ۾ پي سگھجي ٿو!”
بارش سوچي ٿي!
واھوندن ۾ الاءِ ته ڪنھن ڪنھن جا ھٺيلا ساھ شامل آھن جو رات جي مسافرن جي ويجھو ته ننڊ ئي نٿي اچي، ۽ اکين کي ايڏا نشا آھن، جو ايترا نشا ته انھن ستارن کي به ناھن، جن جو جنم ته اکين کان به گھڻو پُراڻو آھي!
بارش سوچي ٿي!
ميگھواڙين جي من ۾ ڪھڙا ستارا تا ڦٿڪن، ڪھڙا درياھ ٿا پاسا ورائن!؟ جو جڏھن اھي رقص ڪن ٿيون ته وقت حواسن جي حدن کي ڀُلجي وڃي ٿو، چنڊ پاڻ راسوڙو ٿي چمڪي ٿو!
بارش سوچي ٿي!
چيٽ جو چنڊ جنھن مَنَ ۾ مري ويو آھي، اُھو مَن ته ھاڻ قبر جي مِٽيءَ ٿي ويو آھي! پوءِ به ھر چيٽ اڃا پيٽ ۾ اُن جي ملڻ جو موھ رکي ٻنن تي ٿڙندو ٿو رھي، الاءِ ته ڇو!؟
بارش سوچي ٿي!
ريٻارين جي راڄ تي سرءُ جي راتين ۾ ستارا کِڙن ٿا! لڳي ٿو ته ڪاري ويس ۾ جيڪو نياپو سمايل آھي، اُھو اڃا به عقلمندن جي سمجھه جي صليب تي ناھي آيو! نه ته تاريخ ائين ويسارن جي ور چڙھي ۾ نه لٽجي ھا!
بارش سوچي ٿي!
گونگين ۽ انڌين ڇوڪرين کي به ته دل ھوندي آھي، پوءِ اُھا دل اکين ۽ زبانن وارن کي ڇو نٿي نظر اچي! ڇو!؟
بارش سوچي ٿي!
شاعريءَ کي رڳو عورتاڻي جسمن جي جاگرافين تائين محدود ۽ دفن ڪري ڇڏيندڙن کي وڳھه ڪوٽ جي سُورمي ٻاگھيءَ جي چُنيءَ کي به ياد رکڻ گھرجي، جيڪا ھُن مٿي تان لاھيءَ خلجيءَ سان وڙھڻ وقت چيلھه تي سندرو ڪري ٻَڌي ھُئي!
بارش سوچي ٿي!
جھڙو عشق سُورج مُکين جي چھرن کي آھي، اھڙو عشق ڌرتيءَ سان ھر ماڻھو کي ھجي، ته پوءِ غداريءَ جو لفظ دنيا جي ڪنھن به ڊڪشنري ۾ ئي موجود نه رھي!
بارش سوچي ٿي!
ڌنارن جي دلين تي اڻ ٽڙيل گلابن جھڙيون ڳالھيون لکيل آھن، جيڪي پنھنجي ئي خوشبوءَ ۾ ٻُڏل آھن، پر اھي سڀ ڪنھن به پني تي نه لکجي سگھبيون، جيڪو ھڪڙو عجيب سانحو ھوندو!
بارش سوچي ٿي!
جوڳين کي ته الاءِ ڪنھن اِھو مَن ۾ وڌو آھي ته چيٽ ۾ نانگ بدحواس تي گھُمندا آھن! چيٽن ۾ مُرلين جو ھوائن ۾ نه ھُجڻ ڪنھن به سُر جي سرزمين لاءِ ڪڏھن به سُٺو ٿي نٿو سگھي!
بارش سوچي ٿي!
ٻاجھر جي رٻ تي جيون جا پويان ڏينھن گذاريندڙ، اپاھج ٻارڙا وڃڻ جي ويزا وٺي، جيڪي به پويون نھارون پنھنجين امڙين جي اکين کي سُوکڙيون ڪندا آھن، مُرڪون ستارا ٿي وينديون آھن، جيڪي پوءِ زمانن جا زمانا سُوال ٿينديون، اُڀ ۾ ڌرڪنديون رھنديون آھن!
بارش سوچي ٿي!
سُونھي جي دڙي تي اڃا به اُنھن پرديسين ۽ وڻجارن جا پيرا اوجاڳيل آھن، جيڪي انھن ويندڙن جي خوشبوءَ جو گيت به آھن!
بارش سوچي ٿي!
اڻپوريون زندگيون گذاري ماڻھو مري وڃن ٿا، سڀني کي اِھا سڌ آھي ته ليڊي ڊيانا کي اڇن پوٺن تي ھاريل چانڊوڪيءَ جھڙو حُسن ھو! پر اُھو حُسن ميڊيا جي پرن جو سھارو وٺي پوءِ پوري ڌرتي مٿان اُڏريو ھو! پر ٿر جي کيتو ڪولھڻ کي به ته اوڀر جي شام ۾ انڊلٺي پُورالي سُونھن ھئي! جنھن کي ته رڳو اُڏندي ٻاٻيھن ڏٺو! لُڏندي روھيڙن ڏٺو! مُرڪندي ٿوھرن ڏٺو! ٽھڪ ڏيندي ڪُونڀٽن ڏٺو! پر دنيا جي اکين کان اوجھل رھي ھو ڄارين مان پيرون چونڊيندي رھي! پيءُ جي ڄنگھن جو سُور گھٽائڻ لاءِ اَڪ ڦلهوريندي رھي! پر اِھو ڪنھن به ڪونه محسوس ڪيو ته کيتوءَ جي بدن ۾ سونڦ جي کيتن جي خوشبوءَ رچيل ھُئي. ڪنھن به ڪونه محسوس ڪيو ته ھُن جي اکين جي گھُور کي کنوڻين کي گھائيندي ھُئي، ڪنھن به ڪونه سمجھيو ته ھُن جي ننڊن ۾ به ڪھاڻيون ھيون، جيڪي اَرھڙ ۾ اُڃيون مري ويون! کيتُو جنھن کي اوڻويھن سالن ۾ نانگ ڪکيو ھو. جنھن جو زھر چوسڻ لاءِ جوڳين جا پيرا وارياسي جي واٽن تي ڪيئن ڏينھن وڇايا پيا ھئا، پر کيتُوءَ آخري تاري جيان اکيون پوري ڇڏيون ھُيون ، ڪنھن به نه محسوس ڪيو ته کيتُو کي به ھزارين حُسناڪيون ھُيون!
بارش سوچي ٿي!
زمين پوڙھي ھئڻ جي باوجود پاڻ ۾ عجيب عشق رکي ٿي! اُھو عشق جيڪو جوانين کي ھوڏ ۽ لوڏ ڏيندو آھي، ۽ تتيءَ جيان ٽھڪڻ ان عشق جو مزاج ھوندو آھي! پوءِ سارا شگفتا اِھو ڇو لکيو ته : “مِٽيءَ کي بُک لڳندي آھي ته ڪنھن جي قبر ٺھندي آھي!”
بارش سوچي ٿي!
ھوءَ جڏھن اڃا صفا ننڍڙي پتڪڙي ھئي ته ڳالھائي ڪونه سگھندي ھئي، گھر وارن کي ھُن جي گونگي ھئڻ جو گمان وڌي ويو ته ھُن جي ماءُ سنوڻ ڪندي ڪوري برتن ۾ پاڻي وجھي اھو ديوار تي رکي ڇڏيندي ھئي ته جيئن جھرڪيون اُن پاڻي کي پي اوبارو ڪن، ۽ اُھو جھرڪين جو پيتل پاڻي ھُن کي پياريو وڃي ته جيئن ھيءَ به جھرڪين جيان گھڻو ڳالھائي سگھي! الئه ڇو ائين ئي ٿيو! ھُوءَ ايترو ته ڳالھائڻ لڳي جو جھرڪيون پاڻ به حيران رھجي ويون! پر ھُن تڏھن کان ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو آھي، جڏھن کان وڻ سُڪڻ شروع ٿيا آھن! پکين انھن تي ويھڻ ڇڏي ڏنو آھي! لڳي ٿو ته ھُن جي من ۾ به ڪي جھرڪيون مري ويون آھن!
بارش سوچي ٿي!
آرين جي اوچتي حملي ۾ بي ھٿيار دراوڙن جڏھن بچاءَ لاءِ جھنگ ڏي مُنھن ڪيو ھو، تڏھن ڇاتيءَ ۾ لڳل گھاءُ کي باھ جو سيڪ ڏيندي نوجوان دراوڙ کان اُن جي نئين ڪنوار دراوڙ ڇوڪري پڇيو ھو: “اي، مُوليا! سُور گھڻو ته ناھي!؟ سانوري رنگ واري نوجوان موليي مُرڪي پنھنجي ڪنوار جو سانورو لسو ڳل ڇُھي چيو ھو ؛ “ . . . سُور گھاءُ جو ناھي جوتي، پر سُور اِھو آھي ته ھو حرامي پنھنجو ڪڻڪ وارو پڪل فصل ڀيلي ڇڏيندا، پنھنجا گھر ساڙي ڇڏيندا ۽ پاڻ ڪجھه به نه ڪري سگھنداسين.! ھو ته پنھنجو مال (جانور) به ڪُھي کائي ڇڏيندا!” ڪجھه سوچي اڻموٽ موليو جھنگ جي اونداھي ۾ ڪھاڙي ساڻ ڪري پنھنجي سردار وٽ پھتو ھو! ۽ درد ۾ ٻُڏل آواز ۾ پڇيو ھئائين: “مُکي! ڇا ٿو چوين؟” مُکيءَ بنا ڪجھه سوچڻ جي چيو ھو: “مُوليا! پاڻ وڙھنداسين، ڀلي کڻي ھُو زور آوز ڇو نه آھن!” ٿڌي رات ۾ مُکيءَ جي حوصلي کي ڏسي مُوليو ائين مُرڪيو ھو ڄڻ آڌيءَ جي اونداھيءَ ۾ چنڊ اُڀري پيو ھجي!
بارش سوچي ٿي!
ڇا ته اُھي مھڪيل پل ھُئا، جڏھن دراوڙن جي دلربا ھٿيار “ڪاتر” ھوا کي چيريندي شڪاري جانور ڏي اڏامندي ان کي ڌڪ ھڻي پٽ تي ڪيرائيندي ھئي، ته ھوا ۾ فتح جا ھوڪرا ڪاھي پوندا ھئا، پر اڄ اُھا ڪاتر ڪٿي به ناھي، شڪاري جانور مستيون پيا ڪن، ڪٿي به ھوا ۾ اڄ فتح جا ھوڪرا ناھن، ڄڻ ته سنڌ سُمھي رھي آھي!
بارش سوچي ٿي!
ڳوٺن جي مٽي شھرن ۾ مُسافرن جا پير ۽ ھوائون کڻي اچن ٿيون، پر اُن مٽيءَ ۾ ڪيسو ڦلن جي ڇاڻي جھڙو درد ڪٿي به نه ٿو لِڪي! اھو درد ڪا به موسم نٿي ڌوئي سگھي، ڇو جو ان درد کي ڌوئڻ لاءِ اھڙين آڱرين جي ضرورت آھي جيڪي عشق جا خُمار رت جي روپ ۾ پاڻ وٽ رکنديون ھجن!
بارش سوچي ٿي!
ھڪ شاعر جو وطن ان جا خواب ھوندا آھن، جيڪي ڄمندا آھن، ٽڙندا آھن ۽ ڇڻندا آھن، ھو ڪڏھن ڪڏھن انھن کي وحشي ھوائن کان بچائي به نه سگھندو! پوءِ به ھُو پنھنجي محافظ پڻي واري روايت تان دستبردار ناھي ٿيندو. آوازن جي ھجوم ۾ شاعريءَ رھندي آھي، جيڪا شاعر جي دل سان سُمھڻ لاءِ بيقرار رھندي آھي، شاعر پنھنجي وطن مان لفظن جون موسمون کڻندو آھي، لفظ شاعر جا ھٿيار آھن ، اھي ھٿيار ھُن کي معتبر به بڻائيندا آھن ته زندانن تائين به پھچائيندا آھن!
بارش سوچي ٿي!
اُس کي شاعري جھڙيون اکيون آھن، تڏھن ئي ته ڌرتيءَ اُن تي مھڪي ٿي! تڏھن ئي ته ڌرتي حُسناڪين سان ٻکجي ٿي!
بارش سوچي ٿي!
ھي محبت جو نظم جنھن به لکيو آھي، ان وڏو ڪمال ڪيو آھي! ايترو رڌم، ايترو وجد ته ڪنھن کي به ٿي نٿو سگھي، جيترو وجدان محبت کي آھي، محبت جي نظم کان وڏي تخليق ٻي ٿي نٿي سگھي!
بارش سوچي ٿي!
اجرڪن جا رنگ اڃا به ساڳيا آھن، اُھي جڏھن جواڻ آڱرين مان ڪپڙي تي اُڪرندا آھن، تڏھن سنڌ سموري ڀٽائيءَ جون سوچون بڻجي ويندي آھي! ھوا ۾ موھن جي دڙي جي مھڪ ڪي نياپا ڇڏيندي ڪي وايون ٿيندي ويندي آھي، اھو سڄو وقت ڇا ته عجيب داستان آھي!
بارش سوچي ٿي!
وڪجي وڃڻ کان وري به ڪَٽجي وڃڻ وڌيڪ ڀلو آھي! ڇو جو ڦٽجي وڃڻ جو درد مختصر عرصي لاءِ ھوندو آھي، پر وڪجي وڃڻ جو عذاب نسلن کي ڀوڳڻو پوندو آھي، ۽ اھو درد صدين تائين پکڙجي نئين تاريخ لکندو آھي، جيڪا ننڍي ڳالھه ناھي!
بارش سوچي ٿي!
ڪاڪ جو منڊل جڏھن مومل جي ماڻجڻ جي حاصلات تي کُٽو ھو ته ڪاڪ جي ڪھاڻي اُنھن مٽي جي ڏيئن تي نئون موڙ ورتو ھو، جيڪي انتظارين جو عنوان بڻجي خوابناڪ راتين ۾ فجر تائين ٻرندا ھئا، ۽ اُنھن ڏيئن مان ڪو ڏيئو جڏھن مومل جي ھٿ مان ڪري ٽُٽي پيو ھو، ته مومل سُومل جي ڇيڳرين اکين ۾ نھاريندي چيو ھو، “لڳي ٿو ھاڻ ڪاڪ جي ڏيئن ۾ به بدحواسي جي موسم اچي وئي آھي، لڳي ٿو ھاڻ ڪوبه ڪنول ڪوبه نئون داستان نه ٻُڌندو! لڳي ٿو ھاڻ باھ تي سڀ کيل کُٽي ويندا! تڏھن سومل وارن ۾ ھٿ ڦيري چيو ھو: “ نه ائين ڪونھي! ڪاڪ تي ايئن ئي سج اُڀرڻا آھن، ائين ئي چنڊ چمڪڻا آھن، ائين ئي ڪنول ٽڙي پڌرا ٿيڻا آھن، ائين ئي ڏيئا ٻرڻا آھن! ڇو جو ڪاڪ ائين ئي ڪنواريون ڄمڻيون آھن، خاڪ تي ماڪ پوندي رھڻي آھي! ڪاڪ جي ھاڪ کُٽڻي ئي ناھي!”
بارش سوچي ٿي!
شينھن ڊڀ ناھن چرندا، پر ھتي ته گدڙن کي حڪمرانن واريون ٽوپيون پائيندي ڏٺو ويو آھي! پنھنجي درياھ ھوندي به گٽرن تي ٻنيون آباد ٿينديون نظر آيون آھن، محبوبائن کي طوائفي جا گُر سيکاريندڙ عاشقن کي ھتي مُرڪندي ڏٺو ويو آھي، چٻرن کي طوطن تي بادشاھي ڪندي زمانا ٿي ويا آھن! شينھن ڀلي چشمن جي پاڻيءَ جي ڳولا ڪندا رھن، پر ھرڻين کي بگھڙن جي سلامي ڪندي رھڻ جو الميو ته ڀوڳڻو ئي آھي!
بارش سوچي ٿي!
ڪُنواري ڇوڪريءَ جي طوائف پڻي جي پھرين رات، محبت جي درياھ، انسانيت جي سمنڊ ۾ تاريخ جي ساحل کي اُھو ڪربناڪ ڀونڊو آھي، اُھا دردناڪ گار آھي، جنھن کي نه ماپي سگھجي ٿو، نه توري سگھجي ٿو! اُن کي ته فقط محسوس ڪري سگھجي ٿو! پر اُن محسوسات لاءِ به اِھو ضروري آھي ته اھا محسوسات بي غرض ۽ بي چئي ھجي!
بارش سوچي ٿي!
اڌ رات ۾ ٻار ڄڻيندي مُئل ناريءَ جي لاش جي آس پاس سياري جي مچ تي سياست جون ڳالھيون ڪندڙ زبانن کي بي شرمائي جي ذائقي تي ھيرائي بدذوق حالتن عجيب قھر ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته دنيا ۾ نه اچي سگھندڙ ٻار جي تڏي ته رانديڪن جي روح جھڙيون خاموشيون ئي سُٺيون لڳن ٿيون ڇو جو گھٽ ۾ گھٽ اھڙين خاموشين ۾ منافقيءَ جي بُوءِ ته نه ھوندي آھي!
بارش سوچي ٿي!
ٿاڻي جي ايف آءِ آر جھڙي بي لباس گار ماڻھپي جو عجيب مذاق آھي! جيڪو اڃا تائين جاري آھي، لڳي ٿو ڄڻ ته انسانيت کي طلاق اچي وئي آھي!
بارش سوچي ٿي!
ھندستان مان ھر ڀيري ڪا ڇوڪري سڄي دنيا جي حُسن جي مقابلي ۾ حُسن جي راڻي چونڊجي ٿي، ان سچ ۾ منافقيءَ جو ڪو حصو پتي موجود ناھي ته پوءِ اھا ڀلي ڳالھه آھي، پر جيڪڏھن ڪاسميٽڪس جي ڪاروبار جي وڌاءُ لاءِ اھا ھڪڙي منافقي ۽ مشڪري آھي ته پوءِ اھو سڀ ڪنھن بي حيائيءَ کان گھٽ ناھي!
بارش سوچي ٿي!
بمن جي چنبن ۾ امن ائين کڄي ويو آھي، جئين بازن جي وراڪن ۾ جھرڪيون کنڀجي وينديون آھن، اھو ڪيترو نه محبوب دؤر ھو روحانيت ۽ سائنس جي تسلسل جو ھڪ ئي وقت ۾ سائنس جي عينڪ اکين تي چاڙھي گليلو زمين ۽ ستارن جي گردشن جا راز پئي ڦلھوريا! ۽ اُن ئي دؤر ۾ سنڌ اندر نوجوان ڀٽائيءَ طنبورو ايجاد ڪري نوان سُر ۽ راڳ پئي ڳوليا! اڄ سائنس عروج تي پھچي به امن کي وڃائي ڇڏيو آھي، پر اُھو ساڳيو طنبورو روحانيت جي راز کي امن جو پرچم سمجھي ماڻھن کي ان عشق جي دعوت ڏيئي رھيو آھي جنھن عشق جي رستن تان امن، پيار ۽ انسانيت جا گلاب ڦُٽن ٿا!
بارش سوچي ٿي!
ڪنھن به شھر جو ماتم بھار ناھي ڏسندي، ڇو جو شھر ۾ ته وڏا ۽ گھڻا وڻ به ناھن ھُوندا، نه وري نئين سامايل ڇوڪرين جي خوابن جھڙا پوپٽ به شھرن ۾ اڏرندا آھن، جيڪي بھار جي ڪنھن رابيل کي اھو ٻُڌائي سگھن ته اڄ سُڏڪن جي پڙاڏن ڪنھن پپر جي وڻ ۾ اچي بسيرو ڪيو آھي يا روح جي ڪنھن رڙ اڏامي اچي ڪنھن ٽالھي ۾ ڪو آکيرو اڏيو آھي!
بارش سوچي ٿي!
پنھنجي ئي نشي جي جيڪڏھن اصل حقيقت جي سُڌ پئجي وڃي ته پڪ سان ڪابه عورت ڪڏھن به شراب نه پيئي، نه ئي ڪو ٻيو نشو ڪري!
بارش سوچي ٿي!
ڦلاريل موسم ۾ لامن ۾ لڏندڙ پلرا انھن عاشقين جا سڏ آھن، جيڪي رڳو اکين ئي اکين ۾ ڪيون وينديون آھن، اُھي پڌريون ٿيڻ انڪري به ممنوع ھونديون آھن جو غيرت جو ڦاٽڪ جيڪا حد ڇڪي ڇڏيندو آھي اتان کان صرف موت ئي لنگھندو آھي، زندگي اتان اڳتي پير ناھي کڻندي، پر سچ اھو به آھي ته عشق ڪنھن به ڦاٽڪ جي بند ھئڻ تي ساھي ناھي کڻندو، عشق ته پنھنجا رستا پاڻ تخليق ڪندو ويندو آھي!
بارش سوچي ٿي!
ديوران تي پيشاب ڪندڙ ڪُتا ڇا اِھو ثابت نٿا ڪرائڻ چاھين ته ديوارون اجايون آھن! يا ھُو اِھو ٻڌائڻ چاھين ٿا ته ھي ديوارون جن مزدورن ٺاھيون آھن انھن جي گھرن کي ته ڪي به ديوراون ناھن؟ ڪا خبر نٿي پوي ته اصل ماجرا آھي ڇا!؟
بارش سوچي ٿي!
محبتن جي نالي پويان لڪل دولابن جي ڍينگھرن ۾ ڦاسجي ڦٽيل ڇوڪرين جي راتين جھڙيون ته فقط اھي ٻاٻيھا رڙيون ڪندا آھن جن جو بادلن تان ويساھ کڄي وڃڻ وارو درد ڪابه وڄ سمجھي ناھي سگھندي! ڪوبه روھيڙو ڄاڻي ناھي سگھندو!
بارش سوچي ٿي!
اھو ڪنھن کي ٻڌائجي ته 1990ع واري ڏھاڪي ۾ آفريڪي ملڪ روانڊا ۾ ڇا ٿيو ھو؟ انساني ڪشل ڪشيءَ جو ان کان ٻيو وڏو ڪھڙو مثال ھوندو جو فقط ٽن مھينن ۾ اَٺ لک بيگناھ ۽ معصوم انسان نيزن ۽ ڪھاڙين سان قتل ڪيا ويا ھئا ! قتل ٿيندڙ اُھي مفلس ۽ بکايل انسان انھن بيرحم “ھُوتو قبيلي” جي انتھاپسندن جي يلغارن ۾ ماريا ويا ھئا. جن کي ڪوبه روڪڻ وارو نه ھو. ۽ انھن وحشين آزاديءَ سان اگھاڙن پيرن وارن مسافرن، مزدورن ۽ ٻارن جون ڳچيون ڪپي نعرا پئي ھنيا! الميو ته اھو به ھو ته دنيا ان سڄي ڪاروائي کي قبيلن جي نسلي ويڙھ ڄاڻي نظرانداز ڪري ڇڏيو! اقوام متحده جو ادارو به چُپ رھيو! ۽ مظلوم مرندا رھيا! پر اڄ سلامتي ڪائونسل ۽ اقوام متحده جو جنرل سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان اعتراف ٿو ڪري ته ؛ “روانڊا جي نسل ڪشيءَ کي نه روڪي سگھڻ، نه سمجھي سگھڻ ۾ اسان جي غلطي ھئي. اسان ان قتل عام جا ذميوار آھيون! ” اِھو اعتراف ڪيڏو نه اذيتناڪ آھي! جيڪو اڄ کان گھڻو اڳ ٿيڻ کپندو ھو. ھاڻ ڇا عنان جو اعتراف ان معصوم رت جو ازالو ڪري سگھي ٿو جيڪو خاموشي ۾ ڪُٺل انسانن جي جسمن مان وھندو پئي رھيو، ڪير اُن بيگناھ معصوم ڪُنواري ڇوڪري جي رت جو ازالو ڪري سگھندو جيڪا پنھنجي ننڍي ڀاءَ کي بچائڻ لاءِ ٻانھون کولي سامھون بيٺي ھئي، ۽ ڪنھن “ھُوتو ” انتھاپسن جي تيز ڪھاڙي ھن جي کاٻي اُرھ کي چيريندي ڪُنواري دل ۾ کُپي ويئي ھُئي! ساھ نڪري وڃڻ بعد به نياڻيءَ جون نوخيز اکيون ائين کليل رھيون جيئن خانه بدوشنجا خيما کُليل ھوندا آھن، ٻيون اھڙيون ھزارين وارتائون جيڪي ٽن مھينن جي غمناڪ اونداھين ۽ چانڊوڪين راتين ۾ ٿيون ھيون، انھن لاءِ اھو اعتراف ڪا به معني نٿو رکي جيڪو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ ٿيو آھي اھو ته ائين آھي، جيئن ڪو گمنام قبر تي گل رکي يا دعا پڙھي ماٺ ۾ ھليو وڃي!
بارش سوچي ٿي!
لابارن جي موسم ۾ ڌُوڙ جي بدحواسيءَ جا دورا پون ٿا، ھوا پنن ۾ مِٽيءَ سان گڏ پوپٽن کي رولي ڇڏي ٿي، پوپٽ ھوائن ۾ رلندي سوچين ٿا مسافرين جي روح ھوائن کي الاءِ ته ڪڏھن سمجھه ۾ ايندو؟ مسافرين جو مزاج ڪوبه سمجھي نٿو ناھي سگھندو ، تڏھن ئي ته مسافرن جي چيچن ۾ ڀٽڪي وڃڻ جو ڌاڳو ٻڌل رھندو آھي!
بارش سوچي ٿي!
کپري جي ان نوخيز ميواثي ڪولھڻ کي ھر حال ۾ شاعر جو نظم ته ٿيڻو ئي ھو، ڇو جو گلابن جي ٻنيءَ جھڙو حُسن اُن ڪولھڻ جي رڳن ۾ ليٽيل ھو، ھُوءَ نمن جي ڇانئن جو ناز پئي لڳي، راڳڻين جا سمورا سُر، ھُن جي انھن ڳالھين جي خمارن ۾ جاڳيل ھئا جيڪي ھُو ويگن جي آخري سيٽ تي ويھي ان ڇوڪري سان اوري رھي ھئي، جيڪو ھُن جو محافظ ھو، سچ اھو آھي ته ڇوڪري کي ھُن جي حُسن جي ھڪ جھلڪ جي جادوءَ جي به پروڙ نه ھئي، جيڪڏھن ھن کي خبر ھجي ھا ته ھُو ھُن جو محافظ نه پر ھن جو عاشق ھجي ھا!
بارش سوچي ٿي!
ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿن ۾ ھٿڪڙيون ھڻي ان کي اذيت ڏيڻ، ان درد کان وڌيڪ اذيتناڪ ھرگز ناھي، جو ھڪ وطن جي ڳچيءَ ۾ غلامي جون سنگھرون وجھي ان کي تماشو ڪيو وڃي. اھو تماشو وڌيڪ ڪرڀناڪ آھي، جنھن کي دنيا جي ڪابه ٻولي چاھي تڏھن به لفظن ۾ بيان ڪري نٿي سگھي!
بارش سوچي ٿي!
ھڪ انسان تي ڪُتن جي بڇ جو تماشائي لقاءُ ڏسندڙ نابالغ ماڻھن کي آخر ڪيئن اھو سمجھائجي، ته اوھان جي خاموشين جي ڇِرُن سان اوھان جو اھو وطن مري رھيو آھي، جنھن وطن کي اگھاڙن پيرن جون محبتون روز نئون جنم ڏينديون آھن، ۽ انھن ڪُتن کي ماني به تڏھن ملندي آھي، جڏھن رت وھندڙ ماڻھن جا ھٿ زمين جا اڻڀا وار سنواريندا آھن!
بارش سوچي ٿي!
حيدرآباد اندر دردناڪ فسادن جي بي مروت دؤر ۾ اُھو کير وڪڻڻ وارو غريب اڌڙوٽ عُمر وارو سنڌي صبح جي ماتمي گھڙين ۾ ھٺيلي رستي تي ڪيڏو نه بدحواسي ۾ ڊوڙيو ھو، جنھن جي زندگي وڃائڻ ڪارڻ رولاڪ ڇورن جي ھٿن ۾ ڪلاشنڪوفون ھُيون، ھُو نه ڊُڪيو ھو ڄڻ سنڌ ڊُڪي ھُئي! جڏھن ڪلاشنڪوف جو پُورو بسٽ ھُن جي جھوڪ بدن ۾ لٿو ھو، تڏھن ھُن جيڪا اروڙ جي شام جھڙي رڙ ڪئي ھئي، اُھا دانھن ڪاسبو ٽپي اُن ڪنواري ٿوھر ۾ وچڙي وڃي ڦاٿي ھئي جيڪو تازن وسڪارن ۾ ھيمون ڪالاڻيءَ جي نھار جيان اُتاولو ٿِي اُڀريو ھو، اُن دانھن ساھي پٽڻ کان سواءِ پاڻ کي سنڌ جي نقشي ۾ بدلائي ڇڏيو ھو! جنھن مان اجرڪن اندران مينديءَ ۽ رت جي خوشبوءِ پئي اُڀري! ڀرواري ڳوٺ جي ٻن پريمين جڏھن اوڻٽيهين جي اماوس رات ۾ اُن ٿوھر جي اوٽ ۾ ويھي ڀاڪر ڀريندي بوسڪي جھڙيون پاڻ ۾ ڳالھيون ٿي اوريون تڏھن اُڀ جي نکٽن ۾ الھڙ جواني جي عشق جھڙي اُڻ تُڻ ھئي، ننڊاکي پريتما ھٿ سان واريءَ جي ٿڌائيءَ کي ڇُھي پنھنجي چپن ۾ ڀڻڪي چيو ھو: “رات جي خوشبوءَ الئه ڇو ائين آھي ڄڻ ته ڪپڙن کي باھ لڳي ھجي، ڄڻ ته سائي ٽاريءَ سڙي رھي ھجي!”
بارش سوچي ٿي!
وقت پنھنجو لباس لاھي چرين ٻارن جي ڳالھين ۾ گھر اڏي ويھي رھيو آھي، تڏھن ئي ته ڪا فيميل ايس ڊي او – عورت ڪنھن نه ڪنھن ڪنواري ماسترياڻيءَ کي ڪوچ ۾ ويھاري ڪراچي جا تڪڙا تڪڙا سفر ڪري ٿي!سفر جيڪو ناول لکن پيا، ان ۾ دلين جا ھاريل اپاھچ ڳوڙھا اھي مفلس ۽ دربدر ڪردار آھن جن کي ڪابه ھوڏي زبان ناھي، ڪو باغي بدن به ناھي! ۽ اِھو اڄ جي اڻ بيدرد دؤر جو لوسي سانحو آھي، جنھن دؤر ۾ سچائيءَ جو مُلھه چمپل جي قيمت کان به گھٽ آھي!
بارش سوچي ٿي!
روپا ماڙي لڳ ھڪڙي ڳوٺ جي اُن نوجوان جي قبر ته ھاڻ ڪنھن کي به ياد ناھي رھي! جيڪو ٽي بي جي مرض وگھي لادوا ٿي مُئو ھو! اھو سياري جي مچ تي ھڪجيڏن جا بحث ٻُڌي چوندو ھو: “دوستو! درياھ جي گلا نه ڪريو! درياھ ته محبوب ھوندا آھن، محبوبن جون ته ثنائون ڪبيون آھن، گلائون نه ڪيون وينديون آھن، ڇو جو محبوب جڏھن به رُسندا آھن ته پرچائڻ ڏکيا ٿي پوندا آھن! دلبرو! درياھن جون گلائون نه ڪندا ڪريو!”
بارش سوچي ٿي!
مھاڻن جي ڳوٺ جي اُن دلربا ڇوڪريءَ جي تصوير ته ڪنھن آزاد ديس جي ڪرنسي نوٽ تي ھجڻ کپي، ھوءَ ڄڻ ته ڦلاريل موسم آھي، جنھن جي سخي مُرڪ چپن تي ائين لڳندي آھي ڄڻ ته ڪنھن فاتح جو ٻيڙو سامونڊي بندرگاھ تي ترسيل ھجي! پر ھُن جي مدھوش اکين کي ڏسي الئه ڇو ائين ٿو لڳي ڄڻ ته لاڙ جي ڪنھن ڳوٺ ۾ پن ڇڻ جي اداس شام ڪاھي پئي ھجي!
بارش سوچي ٿي!
سڀني بھارن ۾ سڏ رُلندا آھن، سڀني سَڏن ۾ زخم ٽڙندا آھن، سمورن اونھارن ۾ اکيون سڙنديون آھن، سمورن چانڊوڪين ۾ ننڊون ليڙون ٿينديون آھن، سڀني عشقن کي ڀٽڪڻو پوندو آھي ھي ڪيڏي ساري يڪسانيت آخر ختم ڇو نٿي ٿئي، ڇو!؟