ھڪ سانجھه سمي ڪجھه بي ترتيب خيال!
... اسان جا جاڳيل اکين ۽ بيداز ذھن سان سرجيل خيال ۽ ڏٺل خواب جيتوڻيڪ ڌنڌلا ھوندا آھن، پر پوءِ به اُھي ان گھڙين ۾ محبوبا جھڙو سُرور ۽ سُڪون بخشيندا آھن!
... اسان اکين کي گواھ ڪري پيار جو ھڪ سفر طئي ڪندا آھيون، پيرن کي پنڌ پرڻائيندا آھيون!
... اسان جي سوچ اسان جي اکين جي ھڪ تاريخ جنمي ٿي، اُھا سوچ ڪڏھن گھٽيون گھمي ٿي، ڪڏھن ستارا لتاڙي ٿي، ڪڏھن گلابن سان سرجي ٿي، ڪڏھن ڪنڊن تي ھلي ٿي، اسان اَسر جي ھوائن جيان بي خيال ڀٽڪي پئون ٿا، ٿڪل ۽ اوٻاسيون ڏيندڙ ستارا اسانجين بيچينين جي تاريخ ڄڻ قلمبند ڪن ٿا!
... مِٺي! تنھنجي ڪومل چپن جي ڪومل مرڪ اھا انوکي دادا آھي، جنھن کي جيڪڏھن فطرت به ڏسي ته خوش ٿي مرڪي پوي!
... اوچتو حادثن ۽ بيچينين جي رائيفل جي ٽريگر تي وقت ۽ حالتن جي آڱر رکيل آھي، اسين ان آڏو ڊڪي رھيا آھيون! اھا نه ڄاڻ ڪڏھن ڇُٽي!!؟
... اھي ماڻھو جن مٽيءَ جي گھڙي جو پاڻي پيتو آھي، ۽ جن اڃ ۽ اس جون اکيون ڏٺيون آھن، اُھي ماڻھو جن جي اکين ۾ عبادت گاھن جھڙو سڪون آھي، اھي ماڻھو جن جي اکين ۾ عبادت گاھن جھڙو سڪون آھي، اھي ماڻھون اَسرُ جي ھوائن جا ٿڌڙا ڀاڪر وجود جي انگ انگ تي محسوس ڪيا آھن، اھي ننڍڙن ننڍڙن المين تي به جُھري پوندا آھن، اھي ڪيڏا نه ريشم جيان حساس ٿين ٿا!
خوشبوءَ جي به پنھنجي ھڪ تاريخ آھي، سڙندڙ ڳرندڙ ھن سماج ۾ سچ ته اھو آھي، جو خوشبو جو بدن به لٽيل ٿو لڳي! ۽ اسان خوشبوئن لاءِ ترسي ويا آھيون!
... ھي درد به ڄڻ ڪي لوڪ ڪھاڻيون آھن! جن جي تاريخ ڪوبه نٿو ڄاڻي!
... مان ڄاڻان ٿو، ھتي اُھي اکيون جيڪي لوڪ کان لڪي چنڊ جو عڪس چورائن ٿيون، تن جو مقدر مڪليءَ جي قبرستان جيان بڻيو ۽ بڻايو وڃي ٿو! اُھي چپ جن جون ٻيڙيون ڪنھن ساحل کي ڇُھڻ گھرن ٿيون، سي اڌ راھ ۾ بي لباس ڪري ساڙيون وڃن ٿيون! اسان جي نسل جي ڪچن ذھنن کي نصاب طور ڪوڙي ۽ جڙتو تاريخ جو ٺرو پياريو وڃي ٿو، ته جيئن اسان ڪجھه به نه سڃاڻي سگھون! بغلن ۾ ڪُڪڙ وجھي اوليائن جي مزارن تي پنھنجو وجود بي معنى ڪندا رھون! ڳچين ۾ وٽيل ڪارا ڌاڳا اسان کي غلامي جو احساس ڏياريندا رھن! ان صورتحال ۾ ڪا ٿڌي ھوا اسان جي وجود جو احساس ڏياري ته ڪيئن ڏياري!؟ وقت ڊوڙ جي گھوڙن جيئن اسان کي لتاڙيندو ٿو رھي! درد جي سنگين اسان جي سيني ۾ کُتل آھي!!
... محبتن جي ھر سراءِ جي ھر دوار تي لڳل تالو ڏاڍو اجنبيت جو احساس ارپيندو آھي! جڏھن ھر درد جو در اسان جي جيءُ تي کُلي ته پوءِ اجنبيت جو احساس فطري ڳالھه آھي!
... ڪا شام جڏھن محبوبا جي زلفن جيئن وکري ٿي ته لڳي ٿو ته دل ۾ ڪجھه ٽُٽو آھي! ڪا آس رُني آھي، ڪنھن پيار ارپي، وري کسي ورتو آھي! ۽ سوچ مسيح جو صليب بڻجي وئي آھي!
... رستن تي ھٿ ڦھلائيندڙ نينگرين جي جوانين کي جنسي حوس سان نھاريندڙ نيڻن جھڙا لمحا اڌ چريا ٿي، جڏھن جيون جي بھارن کي لٽيندا ۽ روئاريندا آھن، تڏھن دل جي آڪاش جو چنڊ ڇيھون ڇيھون ٿي، روح ۽ وجود جي زمين کي جلائي ڪنھن ھيروشيما ۽ ناگاساڪي جيئن بڻائي ڇڏيندو آھي! جنھن جي تاريخ لکڻ لاءِ زمانا گھرجن!
... ٽٽل خوابن، رُٺل دلين کي جوڙڻ ، ھٿ جي تِريءَ تي باھ کڻڻ برابر آھي!
... درد سان دوستي رکجي يا لمحن کي قيد ڪجي!؟ ان جو فيصلو ڪرڻ ايڏو ڏکيو به ڪونھي! جيڪڏھن جذبا سچا آھن ته پوءِ ھر شيءَ ممڪن آھي!