ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

بارش سوچي ٿي

ھِن ڪتاب ۾ ٻيو ڪجھه آھي يا ناھي! ان جي ڪا خبر ڪانھي! بس اِھو ضرور آھي ته ھنن ورقن ۾ اھي راتيون روپوش ٿي اچي لڪيون آھن جن راتين ۾ شھر ۽ ڳوٺ ته سُمھندا آھن، پر عاشقيون جاڳنديون آھن! ھِن ڪتاب ۾ انھن مفلس مزدورن جي آڱرين جو يتيم ٿَڪ ڊوڙي اچي سُتو آھي، جيڪو ٻاھر جي ماحول ۾ سدائين شمشان گھاٽن جي چتائڻ جيان ٻَريو آھي! ھِن اداس ڊائريءَ ۾ انھن پکين جا خالي ٿيل آکيرا به اچي اٽڪيا آھن، جن جا پکي اڏامندي مارجي چُڪا آھن! ھن ڊائريءَ ۾ گلاب تمام ٿورا آھن، پر اھڙا ڳوڙھا بنھه گھڻا آھن جيڪي بيوس انسانيت جي اکين جي آخري پُونجي آھن! ھي ڊائري سنگبارين جي ميدانن ۾ پاڻھي لکجي وئي آھي! اُن ڪري ان جا سمورا گس به رت ۾ رڱيل آھن! ھي ڊائريءَ اونداھين ۾ سِٽ سِٽ ٿي لکجي وئي آھي اُن ڪري به ھِن ڊائريءَ – ڪتاب جو سڄو مزاج زخميل آھي!
  • 4.5/5.0
  • 6301
  • 1300
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ايوب کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بارش سوچي ٿي

1997ع

... آئون سوچ جو صفحو اٿلايان ٿو، اجنبيت منھنجي سامھون ديوار ٿي بيھي رھي ٿي! مون ۾ ڪو سڏ ٻري رھيو آھي، اھو سڏ ڪنھن جو آھي؟ سُڌ نٿي پوي!
اکين آڏو سوين خدائيون کُلي پَون ٿيون، پوءِ به لڳي ٿو ھر صدا جو بُت ڀُرندو رھي ٿو!
رات جو تنھائي سوين حسين گلابي بُت لوئي ٿي، ۽ صبح جو شھر شھر ۾ ڳاڙھا گلاب ۽ اڇا موتيا ٻارن ھٿان وڪاڻا وڃن ٿا، ۽ ھر منظر ڌوڙ ۾ لٽيل ۽ ميرو لڳي ٿو!
رات جا ڏٺل خواب ڄڻ ته پکي چُڳي وڃن ٿا، مُروتن جو ھر شھر روم جيان سڙندو رھي ٿو، ڪو نيرو بانسري وڄائي ٿو يا نه؟ ان جي خبر ڪنھن به ديوار تي لکيل نظر نٿي اچي! بس جيئن ڪلر واري رستي تي گاڏين جا چيڪا ۽ ٽائرن جا نشان رھجي ويندا آھن، تيئن ايامن جا عڪس اسان جي وجودن تي رھجي ويندا آھن!

... اڻ وڻندڙ پھلوئن جي حڪمراني طويل ٿيندي ٿي وڃي، جنھنکي ٽوڙڻ لاءِ ڪوبه باغي سڏ ٻُري ئي نٿو، بي عنوان رنگن جون ڀلايون ڪيتريون ڳڻجن!؟

... شام پرديسي حسين ڇوڪريءَ جي اکين جھڙي ٿي پئي آھي! جنھن جو رنگ وڇوڙن جھڙو آھي!

... تنھائي خاموش تاريخدان آھي، جيڪا اُھي اسانحا اُھي واقعا اُھي الميا قلمبند ڪري ٿي، جن کي قلم جي ۽ لفظن جي زبان نٿي ملي، جيڪي اڻ اظھاريا رھجي ويندا آھن، تنھائي انھن جي خاموش تاريخ لکي ٿي!

... بي ترتيبي جون حدون ايتريون ته پري تائين پکڙيل آھن جو ھر شيءِ واھياتپڻي ۾ ويڙھيل ٿي محسوس ٿئي!

... جڏھن به خوبصورتين خود فريب جي بازار کولي آھي، تڏھن تڏھن وحشتن جي حوصلا افزائي ٿي آھي، ۽ اھي اڳي کان وڌيڪ ڪنيون ۽ ڊگھيون ٿي ويون آھن!

... نظر جي حد تي سج لھي ويو آھي!
پوڙھي عورت جي کاڌل بدن جھڙي اداسيءَ پکڙجي وئي آھي، ڪٿي به ڪو الھڙ ڇوڪريءَ جھڙو گيت ٻُريل ناھي، سمورين ڇيرن کي ننڊ اچي وئي آھي! مٽيءَ جي بدن جا رستا بي خواب ٿي رھيا آھن، عيد لاءِ عورتن جي حسين سُھڻن ھٿن تي لاٿل ميندي پنھنجو به رنگ ڌنڌلو اڻ چٽو ڪري چڪي آھي، ٻارن جا عيد لاءِ ورتل رانديڪا به لڳ ڀڳ اپاھج ٿي چڪا آھن، فقيرن ۽ مزدورن لاءِ ڏينھن خودڪشي ڪري چڪو آھي، پوڙھن وڻن تي ڦاٿل پلاسٽ جون ٿيلھيون ۽ بجلي جي تارن ۾ اٽڪيل لغڙ ڌُت موالين جيان مدھوش ۽ ويڳاڻا آھن! بلڪل اسان جي يڪسانيت ۽ ٽوڙ ڦوڙ واري جيون جيان!

... دلي تمنا آھي ته شل خوشبو کي ڪڏھن به ننڊ نه اچي، اھا جاڳندي رھي، ڪڏھن به نه سُمھي!

... دؤر اڄ به بيوه عورت جي بدن جيان ٿو لڳي، جنھن کان دلفريبي، آڱرين جي سرسراھٽ ۽ ڇھاءُ عرش جيترو پري آھن! زندگي جون آرسيون ته بي مھليون ڀڄنديون ۽ ٽُٽنديون ٿيون رھن، رات اڪثر خودڪشي جي خيال جيئن ڀيانڪ لڳي ٿي، ويرانين ۾ چنڊ به اڪثر بي ڪفن لاش جيان لڳي ٿو، ڪاري درد جون زنجيرون ھر گھٽي ۾ وڄنديون رھن ٿيون! ھر عڪس ھر رقص لمحي لمحي ڊھندو رھي ٿو، روح ۾ وحشتن جو رقص ٿيندو رھي ٿو، ۽ وقت خون جي ڇنڊن مٿان ھلندو رھي ٿو!

... جڏھن به آڪاش جي وڻ تان ماڪ جو ٻُور ڇڻندو آھي تڏھن الئه جو ڇو تنھنجي ڪجلين اکين جي گھور ياد پوندي آھي!

... چريائين ۾ خدا جو ملڻ ننڍي ڳالھه ڪانھي!

... ائبنارمل ماڻھن کي مطمئن ڪرڻ به چريائي جي ھڪ چاڙھي تي بيھي ھٿ ڪڍي تاڙيون وڄائڻ برابر آھي!

... آئون دانائن جي چريائين کان ڊڄان ٿو! ڇو جو دانائن جون چريائيون به مطلب سوا نه ھونديون آھن!

... پيار جا شھر ٻڏي ويل جھازن جيان جڏھن اوچتو دل جي جزيزي ۾ دريافت ٿين ٿا، تڏھن خزائون به خوبصورت عورتن، خوبصورت ڇوڪرين جي ڪنوارين اکين جھڙيون محسوس ٿين ٿيون!

... غور فڪر، آزاديءَ لاءِ جستجو ۽ بي باڪي جو ھر سفر ھڪ روح جي علامت آھي، ان ديس جي دلين، ڳلين، ڪلين ۽ ولين جو آواز آھي، جيڪي وقت کان اڳ سڙنديون ۽ سُڃ ٿينديون رھيون آھن، جتي اسان جي مستقبل جي ھر رات چورايل چنڊ پڄاڻان اونداھي جي ڪھاڻي آھي، جڏھن ته اسان جو سڄو آس پاس ٽي بي جي مريض جي اوٻاسي جھڙو آھي، اسان جي جاڳ کي به لڳي ائين ٿو ته ڄڻ ڪو ڪارو ڪفن پاتل آھي، خوشبو رڳو اسان جي درد جي ئي آھي، جيڪا رڳو اسان جي ئي ننڊ ڦٽائي ٿي! ڪچين ڳالھين جا روح، ڪچين ننڊن جي خوشٻو اسان جي ھر ڳليءَ جو اگھاڙو نوحو آھي، ۽ ھن ديس جي بيمار موسم جو اگھاڙو عڪس آھي، ۽ پريان رڳو وحشتن جا رقص آھن، شال، ساڃھه، بي باڪي، جستجو ۽ سوچ سمجھه جو ساڃھوند سفر ان وحشتن کي ڪو ڀونڊو ھڻندو رھي!

... ستارا بي نُور اکين جا لڙڪ آھن، جن کي لڳي ائين ٿو ته فطرت به وساري ڇڏيو آھي!

... اسان اُس ۽ دک سان آشنائي رکندڙ ماڻھو محبتن جي پنڌ ۾، درد جي آڱرين ۾ اڪثر سستي سگريٽ جيئن سڙي صنم خانن کي ڪا معنى ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي! جھڙالا جيءَ به ھوندي به حُسن جي تيز تپش وارن ڏينھن جي مرڪندو رھڻ جا خواب ڏٺا آھن. چريائيون اسان سامن ۽ پراڻين پَرن جيان پاليون آھن، اھي چريائيون جيڪي دانائن جي دنيا ۾ بي ملھه ۾ بي وجود آھن! اسان عاشقي سان عاشقي ڪئي آھي، نَڪ جي ڦُلي کان پيشاني تي لڙي آيل ڪاڪُلن جي سنھڙين تندن تائين، نگاھن جي حجابن کان پوتين جا پلئه ڏندن ۾ وجھي برکا جھڙين شرميلين ادائن تائين جو ھر سج، اسان جي يادن ، اسان جن تخليقن جي لاءِ امانت آھي ، ڪو قرض آھي! جيستائين اسان انھن سان سچا آھيون، تيستائين اسانجين محبتن اسانجين دوستين جا چنڊ اجھامڻا ئي ناھن!

... خاموشي ساھ کڻندڙ پراسرار وجود آھي، جنھن کي انتھائي حساس ماڻھن جون اکيون ڏسن ۽ ڇُھن ٿيون!

... ڏينھن سانجھين ٿي کُٽن ٿا
رستا پيرن لئه ڦٽن ٿا
ڪاوا پيرن ۾ ٽُٽن ٿا
گل ٽڙي ۽ ڇڻي وڃن ٿا
ماڻھو مِلي وڇڙي وڃن ٿا
سال صدين ۾ گم ٿي وڃن ٿا
۽ محبتون،
يادگيرين جي ڏيھه جي،
تاريخ بڻجي وڃن ٿيون!!

... گلن جو ھيڏو سارو حُسن رڳو ان ڪري آڳي جو ھر راز ۽ ھر ڳالھه کان بيخبر ٿي ٽِڙن ٿا، ۽ گل ھر ان ديس ۾ به ڦٽن ٿا جتي اٽي جو ملھه مھانگو ۽ گل جھڙي عورت جو گل جھڙو جسم بنھه سستو وڪامي ٿو!

... اُڀ ۾ چنڊ ڪنھن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ جي تاڻيل اُرھ جيان اُڀو آھي، ۽ پگھرجي ويل آڪاش جي پيشاني تان ماڪ جا ڦڙا ائين پيا ڇڻن ڄڻ ته ڪاڙھي ۾ بٺي جي مزدورن جا پگھر ڦڙا پَٽ تي ڪرندا ھجن!

... پن ڇڻ جي روح جھڙيون راتيون مدھوش اکين سان سُتل ۽ جاڳندڙ خدائي کي عجيب انداز سان ڏسن ٿيون، ڄڻ ته ڪائنات ۾ ڪا ممنوع موسم ڪاھي پئي ھجي!

... ڪائنات ساڳي آھي، ڌرتيءَ به ساڳي آھي، پر فرق رڳو اھو آھي جو ڪن اکين ۾ ڪاريون راتيون رھن ٿيون ته ڪن اکين ۾ روشن صبح وسن ٿا!

... اسان تڏھن ئي اڪثر پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندا آھيون جڏھن ڪنھن بي لباس حقيقت جو شيشو اسان جي سامھون ٽُٽندو آھي!

...اسان جڏھن به پنھنجين ڳالھين پنھنجي وجود جي ھئڻ جي خوشبو جو احساس ھڪ ٻئي وٽ ڇڏيو آھي، تڏھن ڏينھن جا ڏينھن اسان سان عجب ڪيفيتون اٽڪيل رھيون آھن، اسان پنھنجي وجود ۾ ئي ٻين گھڻين شين کان گھڻو ڪٽجي پرتي رھجي ويا آھيون، اسان پنھنجو پاڻ کي به بنھه عجيب لڳا آھيون!

... سنڌ ۾ جڏھن پڪل ڪڻڪن ۾ ڏانٽا پوندا آھن، ۽ تتيءَ جي تيز رولاڪ اُس ۾ ڪنوارين ڪولھڻين جون ڇاتيون ڇلڪنديون آھن، ۽ مٽي پگھريل پيشانين جو پاڻي چمندي آھي، تڏھن سڄي ڀُونءِ پيار جي پھرين چُمي جي اجري احساس جيان ٽِڙي پوندي آھي!

... چون ٿا سچ ھر ھنڌ موجود آھي!
بيوه ماءُ جي ھٿن ڀڳل چوڙين سان راند ڪندڙ معصوم ٻار کي ڏسي سچ ڇا ٿو سوچي؟
ڇا ڪوئي ٻڌائي سگھي ٿو؟

... ھوءَ قبرستان ۾ پنھنجي ڪنھن مئل عزيز لاءِ قبر مٿان بيھي ڪا دعا گھري رھي ھئي، ڪاري لباس ۾ خوشبو سان واسيل اھا سانوري ايتري ته حسين ھئي جو ھر حُسن ڄڻ ته ھُن تي ٿي کُٽو! مونکي ائين لڳو ته ھُن جي ڪريل لُڙڪ سان ته خبر ناھي پر ھُن جي وجود، ھُن جي حُسن جي خوشبو سان مٽيءَ ھيٺان سُتل ماڻھوءَ جي مِٽي صدين لاءِ سيراب ۽ گلاب ٿي وئي ھوندي!

... تنھائي، يادن جي ماءُ آھي!

... ڇا ڪو اِھو ڄاڻي ٿو سگھي ته خيمن ٻاھران سُتل خانه بدوش ڪنواريون ڇوڪريون ڪھڙا ٿيون خواب ڏسن؟

... پنھنجو پاڻ کي پاڻ اندر پاڻ لئه اجنبيت ڇو محسوس ٿيندي آھي؟ ڇا اسان ڪنھن جو ڪو ٻيو يا ٽيون جنم ته ناھيون؟ جنھن کي وھندڙ رت وارين ڳلين ۽ ٽُٽل خوابن جي روڄن مٿان ھلڻو پوندو رھيو آھي! جن لاءِ ڄاڻ ڏانئڻ بڻيل رھي آھي!

... اداسيءَ جو روح رڳو روڳ ۽ سوڳ جي انتھا ناھي، ان کان علاوه به گھڻو ڪجھه آھي!

... منھنجي دل تنھنجي پويان اچي!

... ڇا تون مون کي اھو ٻڌائي ٿي سگھين ته ان معصوم ٻار جو موت ائين ٿيڻو ھو، جيڪو ڌرمي جنونيت جي راند ۾ باھ اندر ساڙيو ويو؟ يا اھا نياڻي جيڪا ڪوڙي غيرت جي نالي ۾ ڪھاڙين جو کاڄ ھيٺان وئي؟ يا اھو مزدور جيڪو روڊ تي بيگناھ ڪنھن گاڏي ھيٺان چچرجي مري ويو؟ ڇا ان کي به ائين مرڻو ھو؟ ٻڌائي سگھين ته ٻڌاءِ!

... جُڳن کان جياپي جو سلسلو، جياپي جو جلوو، ۽ جياپي جو قافلو ڪميڻپ ڪُھندي رھي آھي!

... اجري آسمان تي رنگين بادل ائين ٿا لڳن، ڄڻ ته ڪنوارين اکين ۾ خواب ٽڙيل ھجن!

... شانتي ڪٿي به ناھي!
آسمان اداس آھي، انسان اداس آھي!

... ھوءَ منھنجي لکڻ پڙھڻ واري ڪمري ۾ ڪي ڏاڍا سُريلا ٽھڪ ڇڏي وئي، ڀانيان ٿو ڪنھن ڪتاب جي صفحي ۾ اُھي ٽھڪ لڪي ويا آھن! ان ڪتاب جو روح عجيب افراتفري ۾ ھوندو!

... دل چوي ٿي
حُسن ڀلي روح جياري، پر حُسن بيحيائيون نه پکيڙي!
آڱريون عشق ڀلي ٿين پر آڱريون چغليون نه بڻجن!

... شرابين، حرامين ۽ حوس پرستن کي سُونھن پاران چمايل پنھنجا چَپَ، ڇُھايل تَن، ھر حساسيت لاءِ وڏي ڪِني گار آھي، جيڪا ڪائنات جي وسعتن کان به ڊگھي آھي، جيڪا روحن ۾ احساسن ۾ ڀڳل شيشن جيان لھي وڃي ٿي!

... مون محسوس ڪيو آھي ته اسان جي اندر ۾ اسان جي وجود ۾ ڪنھن ٻئي حسين وجود جو رھڻ يا بيحد ضروري آھي ، نه ته ان بنا اسان ڪنھن آخري بس جي آخري تنھا مسافر جيان آھيون، جنھن ۾ آڱرين ۾ جھليل سگريٽ به پاڻ کي اوپرو محسوس ڪندو آھي!

... سچ ڪنھن به رات ۾ سمھندو ناھي! ۽ نه وري ڪنھن حرامپائيءَ کي سک جي ننڊ سُمھڻ ڏيندو آھي! سڄي ڏينھن جي تيز ھوائن وڻن کي بي چين ڪري وجھندي آھي ۽ شام جو وڻ ڪنڌ جھڪائي، پوڙھن فلسفين جيان پاڻ ۾ ئي گم ٿي ويندا آھن، اھي پل مون تي ڀاري ٿي پوندا آھن، ھونئن به اڪثر ڪري اسان جا واسطا عجيب رنگن، حقيقتن ۽ عجيب پھلوئن سان پوندا آھن. جيڪي وڻن واري ساڳي بي چين صورتحال جيان اسان جا وجود به ويرانا ڪري ويندا آھن، اسان ڪجھه به ماڻي ناھيون سگھندا، ۽ ڪجھه به ڄاڻي ناھيون سگھندا ته اھو سڀ ڪجھه ڇا آھي! ڇو آھي؟

... ماڻھو ڏاڍا شريف سڏجڻ جا جتن ڪندا آھن، پر لُچائي حصي ۾ اچي ويندي اٿن!

... اکين جي سڃاڻپ کان، دل جي سُڃاڻپ سؤ دفعا وڌيڪ ڀلي آھي!

... مدت ٿي آھي دل سان ناھيون کليا، عجيب افراتفرين ۾ رھيا آھيون، حقيقت اھا آھي جو رومانيت جو روح سماج جي بي سُراين روئاري وڌو آھي، آس پاس ڏاڍي غلاظت ڪاھي پئي آھي، محبتون پوڙھين رنڊين جي بي خواب اکين جھڙيون ٿي رھيون آھن، جنھن جي فرياد لاءِ چانڊوڪين کي ياداشت نامي طور ڪئين نظم ۽ غزل اماڻي به ڪو کڙتيل ناھي نڪتو ۽ ائين لڳو آھي ته اسان جي ھر احتجاج تي لٺبازي ٿي آھي ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گيس اڇلائي وئي آھي، جڏھن اکيون وري ڪجھه ڏسڻ جي قابل ٿيون آھن ته ساڳي وحشت ھر جاءِ جھولندي نظر آئي آھي، ان وحشت ڪڏھن ڪارا ڪاڪُل ڳوليا آھن ڪڏھن گلابي چپن کي ڳولي لڌو آھي ۽ ھر حساس ماڻھو کي ڪُٺو آھي. اندر جي احساسن تي اھڙي سرد برفباري واري رات جي حڪمراني آھي جنھن جو ذڪر اردو جي خوبصورت شاعره پروين شاڪر پنھنجي خوبصورت نظم ۾ ڪيو آھي، ڪير ڄاڻي اھا سرد رات اڃان الاءِ ڇا ڇا آڻيندي، ۽ الاءِ ڪھڙا ڪھڙا احساسن جا گل ڇاڻيندي!

... دنيا ھڪ چُمي جيتري آھي، جنھن کي اوھان کيسي ۾ به کڻي سگھو ٿا، پر شرط اِھو آھي ته توھان جي وجود ۾ محبت ضرور ھجي!

... ھي ھيڏو سارو مغز ھڻي تو آڏو پاڻ کي ڪنھن ڪاليءَ جي مندر جو ڏيئو يا مسجد جو دروازو ثابت ڪرڻ نٿو چاھيان، پر ھڪ حقيقت پسند رويو ٿو ٻڌائڻ چاھيان ڇو جو آئون فرشتو ناھيان، ھڪ عام انسان آھيان!
ماڻھو گند جو ڍير به ٿي سگھي ٿو، مٽي جو بُت به ٿي سگھي ٿو، ڪنھن ڀڙوي جي مٿي جي ٽوپي به ٿي سگھي ٿو، ڪنھن ڪڃري جو دلال به ٿي سگھي ٿو، ڪنھن وئيشا جي ڪوٺي جو بسترو به ٿي سگھي ٿو، ماڻھو درد جو شھر به ٿي سگھي ٿو ته ڪنھن ٻھراڙي جي ڇوڪريءَ جي دل، زندگيءَ ۽ پيار به ٿي سگھي ٿو، ماڻھو ڪنھن ڪپيل ٻانھن جي چيچ جو ڇلڙو به ٿي سگھي ٿو، ته ڪنھن ڪافر دل جو قيدي به ٿي سگھي ٿو، انسان ھڪ گلابي چُمي، ھڪ گلابي ٽھڪ جو چور به ٿي سگھي ٿو ، ته ڪنھن ھير جھڙي ٻوليءَ جو ڪوي به ٿي سگھي ٿو، جيڪڏھن انسان، صوفي، پنڊت، پوپ، پادري، اولياءَ مسيح، گوتم ٿي سگھي ٿو ته ٻيو به سڀ ڪجھه ٿي سگھي ٿو. ان کي محدود ڪرڻ ان سان وڏي بي انصافي ٿيندي!

... مون اھو ڄاتو آھي ته جيڪي ماڻھو پنھنجي جيون جا انيڪ سُندر پل وقت جي بازار ۾ گروي رکي ڇڏيندا آھن، انھن کي پنھنجي احساس جي ڇانءَ به پناھ ناھي ڏئي سگھندي، اھي ويرانين ڏي پنڌ ڪندا آھن، ۽ ٻارن جي رانديڪن جيان وقت کان اڳ ۾ ڀڄي پوندا آھن، سوچيان ٿو ڇا پاڻ به ته ان تسلسل جو حصو ته ناھيون؟ ڇو جو پنھنجا به ته انيڪ پل گروي ئي رکيل ھوندا آھن! اسان کان وڌيڪ خوش اھي پکي رھندا آھن جيڪي اڏارون ڪندا آھن، جن لاءِ ڪابه سرحد ناھي ھوندي، ڌرتيءَ جن جي ماءُ ۽ آسمان جن جو پيءُ ۽ سمنڊ جن جو دوست ھوندو آھي ۽ اسان ھر پل اڻڄاتل وسوسن جا زنجير پائي بي معنى گذاريندا آھيون!
جڏھن به پنھنجي وجود ۾ ڪنھن ڌاري نه سمجھه ۾ ايندڙ ٻوليءَ جھڙي اجنبيت ڪاھي پوندي آھي تڏھن ماڻھو ڪنھن به شيءَ سان انصاف ناھي ڪري سگھندو، اھو پنھنجي جاءِ تي ھڪ وڏو سانحو به آھي! اسان کان وڌيڪ خوش نصيب اھو سمنڊ آھي جيڪو پنھنجي لھرن جي عشق کان آشنا آھي، جيڪو ھر لھر جي ٻولي سمجھي سگھندو آھي، ۽ پرديسي پکين کي ايندي ڀليڪار ۽ ويندي الوداع چوندو آھي، جڏھن ته اسان سُرندڙ لمحن جا خنجر سھندا آھيون. يا پراڻين ڀتين جيان ڊھندا آھيون! ڇا ڪجي جو وقت جي بارش ازل کان انڌي رھي آھي، جنھن کي نه نيرين اکين سان ڪا دلچسپي ھوندي آھي، نه ڪارن ڪاڪُلن جو احساس ھوندو آھي، اھا ته بس رڳو وسندي رھندي آھي، ۽ زندگيون نشي ڀريل خمار جيان ٻڏنديون ۽ ترنديون رھنديون آھن، اھو به ڪيڏو نه وڏو الميو آھي ، جو ھر ديس ۾ گلاب ته موسمن ۾ ٽڙندا آھن ، پر جوانيون ۽ دليون بي مھليون ڇڻنديون آھن! اھي حَسين ماڻھو جن کي ھڪ وڌيڪ ڏينھن جيئڻ لاءِ ملندو آھي ، يعني رات جي ننڊ جو نشو لھندو آھي ته صبح جو زلف سنواريندي آرسين ۾ پنھنجين سمنڊ جھڙين اکين کي ڏسندا آھن، ان ڳالھه کان بي خبر ته رات الاءِ ڪنھن جو صبح چورائي وئي، ۽ پنھنجي ڪنواري صبح جي دلفريبي ۾ ٻڏل رھندا آھن، اھي به ته پنھنجي جاءِ تي خوشنصيب ليکبا آھن، پر ماڻھو جي خوشنصيبي ڏاڍي عارضي ھوندي آھي، سمنڊ، گل ۽ پکي وڌيڪ خوشنصيب آھن، ممڪن آھي منھنجو اھوفلسفو بنھه غلط به ھجي، ھا، اھڙا چريا جيڪي زندگي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ مسلسل عذاب ڀوڳين ٿا! اھي ئي ھي فلسفو سمجھي سگھن ٿا!

... سوڳوارين جا سلسلا نظر انداز ڪري ئي نٿا سگھجن، زندگي کي به ھر رنگ ۾ قبول ڪري ئي نٿو سگھجي، ڇو جو اھا پنھنجو پاڻ سان منافقي آھي!

... سچ پڇين ته اسان جي ھن دؤر کان، ھن سماج کان، ھن ماڻھن ۽ ماڻھن جي ذھنن کان ، مسافر خانن جي ڪوٺين ۾ وڇايل بسترا وڌيڪ چڱا آھن!

... مايوسي ۽ اداسي توڙي جو ڪو مذھب ڪونھي پر پوءِ به ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو کي اھا اختيار ڪرڻي پوندي آھي، يا خودبخود وجودن تي لھي يا ٺھي ايندي آھي، ان کان ڪنارا ڪشي ڪري ئي ناھي سگھبي! اھو سڀ ڇو آھي؟ ان کي ڄاڻڻ ھر دؤر جي ماڻھو لاءِ ھڪ مسئلو آھي! وجود جي صحرا ۾ بيچينيءَ جي ھوا جو گذر نئين ڳالھه ناھي!

... ٽھڪ زندگي جي معنى ڏيندا آھن ۽ زندگي ٽھڪن کي معنى ڏيندي آھي! فيصلو ڪرڻ ٿورو ڏکيو آھي!

... پنھنجي اکين جو ڪو ٽُٽل خواب ڪنھن لفافي ۾ وجھي جيڪڏھن بادلن کي پوسٽ ڪري سگھجي ھا، ته يقين ڄاڻ اسان شاعر ماڻھو ائين ھرگز نه ڪريون ھا، پنھنجا ٽُٽل خواب پنھنجي يادن جي ديس کي آباد ڪرڻ لاءِ سانڍي رکون ھا، ۽ انھن تي شعر لکون ھا، جيئن اڄ ڪريون ٿا، جيئن ھر ڀيري ڪريون ٿا!!

... ھن زليل، حرامي، رھزن، نابالغ، مدي خارج، غليظ ۽ بدصورت سماج ۾ ڪنھن ڌرمي ٺڳ ٿيڻ کان، ڪنھن دلال ٿيڻ کان، ڪنھن ضمير فروش ٿيڻ کان آئون خودڪشي ڪرڻ بھتر سمجھان ٿو!

... اسان ماڻھن وٽ سرھائي ايندي الئه ڇو ڊڄندي آھي، لڳي ائين ٿو ته جڳ جي مئخاني ۾ خوشي ان ڀڳل بوتل جو وجود آھي، جيڪا ڪائنات ۾ پير رکندڙ ان پھرين انسان جي ھٿن مان ان وقت ڪري ھئي، جڏھن ھن رات جي ڏٺل ڪنھن سھڻي خواب جي ساڀيا لاءِ بيخيالي ءَ ۾ ويچاريو ويو!

... اڃا، گلابي ۽ نيرا گل مون کي اڻ پورين محبتن جو روح لڳندا آھن؟

... جيئن عاشق عورتن کي پنھنجا ماضي شام جو وار سڪائيندي ياد ايندا آھن ، تيئن اسان کي چنڊ راتين ۾ مسافر پرين جا نيڻ، زلفن جا ڇانورا ۽ نما شام جھڙيون ڳالھيون ياد اينديون آھن!

... اسان جا درد رستن جي اکين ۾، شھرن جي چؤنڪن ۾ ۽ ڪچين گھٽين ۾ وڃائجي ويل محبوب ماڻھن جي ورڻ جو انتظار ڪن ٿا، ۽ ھر انتظار قيامت ٿي وڃي ٿي، دل جو درد ويتر وڌي وڃي ٿو!

... محبت اُھو حوالو آھي ۽ بظاھر بي وجود اھو بت آھي جنھن جي اھميت ڪنھن کان ھرگز گھٽ ناھي!

... ڪھڙين ڪٿائن جا ويھي ڪفن ڦاڙجن! ھر ڪفن ۾ پاڻ جھڙي ڪنھن پيار ڪندڙ عاشق ماڻھو جي ڪنھن خواب، ڪنھن پيار جو لاشو آھي، ان ڪري ذھن کي ڪنھن شمشان گھاٽ جي شام ڏي وٺي وڃڻ عجيب چريائي ٿي لڳي، موضوع ڀلي کڻي انيڪ به آھن پر ھر موضوع جي وجود ۾ ڌڙڪندڙ دل زخمي آھي، جنھن جو ھر صبح ڪنھن ڪنواري اک جو لڙڪ آھي، جنھن جي ھر شام ڪنھن حادثي ۾ مري ويل ڪنھن معصوم ٻار جي ڪپجي الڳ ٿيل رت ھاڻي ننڍڙي آڱر جھڙي آھي، ۽ اھڙي موضوع ھلندي ڪنھن سانوريءَ کان مليل شرم ھاڻي چُمي جي ياد ڀلي کڻي بھار ڇو نه ھجي، پر درد جي پنھنجي دنيا آھي، درد جو پنھنجو وجود ۽ ذائقو آھي، اسين خوابن کان وڇڙون يا خواب اسان کان وڇڙن، پر درد ساڳيو آھي، درد جو رنگ به ساڳيو آھي!

... اشڪباري جي اُس ۾ رڳو اکيون ماتمي ناھن لڳنديون ، پر دلين جا ديپ به سوڳوار ٿي ويندا آھن، ۽ سوجھرو سفر ڀُلجي ويندو آھي!

... آئون سمجھان ٿو ته صبح جو مرندڙ ماڻھن سان فطرت وڏي بي انصافي ڪري ٿي! ڇو جو صبح زندگي جو نالو آھي!

... اسان ، اَسرُ جو ماتم ۽ وحشت ڏيکارڻ لاءِ زوري اٿاريل انھن اکين جا عجيب عڪس، خواب، روپ ۽ رنگ آھيون جن کي دنيا جلدي سمجھي ئي نٿي سگھي!

... وساريل خوشبو جي به ھڪ تاريخ ٿئي ٿي، جنھن کي سمجھڻ لاءِ ھي زمانو اڃا نابالغ آھي!

... اکين سان محبتون به رڳو اُھي ڪري ڄاڻندا آھن، جن کي سچ ۽ سج کي ڏسڻ جي تمنا ۽ جرئت ھوندي آھي!

... آئون سمجھان ٿو ته ماڻھو جو روايتي ماڻھو ٿي وڃڻ به ڪائنات جي رنگن سان منافقي ۽ دشمني آھي!

... ڪڏھن ڪڏھن خوشبو به ٿڪل محسوس ٿيندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن خواب به ڪنھن وڇڙي ويل نظر ۽ گذري ويل موسم جو سڏ محسوس ٿيندا آھن، پنھنجي جيءَ جي جلاوطني جي تنھائيءَ ۾ چنڊ به تنھا روئندڙ ٻار جھڙو محسوس ٿيندو آھي، ائين يا اھڙو لڳڻ اسان جي احساسن جي ان ڪھاڻي کي معنى ارپي ٿو جيڪا ساھ کڻي رھي آھي. جنھن کي پنھنجو بدن ۽ پنھنجو وطن آھي!

... شايد ئي ڪڏھن ڪنھن اھو سوچيو ھجي ته پکين جا پير پاڻيءَ تي ڪھڙا نظم لکن ٿا ۽ خاموشيءَ جي خيمن ۾ باھ ڪيئن لڳندي آھي!؟ پنھنجي جاءِ تي اھو سڄ اڄ به موجود آھي ته جن اکين کي محبت جي خوشبو وساري ڇڏيندي آھي، اھي اکيون پنھنجو پاڻ لئه به اجنبي ٿي وينديون آھن، انھن اکين جي ڍنڍن تي نه ننڊ جا نيرا گل مڪمل ٿي ٽڙي سگھندا آھن نه وري خوابن جون آڙيون ڪا ساھي پٽي سگھنديون آھن،، شام جو نابالغ ويرانيون ۽ احساسن جون ڪنويليون اڌ ڪٺيون ڪري ماتمن جا سُر پکيڙي ڇڏينديون آھن، تڏھن درد جا لٽيل قافلا دل جي صحرا ۾ ڪيئي پھر ٽڪي پوندا آھن، اکيون پنھنجي خوابن کي ڪفن ڏيڻ وساري ويھنديون آھن، ڪچين ٽارين تي ويٺل شڪارين ھٿان ماريل معصوم پکين جا ٻچا دلبرين کان دور ٿي موسمن جا رنگ وساري ويھندا آھن، پن ڇڻ انھن يتيم پکين ۽ اداس دلين ۾ آکيرا اڏي ويھي رھندي آھي، موسمن جا پير زندگين کي پوڙھو ڪيو وڃن، پر يادگيرين جا سيلاب پوڙھا نٿا ٿين! درد جا درد پوئتي نٿا ھٽن!

... وڻجاريون موسمون پنھنجا کُھرا ۽ ريشمي بدن ويڙھي خاموشيءَ سان گذري وينديون آھن، پرڏيھي مسافر پکي موٽي ھليا ويندا آھن، يادون تنھائي جي قبرستان جي قبرن جي ڪُتبن کي وڌيڪ سوڳوار ڪري وجود ۾ ڪو صحرا پکيڙي ڇڏينديون آھن. اسان پنھنجن خوابن جي ڪھاڻين کي آلين اکين سان نه ڀليڪار چئي سگھندا آھيون نه الوداع ڪري سگھندا آھيون، اسان جي احساسن جي ڀُرندڙ شھرن ۾ پوءِ به ٿر جي صبحن جھڙيون سانوريون محبتون ساھ کڻنديون رھنديون آھن، جن جي وجودن جي سرمستي ڪڏھن ڪنھن مور جي ۽ ڪڏھن ڪنھن ڪنواريءَ ڇوڪري جي رقص جيئن جُھومي پوندي آھي. ڪڏھن ڪنھن سانجھه جي ستاري جيان ٽمڪي پوندي آھي ته ڪڏھن وري ڪنھن ديس جي سرحد تي ڪنڊائين تارن وچ ۾ ڪنھن نيري بي موسمي گل جيان ٽڙي پوندي آھي، جنھن جي خوشبو جي تنھائيءَ کي نه ڪا اک ڏسي سگھندي آھي، ۽ نه وري ڪو ڦلڙي وارو نڪ سونگھي يا محسوس ڪري سگھندو آھي. اھا رڳو چانڊوڪيءَ جا پير کڻندي آھي، محبت جون اِھي مروتون وحشي وحشتون ۽ پاڳل نفرتون ڪيئن ٿيون سمجھي سگھن، انھن کي سمجھڻ لاءِ ته آسمان جھڙيون اکيون گلابن جھڙا روح ۽ معصوم ھرڻين جھڙيون دليون کپن! پر ڇا ڪجي جو اڻپورائيءَ جي جلاوطن موسم ھر شيءِ کي تنھا ڪري ڇڏيو آھي، بنجر زمين جي درد جھڙي اھا تنھائي دنيا جو ڪوبه داناءُ سمجھي ناھي سگھيو، شايد ڪو ديوانو ئي سمجھي سگھي!

... اڃا ھِن شاعر ھٿن تي ڪن الھڙ ڪاڪُلن جا ڇھاءُ سُتا ناھن، اَڃا ھِن پياڪ چپن جي رستن تي چُمين جا پيرا ڦٽا ناھن، اڃا به وقت بي وقت ھوائن ۾ ڪي ٿڌن ساھن سان اُماڻيل سنيھا ايندا رھن ٿا، جن جا روح معصوم اکين جيان ڏاڍا پيارا آھن، اڃان ٻانھن جي ٻکن کي بارش ۾ پُسيل الھڙ جوانين وارين سانورين جي جسمن جي دلربائي، ڇھاءُ ۽ خوشبو جو احساس ائين وسريو ناھي، جيئن رستا وٺل ماڪ کي وساري ڇڏيندا آھن!

... ياد رکج، عظمتون بي اصول ناھن ھونديون!

... ياد رکج، ڌرتيءَ جي وجدان کي موت ناھي ايندو!

... آئون، چاھ جي رشتن جي مسافريءَ ۾ عداوتن کي دل ۾ جڳھه ئي ناھيان ڏيندو!

... پوڙھين راتين جا ڏنل زخم به عجيب آھن! عجب ڪھڙو ڪجي، ھن ديس جا ڏينھن ته ھونئن ئي انڌا آھن!

... اسين ھڪ اھڙي دؤر ۾ جيءَ رھيا آھيون، جيڪو قيديءَ جي خواب جھڙو آھي، جيڪو منجھند ٽاڻي لڪن جھڙو آھي! ان ڪري ئي شايد اسان يڪسانيت يا ورجاءَ جي گپ ۾ ترڪندا آھيون، سڄو نسل ان حوالي ۾ ورتل نظر اچي ٿو، محبتن جي اظھار وارن لفظن کان ڏينھن گھارڻ تائين اھو يڪسانيت جو تسلسل وڌيل وارن وانگي بي سُرو لڳندو ۽ رھندو ٿو اچي. الئه ڇو اسان ان کي خالي ٿيل بوتلن وانگي اُڇلائي ناھيون سگھيا، سج امبر جي چپن ۾ سگريٽ جيان سڙندو رھي ٿو، تارا جاڳندا ۽ سُمھندا ٿا رھن، وڇڙيلن جون يادون سرد راتين ۾ سَوڙَ ٿاڻي سمھندي ئي سيني تي چڙھي اچن ٿيون، اڻ پورائي لاءِ جواز گھڙبا رھن ٿا، محبتن جي مزارن تي ٿڌن ساھن ۽ شوڪارن جا گل اڇلبا رھن ٿا، پکين جي پرن ۾ سفر جو ٿڪ سفرنامن جيان تحرير ٿيندو رھي ٿو. ساڳيا ساڳيا رستا پيرن ۾ تڙپندا رھن ٿا، خاموشي جو روح فلسفين جي سوچن جيان ڀٽڪندو رھي ٿو، گھرن جون ديوارون ميريون ٿينديون رھن ٿيون، پراڻا گھاءَ ڪڙيون ٻڌڻ جي باوجود ڏکندا رھن ٿا، ۽ وقت پوڙھي کان پوڙھو ٿيندو رھي ٿو، پر ورجاءُ ۽ يڪسانيت الئه ڇو پوڙھي نه پئي ٿئي . . . .!

... ھن ديس ۾ محبتن ۽ دعائن ج ڇا اھميت آھي! قيمت ڪيتري ۽ ڪھڙي آھي؟ اِھو ھر اُھو ماڻھو چڱي ريت ڄاڻي سگھي ٿو جنھن جي اکين خوابن جو بار کڻي ڏٺو آھي، جنھن جي اگھاڙن پيرن پٿرن تي ھلڻ جو ذائقو چکي ڏٺو آھي!

... اسان پنھنجين محبتن جا شھر، لارين ۾ چڙھي تقريرون ڪري چندن جيئن رسيدون ڪٽي ماڻھن کان پئسا وٺي ناھن ٺھرايا ، پر اسان اھي پنھنجي خوابن جي مٽي ۽ تمنائن جو پاڻي ڏئي پاڻ ٺاھيا آھن!

... اسان جنھن اڻ اعلانيل ڪرفيو جھڙي صورتحال ۾ ساھ کڻون ٿا، اتي رڳو پيار ئي اھا واحد دري آھي، جتان آيل ھوا ۾ خوشبو جو وجود آھي، نه ته رڳو ويرانين جو صحرا آھي، جنھن ۾ چنڊ به سوڳوار آھي!

... ڀورڙيون، ساديون ۽ خوبصورت عورتون پنھنجي جسمن جي خوبصورت خوشبو محبتن جي نالي ۾ جنسي جنونين جي جسمن تي ڇڏي، ان پيار جي رنگ ۽ خوشبو کي کڻي ڪيترو به معتبر ۽ پڪو ڇو نه سمجھن پر اصل ۾ اھو کاڌل فريب جنھن پيار جي سمجھوتي جو نالو آھي اھو اوترو ئي بي رحم فريب جو گندو گٽر آھي جنھن ۾ کڻي خوشبو جي بوتل ڇو نه وجھجي پر ھو پنھنجي اصليت کي فنا ڪري يا مٽائي نه سگھندو، ھن د‍ؤر جا سمجھوتا به لڳ ڀڳ اھڙا ئي غليظ آھن!

... تنھائيءَ جون انڌيون اکيون جڏھن گھورڻ لڳنديون آھن، تڏھن دل کي پنھنجا چنڊ ياد ايندا آھن، جيڪي محبتن جي آسمانن تي اڀرندا آھن، ۽ جن ج اُڀرڻ تي ھميشه غليظ آڱريون اڀيون ٿينديون آھن، ۽ وحشي، بيوقوف بي رحم ۽ حرامي اکين ۾ اھي چنڊ ڏسي پاڳلپڻو لھي ايندو آھي، ۽ صبح جي ڪا اخبار پنھنجي گڊي ڇاتيءَ تي ڪي وڍيل لاش ڏيکاري ممنوع موسم جي وڃايل دل ۽ ڪڍيل اکين جو احساس ڏياريندي آھي!

... ھر شيءِ پنھنجي اندر جي موسم مطابق اُسرندي آھي ، ذھن ۽ دل جڏھن ڪنھن جنگ جا ميدان بڻيل ھجن تڏھن لفظن جون موملون ڪنھن به ڪاغذ جي ڪاڪ تي وار سڪائڻ ناھن اينديون، ڏات به ڳلن، چپن ۽ ڪاڪلن جا رنگ تڏھن چورائيندي آھي جڏھن يا ته ڪنھن پشم جھڙي پرينءَ جون ٻانھون ڳچي ۾ ھجن يا وري وڇوڙي جي واريءَ دل جي سرحد اڳيان واچوڙا ٿي اڏامندي ھجي!

... سچ اھو آھي ته اسان تضادن جي ھڪ بي مروت دؤر ۾ عجيب جياپو جيءَ رھيا آھيون، جنھن ۾ سڀ ڪجھه ڄڻ ته ٻيو ٻيو آھي، فريب جو فلسفو ڏاڍو عام ٿي ويو آھي ، اُن گھُٽ ٻُوسٽ ۾ نه رڳو آرام، سُڪون ۽ چاھ جو بدن وڃائجي ويو آھي، پر ھر شيءِ اجنبيت جي پردي پويان اچي وئي آھي، اھو مايوسي جي زبان جو اظھار ناھي پر آئون سمجھان ٿو اسان جي دؤر جو ڪڙو سچ به آھي، اُس سان بدن ۽ اکين جي آشنائي رڳو ھڪ تجربو نه پر ھڪ احساس جو ساھ کڻندڙ سچ به آھي، دنيا وڏي رفتار سان دوزخ ٿي رھي آھي، اھو الميو ھر انسانيت پسند ماڻھو لاءِ پنھنجي ڪنھن خواب جي مرڻ کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آھي!

... اسان کي تنھائيءَ جون قبرون کوٽڻ جو ٺيڪو مليو آھي!

... ڪربلائن ۾ پنھنجا اگھاڙا پير زندگيءَ جي روشنيءَ کي ڳولن ٿا!!

... وئيشائن جا ڏينھن گراھڪن جي اميد ۾ پوڙھا ٿيو وڃن!
ٻارڙن جا ماسترن ھٿان ڪُٽيل ھٿ شام جو مٽيءَ سان راند ڪندي پنھنجو درد وساريو ڇڏين!
رات جي ڊيوٽي ڪندڙ نرسن جون تنھائيون بند ڪمرن اندر دير سان ايندڙ ننڊ جي ڪفن ۾ پورجيو فنا ٿيو وڃن!
رات جا ٺريل پير، چوڪيدارن جا چھرا وڌيڪ سڃاڻپ کان پري ڪيو ڇڏين!
۽ پاڻ تنھائين ۾ زندگي جا حسين پل ڳوليندا ٿا رھون!

... ھر گذاريل ڏينھن ۾ اکيون پيش منظر جو عجيب ناول پڙھن ٿيون، جنھنجو ڪو به مھاڳ لکيل ناھي، رستا ھجومن جي شور جون ڪھاڻيون پڙھن ٿا، پر دلين جي ويراني ڪو به نٿو پڙھي، ماڻھو اداسين جي سبب تي سوچين ٿا، ۽ سمورا سبب کل جھڙا آھن! بارشن ۾ پُسيل پکين جھڙا آھن! اکين جون جھرڪيون خوابن جا داڻا چڳن ٿيون، پر ڪجھه خواب چريا ھوندا آھن، جن ۾ ماڻھن جون شلوارون لھي وينديون آھن! ڪجھه گاريون ماڻھو رڳو پنھنجو پاڻ کي ڏيندو آھي، جو جو سبب کل جھڙا آھن! آڱرين تي جڏھن شھوت طاري ٿيندي آھي ته تڏھن ھيءَ يا ته ڪاغذن جا بدن ڦلھورينديون آھن، يا بجا ڏينديون آھن! ۽ ان گھڙين ۾ دل جي ڪيفيت پريميءَ سان ڀڄي ويل ڪنواري ڇوڪريءَ جھڙي ھوندي آھي ۽ ڪن ڇوڪرين کي رڳو “ماءُ جا ھٿ ، مندر جا ڪبوتر ۽ شاعري وڻندي آھي!” ڇو جو، سبب پگھر ۾ وھنتل مزدورن جھڙا آھن. فراريت جو دلدل چميءَ جي شاعريءَ کي سمجھي ناھي سگھندو، وجود جو زھر چھرن جا سفر ناما پڙھڻ جي اھليت ناھي رکندو! پکين کي ماري ڀيٽ ڀرڻ جي ڪميڻپ ڪرڻ وارن کان رستن تي فلمي اداڪارائن جون تصويرون وڪڻي پيٽ ڀريندڙ ماڻھو وڌيڪ عظيم لڳندا آھن! ڇو جو، سبب روئندڙ اکين جھڙا آھن. جن کي ھر ڪو ماڻھو ڄاڻي ۽ سمجھي ئي نٿو سگھي!
منھنجي اڳيان ڀٽائي سائين سامھون مري پيو،
ڪاڪل ڪُٺي جا، ڪفن تنھين ڪين ٿئي،
منجھه شھادت سا، لڏي ۽ لاڏ ڪري!
ھر مٽيءَ کي ڪجھه ڪھاڻيون ھجن ٿيون ۽ بدن جي مِٽيءَ خود ڪائنات جي وڏي ڪھاڻي آھي! زندگي جي ناول ۾ اڪثر ڪري ڪيتريون ئي پروف جون چُڪون ھونديون آھن ڇو جو سبب اپاھج ٻارن جھڙا آھن!
توکي خبر ناھي ڇو اھو گمان رھي ٿو منھنجي محبت توکان گھٽجي وئي آھي، محبت مري ويل ماڻھو ته ناھي جو آھستي آھستي يادن جي جسم مان نڪري ۽ وسري وڃي، مُحبت رڱيل ڪپڙو به ناھي جو ھوريان ھوريان ان جو رنگ لھي وڃي! محبت گھڻي وڏي شيءَ آھي! بس صرف اھو ذھن ۾ رکجان ته، اسان محبتون ڪيون آھن، ٻار اغوا ڪري ناھن وڪيا! اسان محبتن کي معنى ڏني آھي، چنڊ جو ملھه واپاري ٿي ناھي ڪٿيو! عظيم فلسفي زان پال سارتر جا ھي لفظ ڪڏھن به نه وسارجان ته “ڀروسو رڳوحقيقت تي رکي ٿو سگھجي!” ۽ منھنجي احساسن جي حقيقت اھا آھي ته تون صفا منھنجي دل ۾ آھين!!

(3 اپريل 1999ع)

...رات ، ڪائنات جي اکين جو سُرمو آھي!

... حقيقت پسندي عبادت آھي!

... ماتمن ۾ دل کي مرڻ نه ڏجي، اھائي وڏي ڳالھه آھي!
ڪميڻپ احساس ماري ڇڏين آھن،
رستن ساٿ واري آڱر پري ڪري ڇڏي آھي!
موسمن خوشبو ارپڻ ڇڏي ڏني آھي!
۽
دل جي ديوانگي جو ڄڻ ته موت ٿي ويو آھي!
آشنائي ته آرسين سان به ناھي رھي!
رشتن جو اوپرو لڳڻ ته ھونئن ئي فطري آھي!
وجود جي تنھائي جو بدن ايترو ته سڙڻ لڳي ٿو،
جو پنھنجي سڃاڻپ به مشڪوڪ ٿيو پوي!
اوپرائپ جي اڀي ٿيل آڱرين جو دڳ ڪٿي ڇيھه ڪندو؟
ڪا سُڌ نٿي پوي!
ڪا سُڌ نٿي پوي!
(9 محرم، 26 اپريل 1999ع)

... محبتن کان سواءِ دنيا جي قيمت ٽڪو به ناھي، پوءِ به خبر ناھي ڇو دنيا محبتن کي ماريندي ۽ ساڙيندي ٿي رھي!

... عاشقيءَ جو روح ۽ جسم اگھاڙو ڪرڻ پراڻي ريت رھي آھي، پر پوءِ به اھو اٽل سچ پنھنجي جاءِ تي موجود آھي ته بنا لائسنس چُمي ڪنھن به سماجي، رياستي ۽ مذھبي ٺيڪيدار جي اجازت وٺڻ قطعي ضروري ناھي سمجھي ۽ اھائي محبتن جي جيت ۽ وڏي عظمت آھي!

... ڪيڏا نه خوشنصيب ھئا اُھي ماڻھو جن تي شعور وارا انسان نازل ٿيا . پر ڪيڏا نه بدنصيب آھيون اسان اڄ جا ماڻھو جن تي موجوده وقت ۾ چريا، وحشي ۽ بيوقوف واپاري ماڻھو مسلط ٿيا آھن!

... ڪو نئون نظام لاڳو ٿيڻ گھرجي! ڪو نئون انقلاب اچڻ گھرجي، جيڪو ھنن بدمعاشين، حرامپائين، بي سُرائين، ڪم ظرفين، وحشيپڻي ۽ بي شعوري کي ساڙي ڇڏي، ته جيئن انسان آزاد، پنھنجي فطرتي آزادي، تازگي ۽ انسانيت جو اصل روح ماڻي سگھي!
ڏسجي اڳتي ڇا ٿئي! اسان جون اميدون اڃان ته بي لباس آھن، شايد اڳتي جو ايندڙ انسان ! اُھو سڀ ڪجھه حاصل ڪري سگھي، جنھن جي اسان محروم انسانن شدت سان تمنا ڪئي آھي!

... عورت جي اڳٺ تي کُٽندڙ اسان جي ماڻھن جا نظريا ڪيترا معتبر ٿي سگھن ٿا؟ سا ڳالھه ڪنھن کان به لڪل ناھي!

... اسان وٽ “وڏا” سڏائيندڙ ماڻھو جُتي جي ڪوڪي کان به ننڍا آھن، ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنھن به دليل جي ڪابه ضرورت ناھي!

... ٺري جي موالين جو زالن جون شلوارون پائي صبح جو ننڊ مان اٿڻ يقينن ڪا وڏي ڳالھه ناھي، پر پنھنجي سڃاڻپ کي سمجھڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ يقين سان ننڍي ڳالھه ناھي.

... دراوڙن جي نسل جي نياڻين جي ڦاٽل ڪپڙن ۽ اداس ماڻھن جي ڦٽل نندن وارين اکين ۾ درد جا صحرا ڏسي سوچ جي شھرن ۾ باھ ڀڙڪي پوي ٿي، ۽ دل چوي ٿي ته رستن تي نڪري انقلاب جي ڌمال ھڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چاڙھو ڪونھي ! ٻيو ڪوبه رستو ناھي!

... وقت رڳو وقت ناھي، پر وقت خود وڏي تاريخ آھي، جنھن ۾ ڪيئي الميا، يادگار گھڙيون ۽ ٻيون ڪيئي ڪٿان جاڳن ٿيون! ڪو پاڻ کي کڻي ڪيڏو به ھوشيار چور ڇو نه سمجھي، پر ھو ڪڏھن به تاريخ جي دل ۾ کاٽ ھڻي نٿو سگھي، ڇو جو تاريخ ڪو سنگ مرمر جو ٺاھيل ڪو بنگلو ناھي، نه وري تاريخ عورتاڻي ھٿن سان ٺاھيل ڪو مِٽيءَ جو گھر آھي، تاريخ ته حيرتناڪ وجود جي خوشبو آھي، جنھن جي وجود کي ڳولڻ لاءِ صديون پوئتي وڃي ڪروڙين راتين جي روح جا پيرا ڳولڻا پوندا، پوءِ اھو راز لھي سگھبو ته انسان جي اصل الميي جي شروعات ڪٿان ٿي ٿئي! تاريخ جي روح ۾ دفن ٿيل اھو شھر ڳولي لھڻ ايڏو ڏکيو ناھي جنھن جو نالو قھر، ظلم ۽ ڏک آھي!

... دنيا ۾ انسان جو اصل الميو اِھو به ناھي ته دنيا ۾ وڏي تباھي ٿي آھي، پر اصل الميو اِھو آھي ته جيڪا تباھي ٿي سا ته ٿي، پر اڃان وڌيڪ تباھي ٿي رھي آھي! جنھن تي سوچي انسان جي مستقبل تي روئڻ اچي ٿو.

... ڪڏھن ڪڏھن اندر ۾ بھار جو بدن مري ويندو آھي، ڪڏھن ڪڏھن اوجاڳن جا ستارا اکين تي رکي به درد ۽ پيار جون ڊائريون پڙھڻيون پونديون آھن، ڪڏھن ڪڏھن تنھائيءَ ۾ رستن تي ھلندي ائين لڳندو آھي ته ڪنھن جا ريشمي پير پيڇو ڪري رھيا آھن!

... آئون اعتراف ٿو ڪريان ته مون پنھنجي وقت کي به قتل ڪيو آھي، مون جڏھن ھن کي دريافت ڪيو ته ھوءَ ڪو سونف جو فصل لڳي، جڏھن ڪجھه ويجھو ويس ته ھوءَ پکڙجي پري تائين صنوبرن جو ٻيلو ٿي وئي، رستي ھلندي مون ھن کي چيو ؛ “تنھنجي پويان ھلندي منھنجا پير گسي ويا آھن! تون ٻوڙڻ ۽ تارڻ جا اختيار رکين ٿي! ” پر مون ڏٺو زبان ھوندي به ھُن ڪنھن به لفظ جو روح نه ڦلھوڙيو! ان کان پوءِ مون ان سفر ۾ ھُن جي مرڪ دريافت ڪئي، پر ان جي معنى ڌنڌ ۾ ٻڏل ھئي! پوءِ مون اڳيون سفر ھن جي ھلائڻ واري ھٿ طرف ڪيو، جنھن چيو؛ “واپس موٽي وڃ، ھن سفر ۾ سنگسار ٿي ويندين!” مون چيو ان ڳالھه کي به ڏسنداسين! ھڪ صبح جو پنھنجي ان سفر جي صورتحال جي ڳنڍ جڏھن مون پنھنجي ھڪ ڀيري دوست سنڌ جي مشھور ڊرامانويس، ڪھاڻيڪار ۽ ڪمپيئر سان کولي ته ھن مون سامھون چانھه جو ڪوپ ۽ گولڊ ليف جو سگريٽ وڌائيندي چيو ؛ ”انتظار ڪر، ان بارش جو انتظار ڪر جنھن ۾ ڌُنڌ ڌوپجي وڃي ۽ ڪا واٽ چٽي ٿي پوي، تيستائين انتظار ڪر! ” ۽ مون پوءِ انتظار اکين ۾ پوکي ڇڏيو!
فيصلي جي صحرا ۾ مون ھاڻي سوچي ڇڏيو آھي ته جتي به مُروتن کي معنى نه ملي، تي پنھنجين محبتن کي سنگسار ڪرائڻ بيوقوفي آھي! جڏھن به ڪنھن سرڪش بي چئي ياد رُھنڊا ھنيا ته به ڪو شعر، غزل يا ڪو نظم لکي ڇڏبو، پر بي مروت سفر جا پٿر بهي سبب نه کائبا!

... اسان لاءِ چاھتن جون زمينون نپولين يا چنگيز خان جيان فتح ڪرڻ ڪلھه به ڪفر ھو ته اڄ به ڪفر آھي، اسان ته اُھي چريا چاھيندڙ ماڻھو آھيون جن کي چنڊ ھميشه ويرانين، جدائين ۽ تنھائين ۾ ويجھو دوست لڳو آھي، اسان اکين سان محبتون ڪندڙ اُھي عجيب ماڻھو آھيون جن ڀوڳنا لاءِ پنھنجي ڇاتي ھميشه کليل رکي آھي. ستم اھو ناھي ته دنيا وحشت ۾ ٻُڏي رھي آھي، پر ستم اِھو آھي ته لفظن جي حرمت ناھي رھي، پيغامن سان زنا ٿي رھي آھي. پيار جو ڦاٽل چولو انھن محبوب ھٿن ۾ آھي جيڪي سڀ ڪجھه وڃائي پنھنجا زخم چٽي رھيا آھن، اھو ڦاٽل چولو پاڻ کي لڳي ائين ٿو ته ايستائين سبڻ جي جستجو ڪرڻي آھي، جيستائين دل بيوفائي نٿي ڪري ، ۽ لڳي ٿو ته چاھتن ۽ مروتن جا ٽُٽل چنگ به اسان جي انھن دوستن (قلمڪارن) کي ٺاھڻا آھن جن جون خود دليون ڀڳل آھن ، ڇو جو انھن جو قدر اھي ئي ڄاڻن ٿا!

... انڌيرا ڊگھا پنڌ ڪرائين ٿا، شامون وقت مان اُڏام روح ۾ لھي وڃن ٿيون ، اکين ۾ وقت مري وڃي ٿو! جنھن کي تاريخ کان سواءِ ٻي ڪابه قبر نٿي ملي! قبرن جي ڪتبن تي چڙھيل دز بارشن جو انتظار ڪري ٿي، پر ڪڏھن ڪڏھن ته بارشون مُند جي آخري ڏينھن تائين نٿيون اچن، جي اچن ٿيون ته به سمنڊن تي يا برن تي وسيو وڃن، وري به مٽي، مٽيءَ کي ڳولي لھي ٿي، جنھن جي روح ۾ ٿڪ ئي ساھ کڻي ٿو! مون تنھائي ۾ سوچيو ته سالم وجود، سالم ذھن ھوندي به احساسن کان اپاھج ماڻھو رومانويت جي روح کي سمجھي ئي نٿا سگھن، اھڙا ماڻھو جيڪي ٻين کي سفر لاءِ گڏ ھلڻ جي نينڍ ڏئي، پاڻ ڪنھن ٻئي جي ذھن تي ھلندي خاموش ٿي وڃن، اتي پاڻ کي رولڻ پنھنجي وجود سان بي انصافي آھي!

... اڪيلائي جي ٻانھن جھلي کيس چيو،
اسان جي رستي ۾ اجايو پنھنجو بدن نه پکيڙي!
ڇو جو ڪنھن به جلاوطنيءَ جو ڪفن اسان کي ناھي پائڻو!

... سبب بي شرم ھوندا آھن!

... رستا، ھونئن ئي چرين ٻارن جي اکين جھڙا ٿين ٿا!

... خوابن جا پير وڍجي وڃن ته پوءِ تنھائي کي گاريون ڏيڻ چڱي ڳالھه ناھي!

... وڇڙڻ تجربو آھي دل کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ جو!

... سڙيل خوابن سان نظم سُٺا ٺھندا آھن!

... شاعري ڪنھن ڪنواري ڇوڪريءَ جي دل جھڙي آھي، جنھن کي سمجھڻ ڀڙوتون ڪندڙن جي وس جي ڳالھه ناھي!

... جن دلين ۾ گٽر ريلا ڪري وھن ٿا، تن کي چوڙين وارا ھٿ ڪٿي ٿا صاف ڪري سگھن! انھن لاءِ ته ڪي خاص ٻُھارا ايجاد ڪرڻا پوندا!

... ڪڏھن ڪڏھن ته دل کي ڇورو ڇنو رھڻ ڏيڻ ۾ ڪو ڪوبه عيب ناھي ! ڇو جو اڪيلائي جي مشق ڪڏھن به ڪم اچي سگھي ٿي! ھونئن به ساٿ ڏيڻ وارا ڪڏھن به دل ۾ بيوفائي ته پوکي سگھن ٿا!

... بي ڌرم ماڻھو شامن سان محبتون ڪندا آھن، اھي خوبصورت اکين ۾ ٽڪي پيل شامون پنھنجن احساسن سان چونڊڻ چاھيندا آھين، پر ھر ڀير زماني جي پيرن ھيٺان زمين جو بدن ٿي لتاڙبا آھن، پر ان ۾ ڪابه عجب جي ڳالھه ناھي، ڇو جو بي انصافي ته فطرت جي روح ۾ ڳوھيل رھي آھي، ان ڪري دنيا جا اڪثر ٻار يتيم رھجي ويندا آھن، جيڪي شين وڪڻڻ وارن کي عجيب حسرتن سان ڏسندا آھن، پر ھو اھو قطعي نٿا ڄاڻن ته شيون وڪڻڻ وارا پاڻ وڏا يتيم آھن. بس فرق رڳو مجبورين جي ھجي ٿو، جيڪي ڏاڍو ظالم ٿين ٿيون ، جيڪي وئيشا گھر آباد ڪنديون آھن، جيڪي دلالي ڪرائينديون آھن، پر افسوس اھو آھي جو انھن مجبورين جي گستاخ زبان کي لغام ڏيڻ جي ڪوشش ھن نظام جا حرامي ٺيڪيدار به نٿا ڪن! جن جي سوچ سُئي جي مٿي جيڏي آھي، ھونئن به پنھنجي بدن جو رت ڌوئڻ حسين سانورين جي مجبوري آھي، تھڙي ريت سچ جي منھن جو رت ڌوئڻ پاڻ جھڙن چرين جي مجبوري آھي، پوءِ جي الزام لڳن ٿا ته پيا لڳن! چنڊ يتيم رڳو انھن کي لڳندو آھي جيڪي پاڻ يتيم ھوندا آھن ، ۽ عقل جي يتيمن جي ديس ۾ ماني مھانگي ۽ انسان سستو ٿي ويندو آھي، اھا ڳالھه ھر ڪنھن جي سمجھه ۾ ناھي ايندي! ڇا به ھجي گھٽ ۾ گھٽ آئون ڪنھن ٽانگي جو گھوڙو ٿيڻ قطعي نٿو چاھيان، جنھن جون واڳون ڪنھن منحوس جي ھٿن ۾ ھجن اھو قبول ئي ناھي!

... مون محسوس ڪيو آھي ته اسان ۾ عجيب اُڃ جا پکي رھن ٿا، ان ڪري بھتر اھو آھي ته اسان ڪنھن پيار جي درياءَ جي ويجھا رھون، پسيل آڙين جي پيرن جي ڍنڍن جي پاڻيءَ کي پاتل چميون اسان جا احساس آھن ، محبوب مُرڪن جا ڇھاءَ ۽ عڪس وجود جي وجد جي موجودگي جا گواھ سمجھي عشق ڪيو آھي ان ڪري ئي اسان جي احساسن ۾ چانڊوڪين جون پيشانيون مھڪيل آھن!

... ڇا اھو سٺو ناھي ٿيو جو پاڻ ڪنھن جي آڱر جو نشانو ته بڻياسين پر ڪنھن جي دل جو زخم نه ٿياسين! بڪواس ٻُڌي ٻُڌي اندر جو ٻار مارائي ڇڏيوسين، اسان ته اھي ماڻھو ھئاسين جن فقط آڱرين سان چاھ رکيو، آوازن سان عشق ڪيو ، ۽ سونھن ۽ خوشبوءَ جي تحفظ لاءِ خوابن ۽ ننڊن کي جلاوطن ڪيو!

... ماڻھن جي جيڪڏھن وس ۾ ھجي ته اھي چنڊ کي به ناشتي ۾ کائي ڇڏين!

... وڏي ڪافر منافقي ھن سوسائٽي ۾ ھلي ٿي!

... پن ڇڻ ڪنواري آھي اسان جو عشق به ڪنوارو آھي!

... پنھنجون زبانون ڪميڻپ جي ذائقي تي ھريل ناھن، ان ڪري پاڻ وحشتن جي انڌين اکين ۾ ڪٽر آھيون!

... آئون ان کي عشق ئي نٿو مڃان، جو محبوبا سامھون وار کوليو ويٺو ھجي ۽ عاشق ويٺو بيوقتيون اوٻاسيون ڏي، اھا ڇسائي آھي عاشقي ناھي!

... اڃان ڪارونجھر جي ارڏائي سُتي ڪانھي، اڃان ڪراڙ جا ڪنارا ٿڪا ناھن، اڃان وچولي ۾ کليل ڊگھن وارن قيد ناھي قبولي اڃان لاڙ جي جوانين جي ھٿڙن جي چوڙين جي ڇڻڪاٽ جون ڇوليون قبرن جا ڪتبا ناھن ٿيون، اڃان ٿر جي واري جي چمڪي جو ھر نياپو خماريل ڪڪوريل نرالين اکين لاءِ ريشمي احساس جي نرملتا سان ٽٻيل آھي، اڃان اُتر جي اجرڪن جھڙي گسن تي دلربائي ۽ ارڏائي جا روپ ۽ رنگ ڦِٽا ناھن، ان ڪري اسان به آڱريون ميڻ بتيون ڪري ڇڏيون آھن!

... عورت جي مُرڪ، مرد جو قد پل ۾ ماپي وٺي ٿي.

... جيڪڏھن ٽڙڻ ۾ مزو آھي ته ڇڻڻ جو سرور به گھٽ ناھي!

... ڪنھن به قسم جي غلامي قبولي ڇڏڻ، جسماني خودڪشي به آھي ته روحاني خودڪشي به آھي جيڪا لعنت جوڳي به آھي ته شرمناڪ به آھي!

... ڀوڳنائن جا چھرا تجربا ٿي ويندا آھن!

... بارش ۽ عورت جي معصوميت کي ڪڏھن به مڪمل طرح سان بيان ڪري ناھي سگھبو!

... مٽي جي معصوميت ته فقط بارش ئي ڄاڻيندي آھي جيڪا ڪڏھن ڪڏھن ان جي سحر ۾ کوئجي چري به ٿي پوندي آھي!

... غريبن جي اپاھج ٻارن کي مرڪي اسان مان ڪنھن ڪنھن وڃي گل ڏنا آھن!؟ اچو ته پنھنجو پاڻ کان اھو سوال پُڇون ۽ پوءَ ڪنھن سان عشق ڪريون!

... ڍنڍن جي پکين کي کائيندي ڪنھن کي به اھو ياد ناھي ايندو ته ھن پکي جي دل ۾ ڪا عاشقي ھئي! ھن جي اکين ۾ به ڪو سپنو ھو، ڪا ملڻ جي آس ھئي!
... گل بيخال ٿي ٽڙندا آھن، بادل بي چيا ٿي وسندا آھن ، ماڻھو جو مَن به ائين ھئڻ کپي!

... شاعري ھئڻ به اھڙي گھر جي جيڪا احساسن ۾ ڪنھن وقت تاريخ جو درد پکيڙي ڇڏي، ڪنھن وقت دل جي مٿان گھوڙا گذاري ڇڏي، ڪنھن وقت اُس مان وٺي پپر جي وڻ ھيٺ بيھاري ڇڏي، ڪنھن وقت ڊسمبر جي ڊگھي سرد رات ۾ محبوبا بڻجي چپن تي باھ جھڙا ٻرندڙ ۽ پنکڙين جھڙا نرم چپ ليٽائي ڇڏي!

... منوا! اڃان اھو چيٽ چريو آھي جنھن جي سانجھه ۾ ڏيئو ٻاريندي تنھنجو ھٿ سڙي پيو ھو!

... ستارن ڀريون راتيون دل کي صليب تي چاڙھي ڇڏين ته پوءِ باقي بچي به ڇا ٿو!

... اُڃ ته ڪنارن جو روح ھوندي آھي جنھن کي اُس جي آوارگي ڪڏھن به سمجھي ناھي سگھندي!

... ڪويليون ته چريون آھن گلابن جي خوشبو انھن جي ننڊ ٽوڙي ڇڏيندي آھي، پر خوشبو جي ته پنھنجي ننڊ ڦٽل آھي، اھا سُڌ جڏھن به ڪويلين جي سمجھه ۾ اچي وئي ته اُھي پنھنجا ڪچا پير ٽانڊن تي رکي بھار جي ننڊ به ڦٽائي ڇڏينديون!!

... ڀلي کڻي اسان کي بيشڪ خزانا نه ملن پر اسان چاھيون ٿا ته اسان جو درياءَ بنجر نه ٿِئي!

... اسان چاھيون ٿا ته مائن جي ڳلن تان ڳوڙھا گلابن جي گلن سان اگھيا وڃن!

... اسان چاھيون ٿا ته ڌرتيءَ جي ڪنھن به چانڊوڪيءَ جي اُرھن تي ڪي به ميرا پير نه رکيا وڃن ۽ ڪچين ڪنوارين اکين کي جنازن تي بيوقتو نه روئاريو وڃي!

... تون خوشبوءَ جو ٽھڪ آھين يا خوابن جي ڳوٺ جي بھار جو صبح آھين! اندازو لڳائڻ ڏکيو آھي!

... جن اکين ۾ ڇتا ڪتا ڀؤنڪندي نظر اچن، انھن مان حسن جي ڀلائي جي اميد رکڻ اجائي آھي!

... دلين کي جڏھن ديوانگي جا دورا پوندا آھن تڏھن اھي عشق جي آڱر جھلي حُسن جو ڌرم اختيار ڪنديون آھن!

... تنھنجي محبوب زلفن سان پُسيل مُنھن اگھڻ عاشقي جي ديوانگي جو عجيب تجربو آھي!

... صحرا جي سُڃ جا ڪتاب ته ڀٽڪيل ڀؤنر پڙھندا آھن!

... خوشبو ۽ حُسن جي ڪنوارپ جي ڪميڻپ ڪڍ پيل آھي، شل اھا ڪنوارپ سلامت رھي!

... مون تنھنجي مرڪن ۾ پھاڙي ڪنول ترندي ڏٺا آھن، پوءِ تنھنجين ڳالھين ۾ خودڪشي جي خوشبو ۽ سڙي مري ويل خوابن جو درد ڇو آھي؟

... تنھائي ۾ تصور چانڊوڪيءَ کي دل جي پاتل ڀاڪر جيان آھي!

... ڳوٺ جي چانڊوڪيءَ جھڙيون تنھنجيون اکيون شاعري ٿيڻ لاءِ نه واجھائن ته بھتر آھي، ڇو جو يقين ڄاڻ اھي جيڪڏھن شاعري ٿي ويون ته پوءِ گل ٽڙڻ جي عادت ئي ڀلجي ويندا.

... بي رابط موسمن ۾ ڪا سُڌ ناھي ته ڪير ڪير اَڪن جي ڦلين جا ڪتاب پڙھي ٿو!

... ڪٺل پکين جون اکيون پرديسي پرين جي ياد جھڙيون ھونديون آھن.

... ويساھن جي قبرن جا ڪتبا ٿي ويل ماڻھو دريائن جي درد جي شام ڇو ٿي ويندا آھن؟ اِھا سُڌ انھن آڱرين کي ڪڏھن به پئجي نه سگھندي آھي جيڪي محبتن جي گرمي کان محروم ھونديون آھن!

... ڇا چئجي انھن احساسن کي جيڪي پٿرن جي شھر ۾ ڇانءَ ڳوليندي سڙي ويندا آھن، ۽ شام خانه بدوشن جي خيمن جيان روح ۾ پکڙجي ويندي آھي!

... دلبريون اوجاڳن جي صفحن تي لکيل ھجن يا سوڳ جي چپن تي ليٽيل ھجن پر انھن جي وجود ۾ روح جي چانڊوڪي نه ھجي اھو ته ممڪن ئي ناھي!

... غور سان ڏس، وڻ وڻ جي پن پن تي لفظ “محبت” لکيل آھي!

... منوا! تون ڪنواريءَ ھوا جي بيخياليءَ جو تجسس آھين! زمين جي سڏ جو عجب آھين!

... مون بارش جي ڦڙي ڦڙي ۾ تنھنجي خوشبو کي گنگنائيندي ڏٺو ۽ ٻُڌو آھي!

...تو مرڪي زمين کي قرضي ڪري ڇڏيو آھي!

... جن اکين جي ننڊ چوري ٿي ويندي آھي اھي ئي ڄاڻنديون آھن ته فجر جي ماڪ ۾ پسيل گلاب بازارين جي شور کي پٺي ڏئي ڪتابن جي ورقن ۾ ڪيئن اچي پناھ وٺندا آھن، اھي اکيون اھو به ڄاڻنديون آھن ته ڊگھين اوڇنگارن جي شھرن جون دريون مري ويل ٻارن جي گھرن جي خاموشيءَ جھڙيون بيقرار ڇو ھونديون آھن!

... زمينن جا ڌرم نه ھوندا آھن، زمينن جا روح ٿيندا آھن!

... محبوبيت سان ڄڻ زنا بي الجبر ٿي ويو آھي!

... سونھن جي ڪنوارپ زخمي آھي!

... ڪم ظرفن جا پير گلابن جي جسمن تي آھن!

... ڪنھن آڏو وڪجي ڪنھن سنڌياڻي جي اگھاڙپ جو تصور ضمير لاءِ خنجر آھي، گھاءُ آھي!

... بارشون به عجيب ڇوڪرين جھڙيون ھجن ٿيون جن جي وجود ۾ عجيب بيقراري رھندي آھي!

... ڪڏھن ڪڏھن ڪنوارن ساھن جھڙي خوشبو دل ۾ ڪاھي پوي ٿي!

... اسان کي محبوب حُسن جي بقا لاءِ ڪارن ھٿن سان اٽڪڻو پوندو!

... تاريخ جون تقاضائون نرم ڇاتين تي ھٿ گھمائيندي پوريون ناھن ٿينديون انھن لاءِ رت ولوڙڻو پوندو آھي!

... وقت جي بدن جي لوڏ نظر ناھي ايندي پوءِ به اسين ان جو دل ۾ ضرور تقدس رکندا آھيون!

... حيدرآباد جي شام انتھائي حسين آھي ايترو حُسن ته اسان جي خوابن ۾ به ناھي!

... اسين انڌاري رات ۾ سرگوشين ۾ ڪيل گفتگو جي روح جھڙا ماڻھو آھيون، جن جي سرءُ ڪڍ پيل آھي ، ھوا چُپ رھي ٿي لفظ لکجي وڃن ٿا ، چُوڙيون وڄن ٿيون لفظ لکجي وڃن ٿا، ڪو وساري ٿو لفظ لکجي وڃن ٿا، چنڊ ڍنڍ ۾ تري ٿو، عشق ھانءُ ۾ ٻري ٿو لفظ لکجي وڃن ٿا.

... ڪير ڪنھن ۾ ڪيترو موجود آھي، اھي داستان ته رڳو روح جي ريگستان ۾ لکبا آھن، لفظن جا آشرم ان کي بيان ڪن سو ته ممڪن ئي ڪونھي! پگھرجي ويل پيشانين جھڙا بھار جا ڏينھن يادگيرين جو ٻيلو بڻيل رھندا آھن، اھا رُت جي ادا آھي يا محبتن جو سحر؟ ان سوال کي ھر سوچ پنھنجو رنگ ڏيڻ چاھيندي پر عاشقيءَ جي خوشبوءَ جون آڱريون بنا رک رکاءُ جي محبت جي بدن ڏي اشارو ڪنديون!

... تاريخ جي اگھاڙين ڇاتين تي وحشتن جا پير آھن، ۽ ڪليءَ ڪليءَ جو ساھ منجھندڙ آھي!

... جواڻ نياڻين جي قبرن تي روئندڙ چانڊوڪين جو سوڳ اڃان ساڳيو آھي!

... سُڃ ۾ مرندڙ مسافرن جي پيرن جا ڪتاب ڪوبه محقق نٿو پڙھي!

... سڀني طنبورن تي پنھنجون آڱريون آھن، سڀني ھٿڪڙين ۾ پنھنجا ھٿ آھن!

... ڪنھن ٻار جي ڳل تي ٿپڙ جي نشان جھڙيون ڳالھيون بھار جي مند ۾ ڪبيون ته حُسن سوڳوار ٿي ويندو!

... اچ ته اھو ورجايون ته اسان زمين جي پکيڙ جيڏا ٽھڪ ڏئي حُسن کي اھو احساس ڏياريون ته اسان ان جا محافظ آھيون!

... تون مون سان جيڪو پيار ونڊين ٿي، اُھو پيار مون لئه ھڪ اھڙو ھڳاءُ آھي جيڪو ساحل جي نرم بدن مان ايندو آھي، جھڙو ان عاشقي مان ايندو آھي جيڪا ڌرتيءَ کي به ڇانءَ سمجھندي آھي، اھڙو ھڳاءُ رڳو انھن درين مان ايندو آھي جن مان لِڪي پرين کي ڏسبو آھي، اھڙو ھڳاءُ ان مٽي مان مھڪي اٿندو آھي جنھن تي باغين جو رت ڪرندو آھي، ۽ انھن سانجھين مان اھڙو بانورو ھڳاءُ اڀرندو آھي جنھن ۾ پھريون اڪيلو تارو ڏسي ڪنھن جي ياد ايندي آھي ۽ دل مان ٽيپو ٽيپو ٿي رَت ڳڙندو آھي!

... ھن نگري ۾ اھو ڏينھن ضرور اچڻو آھي جڏھن ھوا جي الھڙ سُرن ۾ ويڙھجي ڀرت ڀريل پوتين کي لُڏي ائين چوڻو آھي ته سج اڀري چڪو آھي!

... اگھاڙن پيرن ۾ لکيل پيار جا شھر ڪڏھن به مري نٿا سگھن!

... منھنجا من! غم جا سڀ رستا پاڻ تائين اچن ٿا، سانجھين جي خوشبو جو روح ته وري به ڏيئا سمجھن ٿا، پر پاڻ کي ته نه ساحل جي ھوا سڃاڻي نه اھا رات جيڪا احساسن کان آجي آھي، درين مان چنڊ ڏسندڙ اکين جون اڪيلايون به ڏاڍيون عجيب ٿين ٿيون، جن کي پُسيل وارن جي مھڪ ۾ وھنتل ھير به نٿي سمجھي سگھي، سنڌو اڄ به انھيءَ سوچ ۾ ٻُڏل آھي ته جر تي سانجھين جو ڏيئا ٻاريندڙ انتظاريل ھٿن کي ڀٽائيءَ سُر سامونڊيءَ ڇو ارپيو آھي!
اسين اڄ به ٻيڙين ۾ ٻرندڙ ڏيئن وانگر آھيون ۽ ڄاڻون ٿا ته اُڃ جو ڪو وطن نه ھوندو آھي ، اُھي اکيون جيڪي اجڙيل باغن جي درد کي نٿيون سمجھن سي اھو ڪيئن ٿيون ڄاڻي سگھن ته نئين رُت ۾ ڪھڙو گل ڇڻيو آھي؟ ۽ ڪير سڃي رستن تي پنھنجي خوابن جي خوشبو ڪنھن لاءِ ڇو ڇڏي آيو آھي؟
اسين تصورن جي موسم ۾ ڪيئن جيئون ٿا! اھا خبر ته ان شھر جي بيحس گھٽين کي به ناھي جن گھٽين ۾ اسان جا پيار اڄ به پيرن اگھاڙا آھن!