ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

بارش سوچي ٿي

ھِن ڪتاب ۾ ٻيو ڪجھه آھي يا ناھي! ان جي ڪا خبر ڪانھي! بس اِھو ضرور آھي ته ھنن ورقن ۾ اھي راتيون روپوش ٿي اچي لڪيون آھن جن راتين ۾ شھر ۽ ڳوٺ ته سُمھندا آھن، پر عاشقيون جاڳنديون آھن! ھِن ڪتاب ۾ انھن مفلس مزدورن جي آڱرين جو يتيم ٿَڪ ڊوڙي اچي سُتو آھي، جيڪو ٻاھر جي ماحول ۾ سدائين شمشان گھاٽن جي چتائڻ جيان ٻَريو آھي! ھِن اداس ڊائريءَ ۾ انھن پکين جا خالي ٿيل آکيرا به اچي اٽڪيا آھن، جن جا پکي اڏامندي مارجي چُڪا آھن! ھن ڊائريءَ ۾ گلاب تمام ٿورا آھن، پر اھڙا ڳوڙھا بنھه گھڻا آھن جيڪي بيوس انسانيت جي اکين جي آخري پُونجي آھن! ھي ڊائري سنگبارين جي ميدانن ۾ پاڻھي لکجي وئي آھي! اُن ڪري ان جا سمورا گس به رت ۾ رڱيل آھن! ھي ڊائريءَ اونداھين ۾ سِٽ سِٽ ٿي لکجي وئي آھي اُن ڪري به ھِن ڊائريءَ – ڪتاب جو سڄو مزاج زخميل آھي!
  • 4.5/5.0
  • 6301
  • 1300
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ايوب کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بارش سوچي ٿي

گل ٽڙيو

ھوا ان کان پڇيو؛ “ڪنھن لاءِ ٽڙيو آھين؟”
گل چيو: “ھر ان اک لاءِ جنھن ۾ ڪنوارو عشق ڪَر موڙي ڪجھه چوڻ جو آرزومند آھي!”
ھوا پڇيو: “توکي ويساھ آھي ته تون آرزو جي تڪميل تائين زندھ رھندين!”
گل مُرڪي چيو؛ “عشق تڪميل تي پڄڻ جو ڪڏھن به قائل ناھي رھيو، عشق دل کي دل جي چميءَ جي ڇھاءَ جي محبوب سرگوشي جو ريشمي داستان آھي!”
ھوا اھو سوچي ڪن ڪارن ڊگھن زلفن ۾ لڪي وئي ته “عاشقن ۽ باغين کي سمجھڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھه ناھي!”

... صدين کان بيتاب ھوائن ويراڳي شامن ۾ سوين چڙا چُميا آھن، سوين سياحن انيڪ دڙا گھميا آھن، ۽ وھندڙ پاڻي جي بيقرارين اڻ ڳڻيا گھڙا ڇُھيا آھن، پر سچ اھو آھي ته روح ۽ اکين جي موھ ٿڌو ٿي ڪٿي به به سُتو ناھي، اڄ تائين پيرن پنڌ جي پڇا ناھي ڇڏي، ۽ نھارن جي سفر جي ڪابه پڄاڻي ناھي ٿي، روح جي بانسريءَ جي صدا اڃان تائين ماٺ جي ٻوڏ ۾ ناھي ٻُڏي، پوھ جي آسمان ۾ ستارن تي مسافرن جون پيل نھارون ھجن يا ڪنھن درياءَ جي ڪنٺ تي اڏيل ڪنھن گھر جي ٻاھر بيٺل ملاح ڇوڪريءَ لھندڙ سج کي ڏسي مرڪيو ھجي، يا ڪنھن گمنام شاعر جي اکين سرءُ جي آڌيءَ ۾ نئين پرڻيل ڪنوار جي مرڪ جھڙي ڪنھن ستاري کي کڙندي ڏسي ڪنھن کي ياد ڪيو ھجي! ان سار، روپ ۽ منظر کي ڪا معنى نه ھجي ڀلا اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟! ماڪ ۾ پسيل نئين رلين جھڙو ڪنوارو پيار ڪو نظم ڪو ناول نٿو بڻجي ته اھا ڪا وڏي ڳالھه ناھي ، رڻ ۾ ٽڙيل ڪنھن گل کي ڪا اربيلي نھار نٿي ڇھي ته اھو ڪو سانحو ناھي ، مند جو آر ماڻھن ۽ عاشقين جي انتظاري کي سوليءَ ڪيو ڇڏي اھا به ڪا نئين ڪٿا ڪانھي! روح جو آسمان ڪڏھن به پوڙھو نٿو ٿئي، ڪجليون ڪڪريون وسن نه وسن پر زمين آس جو سارنگ من جي ڳچيءَ مان ناھي لاھيندي! نرڙن جي لڪيرن ۾ سُتل ڀٽائيءَ جي سُر معذوري جھڙو زمانن جو درد ڇا ٿيو جو ڪنھن مصور کان اوجھل رھيو، ڇا ٿيو جو بارش ۾ ڪنھن پوڙھي ماءُ جي ڀڳل ٻانھن جو سُور ڪنھن موسيقار جي ڌُن ۾ اچي نه سگھيو! ڇا ٿيو جو ڪنھن ڌنار جي اکين پراڻ جي پوٺن تي ڪِن ڀڳل چوڙين جي ٽڪرن کي نه ڏٺو! اھو سڀ ڪو نئون الميو ناھي، جتي سپون اُس ۾ سڙن ۽ اکيون راتين ۾ ٻرن اتي اھا ڪا نئين ڳالھه ناھي! پر سچ اھو آھي ته معنى ھر شيءِ کي آھي! اھو سمجھڻ گھرجي ته عشق، سچ ۽ سفر، معنائن جا محتاج ناھن ھوندا، چانڊوڪين جھڙيون معنائون جن جو روح ھجن، اھي سفر اجايا ناھن ، اھي ته گلابن جھڙا آھن!

... ڪتاب ۽ ڪفن جي خريداري ۾ فرق اھو آھي ته ڪتاب خوشيءَ سان خريد ڪبا آھن ۽ ڪفن مجبوري ۾ وٺبا آھن!

... عشق فقط اُھو انسان ڪندو آھي، جنھن کي پنھنجي وجود ۽ ٻئي انسان جي وجود جو ھوش ھوندو آھي، جنھن کي پنھنجي ۽ ٻئي جي وجود جو ھوش ناھي ھوندو اُھو عشق ڪري ئي نٿو سگھي!

... چيس؛ “چانڊوڪيون راتيون آھن! نٿي اچي سگھان، چنڊ لڪي ته پوءِ توکي اچڻ جو چونديس!
مون چيٽ جي پوري اڀريل مدھوش چنڊ کي ڏٺو، منھنجي مَن ۾ کِل ڪاھي پَئي! ڇو جو مدھوش چَنڊ مون کي جوڳين جي قبيلي جو سردار مُکي ڪرمون جوڳي لڳو، جنھن جي ھڪڙي عقابي نھار ڪنوارين جوڳياڻين جو ھانو ڏڪائي وجھڻ لاءِ ڪافي آھي!

... انيڪ اکيون اُميدن سان ھونديون، جيڪي لڙڪن جا ڪچا ٻار ڪيرائينديون رھنديون آھن!

... ھي جيڪي سختين جا سفر آھن،
سي ڄڻ ته بڊي جا ڪڪر آھن!