زندگي ... سج جي ٻرندڙ گولي ھيٺ نڌڻڪي زندگي ان چريءَ جو اُھو اجھاميل بدن آھي، جنھن کي ڪنھن جنسي جنوني ڪنھن رات ۾، يا خاموش نٽھڻ اُس ۾ ڪٿي ننگو ڪري لٽيو، تار تار ڪيو ھجي! ھا، زندگي اڻ ڄاڻ شھر ۾ کيسو ڪٽجي ويل ان اداس باضمير ماڻھو جي اُھا اداس رات آھي جيڪا ھن ڪنھن پليٽ فارم تي بکيو سُمھي روئندي ۽ بيوسي ۾ گھاري ھجي! زندگي ٻيو آھي به ڇا!