ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

بارش سوچي ٿي

ھِن ڪتاب ۾ ٻيو ڪجھه آھي يا ناھي! ان جي ڪا خبر ڪانھي! بس اِھو ضرور آھي ته ھنن ورقن ۾ اھي راتيون روپوش ٿي اچي لڪيون آھن جن راتين ۾ شھر ۽ ڳوٺ ته سُمھندا آھن، پر عاشقيون جاڳنديون آھن! ھِن ڪتاب ۾ انھن مفلس مزدورن جي آڱرين جو يتيم ٿَڪ ڊوڙي اچي سُتو آھي، جيڪو ٻاھر جي ماحول ۾ سدائين شمشان گھاٽن جي چتائڻ جيان ٻَريو آھي! ھِن اداس ڊائريءَ ۾ انھن پکين جا خالي ٿيل آکيرا به اچي اٽڪيا آھن، جن جا پکي اڏامندي مارجي چُڪا آھن! ھن ڊائريءَ ۾ گلاب تمام ٿورا آھن، پر اھڙا ڳوڙھا بنھه گھڻا آھن جيڪي بيوس انسانيت جي اکين جي آخري پُونجي آھن! ھي ڊائري سنگبارين جي ميدانن ۾ پاڻھي لکجي وئي آھي! اُن ڪري ان جا سمورا گس به رت ۾ رڱيل آھن! ھي ڊائريءَ اونداھين ۾ سِٽ سِٽ ٿي لکجي وئي آھي اُن ڪري به ھِن ڊائريءَ – ڪتاب جو سڄو مزاج زخميل آھي!
  • 4.5/5.0
  • 6301
  • 1300
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ايوب کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بارش سوچي ٿي

آڱريون

... آڱريون تنبوري جي تارن، بانسري جي بدن، سازيني جي سيني تي سُرن ته سُرن جي برکا رقص ڪري!
آڱريون رول ٻارن وانگي ڪنھن مينھوڳي مند جھڙي حسين ريشمي بدن جي گھٽين ۾ رُلن ته سرور جون ڪيتريون ئي ساعتون اکين جي ڏيھه ۾ لھي اچن!
آڱريون ڪن ڪاري رات جھڙن زلفن کي سنوارين ته پيار جا سمورا پل امرتا ماڻي ويھن!
آڱريون ڪينواس جي آڳر تي رنگ ۽ برش جو ساٿ سجائن ته ڪيترائي شھڪار جنم وٺيو پون!
آڱريون، ٽِڪن ۽ داڳن جو ميل مچائن ته ڪائنات جي اکين ۾ صبح ڦٽيو پوي!
آڱريون ڪو الزام بڻجي سامھون کڄن ته پيار جي آرسي تي غم جا پاڇا لھيو پون!
آڱريون ڪا آٿٿ بڻجي اکين جا لڙڪ اگھن ته زندگي جي اوگھڙ ڍڪجيو پوي!
آڱريون، آڱرين ۾ اچن ته درد وسريو وڃن!