شاعري

تـنهنجي وئي کان پوءِ

هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
Title Cover of book تـنهنجي وئي کان پوءِ

تعارف

[b]حبيب ساجد جو تعارف
[/b]
حبيب ساجد شاعر آھي. اھو شاعر جنھن لاءِ جرمن ليکڪ ھرمن ھيس چيو ھيو تہ ”شاعر جي خوابن ۾ اھا سندرتا ۽ شائستگي ھوندي آھي، جنھن جي ڳولھڻ ۾ اسان ناڪام ويندا آھيون“
حبيب ساجد جي واين ۾ زندگيءَ جا ڀرپور اولڙا آھن، جن کي ڳولھڻ ۾ پڙھندڙ ڪوشش ڪندو تہ ناڪام نہ ويندو.

آدرش
شڪارپور 18 ڊسمبر 1992ع


[b]ابراھيم کرل جو تعارف
[/b]
ابراھيم کرل خيرپور جي ھڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ جواني ڀيڙو ٿيو ۽ شروعاتي تعليم منھنجي ڳوٺ ۾ ئي پرايائين.
شاعريءَ جو ھي ڪتاب سندس پھرين اڏام آھي. سندس نج ٻھراڙي جي ماحول ۾ نپجڻ ڪارڻ، سندس ٻوليءَ ۾ ڏاڍو مٺاس آھي. جنھن مان ٻھراڙيءَ جي سادگي، پيار ۽ پاٻوھ صاف نظر اچي ٿي. سندس شاعريءَ ۾، لفظن ۾ جملن جي جوڙجڪ سندس ئي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا. ابراھيم کرل شاعرن جي کيپ ۾ نئون نالو ضرور آھي پر ذاتي طرح سان ادبي اميدون وابسطہ ڪري سگھان ٿو. ابراھيم ۾ محنت. ڪوشش، شوق ۽ ادب سان انسيت جو عمل دخل آھي، سندس لاءِ دعا آھي تہ شاعري ۽ ادب ۾ پاڻ موکيندو.

منظور خاموش
خيرپور 30 ڊسمبر 1992ع

[b]علي عابد جو تعارف
[/b]
جڏھن بہ توھان ڪو اھڙو شخص ڏسو، جيڪو ڳالھائيندي ڳالھائيندي چُپ ٿي وڃي ۽ ڇرڪ ڀري ٻيھر ڳالھائي ! جنھن جي اکين کي ڏسي لڳي تہ اھي اکيون ناھن، ٻہ پيِڙا ورتل ڏک آھن، جنھن جي چھري جي نماڻائي امالڪ ابھم ٻار جي ياد ڏياري ڇڏي، جنھن جي وجود کي ڏسي اماس رات ياد اچي وڃي، سمجھو تہ اھو ماڻھو علي عابد آھي.
علي عابد، تنھنجي وجود جي سادگي ۽ لھجي جي سچائي ٻڌائي ٿي تہ ڊگھو سفر ڪرڻ وارو آھين. ٻيو ڪو تنھنجو ساٿ ڏئي نہ ڏئي پر تنھنجي پريميڪا، تنھنجي شاعري تو ساڻ ھلندي.
اسان سڀ جيڪي توکي ۽ تنھنجي شاعريءَ کي پڙھڻ چاھيون ٿا، جيون جي ھر موڙ تي دُعا جا ھٿ کنيو بيٺا ھونداسين. تنھنجي ھي ننڍڙي ڪاوش اسان سڀني کي قبول پئي آھي.

تسليم منگي
خيرپور 30 جنوري 1993ع