مهاڳ:
اڃان جيئندس مان...
(حبيب ساجد جون وايون)
حبيبَ جي چاهنا ته آءٌ سندس وائين تي لکان، سوبه هڪ پيج !، جيڪو مون (سيکراٽَ)جي لاءِ ڪنهن مونجهاري کان گهٽ نه آهي. مون لاءِ نثر لکڻ ايئن آهي، جيئن صليب تي ٽنگجڻ.
آءٌ حبيب جي وائين تي گهڻو ڪجهه لکڻ چاهيان پيو، پر (هاءِ، هيءَ هڪ پيج جي پابندي)، آءٌ مجبورن سراجَ جا ڪجهه لفظَ هيٺ نقل ٿو ڪيان.. ”ادبَ ۽ شاعريءَ جو هڪڙو ڪارج اهو به آهي ته پڙهندڙ ان تي سوچيندو رهي ۽ ان ۾ ڪردار بڻجندو رهي.“ (مهاڳ ـ چنڊ چنبيليءَ ول).
... ۽ آءٌ سمجهان ٿو اهوئي ڪارج آهي، جو ڪنهن به تخليق لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو ۽ اها خوبي حبيبَ جي وائين ۾ گهڻي ملي ٿي، مثال ڏيندس ته ڳالهه هڪ پيج کان وڌي ويندي، اهو سٺن پڙهندڙن تي آهي ته هو ڪيترو سوچي سگهن ٿا ۽ پاڻ کي ڳولهين ٿا. مهان ڪوي شيخ ايازَ چيو آهي ته نثر هلڻ جيان آهي ۽ شاعري نچڻ جيان ... ۽ منهنجو تَن ـ مَن، شعورـ لاشعور حبيبَ جي وائين سان گڏ گڏ نچي رهيو آ ۽ آنءُ ننڊ ـ جاڳَ ۾ مسلسل ان ۾ ڪردار بڻجي رهيو آهيان.
اسد عباسي
نئون پِنڊ ـ سکر.