شاعري

تـنهنجي وئي کان پوءِ

هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
Title Cover of book تـنهنجي وئي کان پوءِ

هڪڙي نئين اڏام ...

هڪڙي نئين اڏام ...

لفظَ، هونئن ته بي معني هوندا آهن، پر تخليقڪار جي سوچَ جي هٿن جي ڇُهاءُ سان با معني ٿي پوندا آهن، ايئن جڏهن شاعر جي ذهن ۾ خوبصورت اکرن، احساسن ۽ موسيقي جو ميلاپ ٿيندو آهي، ته شعرَ جنم وٺندا آهن. سگهاري خيالَ وارا، رڌم سان ڀرپور شعرَ.
فني حوالي سان ڪجهه ناپختگيءَ جي باوجود، نئين ٽهيءَ جي شاعري پنهنجي فڪري سگهه، نون منفرد خيالن ۽ گهاڙيٽن سبب ساراهڻ جهڙي آهي. شاعرن جي هن تازي تواني کيپَ ۾ ڪيترا نه لنوائڻ جهڙا نالا آهن ۽ اهڙا به جيڪي مٿائين اڏامَ لاءِ پنهنجا پرَ ساهي رهيا آهن. ابراهيم کرل به اهڙو ئي هڪ پکيئڙو آهي، جنهنجي سامهون تخليقي ـ اڀ جون وسعتون آهن ۽ گهڻو وقت پري تائين اڏامڻ جو عزم به، جنهنجا عڪسَ اسان کي، سندس وائين ۾ گهڻن هنڌن تي نظر اچن ٿا.
وائي، جي ڪلاسيڪل صنف، نئين وائيءَ جي روپَ ۾، نظم ۽ غزل جيان اڄ جي مقبول صنف بڻجي وئي آهي. نئين ٽهيءَ جا لڳ ڀڳ سمورا شاعرَ، وائيءَ جي ان نئين رنگ ۽ روپَ کي پنهنجو ڪري چڪا آهن. ابراهيم کرل نه رڳو سندن ساٿ ڏنو آهي، پر وائين جي هن گڏيل ڪتابَ ذريعي هن تخليقي عمل ۾ پنهنجي پتي به ڳنڍي آهي. جنهن کي اوس اڳتي وڌندو رهڻو آهي، ۽ پنهنجي تخليقڪار کي مالامال ڪرڻو آهي.

اياز گل.