شاعري

تـنهنجي وئي کان پوءِ

هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
Title Cover of book تـنهنجي وئي کان پوءِ

تنهنجي شاديءَ رات،

تنهنجي شاديءَ رات،
سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.

تنهنجو ناءُ کڻي کڻي،
ڏنگَ هنيا جو ڏاتِ ،
سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.

منهنجي پرينءَ جي جڏهن،
کنئي وئي باراتِ،
سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.

”خوشبوءَ جي سنگ سنگ“ نظم،
وڳو پئي اڌ ـ راتِ ،
سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.

منهنجي لڙڪن کي چُمي،
پڌري ٿي پرڀاتِ،
سپنا، نيڻ وڃائي ويٺا.
***