شاعري

تـنهنجي وئي کان پوءِ

هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
Title Cover of book تـنهنجي وئي کان پوءِ

ڪنهن لئه ڪرين پئي،

ڪنهن لئه ڪرين پئي،
اڃان اوجاڳا !

موٽي مور نه ايندي،
هيءَ جا ويلَ وئي،
اڃان اوجاڳا !

ڪراچيءَ جي ڪوسَ جي
هن جا ڳالهه ڪئي،
اڃان اوجاڳا !

ڏسي پيار ڪندي،
ماريئون راتِ ٻئي،
اڃان اوجاڳا !

ڪينجهر کان ڪارونجهر،
ٿي آ سانت وئي،
اڃان اوجاڳا !
***