شاعري

تـنهنجي وئي کان پوءِ

هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
Title Cover of book تـنهنجي وئي کان پوءِ

کڻندي خوفَ ٿئي،

کڻندي خوفَ ٿئي،
اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

هرڪا خبرَ، ڄڻ ته ٿي،
دهشتَ ڦهلائي،
اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

سُرخين جي سوڙهه ۾،
چاهتَ پئي چِٿِجي،
اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

اٺن پنن پيجن تي پئي،
ڪيڏي باهه ٻري،
اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

ڪالمُ، ڪاش ڪوئي
پيارَ جو به هجي،
اخبارون ڊيڄارن ٿيون.

***