شاعري

تـنهنجي وئي کان پوءِ

هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
Title Cover of book تـنهنجي وئي کان پوءِ

تنهنجي وئي کان پوءِ،

تنهنجي وئي کان پوءِ،
منهنجي جيونَ جا،
ديپَ اجهامي ويا.

مون ته يَڪو پئي ڳولهيو،
ٿڪجي، رستن جا،
ديپَ اجهامي ويا.

توڏي ايڏا خَطَ لکيم،
منهنجي نيڻن جا،
ديپَ اجهامي ويا.

دُور رنيون شرنائيون،
آخر، سپنن جا،
ديپَ اجهامي ويا.
***