شاعري

تـنهنجي وئي کان پوءِ

هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
Title Cover of book تـنهنجي وئي کان پوءِ

الا ! ايئن نه ٿئي،

الا ! ايئن نه ٿئي،
پَن پَن ٿي وکري،
منهنجي جيونَ ـ ڊائري.

پئي هر هڪ پيجَ تي،
توکي ياد ڪري،
منهنجي جيونَ ـ ڊائري.

مون کان ڀي وڌ، اي پرين !
توکي ٿي ڄاڻي،
منهنجي جيونَ ـ ڊائري.

هرڪو هتڙي، اوپرو،
مون سان بس، آهي،
منهنجي جيونَ ـ ڊائري.

ڪاش، ائين جي ٿي پوي،
پرين ، پاڻ پڙهي،
منهنجي جيونَ ـ ڊائري.
***