شاعري

تـنهنجي وئي کان پوءِ

هي ڪتاب سنڌ جي ٽن خوبصورت شاعرن حبيب ساجد، ابراھيم کرل ۽ علي عابد جي واين جو مجموعو آھي. ممتاز بخاري لکي ٿو:
”حبيب ساجد، ابراهيم کرل ۽ علي عابد پنهنجن جذبن، اڌمن، احساسن ۽ امنگن جي عڪسن کي لفظن جي رنگن سان ڪاڳرـ ڪئنواس تي آڻين ٿا ته وايون روپ وٺن ٿيون. انهن وائين کي توهان تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ٿئي پئي، ڇوته، هي اسان جا اهي شاعرَ آهن، جيڪي سُڀان ڏات ۽ قلم جي آڌارَ تي جيون تي چڙهيل دَز لاهيندا. “
Title Cover of book تـنهنجي وئي کان پوءِ

جڏهن به تنهنجا خطَ پڙهياسي،

جڏهن به تنهنجا خطَ پڙهياسي،
نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا،

ٽِشو پيپر تي چِٽيل هئا،
تنهنجا ڳاڙها چَپَ چمياسي،
نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا،

رُلي رُلي شهرُ، جيئن جو،
تنهنجي گهٽيءَ منجهه پُڳاسي،
نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا،

سالن کان پوءِ، پنهنجي هٿن ۾ ،
تنهنجا ٿڌڙا هَٿَ وتاسي،
نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا،

پنهنجي ڊائريءَ ۾ جڏهن ڀي،
تنهنجا لکيل لفظَ ڏٺاسي،
نيڻَ اسان جا آلا ٿي ويا.
***