مهاڳ: ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جو شاعر
خير، زاهد شيخ جي هن ’گيت-گلدستي‘ تي ڪجهه لکڻ لاءِ پياري انعام شيخ مون کي اُتساهيو. ۽ هي آئون..جيڪو هاڻ ڀانت ڀانت جي خفن ۾ وڪوڙجي چڪو آهيان. خوشي سان..خوشيءَ جي هنن گيتن کي گلي سان لڳائي، گهر جي ٽئبل تي اچي ويٺو آهيان. ۽ ذهن تي زور ڏيئي چپن ۾ دهرايان پيو... زاهد... زاهد... زاهد ۽ ياد آيم گهڻو گهڻو اڳ سندس ڪيترائي مشهور گيت، مون مختلف سُريلن آوازن ۾ اڪثر ٻڌا.. ٻڌا ڇا! انهن کي راڳين سان گڏجي جُهونگاريو به.
....نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي
....اسان جي سڏ ۾ آ سڪ سائين
....ڏک جا ڏينهڙا ڏوري وڃبا
....نانءُ تنهنجو لکيم دل مٿان
.....اسان هجئون نه هجئون
....ماروئڙا ھي جهانگيئڙا دلدار بھ منهنجا
۽ ڪيڏا نه سٺا سٺا ۽ نوان نوان لڳندا هئا مون کي اهي گيت، يعني انهن جي شاعري موسيقي ۽ منفرد مکڙا. معنيٰ زاهد جا گيت، هوائن... فضائن ۽ دشائن مان، مون ڪنايا پهرئين ۽ انهن جي سهڻي شاعر زاهد سان مليس... بلڪ ڏٺم کيس پوءِ... پر ڪٿي؟ خيرپور ميرس جي پنج گلي چوڪ جي آس پاس. ۽ اهو 1992ع ۾ او اُن وقت جڏهن ان شهر جي ريڊيو اسٽيشن تي منهنجي پوسٽنگ ٿي هئي، بطور سينيئر پروڊيوسر! زاهد سان، اها منهنجي هيلو هاءِ... عزيزم مختيار ملڪ ڪرائي هئي. تڏهن زاهد مون کي بلڪل سادو سودو لڳو. سانورو بانورو... جوان، بلڪ ڦوهه جوان... پر زاهد سان بس خيرپور ۾ منهنجي اها ايتري ئي ملاقات ٿي. بنهه واجبي ۽ سرسري. يعني صرف هينڊ شيڪ... زاهد مون کي ڍنڍ وانگر گِهرو لڳو... ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ايئن گم: ”جيسي خوشبو پهول مين!“ معنيٰ زاهد مون کي وڻيو. پر افسوس خيرپور ۾ رهڻ واري پوري سال دوران، خواهش هوندي به، نه مون ڪڏهن ڪوشش ڪئي ۽ نه هن ئي مون سان هلي ملي ڪڏهن اچي ملڻ لاءِ سوچيو. ها! هڪ ڀيري مون هي ضرور سوچيو، ته خيرپور جي مارئي ريسٽارنٽ يا پنج گلي چوڪ واري ڪنهن ٻاڪڙا هوٽل جي سفيد سنگ مرمر واري ٽئبل تي ويهي زاهد کان سندس ڪي گيت ٻڌان ضرور... پر الاس! اهڙو ڪو موقعو آيو ئي ڪونه. هاڻي سندس هڪڙي گيت جي هن سٽَ تي نظر پئي اٿم ته اها ته صفا جهڙو منهنجي ئي حسبِ حال پئي معلوم ٿئي.
جو به ٿڌيءَ دل وارو آهي، منهنجو جاني آ
جو به سڙي ٿو سڙندو رهندو مرندو ساڙن ۾
اسان جا
پنڌ پهاڙن ۾!
منزل پنهنجي ڏور آ ڏاڍي لاهن چاڙهن ۾
خير، سوچيان پيو... ڇا ٿي پيو؟ زاهد سان منهنجي خيرپور ۾ اها روبرو ملاقات، برابر ته اڌو گابري ئي ٿي هئي، پر سندس گيتن جو ڀريو تريو گلستان... ’مهاڳ‘ بهاني ئي سهي، منهنجي جهوليءَ ۾ اچي جو پيو آهي. ۽ اجهو ان جي هڪ هڪ گل، هڪ هڪ گيت تي نظر وجهندو پيو وڃان ته شاعر وانگر ئي، شاعر جي لفظن ۾، پاڻ کي اطلاع به ڏيندو ٿو وڃان.
شيخ اياز، بخاريءَ کانپوءِ زاهد شيخ به آ
جنهن جو سڏُ پڳو آ سنڌ جي اوڙن پاڙن ۾
هونئن هند-سنڌ جي شاعراڻين صنفن ۾، هيءَ گيت صنف، شئي ڪهڙي قسم جي؟ ۽ ڇا ان جي اوقات ۽ اِتير پِتير؟ توبهن ڪريو سائين... اهڙي اوک ڊوک، پاڻ کان نه پهتي آهي، نه پهچندي. هونئن اهڙي جانچ جونچ جي ڪوشش ڪريان به ڇو؟ جو ان ڏس ۾... ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ دفترن جا دفتر اڳي ئي ڀريا جو پيا آهن. ها! گيت صنف منهنجي آڏو ڇا؟ ۽ ان جو مختصر جواب هي، ته گيت صنف... جهڙي صنفِ نازڪ! هونئن منهنجي محبوب شاعر... گُرو بابا... نارائڻ شيام ان نازڪ نفيس... صنف بابت، جيڪو ڪجهه چيو آهي. اهو ئي هن صنف لاءِ منهنجي پاران به سَنَدَ ئي ڀانئيو. ڇا چيو آهي شريمان نارائڻ شيام!؟ اجهو هي ته: ”گيت آهي ڪنهن دلي ڪيفيت جو اظهار گيت جي جوت، ٻڌندڙن جي اندر جي ڪنڊ ڪڙڇ روشن ڪري ڇڏي ٿي. ان ڪري ئي گيت ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي دل جي ئي ڳالهه معلوم ٿيندي آهي. هونئن گيت ڳائڻ جي ئي چيز آهي. ۽ سندس لاڳاپو دل سان آهي. اُن جي ٻولي رسيلي، سرل، سهڻي ۽ جذباتي هئڻ گهرجي. ٻيو ياد رکڻ گهرجي ته هر ڪو شاعر، گيتڪار ٿي ئي نٿو سگهي. هي ڏات ۾ ڏات آهي... سا جنهن کي عطا ٿئي.“
مبارڪ زاهد..!! کينئلداس فاني، هري دلگير، شيخ اياز نياز همايوني، استاد بخاري، گورڌن ڀارتي، برده سنڌي، تنوير عباسي، قيوم طراز، امداد حسيني، مير محمد پيرزادو، راشد مورائي ۽ ماڻڪ ملاح وانگر، گيت لکڻ، يعني گيت چوَڻ جي اهڙي ڏات توهان ۾ به آهي بابا. ۽ اهڙي؟ جو بي حد و بي حساب!.
ڪنهن چيو هو، شاعري رقص آهي، موسيقي آهي، ردم آهي، تال آهي ۽ هر پابند... يا منظوم صنف ۾ ’تاڪ ڌنا ڌن‘، هجڻ لازمي آهي. پر گيت ته شاعريءَ جي اهڙي صنف! جنهن ۾ ردم ۽ ترنم جيترو گهڻو ۽ منجهس سنگيت سوايو ڀريل هوندو، اهو گيت اوترو ئي جلد هِردي ۾ لهي ويندو. ان ڏس ۾ زاهد وٽان اٿندي ئي پهريون هي مثالي مکڙو:
ناڌن ڌنا
تال وڄي ٿو
ناڌن ڌنا
تين تال ۾ رنگ ڀري ٿي، پياري ناتن تنا
يا
سونهن ۾ رهندو ساهه
اسان جو
سُونهن ۾ رهندو ساهه
پنهنجي اجري اندر جو آ، چانڊوڪيءَ سان چاهه
هلڪو سلڪو ٺاهه نه پنهنجو ٺاهوڪو آ ٺاهه
سونهن ۾ رهندو ساهه اسان جو سونهن ۾ رهندو ساهه
مجموعي طرح سان سنڌي شاعري جو جائزو وٺبو ته اسان جي ڀٽائي صاحب جي ساري شاعري، عورت جي واتان چوُرايل آهي، ۽ ان جو مجموعي تاثر گيت نما ئي معلوم ٿئي ٿو، توڻي جو ان ۾ انقلاب به آهي... رومينس... مزاحمت ۽ گڏوگڏ هي اطلاع به ته ”آسڻ جن اريج، تن جي وهُه جو ور نھ ٻيو“. سنڌ! اسان جي هيءَ ڌرتي... يعني ڀٽائي صاحب جو آسڻ... هزارين سالن کان، ڌارين جي يلغار هيٺ رهيو آهي. اهڙن ”پَر ٻاهرَين“ تي، زاهد جي به ته نظر آهي ۽ باقائده آهي... ڀٽائي صاحب، ماروئڙن، جهانگيئڙن سان وچن پاڙيندي، ڌارين لاءِ ”ڌُريائي ڌاريا“ جو اصطلاح ٺاهيو. زاهد جو رد عمل ڏسو، هو ماروئڙن، لاءِ چوي پيو.
ڏاڍا جيءَ ڏکايل آهن، ايذايل ايذايل آهن
جنت جهڙي پنهنجي ڌرتي ”واڳن جي آ وات“
نگر ۾
ڪيسين رهندي رات!
’ڌرتي‘ کان پوءِ ’سرتي‘ لاءِ به جان کڻي جو زاهد وٽ ڏسان، ته ان لاءِ اڳوڻن القابن، او منهنجي مٺڙي... سجني... ۽ سانوري بانوريءَ بدران، هن لفظ ئي نوان گَهڙيا ۽ ايجاد ڪيا آهن. جيئن مثال طور ”جادوگرڻي“... ”پوپري“...”جوڀن جي هرڻي“... ۽ انهيءَ گيت ۾، زاهد جون هي ٻه اعليٰ تُڪون به، ڇا ته مترنم... ڄڻ تارؤن تار ڪينجهر ۾ هوا جي رُخ سان سڙهه واري ناوَ، پاڻيءَ تي ڌُوڪندي، ترندي پئي وڃي.
منهنجي پيار جي ٻيڙي هر پل توسان آ ترڻي
منهنجي من ۾ ٻاري وئي آن چاهت جي ٻرڻي
ڳالهه ته زنده رهڻي آهي، ڳالهه نه آ مرڻي
ايئن زاهد جي هيٺين گيت ۾ وري ڏسو... ڇا ته ڌرتيءَ، سرتيءَ، رومانس ۽ انقلاب جي گونج هن اُڀاري آهي:
سوئي ماڻهو عشق اڏيءَ تي سر گهوريندو آ
جيڪو هوندو آهي ڪنهن جي محبت جو موهيل
ويچاري... ڪُوڪُي ٿي ڪويل
زاهد جي هنن گيتن جو هڪ ٻيو پهلو، هي به، ته ڪي گيت هن عورت واتان ته ڪي وري مرد جي واتان چَورايا آهن. اردو گيت ۾ مون عورت واتان اڪثر ههڙا ٻول ئي ٻڌا هئا:”ڪلي ڪلي منڊلائي، ڀنؤرا... بات بني اڙ جائي“ زاهد جي گيتن ۾ هيرو... هيروئن... مرد... عورت.. ۽ نائڪ... نائڪا، ڪيڏا نه ”باوفا“ ٿا نظر اچن. مثال طور گيت ’جوڳياڻي‘۾... جوڳياڻي صاحبه جو اظهار ڪيڏو نه پُروقار ۽ باوقار ٿو معلوم ٿئي:
جهڙي آهيان تنهنجي آهيان، توکي ٿي چاهيان
تنهنجي پيار جي مُرليءَ منهنجو من آ جهومايو
هر مرليءَ تي ناچ نچڻ واري نچڻي ناهيان
مان جاني
جوڳياڻي آهيان
ايئن مرد جي واتان گيت ۾ وري ڏسو ته نائڪ ... يا هيرو... پنهنجي سجنيءَ جو هٿ پڪڙي خوبصورت لوڪيشنز مان ڳائيندو، جهومندو، چوندو پيو وڃي:
جنت جهڙو بنجي ويندو جيون جو هر پل
هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
او گوري
هٿ ۾ هٿ ڏئي هل
ته مون چيو پئي ته زاهد جي گيتن ۾ جتي ڌرتي آهي، سرتي آھي، موسيقيت، خيالن، لفظن، تشبيهن جو جادو آھي... اتي هڪڙي پاسي، هُن ڪلاسيڪل شاعريءَ ۽ رومانوي ثقافتي استعارا به چونڊي چونڊي پنهنجي ورثي سان وارثيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. جيئن مثال طور ’ساري ٿو ڀنڀور سسئي کي‘... ’اڄ ڪا مومل‘... ’اڄ ڪا سسئي‘... ’پيار پنهل جو‘...’جهنگ جبل‘... ’ڀٽ ڌڻيءَ جي ڌرتي‘... ’منهنجي ٻولي‘... ’شاهه لطيف‘... ’سچل سامي‘...’شاهه عنايت‘،’بيدل بيڪس‘، ’سورهيه ٻچڙا‘، ’مست ملنگ‘، ’ٿر بر‘، ’جهنگ جهر‘، ’هاري ناري‘، ’مور جي ٽور‘، ’جوڳي‘، ’جادوگر‘، ’مال وند مارو‘، ’سهڻي‘، ’مومل مارئي‘، بي شڪ زاهد جي گيتن ۾ اهي سڀ رنگ به، هن جي گيت-آسمان ۾ ستارن وانگر جرڪندا نظر اچن ٿا. پر زاهد جي لفظ-لهرن ۽ سٽن جي سنگهرُن ۾ تجنيس حرفي به ڪمال جي آهي... جيئن ’ماٺ مٺيءَ ۾‘... ’مسافر مست ملنگ‘.... ’رنگ رچن البيلا‘.... ’عشق اکر ۾‘... ’پاڻ سفر ۾‘... ’ڪُوڪي ٿي ڪويل‘... ۽ ايئن زاهد جي احساسن ۾ شدت به ڏاڍي ٿي محسوس ٿئي. يعني هو جيڪي جيڪي سچوئيشينز ٺاهي ٿو... گيت پڙهندي انهن منجهان آواز به چِٽا پِٽا ٻڌڻ ۾ ٿا اچن... ان ڏس ۾ هو جڏهن چوي ٿو ”دانهن جو آ شور“ ته دانهون بلڪل ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن... يا هو جڏهن لکي ٿو... ”يادن جو گجگوڙ“... ”دل جون دانهون“ يا لکي ٿو ته ”ڌرتي ڌڙڪي ٿي“... ”ڇم ڇم،ڇم ڇم“ ته پڙهندي يڪدم لڳي ٿو، ڪا سوهڻي منَ موهڻي ڇير ڇمڪائيندي، ڀرمان لنگهيو پئي وڃي.
گيت ۾ موسمن ۽ سناٽن جون ڪيفيتون بيان ڪرڻ تي به زاهد کي ڇا ته دسترس آھي... آڌي رات جي پراسرار پهر کي هو هيئن ٿو بيان ڪري:
ساري ساري رات وڻن تي، ماڪ آ خاموشي
شهر غمناڪ، آ خاموشي
يا هن وٽ خزان جو منظر ڏسو:
پن ڇڻ واري مند وڻن جا پتا ڇاڻي ٿي
اداسيون ڪيڏيون آڻي ٿي
زاهد جي هن گيت ”ڦلواري“ جو واس وٺندي، انهيءَ مان رخصت ٿيندي ٿيندي، دلي دعا ٿو گهران، ته شال، زاهد جو هي شعري سفر شال جاري و ساري رهي، هو گيت لکندو، جهونگاريندو ۽ ڳائيندو رهي ۽ اسين هن سان هم آواز ٿي... سدائين سدائين چوندا رهون.
تنهنجي گيتن لاءِ وڏي آ جاءِ، دلين ۾ زاهد
کول چپن کي، کول کپن ٿا ٻول مٺا ٻاجهارا
او منهنجا پيارا
او منهنجا پيارا
[b]نصير مرزا
[/b]حيدرآباد
20.01.2016