شاعري

باغي منهنجو روح ازل کان

ھي ڪتاب صحافي ۽ شاعر ستار سروھي جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. ستار سروھي جو شعري سفر سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو اهڙو نچوڙ آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي تلخ ۽ رومانوي ڪيفيتن کي نهايت نفاست سان قلمبند ڪيو ويو آهي. ستار سروهي جي شاعري سندس سڀاءَ جيان حساس دلين ۾ گهر ڪرڻ جي تقويت سان سرشار آهي، خاص طور سندس هي نثري نظم پڻ حساس دلين جو آئينو آهن، جن کي پڙهندي هر پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪيفيت ۾ طاري محسوس ڪندو ۽ اهائي خوبي کيس ٻين کان گهڻو منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي. هونئن بہ سندس نثري نظم هر عام ۽ خاص دلين جي ترجماني ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 2146
  • 370
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ستار سروهي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book باغي منهنجو روح ازل کان

مهاڳ: باغي نظمن جو شاعر

شاعري قومن جو عام دفتر هوندي آهي ، جنهن ۾ انساني تهذيب، تمدن، قومن جي جنگين، محبتن، المين، محرومين،سورهيائي ۽ ناڪامين جا داستان لڪل هوندا آهن. اها شاعري ئي آهي، جيڪا صدين کان تهذيبن جو پڙاڏو بڻجي گونجي ٿي. قومي ڏک، قومي سانحا، قومي جشن ۽ قومي عيدون هن شاعري جي سيني ۾ دفن آهن. دنيا جي ڪهڙي به قوم جي تاريخ ۾ جهاتي پائڻي هجي ته توهان ان جي شاعري جا اسرار ڳولڻ شروع ڪيو ته اوهان کي ان قوم جا سڀ اسرار معلوم ٿي ويندا. سنڌ ان ڏس ۾ خوشنصيب آهي، جو هزارين سالن جي بحرانن ۽ ڪاهن جي باوجود دنيا جي قديم تهذيبن ۾ شمار ٿيندڙ اسان جي سنڌو تهذيب اڄ به ڪَنڌُ کڻي بيٺل آهي ۽ لاکيڻي لطيف جي سرواڻي ۾ سنڌ جا قلم ڌڻي پنهنجي شاعري جي قديم توڙي جديد معجزن سان گڏ هٿ ۾ تنبورو کڻي بيٺل آهن.
سنڌ هزارين سالن کان رت جا درياءَ پار ڪري پنهنجي موجوده مقام تي بيٺي آهي. سُمنگ چارڻ ۽ ڀاڳو ڀان کان ويندي اڄ تائين شاعرن سنڌ جي جنگ جي ميدانن جا ڪيڏارا، رزميه داستان، محبتن جا داستان ۽ سماج جي سياسي توڙي سماجي المين کي پنهنجي شاعري جو حصو بڻائي تاريخي دستاويز بڻائي ورتو آهي. لطيف سائين کان شيخ اياز ۽ شيخ اياز کان ويندي اسان جي نوجوان دوست ستار سروهي تائين شاعري هڪ ڊگهي تسلسل مان گذرندي آئي آهي ۽ شاعرن جو سماجي توڙي قومي فڪر قوم کي اڄ به رهنمائي ڏيندي محسوس ٿي رهيو آهي.
هڪ شاعر عام انسان کان تمام گهڻو مٿڀرو ۽ ممتاز هوندو آهي ۽ انهن شاعرن مان وري اهي ڪَوي /ِسرجڻهار پنهنجي همعصر دور ۾ مَٿڀرا ۽ ممتاز ٿي بيهندا آهن، جن وٽ شاعري جي پنهنجي ٻَني، پنهنجي پوک ۽ پنهنجو فصل هوندو آهي. اهي شاعر پنهنجي اسلوب ۾، پنهنجي Aproach ۾ ۽ پنهنجي wisdom ۾ ٻين کان نرالا ٿي بيهندا آهن. اسان جو هي دوست، ستار سروهي،جيڪو گذريل 20 سالن کان سنڌي ادب ۽ صحافت جي مورچي تي بيهي حالتن آڏو هٿيار ڦِٽي ڪرڻ بدران مسلسل سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.ستار سروهي جي شاعري جو هي ٻيو مجموعو “باغي منهنجو روح ازل کان” اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪو نثري نظمن تي مشتمل آهي ۽ ان کان اڳ سندس پهريون شعري مجموعو “يادگيرين جو ڪفن” 2016ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جنهن ۾ غزل، وايون ۽ هائيڪا شامل هئا.
پياري ستار سروهي سان منهنجي “چار چشمي” ڪا گهڻي پراڻي ناهي پر الاءِ ڇو 2019ع ۾ جڏهن ساڻس پهرين ملاقات ٿي ته هي مونکي پنهنجو لڳو!مونکي تمام گهٽ ماڻهو پنهنجا لڳندا آهن، ڇو ته پنهنجو فقط انهن کي ئي چئي سگهجي ٿو، جن سان جڏهن ڀاڪر پائي ملجي ته ان وقت ٻن دلين جي وچ ۾ پنهنجائپ واري هڪ خاص ڪشش محسوس ٿئي ۽ وري جڏهن اهڙن پيارن ماڻهن سان گڏ ويهي ڪچهري ڪجي ته روح سان روح ائين رلجي وڃي، جيئن ڀٽائي چيو ته “هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا”. مونکي ستار نه رڳو پهرين ملاقات ۾ ائين لڳو، پر اڃا تائين به اهڙو ئي آهي. شال دوستي جو هي ساٿ سدائين ائين ئي سلامت رهي.
ستار جا نثري نظم سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ٺهيل اهڙن پڪن ۽ ڳاڙهن ڳٽول گهَڙن جهڙا آهن،جيڪي جون جي نٽهڻ اُس ۾ به ٿڌي پاڻيءَ سان لکين اُڃايل سنڌ واسين جي نه رڳو اُڃ اجهائين ٿا، پر سندن اندر به ٺاري ٿا ڇڏين.غلام قومن جا باغي شاعر پنهنجي شاعري ذريعي پنهنجي قوم جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جا نه رڳو درد، سور، عذاب ۽ اذيتون بيان ڪندا آهن پر کين ڳچيءَ ۾ پيل غلامي جا ڳَٽَ ٽوڙي آزادي حاصل ڪرڻ جا ڏَسَ به ڏيندا آهن. ۽ اهو ڪم ستار سروهي پنهنجي نثري نظمن ذريعي ڪيو آهي.
اچو ته هيٺ ستار سروهي جي ڪجهه نثري نظمن جو فڪري ڇيد ڪڍون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته هو نثري نظمن جي ميدان ۾ ڪيئن سگهارو ۽ نرالو ٿي بيٺو آهي. مان جڏهن ڪتاب ۾ شامل سندس ٻه شروعاتي نثري نظم “اسان وٽ” ۽ “وعدن جو ٻوڙ” پڙهان ٿو ته دنگ رهجي ٿو وڃان ته ڪيئن نه شاعر سنڌ جي سمورين حالتن (جن جي نتيجي ۾ اسان اڄ به محرومين جي گهيري ۾ آهيون) جو تجزيو انهن نظمن ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن هو “ اسان وٽ” نظم اهو چوي ٿو ته:

اسان وٽ
پير بي اولادا ٿي مري ويندا آهن،
۽ ماڻهو پيرن کان پُٽ پنندا آهن.
۽ “وعدن جو ٻوڙ” نظم ۾ چوي ٿو ته:
“سڀاڻي اليڪشن آهي،
اسان ساڳين ماڻهن کي ووٽ ڏئي،
پنهنجو پاڻ کي،
گهروڙي بُجو ڏينداسين.”
اسٽيٽسڪو کي للڪارڻ جي جرئت ڪو وطن دوست ۽ سورهيه انسان ئي ڪري سگهي ٿو ۽ ستار سروهي اهو ڪم وڏي دليريءَ سان انوکي علامتي اظهار ذريعي ڪيو آهي. هن ئي نظم ۾ هو “سُڪل درياهه” جي ڳالهه ڪري درياهه جو درد به بيان ڪري ويو آهي.
ستار پنهنجي پهرين ٻنهي نثري نظمن ۾ تجريديت سان سامهون آيو آهي ۽ هن زبردست علامتي اظهار سان سنڌ جو نوحو پيش ڪيو آهي، جڏهن چوي ٿو ته “گڏهه اليڪشن وڙهندا آهن”، “ڪامورا رت پيئندا آهن” يا “ سڀ حوال ڪٽيندا آهن، جن کي گاريون ڏيندا آهن، تن کي ووٽ ڏيندا آهن.”
ستار سروهي جي پهرين نظم مان ئي ان جو احاطو ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي ته اسان جو هي دوست نوجوان شاعرن جي سُنگ ۾ پنهنجي ائپروچ ۽ فڪري سگهه سان ڪٿي بيٺل آهي؟. هن وٽ احتجاج ڪرڻ جو ڪيڏو نه حسين اظهاري رستو آهي ۽ هن جا لفظ جمود جو شڪار سياستدانن، پيرن ۽ فردسوه سياسي سماج جي حامي ووٽرن کي ڪيئن نه ڀالا بڻجي لڳا هوندا!. تڏهن ئي ته چوندا آهي ته “قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور” آهي. ستار جا مٿيان ابتدائي نظم ئي تلوارن ۽ توپن کان وڌيڪ پنهنجو اثر ڇڏيندي نظر اچن ٿا.
هڪ پورهيت جي حالتن جو عڪس ڀلا ان کان وڌيڪ ڪهڙو پسائي سگهجي ٿو. جيئن ستار لکيو آهي ته :
“بابو هَرُ ڪاهيندو آهي
امان رِليون سِبندي آهي
سِج لهندو آ
سِج چڙهندو آ.”
مٿئين نثري نظم ذريعي ستار اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ڪيترائي سِجَ اُڀري لهي ويا. اسان جي پورهيت جي زندگي اها ئي جنڊَ جي ٻن پُڙن ۾ پسيجي رهي آهي ۽ ان جي زندگي اڄ به تبديل نه ٿي سگهي آهي.
ستار سروهي جا ٽي نثري نظم “سنڌ پرست جو لاش”، “او سامراج! ۽ “خط” کنڀي گم ڪيل سنڌ جي هيروز جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اندر هن اشوءَ تي تمام گهڻو لکجي چڪو آهي ۽ لِکجي به پيو پر ستار سروهي وٽ هن موضوع تي نرالو اظهار ملي ٿو، جڏهن هو هڪ جوڌي جي ونيءَ جي هن پيغام کي عام ڪري ٿو:
“اي منهنجا محبوب!
سنڌڙي تي وارجي وڃجانءِ
تنهنجو لاش
منهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ تنهنجي پُٽ لاءِ
نئين صبح جي نويد کڻي ايندو.”
ستار سروهي جي شاعري ۾ عالمي امن جو پيغام ملي ٿو ، جڏهن هو ائٽم بم ٺاهيندڙ انسان کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته “تنهنجي ايجاد دنيا ۾ تباهي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. هاڻي ڪيترا به امن جا نوبل انعام ڏيندين، توتان اهو داغ نه لهندو.”
ستار سروهي ڇاڪاڻ ته هڪ نبض شناس جيان سنڌ جي سماج تي گهري نظر رکي ويٺل آهي، ان ڪري هن جي شاعري مان ان جي تِکي مشاهدي ۽ محسوس ڪرڻ جي طاقتور حِس جو پرتوو به نظر اچي ٿو. مذهب جي نالي تي ٿيندڙ جُٺيون، درگاهن جو ماحول ۽ تصوف جي پيغام سان ٿيندڙ هٿ چراند هن کي لکڻ تي مجبور ڪري ٿي. تڏهن ئي هي لکي ٿو ته :
“روز رات جو
لطيف جو روح
نڪري ويندو آهي ٻاهر
ڪجهه گهڙيون ساهه کڻڻ لاءِ”
لطيف سوچيندو آهي ته:
مون هِنن لاءِ پئي بيت لکيا!.”
“تهذيب” نثري نظم ۾ ستار سروهي اهو پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته رڳو پنهنجي تهذيب تي ٻٽاڪون هڻڻ بدران اسان کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي نئين سر جيئارڻ لاءِ جستجو به ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سکڻيون “بغليون” هڻڻ سان ڪجهه نه ورندو. دنيا اسان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي.
ڪنهن به شاعر جو اهو ڪمال هوندو آهي ته هو ڪهڙن مسئلن تي ڪيئن ٿو قلم کڻي؟ هن وٽ فڪر جي اڏام ڪيتري گَهري ۽ ڪيتري اُوچي آهي؟. ستار سروهي جو هي ڪتاب کوليندو ٿو وڃان ته سندس هر نثري نظم مونکي اڳئين کان وڌيڪ متاثر ڪري رهيو آهي. هر نثري نظم ۾ هڪ ڌار فلسفو ۽ هڪ ڌار اظهاري پنڌ پيچرو ستار سروهي جي اڏام کي اوچو ڪري بيهاري ٿو.
ستار سروهي وٽ جيترو قومي فڪر ۽ قومي مسئلن جو اظهار نمايان ۽ سگهارو ملي ٿو. اوترو ئي سندس رومانويت جو اظهار به پنهنجي ذات ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. جيئن هو چوي ٿو ته:
اڄ
منهنجي ننڊ جي
پهرين ورسي آهي
سال ٿي ويو آهي
تنهنجي وڇڙڻ کي
جڏهن کان تون رُٺي آهين
اکين خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن
هيٺيان نثري نظم پڙهندڙن لاءِ جيئن جو تئين پيش ڪجن ٿا ته جيئن مون جيان اهي به ستار جي هن حسين تخيل مان حِظ ماڻي سگهن.

شوخ ۽ چنچل ڇوڪريون
عشق جي پنڌ ۾
يونيورسٽي جي
وَرَ وَڪَڙ رستن تي
پنهنجا خواب وڃائي ويهنديون آهن
۽ پوءِ
سڄي ڄمار
زندگيءَ جي رِڻَ ۾
اڪيليون رُلنديون آهن



اکيون
اهي آکيرا آهن
جتي
سِج لٿي جو خوابَ
پکين جي وَلرن جيان لهندا آهن
۽ صبح جو
نين ساڀيائن جي تلاش ۾
نڪري ويندا آهن.



منهنجا اوجاڳا
وفائون
رولاڪيون
چاهتون ۽ ڀاڪُر
پنهنجي پرس ۾ وجهي
هوءَ !
الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي!



خواب ڪڏهن به پوڙها ناهن ٿيندا

اڄ هوءَ
ان ئي موڙ تي ملي وئي
جتان
20 سال اڳ وڇڙي هئي مونکان
موڙُ به ساڳيو
موهُه به ساڳيو
سندءِ اکين مان
طويل اوجاڳو
جهَلڪي رهيو هو
۽ منهنجي اکين مان پاڻي
هوءَ هڪ خواب هئي
۽ خواب ڪڏهن به پوڙها ناهن ٿيندا




خوابن جا برٿ سرٽيفڪيٽ

خوابن جا
برٿ سرٽيفڪيٽ ناهن ٿيندا
۽ ننڊ!
طويل اوجاڳن جي ڪُکِ مان
جنم وٺندي آهي
اوجاڳا وري
محبت جي طويل مسافري بنا
ناهن ملندا
تون پڇين ٿو ته
محبت مونکي ڇا ڏنو آهه؟
هيءُ ڏِس!
اکين جي آکيري ۾
ورهين کان اوجاڳيل
ڇورا ڇنا خواب!
اڄ به منهنجي ننڊ
خوابن جا ٻچا ڄڻي رهي آهي
۽ مان!
ساڀيائن جي تلاش ۾ نڪتل آهيان!



اکيون

اکيون
حسين خوابن جون....
هاسٽلون لڳنديون آهن
اهڙيون ئي هاسٽلون....
جتي يونيورسٽين جا ڇورا
ڊگريون وٺڻ کانپوءِ
پنهنجون ننڊون رکي ويندا آهن
جن جون محبوبائون
سندن اکين ۾ اوجاڳا ٽنگي
پکين جيان اُڏامي وينديون آهن.
ستار سروهي پنهنجي نثري نظمن ذريعي حالتن ۽ جمود جا سمورا زنجير ٽوڙڻ جي ڪوششن ۾ مصروف نظر اچي ٿو. هيٺيون نظم سندس ڪيفيتن جو مظهر آهي.
نه صوفي آهيان
نه سرمست
مان اڄ جو انسان آهيان
چاهيان ٿو آزادي
سوچ جي
تحرير جي
ستار جا ٻيا نثري نظم “وچن ڪر”، “چري”، “شڪاري”، “ٿرياڻيءَ جو درد”، “غدار”، “مرشد”، “فقيرياڻي”، “ڪُتي جو پُڇ”، “وڏيرو” “سچ” “پوڙهو مڙس”، “حاصلات”، “اڌڙوٽ ڪنواري جو درد” ۽ ٻيا به ڪيترائي نثري نظم سندس ڪمال جي مشاهداتي سگهه کي ظاهر ڪن ٿا. ائين لڳي ٿو ته ستار پنهنجا نثري نظم قومي فرض سمجهي لکيا آهن ۽ سندس باغي روح ۾ مون سميت سنڌ جي سمورن سڄاڻ ساٿين جون اميدون آهن ته سندس قلم جي قلب منجهان سنڌي قوم کي هميشه اهڙا ئي باغي نظم نصيب ٿيندا رهندا، جن سان اڳتي هلي سموري سنڌ ۾ڪا برهه جي باهه ٻاري سگهجي ٿي.
ستار سروهي جي شاعري “وقت جي پُڪار” آهي. هڪ انوکو احتجاج آهي. هڪ سجاگيءَ جو سڏ آهي. هڪ اعلان آهي جنگ جو، پنهنجو پاڻ سان،پنهنجي ڪمزورين سان، پنهنجي اندر سان ۽ پنهنجي دشمن سان...ستار جي شاعري ۾ هڪ پيغام آهي مزاحمت ڪرڻ جو، سوچڻ جو، اُٿي اڳتي وڌڻ جو ۽ دنيا سان مقابلو ڪري ان سان گڏ بيهڻ جو .هن وٽ سائنسي تقاضائن سان گڏ هلڻ جو فلسفو به آهي ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ قلم ذريعي مسلسل وڙهڻ جو سڏ به. مان اميد ڪريان ٿو ته اسان جو هي نوجوان دوست ۽ ان جو هي نثري نظمن جو ڪتاب سنڌ جي شهڪار نثري نظمن جي ڪتابن ۾ شمار ٿيندو. يقين سان چوان ٿو ته ستار سروهي جا نثري نظم سنڌ جي نظيمه تاريخ ۾ پنهنجي نمايان حيثيت سان نمايان ٿي بيهندا ۽ وقت ساڻس انصاف ضرور ڪندو.


[b]زاهد شيخ
[/b]ڪراچي سنڌ
03-01-2020