هڪ فيلسوف شاعر
ستار عالمگير سوچ جو سھارو وٺي ھڪ خاص مقصد يعنيٰ پنھجي ڌرتيءَ تي “سکيو سماج” اڏڻ لاءِ شاعريءَ جو گس چونڊيو. سندس قلمي پورھئي جو نتيجو سندس پهريون شعري مجموعو “يادگيرين جو ڪفن” سماج کي مليو ۽ ھينئر وري سندس نثري نظمن جي محنت “باغي منھنجو روح ازل کان” اسان جي هٿن ۾ آهي، جنھن ۾ سندس خيال ۽ صنفون مَٽَ آھن پر سماج لاءِ سندس سوچ ۽ مقصد ساڳيو آهي.
ستار پنهنجي هن ڪتاب ۾ نت نوان ۽ جديد خيال کڻي آيو آهي. مثال طور: ستار وٽ “آسمان جا تارا” نثري نظم ۾ عشق ۽ آزاديءَ جو ھوڪو ڏيندي ڳِٽن جي چُگھن جو قسم کڻڻ واري علامت جديد ۽ مثالي آھي۔”سکڻي ڪني“ واري نثري نظم ۾ سکڻي ڪني ۽ ڏوئي جي موسيقي تي لوري ڏئي ننڊ ڪرائڻ وارو خيال جولس فيوچڪ جي جيل ۾ زنجيرن ذريعي موسيقي بڻائڻ واري خيال کان بنھ مختلف ۽ مٿاھون آھي.
“سنڌ پرست جو لاش” واري نثري نظم ۾ “دل ڏاري روئيندڙ ماڻھو سنڌ دشمن تي وڏو لعنتاڻو آھن” جو خيال عجيب احتجاجي ڏس ڏانھن اشارو آھي. “پورھيت” نثري نظم ۾ “سندس پگھار جي عمر ھڪ ڏينھن مس آھي” واري سِٽَ ۾ پورھيت جي درد جو فلسفو نوحي جي صورت ۾ موجود آھي. “خط” نثري نظم ۾ چوڙيون ڀڃڻ واري ورجاءَ سان گڏ لَڄَ کي ڪارو لباس اوڍائڻ وارو خيال جديد ھجڻ سان گڏ ذھن ڌوڏيندڙ پڻ آھي.
ھڪ نثري نظم کي “چندي جون پيتيون” جو عنوان ڏيڻ جرئت ۽ بھادريءَ وارو قدم ھجڻ سان گڏ ان نظم ۾ “چندا پيتيون ڀرڻ بدران غريبن جو پيٽ ڀرڻ” وارو خيال صلاح جي صورت ۾ اھڙو احتجاج ۽ صلاح آھي جيڪو دانھن نڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو.
”ھا! مان باغي آھيان” نثري نظم ۾ سوچ جو رسا ڇنائڻ ۽ روح کي باغي بڻائڻ واري تصور ۾ به ستار سروھيءَ جو پيش ڪرڻ جو انداز ساراھ جوڳو آھي.
“منھنجا نظم” ۾ “مون کان منھنجا نظم وٺ مون کي ماني ڏي” جھڙيون سٽون سماج جي رڙ ۽ ڪامريڊ مارڪس جي داس ڪيپٽل جي منشور جي جدوجھد آھن. ستار هن نظم جي آخر ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي درد جي تاريخي ڪٿا ھينئن بيان ڪري ٿو “نه ڪير منھنجا نظم ٿو وٺي ۽ نه ڪير ماني ٿو ڏي” سندس هي سِٽَ رياست جي چھري تي چماٽ جو عڪس آھي. “قلم” نثري نظم ۾ “قلم وڪڻڻ وارا پنھنجو پاڻ سان ريپ ڪن ٿا” ويڪائو خليقڪارن جو گريبان پڪڙڻ ۽ سندن منھن تي ڪارنھن ملڻ وارو خيال آھي. “او سامراج” نثري نظم ۾ “کدڙن جو ڪڙم” اڻجهل عورتن لاءِ ڳڀروئن جا جوان رانديڪا” واريون فيلسوف علامتون فخر ڪرڻ جھڙيون آھن.
“ڪاري تنھنجي سوچ” نثري نظم ۾ ڪاري ڪري عورت کي ڪُھندڙ کي للڪار ۽ عورت کي اڇي سمجھڻ جو درس آھي. “اي عشق” نثري نظم ۾ “اي عشق مان سائنس ٿو پڙھڻ چاھيان. مان ايڪيھين صديءَ جو نوجوان آھيان. مون کي سائنسي دور ۾ ساھ کڻڻ ڏي، دنيا ڏسڻ ڏي” هڪ جديد خيال آهي. شاعر جو اھو خيال سڄي دنيا ۽ نوجوانن جي ضرورت آھي. ستار جي سوچ مان پتو پوي ٿو ته هو ڪھڙي قسم جو سماج اڏڻ جي جاکوڙ ۾ آھي.
”ڀوتار” نثري نظم ۾ هو لکي ٿو ته:
”اليڪشني ڀوتار
۽
ڪُتي جي پڇ ۾
ڪو به فرق ناھي
ھِنَ کان ته
رَنڊي ڀلي آھي
گھٽ ۾ گھٽ
ديس ته نه ٿي وڪڻي.”
ھن نظم ۾ خطرناڪ تشبيهه سان گڏ اھڙو سچ آھي جنھن لاءِ حوصلو ۽ سَگهه گھرجي، جيڪا شاعر ۾ موجود نظر اچي ٿي.
“وڏيرو” نثري نظم ۾ وڏيري کي سچ چوڻ جو انوکو علامتي انداز آھي، جنهن ۾ ستار وڏيري کي خبردار ڪري ٿو ته “وقت جي انتقام کي ٻيو وري ڪَنَ ٿيندا آھن.” ستار سروهي وٽ ”فقيرياڻي” نثري نظم ۾ ڪمال جو فلسفياڻو خيال آھي:
”اي فقيرياڻي!
تنھنجو ميرو چھرو
شھر جي سفيد پوش جو،
پٽڪو لاھڻ لاءِ ڪافي آھي.
“برانڊ” نثري نظم ۾ غلط ڪاريون ڪرڻ وارن کي وائکو ڪيو ويو آھي. “عجب اضطراب” نثري نظم ۾ سماج جي سُورن جون عالمگير چيخون ۽ شاھ جي سورمين جا سڏڪا ۽ رڙيون آهن. “تھذيب” نثري نظم ۾ ماضيءَ تي فخر ڪرڻ کان حال کي بھتر ڪرڻ جي صلاح دانھن ۽ سڏ وارو انداز ستار جو ڏنل نئون سماجي موڙ آھي. “بي غيرتي” نثري نظم ۾ مرداڻي سماج کي اھا ھڪ گار آھي ته “بيغيرتيءَ کي ڀلا ٻيو سِڱَ ٿيندا آھن”!؟ “بازار” نثري نظم ۾ چونڊ واري ماحول مطابق حق استعمال ڪرڻ جو چتاءُ مفاد پرست ماڻھن جي ننڊ حرام ڪرڻ وانگر آھي. ”چري” نثري نظم ۾ چريءَ جي چوليءَ کي شھر جي ڇوڪرن ھٿان داغدار ڪرڻ کي چنڊ سان تشبيهه ڏيڻ ۽ ٻيو وري ائين چوڻ ته “بس رڳو ھن جو پيٽ ٻاھر نڪري آيو آھي” ھڪ اھڙو فلسفو آھي، جنھن ۾ سماجي سُور جو پڙاڏو آھي.
“ملامت” نثري نظم ۾ “ديس ڪتن جي چڪ ۾ آھي” علامتي نفرت ۽ احتجاج جو اظھار آھي. ستار هڪ وطن پرست شاعر آهي،جنهن جي هر موضوع جو محسوس سنڌ وطن ۽ ان جا ماڻهو آهن.”اودولابي” نثري نظم ۾ غدار ۽ ڌارين لاءِ “مَنَ ۾ چَڪلي” وارو تصور لفظن جي مار ۽ سزا آھي۔ هن جي نثري نظم “الاءِ ڇو؟!” ۾ هي اظهار به پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي.
”الاءِ ڇو
زوريءَ پرڻايل نارين جا
نڪاح ناما
مون کي زنا جا،
پرمٽ سرٽيفڪيٽ لڳندا آھن.”
ستار جون اهي سٽون سماج جي تاريخ ۾ جھاتي پائڻ جي جنبش آھن. اهڙي ريت وٽس عالمي سوچ جو اولڙو هيٺين نثري نظم ۾ پسي سگهجي ٿو. “اي الفرڊ” عنوان واري نثري نظم “امن جا نوبل انعام توتان اھي داغ ڪڏھن به لاھي نه سگھندا” واري ڳالهه بارود مٿان زندگي بسر ڪندڙ ماڻھن جو احتجاج آھي. ستار سروھيءَ جي نثري نظمن ۾ طاقتور سنيھا، جرئت، حوصلا، احتجاج ۽ سھڻا سپنا آھن، البت کيس لفظن جي چونڊ تي ٿورو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.
[b]ساھ شيخ
[/b]گمبٽ