تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

پبلشر نوٽ

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گهڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
اڄ جڏهن دنيا جي مٿان حڪمراني ڪندڙ ٽولا، بغاوت، سياسي ڏاڍ مڙسي ۽ انقلاب کي رد ڪندي دنيا ۾ امن ۽ سلامتيءَ لاءِ فرد جي آزادي ۽ آزاد اقتصاديات کي ڇوٽڪاري جو سبب ڄاڻائي رهيا آهن ۽ عددي جمهوريت کي انساني مسئلن جي حل لاءِ ڪافي سمجهيو وڃي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ هڪ بنيادي سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا دنيا جي فردن ۽ قومن واسطي نجات سياسي ڏاڍ مڙسي (Polilical Violence) بغاوت ۽ انقلابن ذريعي ڪرڻ ضروري آهي؟ ان حوالي سان اسان کي سياسي ڏاڍ مڙسي، بغاوت ۽ انقلاب جي سٽاءَ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن ڪتاب ۾ کنيل سوال ته ”ماڻهو بغاوت ڪڏهن ۽ ڇا لاءِ ڪن ٿا؟“ سان ئي هتي هي سوال اُٿل کائي سامهون اچي ٿو ته ماڻهو سياسي بغاوت، سياسي زورآوري ۽ انقلاب سان ڇو سلهاڙجي بيهن ٿا. ان جا محرڪ فطري آهن، حالتن جي پيداوار آهن يا ڪجهه عنصرن جي پاران پيدا ڪيل آهن. اهڙن ڪيترن سوالن جا جواب هي ڪتاب ٻڌائي اسان کي انقلابن جي ڪيميسٽري سمجهڻ ۾ مددگار بڻجي ٿو.
هينئر جڏهن پاڻ ويهين صدي کان اڳتي وڌي ايڪويهين صديءَ جي ٻين ڏهاڪي ۾ وک وڌائي رهيا آهيون ته ڇا اڄ به بغاوت، انقلاب ۽ سياسي ڏاڍ مڙسيءَ جي حيثيت عمل لائق ڏسڻ ۾ اچي ٿي، هي مطالعو ان لاءِ اسان جي ذهن سازيءَ کي سهنجائي مهيا ڪري ٿو. هن ڪتاب جي چونڊ سنڌ جي لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ شخصيت نامياري ليکڪ سيد مومن علي شاهه صاحب ڪري، اسان کي ان جي ترجمي لاءِ اتساهيو. اسان سيد مومن علي شاهه ۽ ڪتاب جي سنڌيڪار محترم امان الله شيخ جا ٿورائتا آهيون.

نور احمد ميمڻ
چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي