قديم ۽ جديد اخلاقيات جو جائزو: ارسطو
[b]دوستي ۽ حدبندي
[/b]چيڙاڪ ۽ وڏي عمر وارا ماڻهو دوستيءَ جي معاملي ۾ گهڻا پرجوش نه هوندا آهن. ان ڪري سماج منجهان خوشيءَ ۽ محبت حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. دراصل سٺي سڀاءُ ۽ سماج جي سٽاءَ کي سمجهي ۽ ان سان ٺهڪي بيهڻ سان ئي دوستاڻن لڳ لاڳاپن ۾ سنگم پيدا ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري نوجوان ماڻهو ڪنهن سان به دوستيءَ جو پيچ اٽڪائڻ جا ماهر هوندا آهن پر پوڙها مڙس پوئتي پيل هوندا آهن، ڇو ته اهي پنهنجي ڄمار ۽ مزاج ۾ خوش مزاجيءَ جي بنيادي عنصر کان لڳ ڀڳ خالي هوندا آهن. اهي هڪ ٻئي سان پرجوش انداز ۾ خوشيون ۽ محبتون ونڊي نه سگهندا آهن. اهو ساڳيو حال چيڙاڪ ۽ بدمزاج ماڻهن جو پڻ هوندو آهي. ها! پر هڪ ڳالهه حقيقت آهي ته پوڙها ۽ بخيل مزاج ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ٿورو گهڻو نرم گوشو رکندا آهن. اهي هڪ ٻئي سان گهرج آهر هٿ به ونڊائيندا آهن.پوءِ به کين دوستاڻي سڀاءُ جو مالڪ نه ٿو سگهجي. ڇو ته انهن ۾ هڪ ٻئي سان سماجي هم آهنگي ۽ خوشيءَ جو عنصر اڻ لڀ هوندو آهي. اهي ٻئي عنصر اصل ۾ دوستيءَ جو بڻ بڻياد هوندا آهن.
[b]دائمي دوستي ورلي هوندي آهي:
[/b]اهو ناممڪن آهي ته دوستيءَ جي لفظ جي جيڪا وضاحت ۽ تشريح ڪيل آهي، انهيءَ حوالي سان دوستن جو انبوهه ملي سگهندو آهي. ها، ائين ممڪن آهي ته هڪ ئي وقت ماڻهو ٻين ڪيترن ئي ماڻهن سان چاهت جو اظهار ڪري سگهي ٿو، (ڇو ته محبت ۽ ڪشش محسوس ڪرڻ جو واسطو به جذبات سان آهي، جيڪو فطري طور ڪنهن هڪ فرد لاءِ به ٿي سگهي ٿو.) ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ لاءِ مشڪل آهي ته هڪ ئي وقت کوڙ سارن ماڻهن سان ويجهو هئڻ جي هام هڻي سگهي ۽ ائين چوڻ به درست نه آهي ته سٺا ماڻهو ڪنهن هڪ هنڌ ججهي تعداد ۾ موجود هوندا آهن. هڪ ڪامل دوستيءَ جي لاءِ لازمي آهي ته ان ماڻهوءَ بابت پيرائتي ڄاڻ حاصل هجي. ان سان ويجهڙائي پيدا ڪرڻ به هڪ ڏکيو ڏاڪو آهي ۽ ان ۾ رنڊڪون به اچي سگهن ٿيون پر ائين به هوندو آهي ته ماڻهن جو اهڙو سٿ، جيڪر ٻين جي سهائتا ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي، اهڙن خوش مزاج ماڻهن جي هروڀرو اڻ هوند به ڪانه هوندي آهي ۽ اهڙي طبيعت جي ماڻهن کان بيٺي پير مدد حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿيندي آهي.
[b]دلي دوستيءَ جي هام هڻڻ ۽ زباني لٻاڙ ۾ فرق آهي:
[/b]اهي دوستيءَ جا ٻئي نمونا هڪ ٻئي کان جداگانه طرز جا آهن، انهن منجهان هڪ طريقي ۾ دوستيءَ جي بيهڪ ۽ مشابهت خوش مزاجيءَ سان وابسته هوندي آهي. جنهن مان ٻئي ڌريون هڪ ئي وقت لاڀ حاصل ڪري سگهنديون آهن. اهي هڪ ٻئي سان سنگت ۽ ساٿ ڏيڻ ۾ راحت محسوس ڪنديون آهن ۽ اڃا به چئجي ته سندن سوچ جو طريقو به يڪسان هوندو آهي. اهڙي طرز جي دوستي ۽ سنگت جو لقاءُ يا نظارو نوجوانن ۾ گهڻو تڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اهڙن ماڻهن جي مزاج ۾ ڪشاده دلي ۽ سخاوت جا عنصر غالب هوندا آهن.
جڏهن ته زباني دوستيءَ جي مزاج ۾گندگي ۽ واهيات پڻي جا ڍير سانڀيل هوندا آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي روش ۾ خوش مزاجي ۽ خوشحالي جو ڀنڊار آهن، اهي هروڀرو ڪم ٽپائو دوستن جي ڳولا ۾ پريشان ڪونه رهندا آهن پر سدائين خوش مزاجيءَ برقرار رکندا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اوهان ڪڏهن ڪڏهن چڱائيءَ جي خصلت تي ثابت قدم رهي نه سگهندا. ڇو ته يڪسانيت به ماڻهوءَ کي ٿڪائي وجهندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ به ڀَلن دوستن جي سنگت ئي بيزاري ۽ ٿڪ جي ڪيفيت منجهان اوهان کي ٻاهر ڪڍي سگهندي. اسان جيئن ذڪر ڪري آيا آهيون ته نيڪ خصلت ماڻهو سدائين خوش خلق ۽ ٻين لاءِ ڏڍ ثابت ٿيندو آهي پر ساڳي وقت هو اهڙن دوستن جي سنگت کان به پرڀرو رهندو آهي جيڪي مٿانئس بالادست بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيستائين هو ان ڳالهه کي محسوس ڪري نه وٺندو ته مٿس بالادست بڻجڻ واري ۾ ڪجهه وڌيڪ خوبيون ۽ گڻ آهن. ان ڪري ٻي حالت ۾ نيڪ ماڻهو ۽ گهٽ درجي واري ڌر هڪ ٻئي سان مساوي بنيادن تي سهڪار ڪري نه سگهندا آهن، ڇو ته تيز فهمي ۽ ڪنهن کي آماده ڪرڻ جا گڻ به ڪنهن ۾ ورلي ملندا آهن.
پر اهڙن دوستن جي لڳ لاڳاپن کي نئين سر بحال ڪرڻ سان، جنهن کي اسين مساوي بنيادن جي دوستي چئي سگهون ٿا، ٻنهي ڌرين کي لاڀ حاصل ٿيندو آهي ۽ هڪٻئي لاءِ سندن سوچ ۽ فڪر نيڪ نيتيءَ سان لاڳاپيل هوندو آهي يا وري ائين ٿي سگهي ٿو ته اهي هڪٻئي لاءِ مختلف پاسن کان سودمند ثابت ٿي سگهن. مثال طور خوشي ۽ لاڀ، (اهڙي دوستيءَ کي هروڀرو سچائيءَ جي علامت به چئي نه ٿو سگهجي ۽ اها گهٽ دائمي هوندي آهي، جيئن اڳ ۾ بيان ڪري آيا آهيون. ڇو ته جڏهن راءِ ۽ رسائيءَ ۾ فرق نمايان ٿي بيهي ته پوءِ دوستيءَ جي آڏو به هڪ سواليه نشان اڀري بيهي ٿو ۽ انهن جا ڪنهن به ساڳي وٿ بابت پسند ۽ ناپسند جا مختلف رايا اڀري بيهن ٿا.)
انهيءَ پسند ۽ ناپسند جي بنيادن تي دوستيءَ ۾ هڪٻئي کي برداشت به ڪري سگهجي ٿو ڇو ته ان جي جوهر ۾ سک ۽ آسائش جو واهپو پڻ حاصل ٿي سگهي ٿو. اهڙا عنصر به دوستيءَ جي لاءِ ڳانڍاپي جو ڪارڻ بڻجڻ ٿا، پر دوستيءَ ۾ مڪمل طور مستقل مزاجي ۽ ثابت قدميءَ سان رهڻ جو عمل بهتان بازي ۽ گلا غيبت کي رد ڪندو آهي. اهڙي دوستيءَ ۾ دائميت هوندي، جڏهن ته ٻيون دوستيون بدلبيون رهنديون آهن. ان جي برعڪس دوستيءَ جي اهڙي سڀاءُ ۽ سلوڪ کي حقيقي به چئي نه ٿو سگهجي، جنهن ۾ناپسنديدگيءَ جو عنصر وڌيڪ شامل هجي.
[b]غيرمساوي/ اڻ ٺهڪندڙ دوستي:
[/b]پر پوءِ به جداگانه طرز جي دوستي به هوندي آهي، جنهن ۾ هڪ ڌر کي ٻي ڌر جي مٿان لازمي فوقيت/ مٿڀرائپ/ برتري حاصل هوندي آهي. مثال طور پُٽ ۽ پيءُ جي دوستي عام طور پوڙهي ۽ جوان ۽ ساڳي ريت زال ۽ مڙس جو لاڳاپو يا وري حاڪم ۽ محڪوم جي دوستي. انهن مذڪوره جوڙن جي هڪ ٻئي سان دوستي به ليکي ۾ اچي سگهي ٿي، پر دوستيءَ جو جيڪو معيار مائٽن ۽ ٻار جي وچ ۾ هوندو آهي، ساڳيو حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ نه هوندو آهي. نه وري پيءُ پٽ جي وچ ۾ دوستيءَ جو ساڳيو لڳ لاڳاپو هوندو آهي. ساڳيءَ ريت زال ۽ مڙس جي وچ ۾ به جداگانه طريقه ڪار هوندو آهي. مذڪوره هرهڪ فرد جي دوستيءَ جي معيار ۽ طريقه ڪار جو جداگانه لاڙو ۽ ڪارج هوندا آهن ۽ سندن سوچ ۽ سڀاءُ جو انداز مختلف هوندو آهي. ان ڪري هڪ ٻئي ڏانهن دوستيءَ جي ڪشش به مختلف زواين سان ليکي ويندي آهي.
هاڻي اهڙين غيرمساوي يا اڻ ٺهڪندڙ دوستين ۾جيڪو به لاڀ هڪ ڌر کي حاصل ٿيندو آهي، ساڳي موٽ ٻي ڌر کي ملڻ محال هوندي آهي. ها! پر ان هوندي به ٻارن مائٽن جي وچ ۾ دوستيءَ جي مساوي معيار کي برقرار رکي سگهجي ٿو. اهو هيئن ته ٻار پنهنجي مائٽن جي عزت احترام کي هڪ فرض ادائگي جي دائري ۾ ليکي ٿو، ڇو ته انهن کي اڳ ۾ ساڳي حيثيت حاصل رهندي آئي آهي. اهو مساوي طرز جو وهنوار نسل درنسل منتقل ٿيندو رهي ٿو. جڏهن ڇڪ ۽ چاهت جي فرض ادائگيءَ ۾ ٿڌائي جي ڀاونا شامل ٿئي ٿي ته پوءِ وري هيڪڙائيءَ جو احساس ڌرين ۾ اُڀاري ٿو ۽ بنيادي طور مساوات ئي دوستيءَ جو اهم بنيادي عنصر آهي.
هونئن دوستيءَ جو مساوي رويو ”انصاف ۽ حق“ جي زمري ۾ ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول نه هوندو آهي. ڇو ته انصاف جي دائري ۾ ”هڪ جهڙائي/ برابري (درست) جي طور طريقن سان ابتدا ۾ ”دوستيءَ جي اثر رسوخ کي تياڳ ڏئي مناسب ۽ معقول دڳ اختيار ڪرڻ هجي ٿو. جڏهن ته ”برابريءَ جو مقدار“ پڻ هڪ ثانوي اسم آهي. دوستيءَ جو جوهر ۽ جمال ”برابريءَجي مقدار “ سان وابسته آهي. اهڙي حالت ۾ تياڳڻ يا ترڪ ڪرڻ ڄڻ ته ثانوي درجو بڻجي پوي ٿو. اهو فرق ان وقت دوستيءَ جي سڳي ۾ پويل ڌرين جي وچ ۾ چٽو ٿي بيهي ٿو، جڏهن سندن گڻ ۽ اوگڻ پڌرا ٿي بيهن ٿا يا وري اميري ۽ غريبيءَ جو معيار ۽ ٻيا ڪجهه اهڙا ئي اسم آڏو اچن ٿا. اهي گهڻو وقت هڪ ٻئي جا دوست رهي نه سگهندا ۽ نه وري دلي طرح هڪ ٻئي جي ويجهو اچي سگهندا.
اهڙي طرز جو لقاءُ اميرن ۽ شهزادن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. ڇو ته جيڪو به ماڻهو سندن شاهي مان مرتبي برابر نه هوندو آهي ان کي اُهي ماڻهو پنهنجي دوستيءَ لائق ڪونه سمجهندا آهن. وري تعجب جهڙي ڳالهه اها به آهي ته مختلف راءِ رکندڙ ذهين ۽عاقل ماڻهو به هڪ ٻئي سان ورلي ٺهڪي سگهندا آهن. ائين برابر آهي ته اهڙي دوستي بابت ڪابه مستند راءِ ڏئي نه ٿي سگهجي جڏهن ٻن دوستن جي وچ ۾ اختلاف راءِ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو رهي، پوءِ به اهي دوستيءَ جو دم ڀريندا رهن. جيڪڏهن اهي ٻئي هڪ ٻئي کان ڏور رهندا هجن ته پوءِ دوستي جو دم جهيڻو ٿيڻ لڳندو آهي. جهڙيءَ ريت ديوتا، انسان کان پري آهن، ان ڪري سندن وچ ۾ آخرڪار واسطا وڙا گهڻو وقت رهي نه سگهندا آهن.
[b]اڻ برابر کي چاهت وسيلي برقرار رکڻ:
[/b]انسانذات جي اڪثريت عزت ۽ احترام جي جذبن لاءِ سدائين چاهت رکندي آئي آهي ۽ اهڙي طرز جي ورتاءُ جي اميد ۽ آسري جي ڳولائو رهندي اچي پئي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته انسان جي سڀاءَ ۾ خوشامد يا چاپلوسيءَ کي به پسند ڪيو ويندو آهي. جڏهن چاپلوس دوستيءَ جي دائري ۾ نيچ طبيعت جومالڪ هوندو آهي يا محتاط نموني طور رياڪار ۽ ٻچاپڙائپ جو شاهڪار هوندو آهي ته اوهان سان محبت ۽ دلي لڳاءُ جو اظهار ڪرڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽائيندو آهي. اهڙو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيتري اوهان هن سان محبت ڪيو ٿا ان کان وڌيڪ هو محبت ڪندڙ ۽ تابعدار آهي، پر ان طرز جي پيار ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان ونڊڻ جو بڻ بڻياد محض لوڀ ۽ حرص تي رکيل هوندو آهي. اهڙن ماڻهن جي نظر ۾ عزت ۽ احترام ڪابه اهميت ڪونه رکندا آهن. هو پنهنجي مطلب سان ئي واسطو رکندڙ آهن. ان ڪري انساني قدرن کي مورڳو اتفاق ۽ حادثو ليکيندا آهن. هونئن به ماڻهن جي گهڻائي اعليٰ مرتبو ۽ مان رکندڙ سان ان لاءِ به گُگُر وانگر چنبڙيل رهڻ گهرندي آهي ته مٿانهين پد جي ماڻهن سان تعلقات رکڻ سان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ضرور ٿيندو. ان کان آس پاس ماڻهن تي رعب تاب پيدا ٿيندو ته سندس واسطا وڏن ماڻهن سان آهن.
هوڏانهن ٻي پاسي اهڙا منش جيڪي فطري طور لالچي مزاج هوندا آهن ۽ انهن کي معتبر ماڻهو عزت ۽ احترام ڏيڻ شروع ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو لوڀي طبع رکندڙن کي چڱي ريت سڃاڻندا آهن، اهي پنهنجي راءِ ۽ اظهار کي چٽي نموني پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته معاملو کير وانگر اڇو اجرو ٿي بيهي ۽ انهن جي خُواهش به هوندي آهي ته پاڻ معتبر ماڻهن تائين رسائي حاصل ڪري اعتماد جوڳا بڻجي سگهن. ان کان سواءِ اهڙا ماڻهو جيڪي چاهت ۽ محبت جو اظهار پنهنجي مطلب ۽ مقصد خاطر ڪندا آهن، ظاهري طور اهڙي سلوڪ، عزت ۽ احترام کان اڳڀرا هوندا آهن. اهڙي طرز جي دوستيءَ ۾ نمائش ۽ نمود ئي معنيٰ رکندڙ آهي.
پر دوستيءَ جي جوهر ۽ جمال ۾ چاهت ۽ محبت جهڙا وڌيڪ سگهارا عنصر شامل هوندا آهن، ان لاءِ هتي ماءُ جو مثال آهي ته ان جي ٻارن ۾ موه کان وڌيڪ ڪشش ۽ ڇڪ سانڀيل هوندي آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه مائرون اهڙيون به آهن، جيڪي ٻارڙن کي آيا/نرس جي نگرانيءَ ۾ ڏئي ڇڏينديون آهن. اهي پنهنجن ٻارڙن سان پيار به ڪنديون آهن پر ٻارڙو موٽ ۾ کين محبت جي وراڻي ڏئي ڪونه سگهندو آهي. پوءِ به مائرون ٻارڙن جي موهه کان وانجهيل ڪونه هونديون آهن. کين اها به پڌري ڄاڻ هوندي ته موٽ ۾ ساڳي محبت ملڻ محال ۽ مشڪل آهي. ڇو ته دوستيءَ جو بنيادي مقصد ته محبت ۽ چاهت جي هڪ ٻئي مٿان ورکا ڪرڻ آهي. انهيءَ چاهت جي زمري ۾ دوستن جي دوستن سان به ساڳيو ورتاءُ ڪيون ٿا ته اهڙو سلوڪ مورڳو سون تي سهاڳو ثابت ٿيندو آهي. حاصل مطلب ته اهي دوست ئي آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان دوستيءَ جي ڌاڳي کي سوريندا رهندا آهن. اهڙي دوستي لازوال هوندي آهي.