تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

انقلاب جي پڄاڻي ڪيئن ٿي؟ _ اليڪس ڊي ڪوئِلي

حقيقت ۾ هڪ وقتائتو موقعو هارين جي فائدي ۾ اسري آيو، جنهن سندن اندر ۾ ستل خوبين ۽ جوش کي جاڳائي ڇڏيو. ان جو بنيادي ڪارڻ آزادانه ماحول ۾ رهڻ ۽ زمين جي ڪجهه حصي تي سندس حق هئڻ هو. فرينچ هاري ۾ اهو عنصر وڌيڪ پختو ۽ غالب پئجي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ منجهس جاندار جذبي ۽ ساڃاهه جي واڌ اچي وئي. هو منڍ کان وٺي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان منهن ڏئي رهيو هو ۽ ڪنهن آرام ۽ آسائش جي گهڻي ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئس. خطري ۽ خوف کان بي ڊپو ٿي منهن ڏيڻ ۽ مصيبتن سان مڙسان مڙسي مقابلو ڪرڻ جي لائق بڻجي ويو هو. انهيءَ بي خوف ۽ مردانگيءَ جي ڪيفيت رکندڙ نسل منجهان ئي اڳتي هڪ اهڙي طاقتور فوج وجود ۾ آئي جيڪا يورپ جي نقشي تي ڇانيل رهي پر سندن اهڙي روش اڳتي هلي هڪ طاقتور ۽ جابر آقا جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي.
ائين ڪيترين صدين تائين اهي سگهارا ۽ جابر ماڻهو قومن جي لتاڙ ڪندا رهيا ۽ هڪ منفرد طبقي جي شڪل اختيار ڪري ويا پر ان کان وڌيڪ اهي پنهجي عمل کي اندر ۾ سانڍڻ، بغض ۽ ڪينو به سکي ويا ۽ ڪنهن کي ملياميٽ ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندا هئا.
ائين طاقت ۽ سگهه جي بدمست هاٿيءَ تي سوار اهڙن حڪمرانن کي فرينچ عوام انقلاب جي وسيلي لتاڙ ڪرڻ کان روڪڻ جو پڪو پهه ڪيو. انهن کي ڪتابي شڪل ۾ ايترو ته مواد پڙهڻ لاءِ ملي ويو هو جيڪو سندن سوچ ۽ سمجهه تي نئين نموني اثرانداز ٿيو. هاڻي اهي ور کنجي تياري ڪري رهيا هئا ته عملي طور پاڻ کي ڪيئن ملهائين. انهن جي اندر ۾ مچ ٻري رهيا هئا ته پنهنجي حاصل ڪيل ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ انتقا م ڪيئن حاصل ڪري سگهندا.
مان هتي پنهنجي لائق پڙهندڙن آڏو هڪ گذارش ڪرڻ پڻ ضروري سمجهان ٿو ته، 18 صديءَ جي فرانس ۾ جوش جذبي جي ڌارا ٻن جداگانه حصن ۾ ورهائجي رهي هئي، ڇو ته انهن ڌرين جا مول مقصد هڪ ٻئي کان مختلف هئا. منجهانئن هڪ ڌر جي راءِ هئي ته ڊگهي رٿابندي، اورچائپ ۽ حوصله منديءَ سان ئي عدم مساوات کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان عدم مساوات جي خلاف آواز بلند ڪرڻ ئي عوام جي ڌيان ڇڪائڻ جو سبب ٿيندو. انهن کي هڪ ئي نقطو ذهن ۾ ويهارڻ ضروري آهي ته فرينچ عوام لاءِ صدين کان هلندڙ جابراڻو نظام قائم دائم ڇو آهي. ان جي ردعمل ۾ اهي جوش ۽ جذبي سان سرشار ٿي انهن سڀني ادارن کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيندا جيڪي صدين کان ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻجي پيل آهن. جڏهن ميدان صاف ٿي ويندو ته نئين عمارت سازيءَ لاءِ راهه هموار ٿي ويندي ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪا عدم مساوات آهي، اها مساوات ۾ بدلجي ويندي. ان جي برعڪس ٻي ڌر جيڪا پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ جي خفت ۾مبتلا هئي، سان سوچڻ جي قائل ڪونه هئي. مساوات جي معنيٰ خيز تشريح ۽ محض انساني آزاديءَ جي وڪالت ڪري رهي هئي.
بهرحال پراڻي دور جي پڄاڻيءَ کان پوءِ مذڪوره ٻئي ڌريون پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر ايمانداريءَ سان مساويانه طريقه ڪار کي عمل لائق بڻائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيون هيون. جڏهن انقلاب جي ابتدا ٿي ته اهي ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچي ويون. ٻنهي هڪ گڏيل قوت جي شڪل اختيار ڪئي ۽ هڪ ٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏئي انقلاب جي دکندڙ دونهين کي آڳ جا اُلا بڻائڻ ۾ عملي طور حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهو ”89“ جو سڀاڳو سال هو، جنهن ۾ هڪ جوش، جنون ۽ ولولي جو بهادراڻي نموني اظهار ڪيو ويو. ائين کڻي چئجي ته اهو هڪ اعليٰ ۽ اتم آدرشن جي سوڀ جو سال هو جنهن ۾ هڪ خواب کي حقيقت جو روپ مليو.
تواريخ جي ورقن ۾ هڪ اهڙي لکڻي ملي ٿي، جنهن ۾ انساني ويساهه ۽ عظمت جي ايڏي ته شاهڪار عڪاسي ٿي جنهن جا اسان پنهنجي سر به گواه آهيون. انهيءَ دور ۾ ديس واسين ۾ هڪ اتساهه، اميد، فخر، وڏائي ۽ خوداعتماديءَ جو ايڏو ته ڀريو جذبو اڀري آيو جو انهن پنهنجي مٿان فرض ڪري ورتو ته منتشر جمهوريت ۽ ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ کين پنهنجو ڪردار پڻ ادا ڪرڻو آهي. ڇو ته انهن نه رڳو هڪ اهڙي مدي خارج سرشتي کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، جيڪو انسان ذات لاءِ وبال بڻجي پيو هو. ان بدبودار سرشتي مورڳو کين طبقن ۽ حصن ۾ ورهائي، ذات پرستي ۽ ڪارپوريشن ڪلچر جي گرفت ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو. انهن جي مٿان ڄڻ اڻبرابريءَ جي هڪ ڇپ رکي وئي هئي. ان حد تائين جو قانون سازي وسيلي جيڪي ٿوريون گهڻيون آسائشون ميسر هيون، انهن کي به فرمانروائي جي هڪ ئي فرمان سان ختم ڪري، هرهڪ فرينچ جي مٿان سرڪار پاران نظر رکڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ائين پي ڏسڻ ۾ آيو ته ماڻهن جي مٿان هڪ جابرانه طريقو مسلط ڪيو پئي ويو. انهيءَ قسم جو سخت گير مرڪزي جبر هڪ جابر حڪومت جو ورثو هو.
پوءِ جڏهن جوڌن ۽ جنگ جوانن جو نسل اٿي پيو ۽ انقلاب جو عمل اڳتي وڌيو ته ان سموري ٽڪساٽ کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. ائين پي ڏسڻ ۾ آيو ته انهيءَ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ ڇڙواڳي، آمريت ۽ هڪ خام خيالي جي آزاديءَ جا ڏاڪا اڪرڻ کان پوءِ قوم جي ويساهه ۾ ڄڻ ته هڪ لوڏو اچي ويو هو، جيڪا هيڏانهن هوڏانهن ڪنهن هڪ مسيحا جي لاءِ واجهائي رهي هئي. انهن اڻ وڻندڙ حالتن ۾ هڪ ماڻهوءَ جي حڪمرانيءَ لاءِ رستو صاف ٿي رهيو هو. لاشڪ ته ان کان اڳ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ حالتون ايتريون سازگار ڪونه هيون. وقت ڄڻ ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي آمد لاءِ مقرر ٿي چڪو هو، جيڪو انقلاب کي نگهوسار ڪري پنهنجي بالادستي قائم ڪري سگهي.
درحقيقت ماضيءَ جي سرڪار جو ڪار وهنوار هلائيندڙ نالي ماتر جديديت کان واقف هئا، نئين نظام جي مساوي طريقه ڪار سان هلڻ چلڻ کان لاچار ۽ معذور هئا. ان ڪري انهن سڀني ادارن نئين سماجي آرڊر کي قبول ڪرڻ بدران آمريت سان ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ادارن پنهنجي تسلط قائم رکڻ لاءِ نام نهاد روايت پرستيءَ ۽ عقيدن جو پڙهو گهمائيندي ماڻهن کي پرانهون رکڻ لاءِ جتن شروع ڪيا. انهن ادارن پنهنجي نئين سر رٿابنديءَ ڪندي وڌيڪ جارحانه طرز جي مرڪزي تسلط/ استحصال کي ڪتب آڻيندي ڪابه قباحت محسوس ڪونه ڪئي. هڪ اهڙي قوم جنهن تازو بادشاهت جي غلاميءَ منجهان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هو، ان جي مٿان هڪ اهڙن جارحانه مرڪزي ادارن اچي قبضو ڪيو جو وايون ولڙيون ٿي ويون.
اهڙي جوکي ڀري واردات ڪرڻ جي جرئت اهڙن ادارن کي ان ڪري ٿي هئي ته، ماڻهن سموري ردوبدل کي ته پنهنجي اکين سان ٿيندي ڏٺو هو پر جيڪي ڪجهه اڳ انهن سان عقوبتون ٿيون هيون، سي وساري ويٺا هئا ۽ نيپولين جو زوال ٿيو. ان سان گڏوگڏ سندس ڪارناما به دفن ٿي ويا. پر سندس قائم ڪيل انتظاميه جيئري رهندي اچي پئي. انهيءَ حالت ۾ جڏهن به انتظاميه کي اقتدار کان محروم ڪرڻ جا آثار نمودار ٿيندا ته اُها پنهنجي عاقبت ۽ اختيارن جي جياپي لاءِ ڪنهن به ڪِريل قدم کڻڻ کان ڪونه ڪيٻائيندي.