تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

روس جو راهب: ٿامس ميرڪ

پيٽر اعظم کان وٺي اڄ تائين روس جي ترقي ۽ خد و خال مٿان هڪ مٿاڇري نظر ڦيرائبي ته ملڪ ٻن حصن، يعني پيٽر کان اڳ جي تهذيبي ايامڪاري ۽ جديد يورپي روس ۾ ورهايل نظر ايندو.
هڪ تيز مشاهدي جي حس رکندڙ ماڻهو روس ۾ سفر ڪندي زندگيءَسان ٽمٽار فطرت جي هڪ تيز رفتار عمل ۽ گهڻ پاسائين ڪلچر جي ارتقا ۽ اوسر کي ڏسي پسي سگهندو. جڏهن به ڪو ماڻهو روس ۾ يورپي لنگهه کان داخل ٿيندو آهي (هتي ياد رکڻ گهرجي ته روس واسي جڏهن به اولهه طرف کان اُڪرندو/ داخل ٿيندو آهي ته هو عام طور چوندو آهي ته: ”يور پ وڃي رهيو آهي.“) ته ان لاءِ سدائين هڪ غيرروسي علائقو يا حدبندي پار ڪرڻ لازمي هوندي آهي. ڇو ته پولينڊ، بالٽڪ رياستون يا وري فن لينڊ يعني اها سرزمين جيڪا يورپ ڏانهن والار ڪيل آهي، جنهن جا رهواسي ڪئٿولڪ يا پروٽسٽنٽ فرقي سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن جو لڳ لاڳاپو يورپ جي قديم تهذيب سان آهي، انهن سڀني علائقن جو واسطو روس جي قدامت پرست ڪليسا (Orthodox) سان سطحي ۽ نالي ماتر آهي، پر جيڪڏهن اسان وڌيڪ اوڀر ڏانهن وينداسون ته پاڻ کي محض يورپ جي ويجهو پائينداسون، جتي اسان کي ريلوي سرشتو، اسٽيشنن تي کاڌي پيتي جا ڪمرا ۽ ٽڙيل پکڙيل پر سينگاريل هوٽل ۽ يورپي طرز جو انتظام ۽ طور طريقا نظر ايندا. اهو ساڳيو فرق پيٽرو گراڊ ۽ ماسڪو جي وچ ۾ نظر ايندو.
اهڙيءَ طرح ٻنهي شهرن ۾ هڪ ئي هنڌ، ڀر پاسي ۾ جديد روس جا حصا ۽ پراڻيون وسنديون نظر اينديون. ان جي ابتڙ اوڊسيا جو بندرگاه جديد يورپ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.
جڏهن انهن ٻنهي راڄڌانين جي پاڻ ۾ ڀيٽ، خاص ڪري پيٽروگراڊ سان ڀيٽ ڪبي ته ان جا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ روسي خد و خال جا لقاءُ ڏسڻ ۾ايندا. ائين زميندار ۽ نواب گهراڻن پنهنجن محلاتن ۾ رهائش ۽ آسائش لاءِ به يورپ جهڙا طور طريقا اختيار ڪيا آهن. ساڳيءَ ريت ملڪ جا ڪيترائي ڪارخانا پڻ يورپ جي ڪارخانن جيان سڦلائتو ڏيک ڏئي رهيا آهن. گهڻي ڀاڱي ڪار وهنوار پڻ يورپي آهي، جنهن زمري ۾ريلوي، ڪارخانا، بئنڪون، واپار (ڪنهن حد تائين گهرو واپار) بري فوج، بحري ۽ ڪجهه علائقن ۾ نوڪرشاهي جي جوڙجڪ پڻ يورپي طرز جي آهي. مطلب ته يورپي اثر رسوخ جيڪو روس ۾ پکڙجي رهيو آهي ته ٿورو ڌيان ڏيڻ سان ابتدائي اثرات ۽ گهڻ قسمين ميلاپن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ جي لائق ٿي سگهنداسون....
انت ته ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ به ماڻهن ۽ مسئلن جي وچ ۾ فرق کي سمجهي ۽ چٽو ڪري بيهارڻ جي ڄاڻ حاصل ڪري و ٺنداسون. يورپ ۽ روس جي سوچ ۽ شعور کي پنهنجي جوهر ۽ جمال ۾ هڪ ٻئي کان ڌارئون ڌار ڏيک ڏيندي به هڪ مخصوص انداز ۽ مختلف خد و خال رکندڙ سنگم چئي سگهجي ٿو.
ان لاءِ اسان کي گهڻي وقت کان قائل ڪرڻ لاءِ حيلا بهانا ڏنا وڃن پيا ته روس کي يورپ جو ويس پارائڻ مروج ڇڙوڇڙ خيال آرائي يا ڇڙواڳ ادارا سازيءَ وسيلي ناممڪن آهي.
آڳاٽي روس جو جيڪو گهڻوان تاريخي ۽ تهذيبي پس منظر ۽ رسم و رواج آهي، سو هوريان ڏاڍيان يورپ جي طرز حيات ۽ تهذيب جي آڏو گوڏا کوڙي رهيو آهي.
انفرادي طور روس واسي پنهنجي عادتن ۽ خصلتن جي لحاظ کان يورپي تجربي جي ور چڙهي ويل آهي ۽ اهڙو فرق واضح ڏسڻ ۾ اچي پيو. سندس شخصيت ۾ ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم ۽ گمان ڪونهي ته انسان ڪڏهن به پرزا پرزا بڻجي جالي نه ٿو سگهي، جنهن ڪري هو هڪ اهڙي دٻاءُ ۾ آهي جيڪو کيس مجبور ڪري ٿو ته فطري طور سندس ناتو رشتو ۽ ڳانڍاپو روس سان آهي ۽ ان کي بچائڻ سان گڏوگڏ يورپ جي حاصلات/ لاڀ کان پوءِ پاڻ کي پيڙجڻ جي عمل کان پرڀرو رکي پر اهڙي طرز جي ذميواري نڀائڻ سندس وس ۽ وت کان ٻاهر آهي. اسان جي آڏو اهڙو منظر/ عڪس هڪ اهڙي فرق کي چٽو ڪري بيهاري ٿو ته هڪ روسي هاري (جيڪو اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي) هڪ پاسي ۽ هوڏانهن ٻي پاسي، هڪ ليکڪ، هڪ آفيسر، زميندار يا هڪ هنرمند ۽ اڃا به اهڙا ماڻهو جن تعليم ۽ تربيت پيرس، برلن ۽ زيورچ ۾ ورتي آهي ۽ انهن کي شهري حيات کان وڌيڪ آگاهي آهي. ائين مختلف الخيال ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي جي پاسي ۾ رهائش پذير رهندا اچن پيا سي هڪ ٻئي سان ويجهو ٿيڻ لاءِ سوچ ۽ سهڪار ڏانهن لازمي طور پيش رفت ڪندا.
ان ڪري روحاني ويڇابندي/ فرق/ اختلاف روس ۽ يورپ جي وچ ۾ بذات خود روس جي خانقاهه ۾ صاف نظر اچي پيو. هتي اسان کي قديم روس جون اصلي ۽ حقيقي جهلڪيون، جلوا، احساس ۽ جذبا نظر ايندا. اهڙا نظارا پڻ پيٽرسبرگ جي مڙهين/ خانقاهن ۾ پڻ ڏسي چڪا آهيون، پر اهي لقاءُ ڏورانهن علائقن جي خانقاهن ۾وڌيڪ نمايان آهن.
روس! قديم روس، ساڳيو ئي روس ويراڳي نظر اچي رهيو آهي. مان جڏهن پهريون ڀيرو روس جي سئر سفر تي اسهيو هئس تڏهن اهڙن تجربن سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي. مان ماسڪو جي انهن حلقن/ دائرن ۾ چڱو چوکو گهمندي ڦرندي گذاريو هو، جتي ڏاهپ ۽ ڄاڻ پنهنجي ترقي يافته مک ۾ موجود هئي.
پر جنهن کي اڳتي هلي يورپي وايومنڊل جي آڏو جهيڻو ۽ جهڪو ٿي نيٺ الوپ ٿيڻ هو. مان تورائڪو سيگي وسڪاجا(Troicko-Sergievskaja) جي خانقاهه ڏسڻ لاءِ روانو ٿيس. اها خانقاهه پنهنجي ادارن، مال خزانن ۽ تبرڪات جي حوالي سان چوڏهين صديءَ جو ڏيک ڏئي رهي هئي پر بٿيني(Bethany) جي خانقاهه ته مورڳو اسان کي تاريخ جي وڌيڪ پراڻي دور ۾ وڃي بيهاري ڇڏيو. اها هڪ جهنگل جي وچ ۾ ۽ پاسي ۾هڪ پراسرار ديول ۾ مسيح جي مصلوب مورتي ٽنگيل هئي. مون کي پنهنجي اندر ۾ ان فرق يا اتفاق تي اچرج لڳو ته گذَيل ڏينهن مان ٽالسٽاءِ ۽ سندس دوستن سان مذهب متعلق بحث مباحثو ڪري رهيو هوس. هاڻي مان هڪ خانقاهه ۾ ويٺل هوس، جنهن جي چوڌاري قبرستان، حيران ڪندڙ تبرڪات ۽ خاڪا/ مورتيون هئا. مون کي ٽالسٽاءِ جي هڪ معتبر دوست هيڏانهن اچڻ لاءِ هڪ خط خانقاهه جي سربراهه لاءِ ڏنو هو ته جيئن هرهڪ شيءِ کي ڏسڻ وائسڻ ۾ سهولت ٿئي.
مان ان ماڻهوءَ کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس جنهن خانقاهه کي چوڌاري گهمڻ ڦرڻ ۾ ساٿ ڏنو. اهو محض پنجويهه ورهين جي ڄمار جو پادري هو. هو انهيءَ خانقاه ۾ جوان جماڻ ٿيو هو ۽ هن جي ذهن تي فقط پراڻي سوچ ويچار جو قبضو هو. هن لاءِ ٻاهر جي دنيا اوپري/ اجنبي هئي. جڏهن ته ان جي برعڪس، مان ان دنيا جو رهواسي ۽ ڪانکي/ سفير هيس، جنهن کان هن فرار حاصل ڪري هتي پناهه ورتي هئي. هاڻي، هُو گڏجي قبرستان جو سئر ڪندي سمجهاڻي ڏئي رهيو هو ته، مان ڇا ڏسي وائسي رهيو آهيان. هن جي نظر ۾ جيڪي به شيون پارسائي/ دينداريءَ سان واڳيل هيون سي هڪ غيرروسي، يورپي، لادين جي لاءِ محض اکين جو ڍئو هيون.
مان پنهنجي سونهين/ رهنما/ اڳواڻ جي منهن تي تڪليف جون ريکائون اُڀرندي محسوس ڪيون پر مڃان ٿو ته هن جي بي وسي ۽ لاچاري جهڙي حالت هڪ يورپي لاءِ چڙ يا صدمي جو باعث ڪونه هئي. هو هرهڪ تبرڪ ۽ بت اڳيان جهڪي ۽ خاص ڪري اهم هستين جي آڏو مورڳو سجدو ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي ڇاتيءَ تي سانده صليب جو نشان هٿ سان ڦيرائي، گوڏن ڀر جهڪندي مقدس جاين کي مٿو ٽيڪڻ ۽ چميون ڏيڻ جي ڪرتبن ۾ مصروف هو.
مان جيئن هن کي ويجهڙائيءَ سان ڏٺو ته سندس چمڙيءَ تي خوف وراڪا ڏئي رهيو هو جنهن ڪري هيبت جا آثار نمايان نظر اچي رهيا هئا. هو شايد محسوس ڪري رهيو ته آسماني طاقت/ ڌڻي سڳورو مون کي اهڙي بڇڙي ۽ بي اعتماد سوچ خاطر ضرور سزا ڏيندو، پر ان سزا تي ڏسندي وائسندي عمل بيهجي ويو ۽ هن کي سڌ سماءُ ئي ڪونه پيو ته سندس مَن ۾ شڪ جو پاڇولو وڌي رهيو هو. هن جي ورتاءُ مان پڌرو هو ۽ هڪ عرضداشت سانڀيل هئي ته مان ڪنهن نه ڪنهن تبر ڪ آڏو ڪنڌ جهڪايان. هاڻي صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ پي آيو ته هن کي هڪ ناستڪ جي بچڻ جو اونو نه هئڻ برابر هو. ان جي برعڪس هن کي سندس فڪري رايو ته هن مهل آسمان کان ڪو قهر ۽ عذاب نازل ڇو نه ٿيو آهي؟
جڏهن، اسان، قبرستان جو سئر پورو ڪيو ته من ۾ خواهش. اُڀري هئي ته اڪيلو واپس ٿيان، پر منهنجو سونهون اڪيلو ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. ان کان اڳ جو پادري سڳوري کي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي اڻ تڻ ظاهر ٿئي، سندس اندر ۾ مئل هورا کورا پڌري ٿي پئي، جڏهن يورپ ۽ ٻي دنيا جي لاءِ پڇاڳاڇا ڪرڻ لڳو. هن جي اکين ۾ ٻاهرين دنيا لاءِ معلومات حاصل ڪرڻ جي بک پڌري هئي پر منهنجي وس ۾ڪونه هو ته سندس چاهه/ اتساهه/ شوق جو پورائو محض ڪجهه ڳالهين ۽ وضاحتن سان ڪري سگهان.
مطلب ته هڪ روسي، هڪ غيرروسيءَ سان ماسڪو ۽ پيٽرگراڊ بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو. ائين ڳالهين ۾ محو رهندي خبر ڪانه پئي ته خانقاه کان ٻرانگهون هڻندا وڃي جهنگل جي ڪناري تي پهتاسون. منهنجو ساٿي پڇاڳاڇا ڪندي ٿڪل ۽ بيزار ڪونه پئي نظر آيو. هن مهل تائين کيس دنيا متعلق سُڌ بائبل جي روشني ۽ سنتن جي يادگار ڪارنامن وسيلي ملي هئي، پر هاڻي هُو جيڪي ڪجهه ٻُڌي رهيو هو سو هن لاءِ نئين نڪور جهان وانگر هو.
بهرحال، مان جڏهن شاهي خانقاه ڏانهن وَرڻ لاءِ پادري جي سهڪاري ورتاءُ ۽ گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪرڻ جا ورجاءِ سان ٿورا مڃي موڪلايو ته هو مون سان ٻاهرين دروازي تائين گڏيو ۽ منهنجي ذهن ۾ ٺهڪندڙ سوال گونجي رهيا هئا ته آخر هن زمين تي انسان کي ڇا ٿو گهرجي؟ ڇا هن کي ڪنهن بخشش يا دان جي گهرج آهي؟ انهيءَ طرز جي ويچارن کن پل لاءِ مَن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. مان شرمساريءَ سببان ويچار ۾ پئجي ويس، پر آخر ۾ سمجهي ويس ته ههڙي مذهبي سٽاءَ جي دنيا تي شڪ ڪرڻ اجايو ۽ فضول آهي، جنهن جو گذر سفر بخششن، دانن ۽ انعامن اڪرامن سان واڳيل آهي. منهنجي مٿي ۾ ڀنواٽيون اينديون رهيون ۽ سوچون ڦيراڪا ڏينديون رهيون. روس ۽ يورپ لاءِ يعني ويساهه ۽ عدم ويساهه جي وچ ۾ ائين شرمساري مان محسوس ڪري رهيو هيس ته ڪا شيءِ مذهبي (مهندار) پادري جي اڳتي وڌيل چنبي مان کسڪائي رهيو آهيان.
اهو مٿيون تجربو ۽ ان سان مشابهت رکندڙ ٻيا تجربا پڻ هڪ ٻي اهم خانقاه ۾ حاصل ٿيا. اتي قدامت پرستن سان بحث مباحثي، مشاهدي ۽ ڪليسائن جي رهڻي ڪهڻي کي چڱيءَ ريت ڏسڻ وائسڻ کان پوءِ پڪي پختي ڄاڻ قديم روس بابت پيٽراعظم جي زماني کان به اڳ جي حاصل ٿي. ائين يورپ ۽يورپي روس کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ماسڪو کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون، ڇو ته سندس تهذيبي مرتبو اڃا تائين روم جو هم عصر آهي.
مان درحقيقت ٽالسٽاءِ جو احسان مند آهيان، جنهن منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ان قدامت پرست دنيا سان ڪرائي. ان ڏس ۾ ماسڪو جي هڪ عجائب گهر جي عملدار جو به ٿورائتو آهيان جنهن ذاتي طور سهڪار ڪري قديم روس سان واڌاري واقفيت ڪرائي.
قديم روس ۽ يورپ جو فرق چٽو آهي ڇو ته اڃا تائين ديولن ۾ پادري، زيارت گاهون، قدامت پرستي ۽ هاري ناري موجود آهن، اهي سڀئي مون کي پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين ڏانهن وٺي وڃن ٿا. جڏهن منهنجي آبائي عقيدي ۾ڪوبه لوڏو ڪونه آيو هو ۽ اهو منهنجو ننڍپڻ ئي هو جو مان زيارت گاهن تي ويندو هوس.
انهيءَ ڪارج جي پوئواري ڪرڻ ۾ اڄ به ٻاراڻي ٽهي ۽ پورهيت زالون ساڳيا ڪرشما ۽ ڪرتب ڏسڻ ۾ مصروف آهن. مطلب ته اهي ساڳي طرز جا ويساهه ۽ وهنوار هلندا اچن پيا، جيڪي منهنجي امڙ جي معرفت مون تائين پهتا هئا. پر اهو ٻالڪپڻ جو دور ختم ٿي ويو ڇو ته ٻاروتڻ جي جاءِ سدائين ذهني پختگي والاريندي آهي.••••
روس، يورپ جي ٻاراڻو اوستا کي سنڀالي رکيو آهي، يعني هاري ناريءَ جو اڪثريتي انگ پنهجي خد و خال ۾ قرون وسطيٰ يا اڃا به چئي سگهجي ٿو ته بازنطيني عهد جي نمائندگي ڪري ٿو. اسان جي سامهون مکيه سوال اهو آهي ته اهو وچولو دور ڪڏهن جديد سجاڳي ڏانهن پيش رفت ڪندو ۽ تحقيق انهيءَ سجاڳي جي سراوڻي ڪرڻ جي ذميواري پيٽراعظم ۽ سندس وارثن جي ڪُلهن تي اچي ٿي.