انقلاب جو آلاپ: ائڊگرسنو
مائو، اهڙي ئي هڪ ٻي رات ڄنگهون هڪ ٻئي سان اٽڪائي هڪ پيتي مٿان جهڪيل هو. هن سگريٽ کي ٻرندڙ ميڻ بتيءَ مان دکائيندي اتان ڳالهه جي اڌ ۾ ڇڏيل ڌاڳي کي سورڻ شروع ڪيو، جتان گذريل شام جو ڇڏيو ويو هو:
”مان نارمل اسڪول ۾ جيترو به عرصو تعليم حاصل ڪئي ته اتي گڏيل مَد ۾خرچ 160 ڊالر ٿيو هو. انهن منجهان به 3/1 حصو اخبارن ۽ رسالن جي مد ۾ خرچ ٿيندو هو. ڇو ته مون اخبارن ۽ ڪتابن جي مطالعي لاءِ مهيني ۾ هڪ ڊالر وقف ڪري ڇڏيو هو. منهنجو ابو اهڙي خرچ کي پئسي جو زيان ڄاڻندي سدائين گهپي ۽ ڪر ڪر ڪندو رهندو هو. هو قيمتي ڏوڪڙن جي ردي ڪاغذن تي خرچ کي ننديندو رهندو هو پر مون کي ته اخبار بينيءَ جو شوق وڻ ويڙهي وانگر ورائي ويو، اهو سلسلو بنا ڪنهن وٿيءَ جي 1911ع کان 1927ع تائين هلندو رهيو. مان جيتوڻيڪ چنگ ڪانگ شا ڏانهن هليو آيس، پوءِ به شنگهائي، بيجنگ ۽ هونان جون اخبارون پڙهندو رهيس.
اسڪول جي آخري سال ۾ هيس ته امڙ گذاري وئي. پوءِ ته ڄڻ گهر ڏانهن وڃڻ جي سڪ ۽ چاهه ويتر گهٽجي ويو. مون ساڳئي اونهاري ۾ بيجنگ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجي هوناني دوستن منجهان ڪجهه ڄڻن فرانس اسهڻ جو پهه ڪيو ته جيئن اُتي ”ڪمائڻ ۽ پڙهڻ“ جي اسڪيم هيٺ تعليم حاصل ڪري سگهن. ڇو ته مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪري فرانس ۾ مذڪوره اسڪيم جي اجازت ڏني وئي هئي ته جيئن ملڪ کي اڻسڌيءَ طرح سهائتا حاصل ٿي سگهي. انهن شاگردن فرانس روانو ٿيڻ کان اڳ بيجنگ ۾ فرينچ سکڻ لازمي سمجهي. مان ان سٽاءُ ۾ پنهنجي وت ۽ وس آهر کين هٿ ونڊايو ته جيئن هونان ۽ نارمل اسڪول جي شاگردن جو فرانس ڏانهن جٿو خير خوبيءَ سان روانو ٿئي. انهيءَ جٿي منجهان ڪجهه ته اڳتي هلي انقلابي ثابت ٿيا. ان تحريڪ کان هُوٿهه لي ايترو ته متاثر ٿيو ته جو چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ پروفيسري جي عهدي تان نارمل اسڪول منجهان استعفيٰ ڏئي فرانس روانو ٿي ويو پر 1927ع تائين ڪميونسٽ هلچل جي ويجهو اچي نه سگهيو.
مان وري ڪجهه ٻين هوناني شاگردن سان بيجنگ ڏانهن هليو ويس. جيتوڻيڪ شاگردن جي اهڙي منظم روانگي تحريڪ لاءِ حد کان وڌيڪ ڪارائتي ثابت ٿي پر منهنجي من ۾ ڪڏهن به يورپ وڃڻ جو خيال به ڪونه آيو. مون محسوس ڪيو ته پنهنجي متعلق ئي اڌوگابري ڄاڻ به ڪانهي. ان لاءِ منهنجو وقت پاڻ بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ وڌيڪ سودمند ثابت ٿيندو. اهي شاگرد جيڪي فرانس ڏانهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسهيا هئا، انهن منجهان لي شش زينگ به هڪ هو، جيڪو هاڻي چين ۾ فرينچ يونيورسٽيءَ جو صدر آهي، پر مان ڪجهه نه ڪري سگهيس. ڇو ته منهنجي من ۾ ڪجهه ٻيا خيال پچي ۽ ٽهڪي رهيا هئا.
مون کي بيجنگ رهائش جي لحاظ کان مهانگو ڏسڻ ۾ آيو. مان هيڏانهن رخ ڪرڻ لاءِ هڪ دوست کان رقم اوڌر طور کڻي آيو هيس، پر بيجنگ ۾ پهچڻ سان چوٽ مهانگائيءَ کي ڏسندي نوڪري لاءِ هٿوراڙيون هڻڻ شروع ڪيون. يانگ چيانگ چي جيڪو نارمل اسڪول ۾ منهنجو علم اخلاقيات جو استاد رهي چڪو هو سو هاڻي بيجنگ نيشنل يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. مون کيس روزگار ڏيارڻ لاءِ وينتي ڪئي ۽ هُن مون کي يونيورسٽيءَ جي لئبررين ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ان جو نالو لي تاچائو هو جيڪو پوءِ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر ٿيو ۽ نيٺ جدوجهد جي صلي ۾ کيس اڳتي هلي ڦاسي ڏني وئي. بهرحال لي تاچائو مون کي نائب لئبررين جي نوڪري ڏني، جنهن ۾ اٺن ڊالرن جهڙي چڱي موچاري پگهار ملڻ لڳي.
منهنجي آفيس اهڙي هنڌ هيٺاهينءَ ۾ هئي جو ڪوبه اچڻ جي سگهه ساري ڪونه سگهندو هو. منهنجي ذميواري هوندي هئي ته جيڪي ماڻهو اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪرڻ اچن ته انهن جا نالا درج ڪيان پر مطالعو ڪرڻ لاءِ ايندڙن ۾ اڪثر اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي ڄڻ ته اوپرا، جداگانه ۽ منفرد لڳندا هئا، پر پوءِ انهن ۾ سجاڳي/ بيداريءَ جي تحريڪ طور ناليرا ماڻهو جهڙوڪ: فُوسُو¸ نِئنَ، لوچيا¸ لُن ۽ ٻين جانالا ذهن تي تري اچن ٿا. آءٌ انهن منجهان ڪنهن سان به سياسي خيالن جي ڏي وٺ جي ڪوشش ڪندو هوس ته اهي لنوائي ويندا هئا، ڇو ته اهي گهڻو مصروف ماڻهو هئا. انهن وٽ ايترو وقت ئي ڪونه هو جو هڪ ننڍڙي ملازم سان ويهي مغز ماري ڪن، جنهن جي ڳالهائڻ جو لهجو ئي لاڙي طرز جو هو.
پوءِ به مون دل نه لاٿي، ان ڪري فلسفي ۽ صحافت جي انجمن ۾ شامل ٿيس ته جيئن يونيورسٽيءَ جي ڪلاسن ۾ وڃڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آساني ٿئي. مان صحافتي سوسائٽيءَ ۾ڪيترن چڱن همعصرن سان واقفيت حاصل ڪئي. انهن ۾ هڪ شاگرد چِن ڪُنگ پُو جو نالو ياد پوي ٿو، جيڪو نانڪنگ ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. تان پنگ شان جيڪو بعد ۾ ڪميونسٽ ٿيو ۽ هاڻي به گهڻو ڪري نام نهاد ٿرڊ پارٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ ٻئي هڪ همراهه جو نالو شائو پيائو¸ پنگ هو، جيڪو مون لاءِ ڏاڍو مددگار ثابت ٿيو. هوصحافتي انجمن ۾ استاد هو ۽ گهڻي قدر لبرل ۽ آئيڊلسٽ هئڻ سان گڏوگڏ صاحبِ ڪردار پڻ هو. ان کي به 1926ع ۾ چانگ زائو لِن وارن قتل ڪري ڇڏيو.
مان جنهن زماني ۾ لئبرري ۾ملازمت ڪندو هئس ته اتي چانگ ڪُوا تائو سان به ڏيٺ ويٺ ٿي هئي، جيڪو هاڻي سوويت سرڪار ۾ نائب صدر آهي. ان کان علاوه ڪيانگ پنگ شائو جيڪو ڪيليفورنيا ۾ ڪُوڪلس ڪلان ۾ شامل وڃي ٿيو هو. ها! هڪ ٻيو معتبر ماڻهو تُوئان¸ سي¸ پينگ پڻ هو. هاڻي هو نانه ڪنگ ۾ نائب وزير تعليم آهي. مان اتي ئي هڪ عورت يانگ ڪائي هوئي سان مليس ۽ ان سان پيار جو پيچ اٽڪي پيو. هوءَ منهنجي علم اخلاقيات جي اڳوڻي استاد يانگ چانگ چي جي ڌيءُ هئي. ان استاد صاحب جو هونئن به منهنجي ذهن تي صحتمند اثر ڇانيل هو ۽ بيجنگ ۾ ته استاد ۽ شاگرد جو ليڪو لتاڙي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچي وياسون.
منهنجي سياست ۾دلچسپي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي ۽ منهنجو ذهن وڌيڪ انقلابي ۽ ريڊيڪل ٿيڻ لڳو. مان ان جو پس منظر اڳ ۾ ئي ٻڌائي آيو آهيان، پر آءٌ پوءِ به مونجهه ۾ ورتل هيس يعني جنهن کي اسان ٻوليءَ ۾ دڳ چئجي، ان لاءِ واجهائي رهيو هيس. مان ڇڙواڳي (Anarchism) تي به ڪجهه چڱيرڙو مواد پڙهي ورتو ۽ ان جو اثر به حاصل ڪيو هو. اهڙو ئي هڪ شاگرد نالي چُوهِسن¸ پي هو، جنهن سان انارڪزم ۽ ان جي چين ۾ اثر رسوخ بابت بحث ٿيندو هو. ان جي نتيجي ۾ مان انارڪزم/ ڇڙواڳيءَ جي ڪجهه نقطن سان سهمت هئڻ جو اظهار ڪرڻ لڳس.
منهنجو بيجنگ ۾ گذر سفر تنگ دستيءَ جي حالت ۾ هو، پر ان هوندي به هن قديم شهر جي سونهن منهنجي پيرن ۾ زنجير بڻجي پيل هئي. مان هڪ ننڍڙي گهر جي اهڙي ڪمري ۾رهندو هيس، جنهن ۾ اڳواٽ ئي 6 ساهوارا رهندڙ هئا. اسان اتفاقي طور جڏهن هڪ وقت ڪمري ۾ موجود هوندا هئاسون ته ساهه کڻڻ ۾به ڏکيائي ٿيندي هئي. مان جيڪڏهن ننڊ ۾ پاسو ورائيندو هيس ته پاسي ۾ ستل کي اڳواٽ خبردار ڪندو هيس، پر مان ننڍڙن باغيچن ڏانهن نڪري ويندو هيس ته جيئن تازي هوا جا جهوٽا ڳيهي سگهان. انهن باغيچن ۾ اڇن اجرن گلن جون قطارون ڏسي گد گد ٿيندو هيس، جيتوڻيڪ اترائين سمونڊ ۾ برف ڄميل هئي. مان سمنڊ ڪناري بيدمشڪ جي لامن ۾بلوري برف لڙڪيل ڏسندو هوس ته دل تي شاعر چن چانگ جا بيت تري ايندا هئا، جنهن سمونڊ تي بيٺل وڻن کي موتين سان تشبيهه ڏيندي هزارين بادام جي وڻن وانگر جهولندي ڏيکاريندو هو. بيجنگ سان منهنجي سٻنڌ جو ڪارڻ اهي اخروٽ جا هزارين وڻ پڻ هئا.
مان 1919ع جي اوائل ۾ هڪ شاگرد سان جنهن کي فرانس ڏانهن اسهڻو هو، شنگهائيءَ تائين گڏجي ويس. مان وٽ ٽڪيٽ محض ٽئنسن تائين هئي ۽ مونجهه ۾ پئجي ويس ته باقي سفر ڪيئن اختتام پذير ٿيندو پر جيئن هڪ جڳ مشهور چيني پهاڪو آهي: ”ڌڻي سڳورو مسافر کي روهه ۾ ڪونه روليندو آهي!“ خوش قسمتيءَ سان مون کي هڪ شاگرد دوست کان ڏهه يوان اڌارا ملي ويا. مون نانڪنگ ڏانهن ويندي واٽ تي چُوفو ۾ ڊاٻو ڪيو ۽ ڪنفيوشس جي تربت تي حاضري ڀرائي. اُتي هڪ چشمو وهندو ڏٺو، جنهن مان ڪنفيوشس جا پيروڪار پير ڌوئيندا هئا ۽ هڪ ننڍڙو شهر پڻ جنهن ۾ اها بزرگ هستي ٻاروتڻ ۾ رهندي هئي. اتي ئي سندس نالي سان منسوب ٿيل مندر جي پاسي ۾ٻوٽو پوکيل آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو ڪنفيوشس پنهنجي هٿن سان پوکيو هو. مان واٽ تي ئي هڪ نديءَ جي ڀر ۾ ترسيس جتي ين هوءِ نالي ڪنفيوشس جو پوئلڳ رهندو هو. ان کان علاوه مون مينيڪس جو جنم آسٿان پڻ ڏٺو. انهيءَ سفر ۾ آءٌ تائي شان جا پوتر پهاڙ به اڪري ويو هيس. اتي ڪنهن زماني ۾ جنرل فينگ يو سرانگ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حب الوطنيءَ بابت شاهڪار مواد لکيو ۽ مرتب ڪيو هو.
جڏهن مان پوڪائو پهتس ته کيسي ۾ ٽڪو به ڪونه هو ۽ نه وري ٽڪيٽ هئي، اتي ڪوبه اهڙو واقفڪار به اڻ لڀ هو جيڪو مالي سهائتا ڪري ته جيئن اڳتي روانو ٿي سگهان، پر اڃان به هڪ ظلم ٿيو جو ڪو شاهينگ منهنجو سڪيلڌو جُوتن جو جوڙو چورائي ويو. ابول! هاڻي ڇا ٿيندو؟ ائين ئي وري رحم جي سهائتا نمودار ٿي ڄڻ ته ڀاڳ جو دروازو کلي پيو. اهو هيئن ته اسٽيشن جي ٻاهران هونان جي هڪ دوست سان ملاقات ٿي وئي. هُو، منهنجي لاءِ فرشتو ثابت ٿيو. هُن مهربان نه رڳو بوٽ خريد ڪرڻ لاءِ ڏوڪڙ ڏنا پر شنگهائيءَ لاءِ ٽڪيٽ به وٺي ڏني. اهڙي ريت مان سک ۽ سلامتيءَ سان سفر پورو ڪيو، پر منهنجي نظر سدائين نون بوٽن ۾ کُتل هوندي هئي. شنگهائيءَ ۾ فرانس ويندڙن کي چڱي خاصي مالي سهائتا ڪئي وئي پر مون کي پوئتي ورڻ لاءِ مالي امداد ڏني وئي. مان پنهنجن دوستن کي آگبوٽ تي الوداع ڪيو ۽ شانگ شا ڏانهن موٽي آيس.
مون کي جيتريقدر ياد آهي ته، اتر ڏانهن سفرڪرڻ جي نتيجي ۾ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪيو، اکين مشاهدو ڪيو.
مون، تونگ تنگ ڍنڍ ۽ آسپاس جي نظارن جو ڍءُ ڪري مزو ماڻيو، مون پيءَ هيتاءَ نار جي مٿاڇري تي ڄميل برف تي پسار ڪري جيڪا خوشي محسوس ڪئي سا اڄ به وساري ڪونه سگهيو آهيان. مون جڳ مشهور هوشچو ديوار جاڦيرا لڳايا ۽ نانڪنگ ۾ اهڙي ئي تاريخي ديوار کي وڃي ڏٺو. مان پڇاڙيءَ ۾ تائي شان پار پئي ڪنفيوشس جي تربت کي به ڏسندو آيس. اهي سئر، سفر ۽ حاصلات ڄڻ ته منهنجي مهم جوئيءَ ۾ هڪ اڻوسرندڙ باب جو درجو ماڻي ويا.
آءٌجڏهن شانگ شا موٽي آيس ته سنئون سڌو سياسي هلچل ۾ حصو وٺڻ لڳس. مون 4 مئي جي تحريڪ کان پوءِ ته شاگرد سياست لاءِ پاڻ کي مڪمل طور ارپي ڇڏيو. آءٌ ان سلسلي ۾ ”هيسيانگ رويو“ جو ايڊيٽر بڻجي ويس. اهو رسالو شاگرد سياست جو ترجمان ليکيو ويندو هو، جنهن جا ڏکڻ چين جي سياست تي ڳنڀير اثر مرتب ٿيا. مون شانگ شا ۾ ”ڪلچرل ڪتاب سوسائٽي“ جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪرڻ ۾ حصو ورتو، جنهن جو بنيادي مقصد هو جديد ثقافتي لاڙن ۽ سياسي سڀاءُ متعلق ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ. ان سوسائٽي ۽ هڪ اڌ ٻين تنظيمن مدي خارج سياسي لاڙن جي پير کوڙي مخالفت جو عمل مطالعي وسيلي شروع ڪيو. اسان نيٺ هڪ اهم هڙتال ۽ مظاهري جو سڏ ڏنو، جنهن ۾مطالبو ڪيو ويو ته، قدامت پرستيءَ جي نمائندگي ڪندڙ چانگ چنگ يائوءَ کي برطرف ڪيو وڃي. گڏوگڏ اسان بيجنگ ۽ ڏاکڻين علائقي ڏانهن وفد اماڻيا، جتي سن يات سين اڳواٽ ئي مخالفت جوجهنڊو جهولائي رهيو هو ته جيئن انهن سان رابطو ڪري سگهجي، ان مطالبي جي موٽ ۾ چانگ چنگ وارن شاگرد مخزن ”هيسيانگ رويو“ تي سختي شروع ڪئي.
آءٌ ان کان پوءِ ستت ئي بيجنگ هليو ويس ته جيئن جديد پيپلز اسٽڊي سوسائٽي/ ”جديد عوامي مطالعاتي سوسائٽي“ نالي تنظيم ۾ نمائندگي ڪرڻ سان گڏوگڏ ماده پرستي مخالف هلچل ۾ حصو وٺي سگهان. سوسائٽي وڌيڪ منظم طور چانگ چنگ يائو جي خلاف وسيع پئماني تي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي. ان ڪم کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارن بنيادن تي بيهارڻ ڪرڻ لاءِ هڪ خابرو اداري/ نيوز ايجنسيءَ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو. تحريڪ ڪجهه نه ڪجهه هونان ۾ پير پختا ڪيا. ان جي ڪري چيانگ چنگ يائو وارن جي ذري گهٽ تڏا ويڙهه ٿي وئي ۽ تان ين ڪائي جي نالي سان نئين تنظيم جڙي راس ٿي. انهيءَ زماني ۾ سماجي بيهڪ چٽي نموني ٻن حصن ۾ ورهائجڻ شروع ٿي يعني کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر. هڪ ڏور رس سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ردوبدل آڻڻ کاٻي ڌر جو مطالبو هو.
مان شنگهائي ٻيو ڀيرو 1919ع ۾ ويو هيس. منهنجي اتي ئي ٻيهر ملاقات چن تُوسُو سان پڻ ٿي. اُن سان پهرين ملاقات نيشنل يونيورسٽي بيجنگ ۾ ٿي هئي. مان ورجايان ٿو ته ان شخصيت منهنجي دل ۽ دماغ تي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دائمي اثر چٽي ڇڏيا.
مان، هُوشَهه سان به ان زماني ۾ مليو هوس ته جيئن هنوائي جي شاگر تحريڪ لاءِ پٺڀرائي حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي سگهان. ان معاملي متعلق شنگهائي ۾ چن تُوسو سان پڻ بحث مباحثو ڪيو ته ڪيئن نئين سر ليگ جي اڏاوت هنوان ۾ ڪري سگهجي ٿي. ان کان پوءِ شانگ شا موٽي آيس ۽ تنظيم سازي شروع ڪئي. مون اتي هڪ استاد طور اچي شروع ڪم ڪيو. گڏوگڏ عوامي مطالعاتي سوسائٽيءَ ۾ متحرڪ ٿيڻ لڳس. ڇو ته سوسائٽيءَ وٽ حقيقت ۾ هنان جي آزادي يعني مڪمل ”خودمختياري“ جو پروگرام هو. هونئن به عام ماڻهن ۾ بيزاريءَ سان گڏوگڏ اهڙي سوچ به وڌي وڻ ٿي وئي هئي ته هنان ايستائين جديد ۽ خوشحال ٿي ڪونه سگهندو جيستائين شنگهائي جي گرفت مان آزاد نه ٿيندو. اسان جي تنظيم ان مقصد لاءِ مظاهرا شروع ڪيا. مان پنهنجي سِر به ان دور ۾ آمريڪا جي آزاديءَ واري دستاويز جو طرفدار هوندو هيس.
تان ين ڪائي کي هنان منجهان هڪ فوجي چائو هينگ ٽي نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان فوجي ”هُنان جي آزادي“ لاءِ اڀرندڙ احتجاج کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. هو ظاهري طور ته آزاديءَ جي منصوبي جي پٺڀرائي ڪري رهيو هو ۽ ان جي جاءِ تي رياست هاءِ متحده چائنا جو خاڪو پيش ڪري رهيو هو. پر جيئن ئي هن همراه اقتدار تي گرفت مضبوط ڪئي ته سڀ کان اڳ ۾ جمهوري تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ اُگرا طور طريقا آزمائڻ شروع ڪيائين. اسان جي تنظيم جو منڍ کان وٺي مطالبو هو ته عورت ۽ مرد کي مساوي/برابر حق ڏنا وڃن. ان لاءِ سرڪاري ادارن ۾ نمائندگيءَ کان وٺي بورجوا جمهوريت ۾ به حق ملڻ گهرجن. اسان پنهنجي خبرنامي ”نيو هُنان“ ۾ مذڪوره مطالبن جي حق ۾شدت سان لکڻ شروع ڪيو. اسان عملي طور پنهنجن مطالبن مڃرائڻ لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جي اڳيان مظاهرو ڪيو. ڇو ته ان نام نهاد پارليامينٽ جا ميمبر وڏيرا ۽ زميندار هئا، جيڪي فوجي پٺڀرائيءَ سان ٿاڦيل هئا. ان جدوجهد ۾ شهر جي اندر اهڙا عوام مخالف بئنر پڻ لاهي ۽ ڦاڙي ڦٽا ڪيا ويا جيڪي سرڪاري ساراه ۽ ثناخوانيءَ متعلق لکيل هئا.
هُنان ۾ پارليامينٽ آڏو مظاهرو ڪرڻ هڪ خطرناڪ قدم هو. حڪمرانن جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو، بهرحال چائو هنگ¸ تي اقتدار تي قبضو ڪري ويساهه گهاتي ڪرڻ ۽ ماڻهن جي جمهوري مطالبن کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ طاقت جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪابه شرمندگي محسوس ڪانه ڪئي. ان ڪري اسان جي سوسائٽي پنهنجي جدوجهد جو سنئون سڌو رخ انهيءَ فوجي آمر ڏانهن ڪيو. مون کي ان سلسلي ۾ 1920ع ۾ دکدائڪ حادثو ياد اچي ٿو، هِسن¸ مِن وارا روس جي آڪٽوبر انقلاب جي سالگره ملهائڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا، پر جشن کي روڪڻ لاءِ پوليس اماڻي وئي. ماڻهن منجهان هڪ شخص ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي به سختيءَ سان روڪيو يو. ان جشن ۾ شريڪ ٿيندڙن جو چوڻ هو ته آئين جي فقري نمبر2 1 مطابق ماڻهن کي حق حاصل آهن ته اهي گڏ ٿي پنهنجا حق گهري سگهن ٿا پر پوليس ان کي مڃڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهي. ان جي برعڪس پوليس جو چوڻ هو ته لازمي ناهي ته آئين جي پيروي ڪئي وڃي، پر اُهي گورنر چائو هِنگ ٽي جي فرمان کي مڃڻ جا پابند آهن. اهڙي ظالمانه لقاءُ ڏسڻ کان پوءِ منهنجو ان خيال ۾ وڌيڪ پختو ويساهه ٿي ويو ته عوامي سياسي پاور کي عوام جي عمل سان ئي مضبوط ۽ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. ڇو ته انهيءَ طريقي سان متحرڪ طرز جا سڌارا آڻي سگهجن ٿا.
1920ع جي سياري ۾ ورڪرن کي منظم ڪيو ويو. انهن کي مارڪسواد ۽ روسي انقلاب جي اثر سان آيل ردوبدل کان آگاهي ڏني وئي. مان جڏهن ٻيو ڀيرو بيجنگ ويس ته روس بابت چڱي خاصي نئين معلومات حاصل ٿي. ڪيئن به ڪري هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻي چين ۾ دستياب ٿيندڙ ڪميونسٽ مواد هٿ ڪيم. ان منجهان ٽي ڪتاب مطالعي دوران مون تي وڌيڪ اثرانداز ٿيا. ڇو ته، انهن ڪتابن جي طفيل مارڪسزم ۾ ويساه وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿيو. ائين تاريخ جي نئين طرز سان سمجهاڻي ۽ ڄاڻ ملي. اهي ڪتاب هئا: ڪميونسٽ پڌرنامو، جيڪو چيني ٻوليءَ ۾ چن ونگ تائو ترجمو ڪيو هو. چيني ٻوليءَ ۾ ”طبقاتي جدوجهد“ بابت ڪاٽسڪي جو ڪتاب ۽ ”سوشلزم جي تاريخ“ ڪِرپڪ جا لکيل هئا.
اهڙيءَ ريت 1920ع جي اونهاري ۾ پاڻ کي فڪري ۽ ڪنهن حد تائين عملي طور مارڪسواد سمجهڻ لڳس ۽ ٿوري وقت کان پوءِ مڪمل طور مارڪسوادي هئڻ تي فخر محسوس ڪرڻ لڳس. ان ساڳئي سال ۾ مون، يانگ ڪائي هُوئيءَ سان وهانءُ ڪيو.