تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

شهري وڳوڙن جو اڀياس : لئنارڊ برڪوئز

سماج ۾ دنگي فساد يا وڳوڙ جي تشريح مختصر لفظن ۾ مايوسي. اڳرائيءَ جي خيال ۽ قياس آرائيءَ سان واڳيل سمجهي ويندي آهي. ان کان پوءِ سياسي گوڙ گهمسان هجي يا دنگي فساد جو عروج، لاقانونيت هجي يا وري ڦرلٽ ۽ فرض جي ڪوتاهي ليکيا وڃن ٿا. اسان سماج ۾ اهڙي صورتحال بابت آگاهي اڳ ۾ ئي رکندا اچون پيا. ان لاءِ هتي ضروري ناهي ته اقتصادي لاهن چاڙهن ۽ نفسياتي نراسائيءَ جو ورجاءُ ڪري وضاحت ڪجي. ڇو ته اسان کي چڱيءَ ريت سڌ آهي ته انهن ٻنهي اسمن جي ڪري ئي سماج ۾ اڻبرابري ۽ مقامي حد تائين عدم استحڪام موجود آهي. انهيءَ سموري صورتحال کي اڃا به ڪنهن حد تائين سياسي نقطه نگاه ۽ اقتصادي لحاظ کان لبرل سوچ ۽ فڪر رکندڙن جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن جي راءِ مطابق سماج ۾ جيڪي رنڊڪون ۽ رڪاوٽون موجود آهن، انهن کي پاسيرو ڪرڻ گهرجي، جيئن انساني طلب ۽ خواهش جو پورائو ٿي سگهي. لاشڪ ته ان طرز جي سادي نموني وضاحت يا تشريح گهڻن ئي لاءِ ڌيا ن طلب بڻجي ٿي. ان جو مثال مسٽر ڊولارڊ ۽ سندن ساٿي آهن، جيڪي 1939ع يل ۾ (Yale) موجود هئا. انهن جي راءِ مطابق اڳرائي هميشه نراسائي ۽ نااميديءَ جي گود منجهان جنم وٺندي آهي.
جيتوڻيڪ وسيع پئماني تي مايوسيءَ جي نتيجي ۾ اڳرائيءَجي قياس آرائي کي سهڪار حاصل آهي. پر ان هوندي به اهو فارمولا تنقيد کان مٿڀرو ڪونهي. جيئن ته هتي اسان جي عنوان ۾ شامل آهي ته تشدد جا ڪارڻ ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪيون. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي ته نراسائي ۽ اڳرائيءَ جي وچ ۾ ڳانڍاپي کي سڃاڻڻ لاءِ جهد ڪريون ۽ ان بابت جيڪي به اعتراض ۽ سوال سامهون اچن ٿا انهن کي به حل ڪرڻ ڏانهن پيش رفت ڪيون.
سمجهڻ گهرجي ته تنقيد جا جيڪي ماڻ ماپا هوندا آهن، سي ڇڙوڇڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ لڳندا آهن ۽ سماج ۾ هڪ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ پڻ رنڊڪ بڻجي بيهندا آهن. اسان پنهنجي بحث کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ ٻن اهم نقطن جي نشاندهي ڪرڻ لازمي سمجهون ٿا. هڪ ته مان پنهنجي سوچ مطابق نااميدي ۽ اڳرائيءَ جي قياس آرائيءَ کي اهم جز ليکيان ٿو، پر ان هوندي به حالتن پٽاندڙ ردوبدل اچڻ کي رد ڪري نه ٿو سگهجي.
ٻيو ته، يل (Yale) جي ماهر نفسيات جي راءِ مطابق ته ”نراسائي“ کي هڪ رستي جي رنڊڪ ۽ ان کي محض کي هڪ هڪ جذباتي شوشو سمجهڻ واري سوچ کي مسترد ڪيان ٿو.
اڄوڪي دور ۾ تنقيد جو هڪ طريقه ڪار چٽيءَ ريت علم نسانيات جي ماهر ڪونارڊ لورينز جون تحقيقون ۽ تخليقون آهن. هن صاحب جي راءِ مطابق عضون جو سلوڪ/ ورتاءُ، پوءِ اهي عضوا انساني آهن يا ٻين جانورن جهڙوڪ: مڇيون، پکين پکڻن جا انهن جي اندروني تحرڪ جو نتيجو آهن. ان تحرڪ جو سنئون سڌو واسطو سندن سلوڪ/ ورتاءُ سان آهي. هُن جي چوڻ مطابق ”ورتاءُ“ جو اظهار هڪ پاڻمرادي اعصابي تحرڪ جو نتيجو آهي. ان جي ٻاهرين نموني اظهار جو وسيلو پڻ هڪ اڀار ۽ ترغيب سان لاڳاپيل آهي. ائين به سمجهڻ گهرجي ته ورتاءُ يا سلوڪ جو ردعمل هروڀرو اظهار سان به هئڻ ضروري نه آهي. ڇو ته ورتاءُ جي ردعمل کي ڪڏهن ڪڏهن اندروني اظهار روڪي وجهندو آهي، جيڪڏهن چڱي چوکي مقدار ۾ اندروني جوش ۽ جذبي جو اظهار ٿئي ٿو ته پوءِ ڪنهن به حالت ۾ ان کي روڪڻ جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا.
ان مانواري ليکڪ پنهنجي ڪتاب بعنوان ”اڳرائي“ جي هيئن به تشريح ڪئي آهي ته: ”اصل ۾ تحرڪ (اڳرائي) هڪ پاڻمرادو جبلت سان ڳنڍيل آهي.“ اڃان به وڌيڪ چٽو ڪندي چوي ٿو ته: ”اها جبلت لاشڪ ته خطرناڪ ردعمل جو اظهار آهي.“ ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته ورتاءُ ڪنهن به وقت ڦاٽ کائي سگهي ٿو. پوءِ ان لاءِ موقعي ۽ مهل جو هئڻ به ضروري ناهي. لورنز جي خيال مطابق اڄوڪي مهذب دنيا جي ماڻهوءَ کي اڳرائيءَ جي اظهار لاءِ جهجهي انداز ۾ مهل موقعا ميسر ڪونهن. ان ڪري بنيادي نراسائي ۽ نااميدي ئي اهڙو عنصر آهي، جيڪو ”اڳرائيءَ“ جي اظهار جو مکيه ڪارڻ ليکي سگهجي ٿو.
اسان جي لاءِ هتي ضروري ڪونهي ته لورينز جي اونهائيءَ ۾ ڪيل بحث مباحثي کي بڻياد بڻائي ورتاءُ بابت اجائي ڊيگهه پٽاڙ ۾ پئجي وڃون، ڇو ته مان ان نقطي کان به ڀليءَ ڀت واقف آهيان ته لورينز جي ”ورتاءَ“ بابت تشريح ۽ وضاحت سان ڪيترائي علم حياتيات ۽ نفسيات جا ماهر شديد ٽيڪا ٽپڻي ڪري چڪا آهن. ان ڪري ڪيترين ئي ٻين شين کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ سان گڏوگڏ نقاد حضرات سندس مبهم ۽ منجهيل طريقي سان نفسيات جي تشريح کي رد ڪن ٿا.
ان هوندي به لورينز جون لکڻيون ڪيترن ئي سڄاڻ هستين لاءِ ڪشش جو ڪارڻ پڻ بڻيون آهن. انهن لکڻين جو لورينز جي ٻين لکڻين تي پڻ چٽو اثر نظر اچي ٿو، پر رابرٽ آرڊري جي لکڻي بعنوان "Territorial imperative" ۾ پڻ نظر اچي ٿو. اهڙي حالت ۾ سڀ کان اول انهن شهادتن کي اک مان ڪڍڻ ضروري آهي، جن وسيلي هو انساني ورتاءُ جي وضاحت ۽ وصف بيان ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ هڪ مثال ثبوت طور پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ هُو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿو ته: سندس سوچ ۽ مشاهدي جي پٺڀرائي مروج ناڪام آمريڪي تعليمي سرشتو پڻ ڪري ٿو، جنهن مطابق ٻارڙن ۾ اڳرائي ڪرڻ جي جبلت نه هئڻ برابر آهي. جيتوڻيڪ ٻار ڪيترين ئي محرومين کي پنهنجي آڏو ٿيندو ڏسن ٿا ۽ پوءِ به خوشي حاصل ڪرڻ جي تمنا رکن ٿا. ان ڪري جيڪي ٻار خوشي ۽ دادلائپ جي ماحول ۾ پلجن ٿا، سي سدائين ساڳئي ماحول جي خواهش رکن ٿا.
ان ڪري اوچتو ڪابه آپدا، مصيبت يا نراسائي سندن مٿان ظاهر ٿئي ٿي ته انهن ۾برداشت ڪرڻ جي قوت نه هئڻ برابر هوندي آهي. اها ڄڻ ته انهن جي اڳيان هڪ رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهندي آهي، پر لورينز جي اڳرائي، نراسائي بابت قياس آرائي ڪنهن به نقصان کان آجي ۽ سک سلامتي سان ڏيکارڻ ۾ اچي پئي. ڇو ته سندس علم الانسان متعلق راءِ به اڻ گهڙيل ۽ اڻپوري نظر اچي ٿي.
علم نفسيات جو ماهر جيڪڏهن ثابت ڪري وڃي ٿو ته اتر آمريڪا جي ريڊ انڊين ۾حد کان وڌيڪ اعصابي بيماريءَ جا آثار نمودار ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ نسلي لحاظ کان اڳرائي ڪرڻ جا عنصر جيڪي جهجهي انداز ۾ هوندا آهن پر کين جنگي زماني ۾ پڻ ٻاڦ ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت نه هوندي هئي. پر ڪوبه سندن موجوده اقتصادي ۽ سماجي محرومين ڏانهن اشارو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. اسان کي وري علم نفسيات جو ماهر ٻڌائي ته قديم بور نين قبيلي جو جياپو خطري ۾ پئجي ويو آهي، ڇو ته انهن کي دشمن جي سِسي لڻي محفوظ ڪرڻ جي موڪل ڪانهي. ان ڏس ۾ علم الانسان جو هڪ ماهر ائڊمنڊ ليچ ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لورينز جي راءِ کي اجايو سمجهي چوي ٿو ته. اصل ۾ بورنين قبيلن ۾ انسانن جي انگ ۾ گهڻو واڌارو اچڻ آهي.
اڃا به هتي ٻيو حوالو چٽو ٿي بيهي ٿو جيڪو لورينز جي اڳرائيءَ واري ورتاءُ کي بنهه نروار ڪري بيهاري ٿو. ان ۾ هو ڄاڻائي ٿو ته ماڻهن ۾ ويڙهاند ۽ وڳوڙ پڻ هڪ اهڙو عنصر آهي جيڪو ڌرين کي ڌار ڪرڻ ۾ ڇڙوڇڙ گروهن ۾ اڪيلائيءَ جي غار ڏي ڌڪي ڇڏي ٿو. انهن ماڻهن بابت لورينز وضاحت ڪندي چوي ٿو ته: ”انهن اڪيلائيءَ ۾ ورتل ماڻهن ۾ اڳرائي ڪرڻ جو رجحان خطرناڪ حد تائين وڌندو رهي ٿو. منجهن هڪ ردعمل پيدا ٿئي ٿو ته، موقعو ملڻ تي اهي اوپرن ۽ ڌارين کي اڳرائيءَ جو نشانو بڻائيندي دير ئي نٿا ڪن.“
اهڙي صورتحال ۾ لورينز جي چوڻ مطابق جيڪو به ماڻهو ڪجهه فهم ۽ ادراڪ رکندڙ هوندو آهي، سو اهڙي خوفائتي ماحول منجهان کسڪي پيرن تي زور رکندو آهي ته ڪنهن معقول جاءِ تي وڃي وسرام ڪري. انهيءَ فارمولي تي جيڪڏهن عمل ڪجي ته پوءِ ان جو مطلب ٿيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو دڳ اهو آهي ته ماڻهن کي ويڙهاند کان منع ڪري سک سلامتيءَ ڏانهن مائل ڪجي يا وري انهن کي اڳرائي ڪرڻ جو اهڙو طريقه ڪار ٻڌايو وڃي، جنهن مان ٻئي کي نقصان رسڻ جو انديشو گهٽ هجي. پر جيڪڏهن لاهي پاهي رڳو اهڙا اُپاءَ وٺجن جو نراسائي ۽ نااميديءَ کي ختم ڪري سگهجي ته ان جو ڪو خاص اثر ڪونه ٿيندو.
هاڻي جيتريقدر منهنجي راءِ جو تعلق آهي ته مان لورينز پاران تڪرار جي نبيري لاءِ ڏنل تجويزن سان سخت اختلاف رکان ٿو. ڇو ته نالي ماتر مشاهدي يا پيرائتي ڇنڊڇاڻ سان هڪ ئي نقطو نروار ٿي بيهي ٿو ته ڳڻ ڳوت سان به اڳرائي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ردعمل گهٽ نه پر اڃا به وڌيڪ سگهه سان نروار ٿئي ٿو. اسان کي خبر آهي ته ڪجهه ماڻهن کي ٻين جي لاءِ اندر ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سانڀيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو کانئن مختلف ۽ جداگانه نوعيت جا آهن. اندر ۾ اهڙو تعصب ۽ ڪٽرپڻو رکندڙ هستيون لازمي طور ٻين ڌرين منجهان به دوستانه روش جي اميد ۽ آسرو رکي نه سگهنديون. هونئن ڪاوڙ ۽ نفرت جو جذبو رکندڙ ڪنهن حد تائين پاڻ کي مطمئن ڀائيندا آهن ته مخالف کي چيڀاٽي رهيا آهن، پر پوءِ به سندن اڳرائي يا ارهه زورائيءَ جي روش ۾ گهٽتائي نه ايندي آهي. زار جي زماني ۾ سندس خفيه پوليس يهودي اقليت جي قتلام لاءِ ڀڙڪائڻ جو ڪم ڪيو هو. ان جي باوجود به روسي انقلاب، جپان ۽ روس يا جرمني جنگيون رُڪجي ڪونه سگهيون.
مطلب ته اقليتن ۽ ٻاهرين ماڻهن تي حملا ڪرائڻ جي نتيجي ۾ ماڻهن جي اندر ۾ مرڪزي سرڪار خلاف ڌڪار ۽ نفرت ۾ جهڪائي ڪونه آئي. ڇو ته، اڳرائيءَ جي موٽ ۾ وڌيڪ جارحاڻي اڳرائي اڀرندي آهي، جيستائين زور آزمائيءَ سان چيڀاٽڻ جو عمل تشدد جي شڪل اختيار نه ٿو ڪري. ان کان پوءِ ماٺار ڇانئجڻ جي برعڪس ابتدائي طور ڀڃ ڊاهه، ساڙ ٻار، ڦرلٽ ۽ وڳوڙ شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي وڌيڪ تشدد جي صورتحال کي چٽو ڪري بيهاريندا آهن. انهيءَ ڏس ۾ هڪ تجربو به سامهون آيو آهي ته ٻارن کي ننڍپڻ ۾ راندين جي آڌار اڳرائيءَ جو هيراڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ کين ٿڌو ٿانهرو ڪرڻ يا عدم تشدد ۽ درگذر ڪرڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو، جنهن کي سهڪار ڪرڻ لاءِ ٻاراڻو ذهن مشڪل سان تيار ٿئي ٿو.
هينئر هڪ نقطو پڌرو ٿي سامهون آيو آهي ته، محض وهم، خوف ۽ شڪ جي بنيادن تي انسان جي اڳرائيءَ جو پيدا ٿيڻ سڀاويڪ ۽ فطري آهي. جيتوڻيڪ اڳرائي، نراسائي ۽ گمان جي سڀاءَ تي تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته نراسائي ۽ ارهه زورائي/ اڳرائي جي وچ ۾ ڪوبه رشتو ناتو نظر ڪونه ٿو اچي پر ان جي برعڪس اڄوڪي دور ۾ انساني سڀاءَ ۾ سماجي/ تنظيمي طور ويجهڙائپ نظر اچي ٿي. مطلب ته اسان جي لاءِ لازم ڪونهي ته انهن مذڪوره عنصرن کي پيدائشي طور يا فطري لحاظ کان انساني جبلت جو هڪ اڻ ٽٽندڙ حصو سمجهون. ان ڪري هلندڙ دور ۾ کوجنا ڪندڙ مامرن جو چوڻ آهي ته پيدائشي يا فطري لحاظ کان ڪجهه اڻ مٽجندڙ حقيقتن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو هڪ تار تنتي سرشتي وانگر آهي ۽نه وري تيز ڇهاءُ جيان. ڇو ته تنتي سرشتو/ اعصابي ڳانڍاپو ڪجهه عملن/ تحرڪن کي آسانيءَ سان پڌرو ڪري بيهاري ٿو، پر ان لاءِ به ضروري آهي ته هڪ خاص جوش ۽ جنون جهڙي موٽ هجي. هونئن فطري/ پيدائشي عنصرن جو جوش/ هيجان ۽ موٽ/ وراڻيءَ جي وچ ۾هڪ ڳانڍاپي جو ڪردار ٿئي ٿو. ان ڪري هڪ ٺهڪندڙ هيجان يا جوش جي ڪيفيت پاڻمرادو نڪري نروار ٿئي ٿي، شرط اهو آهي ته سڀاءَ/ سلوڪ/ ورتاءُ به چٽو ٿي بيهي.
جيتري قدر مايوسيءَ جو تعلق آهي ته ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ورثي طور سندس اوسر جو ڳانڍاپو پڻ زورآوريءَ سان ليکي سگهجي ٿو. مجموعي طور ماڻهوءَ جي سڀاءُ ۾ سماجي رغبت/ ڪشش سانڀيل رهي ٿي، جيڪا کيس ارهه زورائي ڪرڻ تي اڪسائي ٿي، جڏهن سندس آڏو ڪابه رنڊڪ اچي بيهي ٿي. مطلب ته ٻيا عنصر جهڙوڪ: سزا جو خوف يا زورآوريءَ جي رستي کي ترڪ ڪرڻ سان به مايوسيءَ جي حقيقي ۽ چٽي شڪل سامهون اچي ڪانه ٿي بيهي.
ائين ٿلهي ليکي زورآوري کي مايوسي بابت قياس آرائيءَ جي تشريح کي ڄڻ ته ذهني طور قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جيڪڏهن اسين مايوسيءَ کي جذباتي طرح هڪ اڻ لاڳاپيل عنصر طور مڃتا ڏيڻ کان انڪار ڪيون ٿا. لاشڪ، انسان ۽ حيوان جي اسرندڙ جسماني ترڪيب تي کوجنا ڪرڻ کان پوءِ نتيجو سامهون آيو آهي ته، سخت گير قسم جي رنڊڪ جي ردعمل ۾ هوبهو ساڳيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون، جيڪي ڪنهن سزا ۽ سختيءَ جي صورت ۾ نروار ٿين ٿيون.
اڃا به هڪ نفسيات دان جي زباني هيئن چئي سگهجي ٿو ته، مايوسيءَ جو بڻ بڻياد نفرت ۽ ڌڪار جي اوسر ۽ اڀار سان جڙيل آهي. جڏهن ته نفرت ۽ ڌڪار جو لڳ لاڳاپو يا اڀار مورڳو زورآوري/ اڳرائيءَ سان جڪڙيل آهي پر جيڪڏهن گهڙي کن لاءِ جذباتي طرز جي مايوسي ۽ نراسائي پاسيرو ڪري ڇڏجي ته پوءِ اسان کي انسان يا حيوان جي اندر ۾ مايوسي ۽ زورآوريءَ جي هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپن کي جهاتي پائڻ سان حاصلات ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿيندي.
هتي هڪ نقطو ڌيان لائق آهي ته، ويجهڙائيءَ جو حياتيءَ/ زندگيءَ تي گهڻ پاسائون اثر نظر اچي ٿو. اسان هڪ ڪبوتر جو مثال وٺون ٿا ته جيڪڏهن ان جي آڏو به سندس مرضي ۽ منشا خلاف رنڊڪ پيدا ٿئي ٿي ته هو ٻارن ۽ مردن وانگر ساڳيو ئي ردعمل ڪري ٿو. ان حوالي سان تازو هڪ تجربي وسيلي ٻن ناميارن ماهرن ايزرن ۽ هيڪ پڻ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. سندن راءِ مطابق ڪبوترن کي سکيا ڏني وئي ته هڪ مخصوص هنڌ تي اڏامي پهچڻ ۽ ٺونگو هڻڻ سان کين کاڌ خوراڪ دستياب ٿيندي. ڪبوتر ان عمل کي ورجائيندا رهيا. اوچتو ان مخصوص هنڌ تان ڪبوتر کي خوراڪ ملڻ بند ڪئي ويئي ته، سندن ردعمل يا سلوڪ ڏسڻ وٽان هو.
اهو هيئن ته ڪبوتر پنهنجي چهنب سان ٺونگا هڻي ان رنڊڪ کي هٽائڻ لاءِ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو. ان کان پرڀرو ڪبوتر جيڪو ان سموري صورتحال کان بيخبر هو ۽ ان اهڙي رنڊڪ کي هٽائڻ بدران ٽاڪوڙو وجهندڙ ڪبوتر کي رنڊڪ سمجهي مٿانئس حملو ڪرڻ ۾ به ويرم ڪانه ڪئي. ائين سمجهڻ گهرجي ته مايوسي ۽ نااميدي ڄڻ ته اره زورائيءَ جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي، پر ان لاءِ لازمي آهي ته موافق ۽ پسنديده نشانو پڻ هجي. اهڙي ريت اهو آخري ڄاڻايل عنصر يعني نشانو/ ٽارگيٽ/ مقصد به پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو.
ان کان اڳ ۾ جو اسين مقصد/ ٽارگيٽ جي تحرڪ کي وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪيون، پهريائين مايوسي يا نراسائيءَ جي ڪيفيت کي چٽو ۽ نروار ڪري بيهاريون. ان لحاظ کان اهي صاحب جيڪي نراسائي، زورآوريءَ جي قياس آرائيءَ کي رد ڪري رهيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته هڪ ماڻهوءَ ۾ نراسائي ان وقت واسو اچي ڪري ٿي، جڏهن کيس زندگيءَ جي خسيس يا تڇ جهڙن سماجي ضرورتن کان ڊگهي عرصي تائين محروم رکيو وڃي ٿو. بهرحال ان طرز جو گمان ڪنهن به حالت ۾نراسائيءَ جي تشريح سان ڪونه ٿو ٺهڪي اچي.
مان هن مضمون جي ابتدا ۾ ئي ان ڪيفيت بابت مختلف حوالن سان وضاحت ڪري آيو آهيان. ان ڪري روايتي طرز جي سببن ۽ ڪارڻن جي برعڪس يا وري فرائڊ ۽ لورينز جي قياس آرائيءَ جي ابتڙ ڪجهه نفسيات دان وري ان راءِ جا آهن ته، احساس محرومي کي ڪنهن به ورتاءُ يا روش لاءِ محض ڪارڻ نه ٿو ليکي سگهجي. نئين نظرئي تحت محروميءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهميت مقصد جي آرزو ۽ اميد کي ڏيڻ گهرجي. ڇو ته تحرڪ يا هلچل جي ڪيفيت اميد ۽ آروزوءَ جي پيداوار هوندي آهي، جيڪا مقصديت سان واڳيل آهي. ان ڪري مقصديت جي ثابت قدمي ئي اميد يا آرزوءَ کي ماڳ تي رسائيندي آهي.
ائين ساڳي ريت هڪ نفسيات دان (Mowrer) انهيءَ منجهيل سُٽَ کي هيئن ٿو سلجهائي ته اسان اوستائين مقصد ماڻي ڪونه سگهنداسين جيستائين اميد ۽ آرزو جي هلچل سيني ۾ متل نه هوندي. ان زمري ۾ ڪنهن هڪ فرد جي مقصديت کي مثال طور وٺو ته ان جي مقصديت ۾ کاڌ خوراڪ، جنسي خواهش جو پورائو ۽ هڪ رنگين ٽي وي شامل آهن، هو ان مقصديت کي تڏهن ئي ماڻي سگهي ٿو، جڏهن سندس ذهن ۾ انهن اسمن جي حصول لاءِ آرزو ۽ اميد جي جوت جلندڙ هوندي. جيڪڏهن فرد جي اندر ۾ آروزو ۽ اميد پنهنجي منزل ۽ ماڳ نه ٿا حاصل ڪري سگهن ته پوءِ سندس نراسائي ۽ مايوسيءَ ۾ واڌارو اچڻ کي رد ڪري نه ٿو سگهجي.
انهيءَ ڏس ۾ سياسي¸ سماجي سٽاءُ يا جوڙجڪ جو نظريو يا قياس آرائي به پنهنجي پد ۾ چٽو ۽ نشانبر ٿي بيهي ٿي. ڇو ته هڪ اصطلاح آهي: ”انقلاب سدائين اميد منجهان ڦٽي نڪرندو آهي.“ مذڪوره اصطلاح ئي نروار ٿيندڙ نراسائي جي نشاندهي ڪري ٿو. بک ۽ تنگ دستي جا ماريل گروه جن ڪڏهن پنهنجي خواب خيال ۾ به آٽوموبائل، واشنگ مشين يا وري جديد گهرن لاءِ سوچ ويچار ڪونه ڪيو هوندو ته انهن جو پڻ نراسائيءَ جي گهير ۾ اچڻ ناممڪن هوندو آهي. ڇو ته انهن کي محروميت جي سڌ ڪا نه هوندي آهي. ها! پر انهن ۾ ان وقت نراسائيءَ جو وڌڻ اوس ۽ اڻٽر بڻجي پوندو آهي. جڏهن کين شين جي حصول لاءِ اميد ۽ آسرو پيدا ٿي پوندو آهي.
هاڻي جيڪڏهن انهن گروهن ۾ همٿ ۽ اميد جو عنصر پختو ٿي پوندو آهي ته ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪري سگهن ته انهن ۾ تسلي ۽ دلجاءِ پيدا ٿيندي آهي. ان جي برعڪس اميد جو ٻوٽو ڪومائجڻ لڳندو آهي ته نراسائي ۽ نااميدي ورائڻ لڳندي آهي. اهو محروميت جو عنصر هروڀرو اٿندي ئي تشدد جي اهڙي ڪيفيت به بيدار ڪري ڪونه وجهندو آهي جو مورڳو اميد جي اسم کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏي!
جيمس ڊيوس پڻ ان ساڳي اصول يا ”انقلابي نظرئي“ جي نشاندهي پنهنجي لکڻين ۾ ڪئي آهي. هن جي چوڻ مطابق آمريڪي، فرينچ ۽ روسي انقلابن جو سلسلو ان ڪري اڀري مٿي ڪونه آيو هو ته ماڻهو گهڻي وقت کان وٺي دٻيل ۽ هيسيل يا مصيبتن ۾ پيڙجي رهيا هئا. مذڪوره انقلابن جي آمد جو مکيه ڪارڻ هيءُ هو ته نالي ماتر اميد ۽ آس جو ترورو ماڻهن جي گذرِ حيات ۾ ردوبدل آڻڻ سبب بڻجي رهيو ۽ ان جي اڳيان هڪ رنڊڪ سندن ڀڙڪي اٿڻ ۽ ردعمل ثابت ٿيو.
انهيءَ زمري ۾ ويجهڙائيءَ ۾ ليکڪن آءِ¸ ڪي فيئرابئنڊ ۽ آر¸ ڪي فيئرابئنڊ (Fierabend and Fierabend) پاران به هوبهو ساڳيا انگ اکر پڌرا ڪيا آهن. انهن ٻنهي ڄڻن به زورآوري مايوسي جي خيال آرائيءَ جي، سياسي پس منظر جي حيثيت ۾ پيدا ٿيندڙ عدم استحڪام کي اثرائتي نموني مخالفت جو هڪ جز ڄاڻائيندي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. ان کان سواءِ سندن اڳڀري راءِ آهي ته جيئن ڇوهائيءَ سان سماج جي اندر جديديت پيدا ٿيندي رهي ٿي ۽ عام ماڻهن کي پرائمري تعليم جي ملڻ ۽ ٿوري ٿڪي کاڌ خوراڪ ۾ به چڱڀرائي اچڻ سان سياسي عدم استحڪام جو اڀري اچڻ به لازمي بڻجي پوي ٿو. ڇو ته تيزيءَ سان ايندڙ سماجي ۽ اقتصادي سڌارن جي نتيجي ۾ اميد ۽ آسرو به وڌيڪ مستحڪم ٿئي ٿو ۽ ان جي حصول لاءِ خواهش به وڌڻ لڳي ٿي. اميد جو عنصر سچائيءَ کي نروار ڪري بيهاري ٿو. جيتوڻيڪ سماج ۾ ردوبدل به تيزيءَ سان ايندي رهي ٿي، پوءِ به ماڻهن ۾ نراسائيءَ به ساڳي تناسب سان وڌندي رهي ٿي. اهي ساڳيون حالتون (يعني اميد ۽ نراسائي) موجوده نيگرو انقلاب ۾ به درپيش اچي رهيون آهن.
مان هاڻي ٿورو تحرڪ/ اڀار جي اصليت سان لاڳاپيل مسئلن بابت خيال آرائي ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو ته اهو ڪيئن زورآوريءَ کي نشانو بڻائي ٿو. مان اڳ ۾ به ٻڌائي آيو آهيان ته تجرباتي طور اوستائين ڪنهن به ڪبوتر ۾ زورآوريءَ جا اهڃاڻ پيدا ڪونه ٿا ٿين. جيستائين ڀرپاسي ٻيو ڪبوتر رنڊڪ يا مداخلت نه ٿو ڪري. ان ڪري جانورن ۾ هڪ غضبناڪ زورآوريءَ جي اڀري اچڻ جو بنيادي ڪارڻ ڀرپاسي جا ٻيا جانورن ئي بڻجن ٿا. ساڳي طرز جا نتيجا ڪوئن تي بجلي جي شاڪ ڏيڻ سان موٽ ۾ پڻ حاصل ٿيا آهن.
ائين جانورن ۾ مجموعي طور تحرڪ/ اڀار جو مکيه ڪارڻ ئي مخالف تي حملو ڪرڻ ڄاتو وڃي ٿو، پر جڏهن ڪوئن جي مٿان بجليءَ جو شاڪ ڏيندي سندن آڏو ڪابه متحرڪ يا غيرمتحرڪ گُڏي رکي وئي ته اها سندن نشانو ڪانه بڻجي سگهي. ان حد تائين جو ڪو مئل ڪوئو به پڃري ۾ رکيو ويو ته ان ڏانهن به سندن ڌيان ڪو نه هو پر جيڪڏهن مئل ڪوئي جي ڪابه چرپر ڪرائي پئي ويئي ته هڪدم حملو ڪري ٿي ڏنائون. ٿلهي ليکي انهن تجربن جي موٽ ۾ڪوئن جي تحرڪ منجهان حاصل ڪيل نتيجو مغزي تنتي سرشتي ۾ ٿرٿلو مچائڻ جي برابر ڏسڻ ۾ پي آيو. جيتريقدر ڪنهن وٿ يا وکر کي حملي جو نشانو بڻائڻ جو ڪارڻ ڏسڻ ۾ آيو ته ان وٿ جي حيثيت ۽ پد سان لاڳاپيل هڪ مقصد ۽ موضوع هو.
اهڙي نموني لورينز جي راءِ موجب: جانورن ۾ پنهنجي نشاني تي حملي ڪرڻ جو رجحان ان وقت ممڪن بڻجي سگهي ٿو، جڏهن انهن ۾ متحرڪ هئڻ جي ڪيفيت کي اڀاريو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ ته پنهنجي مقرر ڪيل نتيجي جي حصول لاءِ متحرڪ ۽ جاندار ڪيفيت ئي جانورن ۾ زورآوريءَ کي اڀارڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ان ڪري پوءِ ڪبوتر، ڪوئو ۽ ٻلي هجن. اسان ائين چئي سگهون ٿا ته جوش جذبي يا هيجان کي اٿاري آڻڻ ۾مايوسيءَ جو اهم ڪردار آهي. ڇو ته ان جي وسيلي ئي سُور ۽ عذاب جو احساس مغزي سرشتي ۾ ڀوانٽيون ڏيڻ شروع ڪري ٿو. جنهن لاءِ مقصد جو حصول ئي تحرڪ کي اڀارڻ جو اهم عنصر بڻجي ٿو.
اهو ساڳيو ئي طريقيڪار انساني جبلت ۾ پڻ سانڀيل آهي، ڇو ته گهڻي ڀاڱي مفيد قسم جي ارهه زورائيءَ به فطري طور محرڪ/ تحرڪ جو ڪارڻ آهي. ان ڪري سخت جذباتي اڀار پڻ زورآوريءَ جي جارحاڻن لاڙن کي نروار ڪري بيهاري ٿو ۽ تشدد آميز ورتاءُ يا سلوڪ به نڪري نروار ان حالت ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ان جي سامهون شديد زورآوري رنڊڪ بڻجي بيهي ٿي. ان حوالي سان ويسڪان ليبارٽري ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا ويا آهن ته انساني جبلت جي مذڪوره لاڙي يا روش کي سچو ثابت ڪري سگهجي.
اسان جي ئي بيان ڪيل قياس آرائيءَ کي ڌيان ۾ رکندي ۾ پڌرائي ڪئي وئي ته ظاهري جوش ۽ ڪاوڙ جو لڳ لاڳاپو ارهه زورائيءَ جي حيثيت سان ڳنڍيل آهي، جنهن مطابق اهڙا ماڻهو هر وقت ڏاڍائي ڪرڻ لاءِ هڪ نه ٻي موقعي جي انتظار ۾ هوندا آهن. انهيءَ طرز جي جارحاڻي ارهه زورائي لاءِ ٺهڪندڙ مثال هٿيار جو استعمال ڪرڻ آهي. اسان جي کوڙ سارن ڪيل تجربن منجهان هڪ تجربي تز نموني ثابت ڪيو آهي ته هڪ ڪاليج جا مڇريل شاگرد جن کي موقعو ڏنو ويو ته کين عذاب ڏيندڙ جي مٿان حملو ڪري سگهن ٿا ته، انهن زورآوري ڪرڻ لاءِ ليڪو لتاڙڻ ۾ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي. ان حد تائين جو پنهنجي هدف کي نشانو بڻائڻ لاءِ هٿيار ڪتب آڻڻ ۾ به ڪونه ڪيٻايو. اڃا به جيڪڏهن سندن هٿ ۾ رائفل وغيره هجي ۽ ”مقصد“ ڪمزور ۽ هيڻو هئڻ سان گڏوگڏ کين جهل پل ڪرڻ وارو به نه هجي ته وڌيڪ زور آوري ڪرڻ ۾ پوئتي پير ڪونه ڪن ٿا. ائين کڻي چئجي ته هٿيار جو هئڻ حملي ڪرڻ جي شدت ۾ وڌيڪ اڀار جو ڪارڻ بڻجي ٿو.
ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو مثال هيءُ آهي ته ٻارڙن جي هٿ ۾ جيڪڏهن راند روند ڪرڻ جو رانديڪو به زور آوري يا ويڙهاند جو نمونو آهي ته ان جو به اثر ٻار جي سوچ ۽ رجحان تي نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ائين مجموعي طور کوجنا وسيلي صورتحال سامهون آئي ته ارهه زورائيءَ جو ذريعو (بندوق) ان ويل پنهنجي جوش ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهي ٿو جڏهن اهو ڪنهن جي هٿ ۾ استعمال ٿي رهيو هجي. ڇو ته جوش ۽ ڪاوڙ جو اظهار زورآوريءَ جي قدر ۽ قيمت سان سلهاڙيل هو. ائين اسان جي کوڙ سارن تجربن جو نچوڙ هيئن وڃي بيٺو ته ماڻهن جو اهڙو انگ جن کي تشدد سان ڀرپور فلمون ڏيکاريون ويون ته انهن جو ردعمل به وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ نمودار ٿي بيٺو.
انهيءَ طرز جون کوجنائون ڪرڻ ۾ وڌيڪ آسانيون هم عصر آمريڪي سماج ۾چٽي نموني ڏسڻ ۾ آيون. ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي نه هٿيار ڪلچر کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي پئي پر ان هوندي به گذريل اونهاري ۾ جيڪي وڳوڙ اسان جي شهرن ۾ ٿيا انهن جي اثرن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. اسان جي ڪجهه سياسي رهنمائن ان جو ڪارڻ جنهن نقطي کي ڄاڻايو ان مطابق اقتصادي ۽ سماجي مايوسيءَ جي تاريخي پس منظر کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. ان ڪري اونهاري ۾ ٿيل فسادن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ مذڪوره عنصرن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهي. ڇو ته سياه فام آمريڪين جي وڌندڙ مايوسيءَ پڻ هڪ اهم عنصر آهي. جيتوڻيڪ وڳوڙن جو وڌندڙ رجحان جيڪو وبائي مرض وانگرن شهرن ۾ پکڙجي چڪو هو، ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي عمل کي گهڻ پاساوَن ڪارڻن جي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
انهن ڪارڻن منجهان ڪي ته وڌيڪ ٺهڪندڙ آهن: جهڙوڪ: سياه فام وڳوڙين انتقام وٺڻ خاطر عمل ڪيو ۽ يا انهن پنهنجي سگهه ۽ طاقت جو اظهار ڪيو. ان صورتحال کي اڃا به آسان نموني ڏسبو ته انهن فسادن ۾ ڪجهه ماڻهن جي شموليت محض لٽ ڦر ڪرڻ جي مقصد سان سلهاڙيل هئي پر ائين چوڻ به عبث ۽ اجايو ٿيندو ته سڀئي وڳوڙ/فساد رڳو ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ هئا. انهن فسادن جي لاءِ هيئن به چئي سگهجي ٿو ته پاڻمرادو زورآوري جي اڀري اچڻ جو هڪ ڪارڻ جذباتي ۽ جنوني ماحول به سمجهڻ گهرجي.
هونئن ڇڙوڇڙ ماڻهن جي تشدد آميز روش کي هروڀرو اڇي چمڙي وارن جي خلاف ڪنهن مڪمل رٿابنديءَ جي حساب ڪتاب سان سمجهڻ نه گهرجي. ان جي برعڪس جيڪڏهن ڄاڻي واڻي سفيد فامن جي علائقن ۾ ڪنهن به محاذ آرائي شروع ڪرڻ منجهان نتيجو ڪارن جي ملڪيتن کي نقصان رسائڻ جي شڪل ۾ نمودار ٿيو. ان هوندي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ارهه زورائيءَ کي وڌيڪ ڇوهو ڪرڻ ۾ جوش ۽ جنون جو اهم ڪردار رهيو هو.
ائين ظالماڻي طرز جي مايوسيءَ جو ڦهلاءُ مورڳو زورآوريءَ جي ڪارج کي بنيادي مواد فراهم ڪري ٿو ته، اهڙي فراهميءَ جي سلسلي کي ٻنجو ڏيڻ جي لاءِ اپاءَ وٺڻ سان متحرڪ عنصرن کي هٿ وسيڪو ڪري سگهجي ٿو. هونئن به مختلف طرز جا اره زورائيءَ جا جنوني لاڙا اخباري رپورٽن، تصويرن ۽ فلمن وسيلي به اڀرن ٿا. ان ڏس ۾ هن ملڪ توڙي ڪئناڊا ۾ کوجنا وسيلي ثابت ٿيو آهي ته اره زورائيءَ پنهنجي جوهر ۽ جمال ۾ پڻ جارحانه لاڙن کي وڌيڪ اجاڳر ڪري ٿي. جيتريقدر ميڊيا وسيلي ارهه زورائيءَ جي پکڙجڻ جو تعلق آهي ته اها هڪدم پڌري ڪانه ٿئي ٿي، پر اره زورائيءَ جاڪجهه ورجاءُ يا موٽ جا عمل اندروني طور تحرڪ ۾ رهندي جارحيت ۽ تشدد جي سوچ ۽ فڪر کي سگهه بخشيندا رهن ٿيا. پر اڳتي هلي اهڙيون سوچون عملي طور اره زورائيءَ جي شڪل نمودار ٿين ٿا. ان حالت ۾به ڪجهه اهڙيون اخباري رپورٽون به ملنديون آهن، جيڪي اره زورائيءَ جي ٻرندڙ باهه تي ٿڌا ڇنڊا وجهڻ جو ڪم ڪنديون آهن. اهڙو ماڻهو جيڪو لٽ ڦر، ڀڃ ڊاهه جي عمل کي منجهيل ۽ شڪي نظرن سان چڱيرڙو سمجهي ٿو ته ان سان هڪ بهتر سلوڪ پڻ کيس مونجهه ۽ شڪ منجهان ٻاهر آڻڻ جو وسيلو بڻجي ٿو. ان طرز جي پٺڀرائي ڪرڻ کي هروڀرو عزت ۽ معتبريءَ جو ليکو به سمجهڻ نه گهرجي. ڇو ته ان قسم جو سلوڪ يا ورتا وڌيڪ ڪارگر نتيجا ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. پر ساڳي وقت اره زورائيءَ جي وڌندڙ امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي.
ان کان پوءِ اڇي چمڙيءَ وارن جي محلن ۾ڇوهائيءَ سان واقعا نمودار ٿيا: اهو هيئن ته جنون ۽ جوش کي سفيد فامن پاران سياه فامن جي خلاف اڀارڻ ۾، هڪ رپورٽ مطابق ته پوليس به وسئون ڪونه گهٽايو. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته زورآوريءَ کي شديد ڪرڻ ۾ ۾ هٿيار به هڪ اهم عنصر جي حيثيت رکي ٿو ۽ ساڳي وقت پوليس جو ورتاءُ! ڇو ته پوليس جي اهڙي ذومعنيٰ ڪردار جو ردعمل يا موٽ به سياه فامن پاران ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اڀو ٿي بيهڻ ليکي سگهجي ٿو. اصل ۾ اهي طاقت جي ڌڌڪي ۽ ڏهڪاءُ سان استعمال ڪرڻ جو اهڙو ذريعو آهن، جيڪي قانون جي نالي ۾ سياه فامن جي مٿان اڻ ڄاتل اختيارن کي به ڪتب آڻڻ ۾ قباحت محسوس ڪونه ٿا ڪن.
ڊيٽرائٽ جي ميئر ڪيوانگ پنهنجي شاهديءَ ۾ پڻ پڌري پٽ اهڙي جارحاڻي طريقه ڪار يا ورتاءُ جي نشاندهي ڪئي آهي. ان صاحب پنهنجي بيان ۾ کوڙ سارين حقيقتن کي اجاڳر ڪندي چيو آهي ته: وڳوڙن جي وڌي وڃڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به آهي ته ڇڪتاڻ يا تڪراري جاين تي پوليس فورس جي پهچڻ ۾ سستي ۽ لاپرواهيءَ جي ڪري مکيه شهرن ۾ وڳوڙن ۾ ڪنهن حد تائين پاڻمرادو جهڪائي اچي وئي آهي. (پريس ڪانفرنس جولاءِ 30 1967ع) لاشڪ ته وري ٻئي پاسي مل ووڪي جي علائقي ۾ ننڍي پئماني تي ٿيل فسادن ۾ ڪيوانگ مطابق: ترت فوج ۽ قومي رضاڪارن کي اماڻڻ سان وڳوڙن تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.
مطلب ته پوليس کي ترت اماڻڻ جي نتيجي ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي وايومنڊل کي ٿڌو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي ڇو ته گهٽين ۽ رستن تان ماڻهن جو نڪري وڃڻ به زورآوريءَجي جوش ۽ جذبي کي ماٺيڻو ڪري سگهيو. هونئن ماڻهن جا هشام جڏهن ٻين کي لٽ ڦر ۽ تشدد جي ڪاررواين ۾ مصروف ڏسندا آهن ته اهڙو وايومنڊل سندن جذبن کي ڀڙڪائڻ جو ڪارڻ ٿيندو آهي پر انهن گهربل نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ فرض ٿو بڻجي ته قانون لاڳو ڪندڙ آفيسر ڦڙتيءَ سان اپاءُ وٺڻ شروع ڪن. ڇو ته پوليس جو ذميوارانه نموني جاءِ واردات تي فرض نڀائڻ کان ڪن لاٽار ڪرڻ جا نتيجا پوليس جي عدم موجودگيءَ واري صورتحال کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ائين به ممڪن آهي ته اهڙن وڳوڙن ۾ ٻاهران آيل سياه فام به شامل ٿي وڃن ته پوءِ عام رواجي پوليس کي اهڙي انبوه کي منتشر ڪرڻ ۾ پڻ ڏکيائي محسوس ٿيندي.
اهڙيءَ حالت ۾ هاڃيڪار صورتحال پيدا ٿيڻ جي امڪان کي به پٺيءَ ڀر اڇلائي نه ٿو سگهجي ڇو ته پوليس جي اضافي اَنگَ کي استعمال ڪرڻ جي حالت ۾ اختيارن جي استعمال ۾ مونجهارو ۽ لاتعلقي پيدا ٿيڻ جي عمل کي رد ڪري نه ٿو سگهجي، پوءِ به هڪ حقيقي فائدو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو هيءُ ته غيرواضح طرز جو، تَڪبندي وارو قانون به هروڀرو زورآوريءَ کي اڀارڻ ۾ يا وري مايوسيءَ کي پکيڙڻ ۾ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم نٿو ڪري ۽ مورڳو مڇريل ماڻهن کي ماٺيڻو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
اسان جي شهرن ۾ پکڙجندڙ فسادن ۽ وڳوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ڪارج آهي. اسان کي انهن فسادن جا سبب سمجهڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ٿي، جيڪا اسان جي ذهانت، سوچ ۽ مشاهدي لاءِ هڪ للڪار آهي. ان هوندي به مان مڪمل خاطريءَ سان محسوس ڪيان ٿو ته، اهڙي طرز جي فسادن جون پاڙون هروڀرو ڪنهن مبهم زورآوريءَ جي جبلت ۾ڪونه کُتل آهن. پوءِ به پاڻ مرادو زورآوريءَ کي ماٺيڻو ڪرڻ ۽ سک سلامتيءَ حاصل ڪرڻ سولو ڪارج ڪونهي. ان ڪري هڪ ئي رستو آهي ته ڏاهپ ۽ سچيتائيءَ سان ترتيب وار کوجنا وسيلي اڀياس ڪري ماضيءَ جي ڪارگذارين کي ذهن ۾ رکندي پيش قدمي ڪرڻ سان گهربل ۽ مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا.