جرمنيءَ ۾ هارين جو معرڪو: فريڊرڪ اينگلس
چوڏهين ۽ پندرهين صديءَ جي دور ۾جرمني صنعتي لحاظ کان چڱي موچاري ترقي ڪئي هئي. جاگيردارن جي گهرو صنعت کي منظم صنعتڪاري (Guild orgaingation) جي معرفت پيداوار جي لحاظ کان شهرن ۾ مات اچي وئي، جنهن جي پهچ ۽ رسائي وسيع علائقن کان وٺي ڏورانهن مارڪيٽن تائين به ٿي چڪي هئي. ان کان سواءِ اوني ليلن جي صنعت به پير ڄمائي ورتا هئا. جنهن ڪري نازڪ ۽ نفيس ريشم، لِيلَن جي پيداوار آگسبرگ(Augsburg) ۾ ٿي رهي هئي. اڃا به اُڻت جي فن کان به اڳڀرو صنعتڪاري جي ٻين شعبن جهڙوڪ فائن آرٽ جنهن جي شاهڪار چٽسالي جا عڪس ڪليسائن ۽ قرون وسطيٰ جي نوابن جي سون ۽ چانديءَ جي استعمال وارين شين تي پسي سگهجن ٿا. ڪاٺ جي اڪر، مجسمه سازي ۽ هٿيار سازيءَ ۾ اضافو آيو. ساڳيءَ ريت بارود ۽ هنرسازي پڻ ترقي ڪئي.
اهڙيءَ طرح واپار ۽ صنعت به هڪ ٻئي سان قدم ملائي هلڻ لڳا. ان کان علاوه هينسيٽڪ ليگ(Hansetic Leauge) جي جهازرانيءَ تي لڳاتار هڪ صديءَ جي هڪ هٽي به اتر جرمنيءَ جي سموري علائقي کي قرون وسطيٰ جي ظالماڻي دور مان ڇڪي مٿي کڻي آئي ۽ ان حد تائين جو سورهين صديءَ جي پڄاڻيءَ ويل جڏهن هينسيٽڪ ليگ جو جوهر ۽ جمال، انگريز ۽ ڊچ واپارين سان مقابلي ۽ محازآرائي ۾ جهيڻو ٿي رهيو هو پر پوءِ به واپار جا هڙيئي شاهراه هندوستان کان اتر ڏانهن ويندي جرمنيءَ منجهان گذرندا هئا. جيتوڻيڪ واسڪوڊيگاما هڪ نئين ڳولا وسيلي گهڻو ڪجهه اڳڀرائي ڪري چڪو هو. ان صورتحال ۾ به آگسبرگ، اٽلي جي ريشم، هندستاني گرم مصالحن ۽ لٽي ڪپڙي جي منفرد ڊزائينن جو مرڪز هو. انهي ئي عهد ۾ اتر جرمنيءَ جا شهر آگسبرگ ۽ نيورنمبرگ پنهنجي شاهوڪاري ۽ امارت جي ڪري ملڪان ملڪ مشهور هئا. ڪچي مال جي پيداوار ۾ به ترقي ٿي رهي هئي. هونئن به پندرهين صدي جا جرمن کاڻين وارا پنهنجي ڄاڻ ۽ پورهئي جي ڪارڻ دنيا ۾ هڪ خاص اهميت ۽ پد جا مالڪ هئا ۽ زراعت به پنهنجي قرون وسطائي دور منجهان پاند آجا ڪرائي شهريت اختيار ڪري رهي هئي. ان لاءِ نه رڳو زمين جو ڳپل حصو/ رقبو آبادي هيٺ اچڻ لڳو پر رنگسازيءَ جا پلانٽ ۽ ڪيترائي منفرد نمونا متعارف ڪرايا ويا، جنهن جا زراعت تي لاڀائتا اثر مرتب ٿيا.
ان هوندي به جرمنيءَ جي قومي آمدني ٻين ملڪن جي اپت سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي هلڻ جي قابل ڪانه هئي. زراعت، اڃا تائين انگلستان ۽ هاليند جي نسبت پوئتي هئي. صنعت پڻ اٽلي ۽ انگلستان جي ڀيٽ ۾ اڳڀري ڪانه هئي ته جهازرانيءَ جي ميدان مان انگريز ته ڇڏيو پر ڊچ به جرمنيءَ کي ليڪي منجهان ٻاهر ڪڍڻ جا حيلاهلائي رهيا هئا. آدم شماري به ڇڊي هئي. جرمنيءَ جي تهذيب ۽ ثقافت جا اهڃاڻ به ٿورا ٿڪا هئا، جيڪي گهڻي ڀاڱي واپار ۽ صنعتي مرڪزن جي آسپاس هئا. انهن ۾ ٽڙيل پکڙيل اهڃاڻن ۾ به دلچسپي نالي ماتر هئي ۽ انهن جو هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپو به ورلي هو.
هوڏانهن ڏکڻ جرمنيءَ جا واپاري رابطي جي حوالي سان اتر جرمنيءَ کان ڄڻ ته مختلف ۽ جداگانه هئا. اوڀر ۽ اولهه ۾ ته مورڳو ويجهڙائي ئي ڪانه هئي. اهڙي وايومنڊل ۾ جرمنيءَ جو ڪوبه اهڙو شهر ڪونه هو جنهن کي ملڪ جي صنعت ۽ واپار ۾مرڪز جي حيثيت حاصل هجي جيئن لنڊن کي انگلستان ۾ آهي. جرمنيءَ ۾ اندروني آمدورفت جو ڄار گهڻي ڀاڱي سامونڊي ڪناري سان ۽جهازرانيءَ وسيلي هو ۽ ها: ڪجهه شاهي رستا جهڙوڪ: آگسبرگ کان ڪولون ۽ نيڌر لينڊ ڏانهن يا وري ايفرٽ کان اتر ڏانهن موجود هئا. مذڪوره ندين ۽ ڪجهه شاهي واپاري رستن سان اهڙا ڳپل سارا شهر هئا، جيڪي واپار جي اهم مرڪزن کان ڇڳل هئا، ڄڻ ته قرون وسطيٰ جي جادوئي دور جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. ڪجهه غيرمقامي شين کي وپرائڻ ۽ ڪجهه روانگي واپار لاءِ پيداوار ڪرڻ کان علاوه ٻي ڪا اهم سرگرمي نظر ڪانه پئي آئي. ان ڪري ٻهراڙين منجهان معتبر طبقي جو ڪجهه نه ڪجهه واسطو ٻاهرين ٿيندڙ ردوبدل سان هو، باقي هارين نارين يا عام ماڻهن کي اهي حدبنديون اورانگهڻ جو نه حق هو ۽ نه ان سان گڏ ٻاهرين دنيا ڏانهن اک کڻي ڏسڻ جي اجازت هئي.
ان جي برعڪس انگلستان ۽ فرانس ۾ واپار ۽ صنعت ۾ ترقي اچڻ جي ڪري ملڪي ماڻهن جا مفاد هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا. جڏهن ته جرمنيءَ جي سياسي مرڪزيت ۾ محض ايتري ڪارائتي ردوبدل آئي هئي جو مفادن جي صف بندي صوبن ۽ مقامي سطح تائين ٿي سگهي هئي. ان جو مطلب ته سياسي اختيارن جي ونڊ ورڇ جرمني کان علاوه ٻين واپار ۾ ترقي ماڻيندڙن ملڪن ۾ به شروع ٿي چڪي هئي. اهو هڪ مڃيل اصول آهي ته فيوڊل رياست ۾ ڏارون پوڻ شروع ٿينديون آهن ته اتحاد جون ڪڙيون به ڀڄي ڀورا ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ اهي شاهي جاگيردارانه رياستون گهڻي ڀاڱي جاگيردارن جي لاءِ آزاد حڪومتون هونديون آهن، جنهن ڪري ڪنهن ملڪ جا وڏا شهر هڪ پاسي ته سرڪار جا نائيٽ يا رکوالا ٻي پاسي هوندا آهن. اهي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ يا مخالفن جي ڊوڙ ڊڪ ۾ شهزادن ۽ بادشاهن سان شامل رهندا پي آيا. انهيءَ مجموعي صورتحال ۾ شهنشاهيت جي طاقت به جر تي ڦوٽي وانگر ٿي مختلف قوتن جي هٿن ۾ تماشو بڻجي پوندي آهي. سندن اختيارن جو زوال اچڻ شروع ٿيندو آهي. اهڙو چٽو مثال اسان جي آڏو لوئي سورهين جو آهي، جنهن جو جيڪو سازشن ۽ شورش سبب اقتدار محض ورثي ۾ مليل آسٽريا تائين محدود ٿي ويو. آخر ۾ سرسي حاصل ڪندڙ اهڙي منجهيل ماحول ۾ ڪوبه لاڀائتو ڪارج ڏئي نه سگهندا آهن، ويتر ان بدحواسيءَ جي صورتحال ۾هڪ اهڙي جارحانه مرڪز کي مسلط ڪرڻ جي لاءِ هٿ پير هڻندا آهن، جيڪو نااتفاقي کي وڌيڪ مسلط ڪندو آهي، جنهن ڪري صوبائي توڙي مقامي مرڪزيت جي نمائندن جي آڏو بادشاه يا شهنشاه جي حيثيت گهٽجي ماڳهين هڪ ڄامڙي واري وڃي رهندي آهي.
اهڙي ريت انهن قرون وسطائي حالتن ۾ محسوس ڪرڻ جهڙي ردوبدل اچڻ لڳي ۽ قديم طبقن جي پاسي ۾جديد طبقن جي اوسر ٿيڻ لڳي. قديم دور جي اشرافيه طبقي جي جاءِ شهزادن اچي والاري. اهي گهڻو تڻو شهنشاه جي اثر رسوخ يا دائري کان ٻاهر ۽ آزاد هئا ۽ خود مختياري جا هڙئي حق واسطا کين حاصل هئا. هو پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق امن ۽ جنگ کي برقرار رکڻ، پنهنجي فوج رکڻ، مقامي ڪائونسلون ٺاهڻ ۽ ٽئڪس مڙهڻ ۾ آزاد ۽ بااختيار هئا. انهن ڏاڍن مڙسن اڳ ۾ ئي هيٺئين طبقي جي اشرافيه کي نگهوسار ڪري، شهرن تي قبضو ڪري پنهنجي قلمرو ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. هو پنهنجن اختيارن ۽ حڪمرانيءَ جي حدبنديءَ ۾ وسعت آڻڻ لاءِ زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ نالي ماتر نوابن کي زيردست ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪونه ڪندا هئا. جيتوڻيڪ اهي سڀئي هڪ شهنشاهيت جو حصو هئا. شهرن ۽ امراءُ ڏانهن سندن رويو سخت گير مرڪز جهڙو هو پر جڏهن سندن سامهون ڪو طاقتور سامراج اکيون ڦوٽاري بيهندو هو ته ان جي مخالفت ۾ وري مرڪز جي جارحيت خلاف گهوڙا گهوڙا ڪرڻ ۾ ڪمزور مرڪز جي طرفداري ڪندا هئا. هو اندروني طور اختيارن جي معاملي ۾ آپيشاهه هئڻ سبب مالدار کي مال ميڙڻ جي بنا ڪنهن هٻڪ جي ڪانڍ ڏيندا هئا. جڏهن به کين ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته اهي محصول مڙهڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ ظالمانه نهج تائين خود مختيار هئا. مالدار طبقي کي محصول جي اوڳاڙي کان آجو قرار ڏيڻ جو ڪو ورلي مثال هوندو، نه ته ٻيو مڙوئي خير، بلڪ اڃا به ان ۾ اضافو ڪيو ويندو هو.
انهيءَ سموري صورتحال ۾ جنگي ويڙهاڪ/ نائيٽ يا پادري سڳورا محصول جي مامرن کان آجا ۽ خوشحال هوندا هئا، پر شاهن ۽ شهزادن جي وڌندڙ عيش و عشرت، درٻاري شان و شوڪت، فوجي خرچ پکي ۽ انتظامي سٽاءُ جي ٻوجهه ۾ ڏينهون ڏينهن اضافي جي صورت ۾ وڌيڪ محصول وصول ڪرڻ جو طريقه ڪار جارحاڻو ۽ ظالماڻو ٿيندو ويو.
اهڙين حالتن ۾ شهر واسي ته ڪنهن اٽڪل، حرفت سان واڌارو ٽيڪس ڏيڻ کان جان ڇڏائي ويندا هئا ته پوءِ سمورو بار اچي هارين جي ڪمزور ڪلهن تي ڦهڪو ڪندو هو. ڇو ته اهي هاري گهڻي ڀاڱي شهزادن جي قبضي ۾ يا وري جنگي سردارن جا ٻڌا ٻانها ۽ شهزادن جا ڏن ڀرو هئا. اڃا به ٽئڪس جي مد ۾ سنئين سڌي وصولي منجهان پورائو نه ٿيندو هو ته پوءِ اڻسڌي وصولي ڪرڻ ۾ قباحت ۽ شرم محسوس ڪونه ڪيو ويندو هو، ڇو ته سندن مالي اخراجات جي خال کي ڀرڻ لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. ان جي باوجود به کيسا خالي ٿي پوندا هئا ته وري گروي رکڻ لاءِ هيرا جواهرات ۽ قيمتي شيون موجود هونديون هيون، يا ڪوبه آزاد شهر کين امداد ڏيڻ کان نابري واري ويهندو هو ته پوءِ سڪن وسيلي هيراڦيري ڪرڻ جو دڳ اختيارڪيو ويندو هو. اهو هيئن ته هڪ اهڙو سڪو مارڪيٽ ۾متعارف ڪرايو ويندو هو جنهن جي قدر و قيمت ۾لاٿ اچڻ جا آثار سدائين موجود رهندا هئا ۽ ٻي پاسي وري شهزادي جي اڪريل مورت سان سڪو آڻي ان لاءِ خاطري ڏني ويندي هئي ته مضبوط پت ساک سان واڳيل آهي.
پوءِ حڪمران انهن سڪن جي معرفت مارڪيٽ منجهان پنهنجي گهرج ۽ رسد جون شيون خريد ڪري وٺندا هئا پر انهن سڪن جي قدر و قيمت نه هئڻ برابر هوندي هئي. ان کان پوءِ به شهرن منجهان وڻج واپار جون شيون پنهنجو حق سمجهندي طاقت جي زور تي کڻي وٺندا هئا ته جيئن وري ضرورت وقت انهن ئي وکرن کي مارڪيٽ ۾وڪرو ڪري سگهجي ۽ ڪنهن به مخالفت جو عذر بهانو ڏئي هرهڪ نموني جو فتنو فساد ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جائز ۽ عام وهنوار هو ۽ اهو اپت جو ذريعو شهزادن جي نظر ۾، ان دور ۾ هر لحاظ کان نفعه بخش ڪاروبار ليکيو ويندو هو. عدالتي ادارن جي به شهزادن جي وهنوار اڳيان ڪابه اهميت ۽ حيثيت ڪانه هئي. ايستائين جو شهزادن ۽ معتبرن جا فرمانبردار پنهنجن آقائن جا کيسا ڀرڻ سان گڏوگڏ ماجسٽريٽن جا پيٽ ۽ پٽيوالن جا به ڀڀ ڀريندا هئا ته جيئن عدالت جي عظيم سرشتي کان پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق سهولتون حاصل ڪري سگهن.
انهيءَ قرون وسطائي جاگيردارانه درجه بنديءَ جي ڪري جنگجو سردارن جو مان۽ مرتبو جهيڻو ٿيڻ لڳو، اهي يا ته مٿي ٽپو ڏئي آزاد شهزادن جي پد کي پهچي ويا يا مورڳو هيٺين اشرافيه طبقي جي هجوم جو حصو ٿي ويا. انهن جو وڏو حصو ته مفلس ۽ ڪنگال ٿي ويو، جن وڃي شهزادن جي نوڪري اختيار ڪئي، يعني فوجي ۽ شهري آفيسرن طور ۽ ڪجهه حصو ته شهزادن جو سُنگ ڀريندڙ ٿي ويو، باقي ٿورڙو ڀاڱو سنئون سڌو شهنشاهيت جو مطيع ۽ فرمانبردار ٿي پيو. ان زماني ۾ فوجي سائنس ۾ ترقي اچڻ پيادل فوج جي وڌندڙ اهميت، موتمار هٿيارن جي ڦهلاءُ سندن گهوڙيسوار بڪتربند گاڏين جي طمطراقيءَ کي ٿڇ جهڙو غيراهم ۽ ساڳي وقت هئڻ کان سواءِ شاهي قلعن ۽ ڪوٽن جي شان مان کي به مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو.
صنعت سازيءَ جي شعبي ۾ ترقي جي نتيجي ۾ جنگجو سردارن جي حيثيت اجائي ۽ فالتو ٿي وئي، ان جي برعڪس هنرمند جي مان ۽ مرتبي ۾، آيل نئين ترقي جي مهابي واڌارو اچي ويو. اهڙي ريت جنگجو سردارن جي شاهه خرچين سندن تباهي کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. قلعن ۾ شاهاڻي آب و تاب سان زندگي گذارڻ، ميلن ملاکڙن ۾ مقابلي ۽ محاذ آرائي ۾ ڌن دولت لٽائڻ، جڏهن ته تهذيب جي هڪ نئين دور جي اوسر سبب هٿيارن پنهوارن، گهوڙن ۽ جانورن جي پالنا ۽ ٻين فضول خرچن ۾ بي حساب واڌارو اچي ويو هو. ان جي ڀيٽ ۾ نوابن ۽ سردارن جي اپت ۾ نالي ماتر اضافو ته آيو هو پر خرچن جي نسبت ۾ گهٽ.
جنگجو سردارن جي هڪ ٻئي سان اڻ کٽندڙ دشمني، طاقت جي زور تي راتاها هڻي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ اهڙي قسم جا ٻيا عمل وقت جي وهڪري سان گڏوگڏ جيءَ لاءِ جوکو بڻجي چڪا هئا. ان صورتحال ۾ سندن مطيع ۽ فرمانبردار جيڪو به ڌن دولت آڻيندا هئا سو اڳ جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ برابر هو. ان ڪري پنهنجين ضرورتن جي پورائي لاءِ معزز مالڪن به اپت ۾ اضافو آڻڻ لاءِ ساڳيا ئي شهزادن وارا طور طريقا اختيار ڪيا. هارين کي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ اهي مالڪ سڳورا هر سال وڌيڪ جارحاڻا ۽ چالاڪ گُر ڪتب آڻيندا هئا. غلام ان ڦرلٽ جي وهنوار ۾ وڌيڪ غلام ۽ سُڃا سکڻا ٿي پيا هئا ۽ باندي هارين وٽ انهن سڀني ڀوڳنائن ڀوڳڻ کان کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. غلام پورهيت کان زمين جو ٽئڪس، زمين جي خريد و فروخت تي ٽئڪس، فوتي ٽئڪس ۽ تحفظ خاطر جيڪابه وصولي ڪئي ويندي هئي، ان ۾ ڪنهن به معاهدي جي ذميواري نڀائڻ کي پٺي ڀر اڇلائي اضافو ڪيو پي ويو. انصاف عدالتي سرشتو ڪنهن سهڪار ۽ سهائتا ڪرڻ جي بدران وڪري جو وکر بڻجي ويو هو. جيڪڏهن جنگ جو سردار ڪنهن به هاريءَ کان ڏوڪڙ وصول ڪري نه سگهندو هو ته ان کي قلعي ۾ کڻي وڃي ڪوٽ تي چاڙهي ڇڏيندو هو، جيستائين قيدي ڀنگ ڏئي پنهنجا بند خلاص نه ڪرائيندو هو.
ائين ٻين طبقن وانگر، هيٺين معتبر طبقي جا به هڪ ٻئي سان واسطا دوستانه ڪونه هئا، ڇو ته سُنگ ڀريندڙ جنگجو سردار جُهد ۾ هوندا هئا ته ڪنهن شهنشاهيت جا مطيع ۽ فرمانبردار ٿي رهن ۽ وري زيردست سردار آزاد ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا. اهڙيءَ صورتحال دائمي طور شهزادن ۽ انهن عنصرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي جيئرو جاڳندو رکيو. اهي جنگجو سردار پنهنجي آب و تاب ۽ نوراني جاه و جلال جي باوجود به اهل ڪليسا ڏانهن مدد لاءِ واجهائيندا هئا، ڇو ته اهو طبقو ظاهري دٻدٻي هئڻ جي باوجود به هڪ اجايو ۽ فالتو طبقو هو. اهو ئي هڪ وسيلو هو. سندن شاهي علائقن ۽ مال خزانن کي محفوظ رکڻ جو ۽ ان سان گڏوگڏ ڪليسا جي قانون جي بالادستي برقرار رکڻ جو. هونئن، جنگجو سردار، شهرن سان هڪ ويڙهاند جي حالت ۾ هئا. هو انهن جا قرضدار هئا. سندن گذران گهڻو تڻو لٽ ڦر، علائقن ڦٻائڻ، پنهنجن واپارين کي ڦرڻ ۽ هٿ آيل قيدين عيوض ڀنگ وصول ڪرڻ هو. اڃا به اهي جنگجو سردار ۽ رياستون اڳتي هلي راڪاس بڻجڻ لڳيون، جڏهن کين سُڌ پئي ته مال متاع جو سوال سندن زندگي ۽ موت سان واڳيل آهي.
هوڏانهن اَهِل ڪليسا جيڪي پنهنجي جوڙجڪ جي حوالي سان قرون وسطيٰ جي عقيدي جي نمائندگي ڪري رهيا هئا، سي دنيا تي ٿيندڙ اثرات ۽ تاريخي منتقليءَ کان ايترو به اڻ ڄاڻ ڪونه هئا، ڇاڪاڻ ته، ڇپائيءَ جو جديد آرٽ ۽ واپار جي مد ۾ نين گهرجن ۾ اضافو نه رڳو اهل ڪليسا کي لکڻ پڙهڻ جي هڪ هٽيءَ کان محروم ڪري رهيو هو، پر ساڳي وقت اعليٰ تعليم يافته طبقي طور به کين پٺي ڀر اڇلائي رهيو هو. سوچ فڪر جي ڏس ۾ ونڊ ورڇ ۽ ڇنڊڇاڻ جو عمل شروع ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري اهل ڪليسا ڇسن ۽ فالتو انسانن جا ولر بڻجي رهيا هئا.
اهي جيئن جيئن اجايو ۽ فالتو بڻجي رهيا هئا تيئن تيئن انهن جي انگ ۾ چڱو خاصو اضافو اچي رهيو هو. اهو سڀ ڪجهه واڌاري جو وهنوار انهن امير ۽ مالدار ماڻهن جي صدقي هو، جن جي اپت جا ذريعا غلط يا صحيح هئا.
اهل ڪليسا چٽي طرح ٻن حصن ۾ ورهائجي ويل هئا. مذهبي جاگيردار جيڪي امير و ڪبير طبقي جي شڪل اختيار ڪري چڪا هئا، جن ۾ پادري، لاٽ پادري، خانقاهي سربراهه ۽ مذهبي پيشوا شامل هئا. اهي ڪليسائن جا اعليٰ سربراه گهڻي ڀاڱي شهزادا يا وري ٻين بادشاهن جا ڏن ڀرو هئا، جن کي زمين جي وسيع رقبي تي حڪمرانيءَ سان گڏوگڏ بي شمار ٻانها ۽ پورهيت به ورثي طور مليل هئا. انهن جو پنهنجي زيردستن سان جنگجو سردارن ۽ شهزادن جي نسبت ورتاءُ وڌيڪ جابرانه ۽ بي شرميءَ وارو هوندو هو. اهي نه رڳو پنهنجي جارحيت جو ظالمانه استعمال ڪرڻ ۾ پر مذهبي فتني ۽ فساد کي ڪم آڻڻ جا ماهر، ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ، فتويٰ بازي وسيلي خارج ڪرڻ يا مورڳو گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ کان انڪار ڪرڻ، مطلب ته اهي اهڙن سڀني مونجهارن پيدا ڪرڻ جا ماهر بڻجي ويا هئا جو اعتراف ڪرائڻ جي بهاني پنهنجي قبضي ۾ آيل شڪار جي کيسي منجهان آخري دمڙي به ڪڍي وٺندا هئا يا ته ڪليسا جي زمين ۾ اضافو ڪندا هئا. هٿرادو دستاويز ۽ ڪاغذ پٽ ٺاهي پنهنجن مطيع ۽ فرمانبردارن جي مال ملڪيت کي ڦٻائڻ، انهن ڪليسائي رهبرن جي دلچسپ راند هئي. مختلف نمونن جا ظالمانه ٽئڪس وصول ڪرڻ کان پوءِ به هنن جي لوڀ ۽ لالچ ۾ گهٽتائي ڪانه آئي هئي. هٿراڌو ڪرشماتي ۽ طلسماتي شخصيتن جا خاڪا جوڙي انهن سان تبرڪات کي ڳنڍي ڇڏڻ، عبادت جي ادارن کي ڇوٽڪاري جو مرڪز ڄاڻائڻ، معافي ڏيارڻ جي بهاني ماڻهن کي مالي طور نپوڙي ناس ڪرڻ، اهڙو ڪار وهنوار هڪ ڊگهي عرصي کان جاري هو.
ائين لاٽَ پادري ۽ سندن راهبن جي فوج جيڪا مذهبي ۽ سياسي شڪتي ماڻڻ ۽ ڦهلاءَ جي نتيجي ۾ محض عوام ۾ نه پر امراءُ ۾ به نفرت لائق بڻجي وئي هئي، ڇو ته شهنشاهيت سان سنئين سڌي رابطي شهزادن ۽ نوابن جي حيثيت کي متاثر ڪيو هو. ڪليسائي سربراهه ۽ سندن راهبن جا ڪٽڪ جيڪي آسائشن سان ڀرپور زندگي گذارڻ سبب ٿلها متارا ٿي پيا هئا انهن خلاف ردعمل طور امير طبقي ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان گڏوگڏ عام ماڻهن نفرت ۾ اضافو اچي ويو، جيڪي سمورو بار برادشت ڪري رهيا هئا. ائين ڌڪار جي هڪ عنصر کي چٽو ڪري بيهاريو ته اهل ڪليسا جو سلوڪ ئي سندن عبادت گذار مهانڊي تي هڪ چماٽ وانگر هو.
اهل ڪليسا جو هڪ مختصر يا عام رواجي گروه ٻهراڙي ۽ شهري علائقي جي عبادت گذارن تي مشتمل هو. اهي عبادت گذار گهڻو تڻو ڪليسا جي جاگيرداراڻي سلطنت جي سرحدن کان ٻاهر هئا ۽ ان جي ڪنهن به زمري ۾ڪونه پي آيا. سندن چرپر ۽ تحرڪ ڪنهن به قبضي ۽ دٻدٻي کان آزاد هو ۽ وري به اهي ڪليسا لاءِ اهم هئا، جيتوڻيڪ اهي راهب ايترو ته غيراهم ۽ عام رواجي هئا جو انهن جي ڀيٽ ۾ بئرڪن ۾ رهندڙ پوليس جي نوڪري به اهميت لائق هئي. انهن راهبن کي ايتري ته گهٽ اجرت ڏني ويندي هئي، جيڪا هنن لاءِ منافع بخش ليکڻ بدران اجائي هئي. ائين هڪ عام رواجي يا وچولي طبقي جا اهي سڀئي عام ماڻهو هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجهو هئا. ان ڪري انهن لاءِ هڪ عام رواجي يا وچولي طبقي جي پد ۽ همدردي کي برقرار رکڻ ضروري هو، نه وري اهل ڪليسا بڻجڻ. جڏهن ته راهبن جو عام وايومنڊل ۾ رَلجي وڃڻ جو تصور به ورلي هو. ان جي برعڪس عام رواجي مذهبي مهندار جيڪي پنهنجي تحريڪ کي ڪجهه نه ڪجهه نظريو ۽ سوچ ڏيڻ لائق ٿيا اهي هارين ۽ ٻين هيٺين طبقن تي اثرانداز ٿيا. ان جي سزا ۾ کين ڦاسي نصيب به ٿي. اهل ڪليسا خلاف عام ماڻهن جي نفرت ۽ ڌڪار جا ڇنڊا عوام دوست مذهبي پيشوائن تي ورلي پيا.
هونئن جيتري شهنشاهه جي شهزادن ۽ اميرن ۾ حيثيت هئي، ان کان به ٿورو سرس مرتبو پوپ جو اهل ڪليسا ۾ هو. جيئن شهنشاه عام ماڻهن کان شاهي ٽئڪس وصول ڪندو هو، ساڳي ريت پوپ کي به ڪليسا ٽئڪس ملندي هئي، جنهن منجهان ٿورو فنڊ رومي ڪورٽ جي شان و شوڪت لاءِ پڻ هوندو هو. ان ڏس ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ماسواءِ جرمنيءَ جي، ٽئڪس جي وصولي ۾ سخت محنت ۽ مشقت ڪئي ويندي هئي، ڇو ته اتي ڪليسائي مهندار جهجهي انگ ۽ سگهه ۾ موجود هئا. ۽ ڪوبه ڪليسا ۾ اعليٰ عهدو خالي ٿيندو هو ته ان کي والارڻ لاءِ سخت جانفشائي ڪئي ويندي هئي. ائين شاهي درٻار جي خرچ پکي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌاري جي ڪري روينيو جي وصولي لاءِ نت نوان طور طريقا ايجاد پي ڪيا ويا، جهڙوڪ: تبرڪات ۽ معافي/ ڇوٽڪاري لاءِ دلجاءِ ڏيڻ جا طريقا وغيره. انهيءَ ڏس ۾ مال متاع جو چڱو چوکو حصو جرمني منجهان روم منتقل ٿيندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي باهه جو نشانو اهل ڪليسا ٿيندا رهيا ۽ ساڳي وقت قومي حساس محروميءَ ۾ به اضافو ٿيندو رهيو، خاص ڪري امير طبقي ۾ ۽ اڳتي هلي قومي ڪلاس ۾ به اهو احساس وڌندو رهيو.
انت ته شهرن ۾ هنر ۽ واپار ۾ ترقيءَ جي ڪري قرون وسطيٰ جو سماج ٽن حصن ۾ ورهائجڻ جي ابتدا ٿيڻ لڳي.
ائين شهري ماڻهن جي سرواڻي تونگر گهراڻا (Patrician families) جي خطاب سان نام نهاد ”عزت دار“ طبقن جي خطاب سان نڪرڻ لڳا. اهي سڀئي شاهوڪار گهراڻا هئا. انهن کي ئي شهري ڪائونسل ۾ ويهڻ ۽ سڀني عهدن تي براجمان ٿيڻ جا حق حاصل هئا. اهي نه رڳو روينيو اپت جي وسيلن جا منتظم پر ان کي ڳڙڪائڻ جا ماهر پڻ هئا. اهي مال متاع جي حوالي سان سکيا ستابا ۽ قديم دور کان معتبر ۽ امير رهندا پي آيا. انهن جي اهڙي معتبري جي مڃتا شهنشاهه به ڪندا پي آيا. اهي، هر ممڪن طريقي سان شهري جاتي (Community) جو استحصال ڪرڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي حق بجانب سمجهي رهيا هئا. ان حد تائين جو سندن حدن ۾ رهندڙ هاري به بچيل ڪونه هئا. هُو اناج کان وٺي اوڌر تي ڏنل رقم تي وياج وصول ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪونه ڪندا هئا. ان حوالي سان هنن ڪيترن ئي اسمن تي هڪ هٽي اختيار ڪري ورتي هئي. جهڙوڪ: هُن شهري جاتيءَ مٿان ٻيلن ۽ چراگاهن کي استعمال ڪرڻ تي بندش لاڳو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ذاتي منافعي لاءِ ڪتب آڻڻ لڳا. هُنن روڊن رستن، ٻيلن ۽ ٻين گذرگاهن تي ٽئڪس مڙهي، وڻج واپار ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن جو وڪرو شروع ڪيو. ان حد تائين جو انصاف جو به واپار شروع ٿي ويو.
انهيءَ تونگر طبقي، شهري هارين سان اهل¸ ڪليسا ۽ شرفاءُ طبقي کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ اختيارڪيو. اهو هيئن ته شهري ماجسٽريٽ ۽ بيلف گهڻي ڀاڱي تونگر طبقي جا پَٺو هئا، اهي شاهاڻي دٻدٻي ۽ ڏهڪاءُ سان گڏوگڏ مخصوص طرز جي ڪامورڪن طور طريقن سان روينيو اپت کي سخت گير نموني وڌائڻ ۾ ماهر هئا. ان ڪري شهرن ۾ روينيو اپت جو هڪ مخصوص طريقه ڪار اختيار ڪيو ويو هو ته جيئن هروڀرو حساب ڪتاب جي جهنجهٽ ۾ ڦاسي پوڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ان کي مونجهاري جو هڪ شاهڪار رڪارڊ بڻائجي. ان جي نتيجي ۾ بدعنواني، ٺڳي ۽ ناڻي جي کوٽ روز جو معمول بڻجي ويل هئا. اهو سڄو کٽراڳ هڪ پتڪڙي يا مختصر جاتي جي لاءِ ڪيڏو نه آسان هو جن جو لڳ لاڳاپو هڪ ٻئي سان مفادن جي بنيادن تي هو. انهن جو هڪ ئي مقصد هو ته ڪيئن شهري روينيو جي اپت مان پاڻ کي بي حساب سکيو ستابو بڻائي سگهن. بدعنوانين ۽ ڦرلٽ جو اهووهنوار 1848ع جي شهري ڪائونسلن ۾ وڌيڪ قبيح شڪل ۾ نمودار ٿي اچي بيٺو.
اهو تونگر طبقو، شهري جاتي جي بنيادي حقن ۽ واسطن کي اونداهيءَ ۾ اڇلائڻ جي خفت ۾ ورتل رهيو ۽ شهرين جي مالي ۽ معاشي حقن بابت جڏهن ان تونگر طبقي جي ڏاڍاين جو ڇيهه ٿيندي نظر ڪونه پي آيو ته شهري جاتي، انتظاميا کي پنهنجي هٿ وسيڪو بنائڻ لاءِ چرپر شروع ڪئي. انهن ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجا حق حاصل ڪري ورتا، ائين هڪ پاسي اهو وهنوار جاري هو ته ٻي پاسي واپاري تنظيمن ۾ به جهيڙو جهٽو هلي رهيو هو. ان جي برعڪس تونگر طبقي جي تسلط کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سهڪاري شهري حڪومتن جي آمد سان اهو قبضو ٻيهر سگهارو ٿي ويو پر سورهين صديءَ جي اڳياڙيءَ ۾ سڀئي شهري جاتيون وري به مخالفت ۾ بيٺل هيون.
ائين شهري جاتي، تونگر طبقي خلاف ٻن مکيه حصن ۾ ورهائجي وئي، اهي اختلاف اڳتي هلي هارين جي معرڪي وقت چٽا ٿي اڀري آيا.
انهيءَ دور ۾ وچولي طبقي تي مشتمل مخالف ڌر (جنهن جا جانشين اڄ جا ماڊرن لبرل آهن) هڪ شاهوڪار وچولو طبقو يعني اهو طبقو جيڪو سڀاءُ ۽ سلوڪ ۾ اعتدال پسند هو، ان کان سواءِ هڪ سهپ جوڳو غريباڻو طبقو شامل هئا. مخالف ڌر جو خاص مطالبو هو ته کين شهري انتظاميا ۾ اختيار، اقتدار ۽ ان کان سواءِ ليجسليٽو ڪائونسل ۾ نمائندگي (شاهي ڪائونسل ۽ شهري ڪائونسل) پڻ ملڻ گهرجي. ان کان به وڏو مطالبو هيءُ هو ته تونگر طبقو جيڪو اختيار ۽ اقتدار تي قابض آهي ان جي طاقت ۾ گهٽتائي آندي وڃي. ڇو ته انهن اختيارن آڌار تونگر طبقو قبضاگير بڻيو ويٺو آهي. ان کان علاوه مڊل ڪلاس مخالف ڌر جوهڪ ٻيو به مطالبو هو ته ڪائونسل ۾ خالي پيل عهدن تي سندن ئي ڌر جا ماڻهو رکيا وڃن. انهيءَ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻ وارن جوهڪ چڱو موچارو انگ کيسي خالي تونگر طبقي منجهان هو جيڪي ڪائونسل ۽ واپاري تنظيمن ۾ اڪثريت رکندڙ هئا، جڏهن ته ڪائونسل ۾ مخالف ڌر جي اصلي طرفدارن جو انگ ڪو ايڏو اثرائتو ڪونه هو.
اسان ڏسنداسون ته سورهين صديءَ جي عهد ۾ ”اعتدال پسند“ ۽ قانون جي بالادستي ۾ ويساهه رکندڙ گهڻي ڀاڱي مڇي مانيءَ لائق ۽ ذهين مخالف ڌر اوتروئي اهم اثرائتو ڪردار ادا ڪيو جيڪو ان کان اڳ سندس اڳواڻن ڪيو. يعني آئيني پارٽيءَ جي 1848ع ۽ 1849ع ۾ نڀايل ذميواري. انهيءَ مڊل ڪلاس مخالف گروه جي زميواريءَ ۾ هڪ ٻيو احتجاجي سلسلو پڻ اچي ويو. اهو هو اهل ڪليسا جي شاهانه ۽ عيش پرستانه رهڻي ڪهڻي جي طور طريقن خلاف احتجاج ڪرڻ. مطلب ته مڊل ڪلاس مخالف ڌر ان طبقي جي عياشين کي نروار ڪري بيهاريو. سندن مطالبو هو ته اهل ڪليسا جي حدبندين ۽ ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي اختيارن کي ضبط ڪيو وڃي ۽ راهبن جي تعداد ۾ پڻ گهٽتائي آندي وڃي.
ان کان سواءِ عام ماڻهن تي مشتمل مخالف طبقو پڻ هو، جنهن جي جوڙجڪ جو گهڻو تڻو واسطو تباه حال وچولي طبقي ۽ اهڙن شهري ماڻهن سان هو جن کي ڪي به شهري حق حاصل ڪونه هئا. يعني هنرمند، پورهيت طبقي جي اوسر ۽ ترقي اڃا پنهنجي ابتدائي دور منجهان گذري رهي هئي. ان ڪري پورهيت طبقو ڳالهائڻ جي لائق بڻجي سماج جي حصن ۾ نظر اچي رهيو هو. اهڙن ماڻهن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو هو، جن جي ڪابه سڃاڻپ ۽ ٿاڻو ٽڪاڻو ڪونه هو. ائين اهو جاگيردارانه سماج جي زوال جا آثار نمودار ٿي رهيا هئا ڇو ته زندگيءَ جو دائرو حد کان وڌيڪ ناجائز سهولتون ۽ آسائشون حاصل ڪرڻ جي پويان ڊوڙي رهيو هو.
سورهين صديءَ جي اڌ ۾ ڪنهن به ماڊرن ملڪ ۾لوفر ۽ رولاڪ ماڻهن جو تعداد ايترو ڪونه هو جيترو جرمنيءَ ۾ هو. انهن جو هڪ حصو فوج ۾ ڀرتي ٿيو، ٻئي حصي گداءَ ڏانهن گذر سفر ڪرڻ لاءِ رخ رکيو ۽ ٽيون ننڍڙو حصو ڏهاڙيءَ جي حساب سان تنظيمن جي حدن کان ٻاهر پورهيو ڪري گذران ڪرڻ لڳو. انهن ٽنهي گروهن پنهنجي جاءِ تي هارين جي معرڪي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو:
پهريون ته شهزادن جي فوج ۾ هارين جو مارجي وڃڻ، ٻيو اندروني طور ڀڃ ڊاهه ۽ سازش جا طور طريقا (ان ڪري هارين ۾ ذهني ۽ اخلاقي پستيءَ جا آثار نمايان نظر اچڻ لڳا) ۽ ٽيون شهرن ۾ پارٽين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ. هتي اسان لاءِ ضروري آهي ته هڪ نقطو ذهن ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪيون ته ماڻهن جي اڪثريت جيڪا شهرن ۾رهائش پذير ٿي هئي، انهن جي گهڻائي فطري طور هاري مزاج جي هئي ۽ انهن ۾ اڃا تائين زرپرستيءَ جي حرص ۽ هوس ۾ اضافو ڪونه ٿيو هو. ڇو ته انهن افعالن جو نتيجو هڪ ماڊرن ۽ مهذب پر هيٺين سطح جي پورهيت طبقي جي ڪردار کي چٽو ڪري بيهاريندو آهي.
ان منجهان صاف ظاهر آهي ته عا م رواجي مخالف جو شهري سماج ۾ پيدا ٿيڻ بنيادي طور فطرت جي اصولن جو هڪ مڪسچر هو. ڇو ته ان طبقي جي معرفت تباه حال جاگيردار ۽ واپاري تنظيمون ۽ اسرندڙ پورهيت طبقي جي ميلاپ سان ماڊرن بورجوا/ پوڍائي طبقي جي جڙڻ جا آثار نمودار ٿي رهيا هئا، جنهن ۾ هڪ پاسي ڪنگلا واپاري شهر واسي جيڪي مليل سهولتن ۽ آسائشن جي ٻَل تي وچولي طبقي سان چهٽيل هئا. ٻي پاسي اهي هاري ناري جيڪي اڃا تائين پورهيت طبقي جي شڪل شبيهه اختيار ڪري نه سگهيا هئا. انهن ٻنهي گروهن جي وچ ۾ هڪ هنرمند طبقو پڻ لڏي لمي رهيو هو جيڪو وقتي طور ته پورهيت طبقي جي سڃاڻپ کان پرڀرو هو، پر جيڪڏهن صنعتڪاري ۽ منظم واپاري تنظيمون هجن ها ته شايد سندس ڪردار پورهيت طبقي جو هجي ها، پر مليل آسائشن جي زمري ۾ هنرمند طبقو ڄڻ ته وچولي طبقي جي اوسر لاءِ سرواڻ بڻجي رهيو هو. انهن ڀانت ڀانت جي ماڻهن جي يڪجا ٿي ويهڻ لازمي طور هڪ غيريقيني صورتحال کي اڀاري آندو، جيڪا مقامي حالتن مطابق ڦيرگهير منجهان لانگهائو هئي.
هارين جي معرڪي کان اڳ، عام رواجي مخالف ڌر سياسي جدوجهد ۾ هڪ پارٽيءَ طور نمودار ٿيڻ جي ابتڙ محض نعرا هڻندڙ ۽ گوڙ گهمسان ڪرڻ واري گروه جي شڪل ۾ هئي. اهڙو گروهه جيڪو دارونءَ جي دنگن جي خريد و فروخت وقت آسمان مٿي تي کڻي ڏيندو آهي، اهو اصل ۾ هارين جو ئي اڀار هو، جنهن کين هڪ پارٽيءَ ۾ تبديل ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ان کان پوءِ به هرهڪ مرحلي دوران يعني مطالبن ۽ انهن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ کين هارين تي ڀاڙڻ ۽ کانئن مدد حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. ان لاءِ اهم دليل آهي ته شهرن جو جياپو ملڪ جي ٻين حصن جي پٺڀرائي ۽ سهڪار سان لاڳاپيل هو. انهيءَ صورتحال ۾جڏهن عام رواجي مخالف ڌر آزاداڻي نموني چرپر شروع ڪئي ته انهن واپاري سهولتن کي ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ به وڌائڻ جو مطالبو سڀ کان اڳتي آندو. هنن جي ذهن ۾ هو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾واپاري سهولتون فراهم ڪرڻ سان شهرن جي مٿان ٽئڪس جو واڌارو بار هلڪو ٿي پوندو ۽ جاگيرداراڻي طرز حيات ۾ به گهٽتائي ايندي، پر جيڪڏهن انهن مطالبن کي ٿورو ڳوڙهي ۽ آزاداڻي نقطه نگاه سان پرکڻ جي ڪوشش ڪبي ته سمورو سٽاءُ رجعت پرستاڻو نظر اچي ٿو. ان سموري ڪارگذاري جو سرواڻ ساڳيو ئي وچولو طبقو هو جنهن هڪ دکدائڪ مسخري جي منظر نامي کي اڀاري مٿي آندو هو. اهو سڀ ڪجهه ٽن ورهين جي مختصر مدي ۾ جمهوريت جي عنوان سان ڪيو ويو.
ائين محض ٿرنگا (Thuringia) ۽ ڪجهه مقامي ايراضين ۾ عام رواجي گروه جي هڪ ننڍي حصي جدوجهد جي طوفان کي ايترو ته مٿي آندو جو شروعاتي جوڙجڪ جي عمل منجهان لانگهائو ٿيندڙ پورهيت طبقو ڪجهه وقت تائين ذري گهٽ ٻَڌ ڇوڙ جو مالڪ بڻجي ويو. اهو جيڪي ڪجهه وهيو واپريو سو موئنزر ۽ سندس ساٿين جي سبب ٿيو. اهو موئنزر ئي هارين جي معرڪي جو انت بڻيو ۽ لاشڪ ٿامس موئنزر (Munzer) انهيءَ مختصر دور جي اڀار جو اهم ۽ ڪارائتو عنصر هو. هاڻي اسان کي صورتحال کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي ته ايتري ٿوري عرصي ۾ سموري تحريڪ ڊهي اچي پَٽ پئي ۽ ڇو اها تحريڪ ڄڻ ته خيالي ۽ پورالي بڻجي ڪک پن ٿي وئي ۽ هنن جي مطالبن جو ڪوبه ڇيهه ٿيندي نظر ڪونه پي آيو، ڇاڪاڻ ته اهو گروهه حالتن پٽاندڙ پنهنجا پير پختا ڪري بيهڻ کان لاچار هو.
هاڻي اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته سڀني طبقن جي بڻ بڻياد ۾، باقي بچت ۾ جيڪو طبقو وڃي رهيو، جنهن کي قوم جي نالي ۾ لتاڙڻ ۾ ڪابه قباحت محسوس ڪانه پئي ڪئي وئي، اهو هو ”هاري“. اهو هاري طبقو ئي هو جيڪو سماج جي سڀني حصن جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي بيٺل نظر پي آيو.
انهن شهزادن، آفسرشاهي، امير امراءَ، اهل ڪليسا، عام رواجي سياست ڪار ۽ وچولو طبقو، جيڪي سماج جا حصا هئا. هائو! هاري پوءِ اهو کڻي شهزادن جو مطيع هجي، هڪ شهنشاهه، هڪ بشپ، هڪ خانقاه يا شهر جو زيردست هجي، انهن سڀني عنصرن جي نظر ۾ هاري جي حيثيت هڪ وحشي جانور کان وڌيڪ ڪانه هئي. جيڪڏهن هاري ٻانهو هو ته مڪمل طور مالڪ جي هٿ وسيڪو هو پر جيڪڏهن غلام مزدور هو ته سندس حالت مروج قانون هيٺ وڌيڪ سقيم ۽ رحم جوڳي هئي. هن جو گهڻو وقت، آقا جي رياست ۾ ڪم ڪار ۾ ڳهڻ هو پر جيڪڏهن ڪجهه وقت بچائي ٻاهر ڪو پورهيو ڪندو هو ته ان مان به کيس آقا کي عشر ڏيڻ کان پوءِ زمين جو ڪرايو، جنگي ٽئڪس ۽ ٻيون چَٽيون به ڀرڻيون پونديون هيون. هو نه شادي ڪري سگهندو هو ۽ نه وري مري سگهندو هو، جيستائين آقا کي ٽئڪس نه ڏيندو هو. هو مالڪ جي روزانه ڪم ڪار ڪرڻ کان علاوه گهر جي ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون وڍڻ، شيل شڪار لاءِ تياري ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي لاءِ شيون گڏ ڪرڻ لاءِ به ذميوار هوندو هو. هاري پنهنجي پوک جي اکين آڏو ڀيل ٿيندو ڏسي چُپ رهندو هو. هاري جيڪڏهن پنهنجي رڌ پچاءَ لاءِ ڪاٺيون ميڙي گڏ ڪندو هو ته مالڪ زور زبردستيءَ سان کڻي وڃڻ کي به حق سمجهندو هو.
جهڙيءَ ريت آقا کي غلام جي ڪنهن به وٿ ۽ وکر تي مالڪاڻو حق حاصل هئا، تيئن هاريءَ جي اولاد تي به موروثي حق هو. آقا جيڪڏهن هاريءَ تي مهربان ٿيندو هو ته به کيس ڪوٽ تي چاڙهي ڇڏيندو هو ۽ هاري پنهنجي انجام جي اوسيئڙي ۾ رهندو هو، جيئن ڏوهاري مقدمي هلڻ جي لاءِ منتظر هوندو آهي. جڏهن مالڪ رحم ڀريو ورتاءُ ڪندو هو ته هاريءَ کي پنهنجي هٿن سان قتل يا سر قلم ڪري ڇڏيندو هو.
”زبان پٽي وٺڻ“، ”ڪن ڪپي ڇڏڻ“، ”اکين کان انڌو ڪرڻ“، ”آڱريون وڍڻ“، ”باهه ۾ ساڙڻ“، ”موت جي ڦيٿي تي چاڙهڻ“ يا ”ڳڀا ڳڀا ڪرڻ“ جهڙيون عقوبتون مهربان مالڪ جي مرضيءَ تي ڇڏيل هيون. ان بابت کانئس ڪوبه پڇا ڪرڻ وارو ڪونه هو. اهڙي دردناڪ صورتحال ۾ هاري جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڪير هو؟ ڇو ته عدالتون اڳ ۾ اميرن، اهل ڪليسا ۽ تونگرن جي قبضي ۾ هيون. عدالت جي ججن کي به سڌ هئي ته کين اجورو ڇا لاءِ ملي ٿو، جنهن ڪري حڪمران طبقا مجموعي طور هارين جي استحصال تي تڳي رهيا هئا.
ان ۾ ڪوبه وهم گمان ناهي ته هارين مٿان ظلم ۽ استبداد جي ڪري چڙ ۽ ڌڪار ۾ واڌارو آيو هو. پر ان جو مطلب ائين نه سمجهڻ گهرجي ته اُهي انقلاب آڻڻ لاءِ تيار هئا. ڇو ته اُهي زمين جي تمام گهڻي خطي تي ٽڙيل پکڙيل هئا. انهن لاءِ سخت مشڪل هو ته ڪنهن گڏيل جدوجهد تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهن. ان کان سواءِ پيڙهين کان وٺي هنن جي فطرت ۾ نهٺائي ۽ نماڻائي جو عنصر وڌيڪ هئڻ، هٿياربند جدوجهد کان اڻڄاڻائي ۽ مختلف جاين تي آقائن جي استحصالي سوچ ۽ فڪر ۾ فرق ۽ اِن قسم جون ٻيون حالتون هارين کي ”مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“ واري صورتحال ۾ رهڻ تي مجبور ڪنديون رهيون. اهي ئي مکيه ڪارڻ هئا، جڏهن ته مقامي سطح تي هارين پاران اٿل پٿل آڻڻ جا ڪيترائي اهڃاڻ ۽ علامتون ملن ٿيون پر قرون وسطيٰ ۾ قومي سطح تي هارين جو ڪوبه انقلاب اڻ لڀ نظر اچي ٿو. ان ڪري ويجهڙائيءَ جو مثال فقط جرمنيءَ جي هارين جو معرڪو نظر اچي ٿو.
اهو سمجهڻ گهرجي ته هاري اڪيلي سر ڪنهن به انقلاب جا دسته اول ٿي نه ٿا سگهن، خاص ڪري اُن وقت جڏهن سندن مد مقابل شهزادا امير، ۽ شهري بابو وڌيڪ طاقتور ۽ منظم هجن. ان لاءِ ضروري آهي ته هارين سان ٻيون ڌريون به سهڪاري هجن ته پوءِ فتح مندي جا آثار چٽا ٿي سگهن ٿا. پر هتي سوال آڏو اچي ٿو ته هارين جا اتحادي ۽ ساٿي ڪير ٿي سگهن جڏهن هنن جي استحصال ۽ ڦرلٽ لاءِ سڀ ڪو سندرو ٻڌي بيٺل آهي؟
سورهين صديءَ جي اوائل ۾ شهنشاهيت جا مختلف ساٿاري جن ۾ شهزادا، امير امراء، اهل ڪليسا، وچولو ڪلاس، عام رواجي سياست ڪار ۽ هاري ناري اچي وڃن ٿا، سڀني گڏجي هڪ اهڙو منجهيل ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ هر ڪنهن گروهه پنهنجن ضرورتن مطابق هڪ ٻئي کي اورانگهڻ ۽ لتاڙڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪانه پئي ڪئي. ائين هرهڪ گروه هڪ ٻئي خلاف ظاهري يا باطني طور مصروفِ عمل هو. مطلب ته ٿلهي ليکي جرمن قوم ٻن مکيه حصن ۾ ورهائجي ويل هئي، جهڙي ريت فرانس ۾ پهرين انقلاب جي آمد کان اڳ جي صورتحال هئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اهڙي طرز جي سماج ۾ ونڊ ورڇ ٿيڻ وقت عام ماڻهن جي اڪثريتي طبقي کي لٽ ڦر ڪرڻ لاءِ ٻيا گڏجي لتاڙڻ ۽ ڦرڻ لُٽڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهن ته پوءِ مفادن جي مونجهاري کي سمجهڻ جو سولو ۽ آسان طريقو هيءُ آهي ته گذريل ٻن ورهين کان سماج ۾ ٿيندڙ ردوبدل جو مطالعو ڪجي ته مورڳو ڳتيل ۽ منجهيل ڳالهه چٽي ٿي آڏو اچي ويندي. اهو هيئن ته سماج پنهنجي خدوخال ۾ جاگيردار، اميرن، پوڍائي طبقي ۽ نيم¸ پوڍائي طبقي، هارين ۽ پورهيتن تي مشتمل رهندو اچي پيو.