تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

دستبرداريءَ جو دڙڪو : اوڪٽو مينوني

اسان جيڪڏهن قبضاگيرن کان پڇا ڪنداسون ته ٺهه پهه وراڻي ملندي: ”مالاگاسي واسي آزادي ڪونه گهرن ٿا، هنن کي سڌ ئي ڪانهي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي. جيڪڏهن آزادي زوريءَ انهن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ردعمل ۾ ارها نظر ايندا ۽ ان جو وڌيڪ منفي اثر هنن تي مرتب ٿيندو.“
ان طرز جي فتويٰ کي ڪوبه عقلمند ماڻهو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندو. ڇو ته آزاديءَ متعلق اهڙا ڇَسا ۽ بيسود دليل ڏيڻ ڄڻ ته ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي. اهڙيءَ ريت مالاگاسين متعلق قبضه گير نفسيات مورڳو سندس ئي اوڻاين کي اگهاڙو ڪري بيهاري ٿي، جنهن کي مان اڳتي هلي فينستائي سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هونئن انهن کي آڌاري/تڪيو ڪرڻ، آسرو/آڌار هئڻ جي چّڱيءَ ريت ڄاڻ آهي. ۽ قدامت پرستن جو به آواز ۽ ڏهڪاءُ جهيڻو ۽ جهڪو پئجي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سندن سوچ وقت سان هلڻ جي لائق ڪانه رهي آهي. ائين مجموعي طرح اهڙي راحت ۽ آرام ڏيندڙ ۽ دارومدار واري فلسفي ۽ فڪر جي لاءِ ڌرتي ڏينهون ڏينهن تنگ ٿي رهي آهي جو اسان ان نئين صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪوبه معذرت ڀريو رويو کڻي اختيار ڪيون، پر ان معذرت جي به ويل وهامي وئي آهي.
ائين ٿلهي ليکي ڏسڻ ۾ اچي پيو ته آزادي حاصل ڪرڻ، سُورن جي پلصراط تان لنگهڻ برابر آهي. ڇو ته اهوئي رستو آهي جنهن تي هلڻ سان مسئلن ۽ مونجهارن جو نبيرو ٿي ويندو پر ان سان گڏوگڏ مالاگاسي ۽ يورپ واسي جنهن اونده ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن، ان کان به ڇوٽڪارو ملي ويندو. اها ئي هڪ اهڙي دوا آهي، جنهن جي واپرائڻ سان مرض جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن اها دوا هڪ لاءِ شفا ۽ ٻين لاءِ عذاب ثابت ٿئي ٿي ته پوءِ ٻنهي ڌرين لاءِ ڄڻ هڪ فريب ۽ دوکو آهي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته پوءِ اهڙي صورتحال هڪ ڌر لاءِ فائديمند ته ٻي ڌر لاءِ سُورن جو ڀنڊار ثابت ٿيندي.
ٻئي پاسي يورپي به پنهنجي رعايا بابت هڪ وڏي غلط فهميءَ جو شڪار آهن، انهن جي سمجهه ۽ ساڃاهه مطابق جيڪڏهن بنا ڪنهن ڇڪ ڇڪان جي کين آزادي حاصل ٿي وئي ته ٿي سگهي ٿو ته هنن جي ”مفادن“ کي وڌيڪ نقصان پهچي. هونئن اهو اجايو سجايو خفت آهي ته هڪ فرد کي آزادي حاصل ٿيڻ وقت سندس سامهون اڳواٽ ئي شرطن شروطن جي ديوار اڀي ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ دليل ڏنو وڃي ته جمهوريت ۽ نسلي برابريءَ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آهي، پر اهو طريقو پنهنجي جوهر ۽ جمال ۾ اڻپورو لڳي ٿو. ڇو ته سڀئي ڪالونائيزيشن ڪندڙ جمهوريت مخالف ڪونه هوندا آهن. ان ڪري اڪثريت نه پر انهن ۾ ڪجهه ماڻهن جو قدامت پرست سلوڪ چٽو نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته اهي پنهنجي سوچ حرفت ۽ ذاتي ورتاءُ کي پنهنجن مفادن لاءِ ڪتب آڻي جياپو ماڻي رهيا آهن. هو دراصل استحصال جي غليظ طريقه ڪار کي نگهوسار ڪرڻ جي ابتڙ ان کي قائم ۽ دائم رکڻ جا اپاءَ وٺي رهيا آهن. هو ان طريقه ڪار کي اڃان به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ خاطر پنهنجي سڀاءَ ۽ جبلت ۾ اهڙي جابراڻي روش کي جائز، حقيقي ۽ موروثي سمجهي رهيا آهن، اهڙي طرز جي تجربي ڪرڻ سان کين کوڙ سارو لاڀ حاصل ٿيو آهي.
هاڻي وقت آيو آهي ته اهڙي سوچ خلاف عملي طور ٻڙڪ ٻولي وڃي. انهيءَ ڪارگذاريءَ منجهان هڪ ئي نقطو اڀري سامهون اچي ٿو ته ڪنهن به ڦڏي فساد جهڙي وايومنڊل کان پرانهون رهڻ سان مالاگاسين کي نفسياتي طور ڄڻ ته سڪون ۽ آرام حاصل ٿئي ٿو. حالانڪ يورپي لوڪ جيڪي پاڻکي قبضه گير نه ٿا سمجهن، سي پڻ پنهنجي قدامت پرست سوچ جي حوالي سان اثر وٺي سگهن ٿا ته اهڙي ڦڏي فساد کان پرانهون رهي راحت ۽ آرام ماڻڻ ۾ ڪابه قباحت ڪانهي. ڇو ته انهن کي ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ان بهاني ۽ عذر سان ڪئي ويندي ته امن ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ ترقيءَ جو اهو رستو ڪارائتو ۽ ڪارگر آهي. انهيءَ حوالي سان جيتريقدر ورتاءُ يا سلوڪ جو معاملو آهي ته ان جهنجهٽ ۾ پوڻ سان متيون منجهي پونديون.
هونئن به يورپي سماج ۾ اهڙي قدامت پرست سوچ رکندڙن جو چڱو موچارو انگ موجود آهي، جيڪي پراڻي دور جي ريتن رسمن کي جيئرو جاڳندو رکڻ جا خواهشمند آهن. اهڙن ماڻهن جي بذات خود مالاگاسي ۾ به کوٽ ڪانهي. اهڙي سوچ رکندڙ مالاگاسي واسين کي فرينچ اختياريءَ وارن جي ويجهڙائيءَ ۾ به چڱي خاصي پٺڀرائي رهي آهي. پر اهي ماڻهو هاڻي هوريان ڏاڍيان الوپ ٿي رهيا آهن ۽ سندن جاءِ نئون نسل والاري رهيو آهي جيڪو وڌيڪ ڦڙت ۽ چالاڪ آهي. اهو نئون نسل مفادن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ۽ نسلي برتري جو حامي آهي. پر اهي بنيادي طور انهن سياسي سڌارن کان اڌو گابرا واقف آهن، جيڪي نفسياتي مونجهارن کي حل ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. انڪري هو جمهوري آدرشن کي به ان لاءِ ذميوار سمجهي رهيا آهن. ان لاءِ سندن دليل آهي ته جڏهن به ڪنهن وقتائتي سوچ لاءِ عملي طور پيش رفت ڪجي ٿي ته:
هو پنهنجن دليلن جي روشنيءَ ۾ سمجهن ٿا ته ماڻهن جي اڪثريت هڪ ٻئي ڏانهن روين جي هڪ سخت گير نفسيات ۾ جڪڙيل آهي. جنهن کي آءٌ هتي مختصر طور هڪ ٻئي تي دارومدار/تڪيو ڪرڻ چوان ٿو، جيڪي پنهنجي پراڻي يا آڳاٽي بيهڪ منجهان جان ڇڏائي جديديت ڏانهن اوستائين وک وڌائي نواڻ ماڻي نه سگهندا جيستائين ٽڪراءُ جي لنگهه مان گذري نه ويندا.
پر هتي هڪ ٻي ڳالهه به ورجاءَ ڪري ظاهر ڪرڻ گهران ٿو ته، سڀئي يورپي قدامت پرست سوچ ساڃاهه سان سلهاڙيل ڪونه آهن، پر جيڪڏهن هو سڌارن جي آڏو رنڊڪ بڻجندا ته اهڙي روش کي نقصانڪار چئي سگهجي ٿي. انڪري قدامت پرستن پاران مخالفت ڪنهن به حالت ۾ ڪارائتي ثابت ڪونه ٿي سگهندي. ان جي بدران حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۾ هَٿي ڏيندي ۽ ظاهر آهي ته جيئن به لڳ لاڳاپن ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو ته قدامت پرستن کي درست ڄاڻايو ويندو، پر هتي هڪ ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته خراب صورتحال ڪنهن به ڌر کي حق ۽ سچ ثابت ڪرڻ لاءِ سودمند پڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇا ظاهري طور جيڪڏهن قدامت پرست ڪنهن تبديليءَ جي آڏو رنڊڪ بڻجي بيهن ٿا ته پوءِ گهوٽالي ۽ ڇڪتاڻ جي وڌڻ جا امڪان ڄڻ ته ختم ٿي ويندا؟ پر اها به حقيقت آهي ته ڇڪتاڻ کي ڏاهپ ۽ سياڻپ سان گهٽائي به سگهجي ٿو، پر ان لاءِ لازمي آهي ته تجويز ڪيل سڌارن جي پير ٻڌي مخالفت ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
تڪيو ڪندڙ شخصيت ۽ اڳرائي
جيتوڻيڪ هڪ ٻئي تي اعتماد ڪرڻ جي جبلت ملاگاسين جي نفسياتي ڪيفيت جي تز نموني تشريح ڪري سگهي ٿي پر اهي اڳ ۾ ئي تسلط هيٺ آيل آهن ۽ هاڻي ارتقا جي عمل منجهان لانگهائو آهن، پر هتي هڪ وهم ۽ گمان اڀري ٿو ته، ان ساڳي جبلت جا اهڃاڻ ۽ آثار انهن قديم جاتين ۾ به نظر اچن ٿا، جن جو اڄوڪي مهذب دور سان تِر جيترو به واسطو ڪڏهن ڪونه رهيو آهي.
ڇا اهڙي صورتحال ۾ به اسان انهن ۾ ڪنهن به لحاظ کان دارومدار/تڪيو ڪرڻ جي جبلت ڳولي سگهنداسون، پر ائين چوڻ به محال ٿيندو ته سندن هڪ ٻئي تي دارومدار/ ويساه ڪرڻ جو دائرو سڱابندي/ مٽي مائٽيءَ تائين محدود ٿيندو يا وري ان جي پهچ هڪ متبادل طور ٻه وکون اڃا به اڳتي ٽپي ويندي. مالاگاسي واسين لاءِ سڀ کان اهم عنصر موروثي طرز حيات آهي. ان حوالي سان ديومالائي اَبا ڏاڏا جن ۾جيئرا يا مئل بادشاه، قبيلو، آڳاٽي زماني جا ديوتا اچي وڃن ٿا، انهن سڀني کي مجموعي طور سنڀال لهڻ کان سواءِ امن امان، حفاظت جو ذميوار، بيروني توڙي اندروني خوف خطرن کان لاشعوري نموني نگهبان سمجهيو وڃي ٿو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته اهي سڀئي گروهه جيڪي هڪ ٻئي تي ويساهه/ دارومدار رکن ٿا، انهن جي رهڻي ڪهڻي جو اڀياس ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. پر مان سمجهان ٿو ته کنيل عنوان جي ڏس ۾ جنهن مطابق هڪ ٻئي تي دارومدار رکڻ واري نفسيات بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ اضافو نه ٿيندو، ڇو ته اهڙيءَ طرز جي معلومات ڪٽنب ۾ فرد جي اجتماعيت جي آڏو ڪابه جداگانه ۽ منفرد حيثيت ڪانه هوندي آهي. ان هوندي به سڀئي جداگانه شعور رکندڙ به هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا رهن ٿا.
اهڙيءَ صورتحال ۾ تڪيو/ دارومدار پنهنجي خد و خال ۾مڪمل سگهارو، آفاقي ۽ سڃاڻپ کان وانجهيل هوندو آهي. ٻار ۽ ماءُ جي وچ ۾ انس ۽ محبت جي ڇڪ هڪ اثرائتي ۽ اڻ ٽٽ رشتي طور موجود هوندي آهي، پر اها ساڳي ڇڪ يا ڪشش سماج جي هم عمر ٻارن ۾ ڪونه ملندي، جڏهن ته سڀئي هڪ يڪسان ڪيفيت سان واڳيل آهن. جيتوڻيڪ انهن ٻارن لاءِ ڳوٺ جو چوواٽو جتي ويهي هڪ دوستاڻي ماحول ۾ روح رهاڻيون ڪندا آهن، انهن لاءِ گهر جيتري حيثيت رکندو آهي. هونئن به ٻار پنهنجي ڪٽنبي رسمن ۽ ريتن سان هروڀرو جذباتي نموني غيرمتوازن (Vertical) چنبڙيل ڪونه رهندو آهي. ڇو ته هو ستت ئي محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته متوازي (Horizontal) لڳ لاڳاپا پڻ اثرانداز ٿي رهيا آهن..
انهيءَ صورتحال کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ به ٻار جيستائين ننڍپڻ جو ڏاڪو ٽپي شعوري لحاط سان انهن سڀني ڪارگذارين کي تپاسڻ جي لائق نه ٿيندو آهي، اوستائين سانت سان هلندو ۽ ڳهندو رهندو آهي. فردن جي وچ ۾ ميل جول جو ماحول به گهڻي ڀاڱي منفرد ۽ نرالي نوعيت جو هوندو آهي. جيڪڏهن اڳتي هلي مذڪوره مزاج رکندڙ ماڻهو پنهنجي ماحول کان ڇڄي ڌار ٿي پوندا آهن ته ڪنهن گروهه ڏانهن واجهائڻ جي بدران اهڙي فرد سان پاڻ کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن تي ويساهه ڪري سگهن، انهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ دلجاءِ جو عنصر هوندو آهي ته پاڻ جهڙن سان دوستي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ رهڻ کي ترجيح ۾ شامل ڪري وهنوار هلائن.
اسان پڪ ۽ خاطري سان چئي نه ٿا سگهون ته مالاگاسي سماج جي ترقي ڪيئن ممڪن آهي. ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ آهي ته اسان وٽ ڪي به اهڙا ذريعا ڪونه آهن، جو تاريخي ترتيب کي سيبائتي نموني بيهارڻ لاءِ سماجي اداراسازي ڪري سگهجي. انڪري پاڻ لاءِ ويساهه جوڳي قياس آرائي جي دڳ وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چاڙهو نظر ڪونه ٿو اچي. ان حوالي سان جيڪڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسجي ٿو ته مالاگاسي جو ترقي يافته دور پوءِ اهو پنهنجي خد و خال ۾صحيح يا غلط آهي، پر ابتدائي دور ۾ اڀ ڪپرو/ غيرمتوازن لڳي ٿو ۽ ان ۾ متوازن/ هموار هئڻ جا آثار مبهم نظر اچن ٿا پر اسان جي اچرج جي انتها نه ٿي رهي جڏهن محسوس ڪيون ٿا ته پاڻ هرتو هڪ متوازن هموار ڪيفيت جون سگهاريون علامتون پڻ نظر اچن ٿيون. ان جو مطلب ۽ مفهوم ائين سمجهڻ گهرجي ته تحريڪ ۾ هڪ طرز جا سڌارا/ ردوبدل اچي رهي آهي ۽ اڀ ڪپرو/ غيرهموار/ غيرمتوازن دارومدار جهيڻو ۽ جهڪو ٿي رهيو آهي.
ان جو هڪ مثال مشاهدي طور ڏيڻ ضروري آهي ته، جڏهن مالاگاسي واسين کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ نينڍ ڏني وڃي ته موٽ مثبت طرز جي هئڻ کپي پر ان سموري وهنوار تي عمل ڪرڻ واسطي هڪ ڏور رس انتظاميا جي گهرج آهي. ڇو ته اڀ ڪپري غيرهموار جداگانه طرز حيات کي به عزت ۽ قدر جي نگاه سان ڏسڻ لازمي آهي ۽ ساڳي وقت متوازن/ هموار لڳ لاڳاپن کي سگهارو ڪرڻ ڏانهن پيش رفت پڻ جاري رهڻ گهرجي.. اهڙي پيش رفت لاءِ خاص ڪري اسڪولي ٻارن ۾هڪ ٻئي ڏانهن دوستاڻو ورتاءُ، راند روند جون ڪلبون، اسڪائوٽنگ ۽ ٻيا طور طريقا اختيار ڪرڻ سان مثبت موٽ ملي سگهي ٿي. ان کان سواءِ مالاگاسي واسين کي غيرمتوازن/ غيرهموار لاڙن ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سڄاڻ ماڻهن جو هئڻ ضروري آهي.
اباڻي ورثي کي نمايان ڪرڻ ۾ قديم به مليل آهي. البت هتي ان اهم نقطي کي سمجهڻ ۾ ڪوبه مونجهارو ڪونه ٿو نظر اچي ته يورپي ڪامورا شاهي سرخ ڦيٿي (Red Tape) کي پنهنجي شان ۽ دٻدٻي کي اجاڳر واسطي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ جي برعڪس پنهنجي جارحانه بدنيتيءَ تي ٻڌل سوچ کي مسلط ڪندي/ احساس ڪمتريءَ جو اظهار ڪندا آهن. هوڏانهن ٻي پاسي مالاگاسي وري فضول قسم جي تقاضائن جي چڪرن ۾ ڦاسي پوندا آهن ته جيئن پاڻ کي ڪنهن به هاڃي پهچڻ کان بچائي (ڪاموراشاهي) جي وسيع تر گهراڻي جا ميمبر بڻجي سگهن. ان لاءِ ضروري آهي ته قاعدي ۽ قانون جي ذڪر ۽ فڪر مان واندو ئي نه ٿئي، ڇو ته اهو محتاط رستو اختيار سان ڪرڻ سان به جوکي ۽ مصيبت ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي بچائي سگهندو. پر جيڪڏهن اسان مالاگاسي جي ان سموري سوچ ۽ فڪر جي ڇنڊڇاڻ ۽ تورتڪ ڪنداسون ته سندس محتاط رهڻ واري ڀاونا جو هڪ اهم ڪارڻ هيءُ ڏسڻ ۾ ايندو ته هو پنهنجي حيثيت ۽ دٻدٻي تان ذهني طور دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان لاءِ ائين به چوڻ عبث آهي ته سندس اها روش ڄاڻي واڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سندس اهڙو سلوڪ بيشڪ عام رواجي آهي، ڇو ته سماج جي وايومنڊل جو دٻاءُ کيس مجبور ڪري ٿو ته دارومدار/ ويساهه جي زنجيرن مان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻي جن ۾ هو گهڻي وقت کان وٺي جڪڙيل آهي.
ائين اوچتو ڪا اهڙي آپدا هن جي آڏو اچي بيهي جنهن مطابق وٽس پيشقدمي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي ته ان منجهيل سوال کي قاعدي ۽ قانون جي ڄار کان پاسيرو رکي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ ڄڻ ته سوچ ويچار کان محروم ٿي ويندو آهي ۽ ماڳهين ڇَسو ۽ ڪورو لڳندو آهي. اهڙي حالت ۾ اهو سمجهڻ ۾ آساني ٿي پوندي ته مالاگاسي واسي ڇالاءِ هڪ ئي گس تي هلڻ ۾ راضي ۽ خوش رهي ٿو. اها ساڳي حالت ڪجهه يورپين سان به آهي جيڪي هڪ ئي پيچري تي هلڻ واري طريقيڪار کي محفوظ سمجهن ٿا. گهڻو ڪري ائين سمجهيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اوهان طئه ٿيل راهه کي تياڳي ڀٽڪڻ جو رستو اختيار ڪندا ته توهان جي سامهون مصيبتون اچي بيهنديون، جيڪي اوهان کي مونجهه ۽ نراسائيءَ جي پاتال ڏانهن ڌڪي ڇڏينديون. هونئن ائين چوڻ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته ڪو وقت هو جو طئي ڪيل رستو اختيار ڪيو ويندو هو، جيڪو زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کان بچائڻ جي خاطري/تصديق ليکيو ويندو هو.
پر اسان اڳتي هلي ڏسنداسون ته سماجي رسمون ۽ ريتون پنهنجي جوڀن سان جيئريون جاڳنديون آڏو اچي بيهنديون ۽ ڄڻ ته هڪ تحفظ جي احساس کي اڀاري اينديون. هڪ ملاگاسي جي طرز حيات جنهن کي هروڀرو قدامت پرستي به چئي نه ٿو سگهجي. هو ذهني طور نئين راه اختيار ڪرڻ لاءِ به هڪيو تڪيو بيٺو آهي، پر پنهنجي وهمي ۽ وسواسي ريتن ۽ رسمن تان به دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهي، ڇو ته سندس لاشعور ۾ جيڪو خوف ۽ ڊپ جو عنصر ويٺل آهي. ان کان بچاءُ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آرزو ۽ اميد جي کيس ضرورت آهي.
اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ملاگاسي طرزحيات ۾ اهڙا کوڙ سارا مسئلا ۽ مونجهارا نظر ايندا، پر پوءِ به ڪنهن ملاگاسيءَ کي ڪا اهم انتظامي ذميواري ڏني ويندي ته ان کي توڙ رسائڻ ۾ خوشي ۽ راحت محسوس ڪندو آهي ۽ ڪنهن به نمائشي ڏيک ويک کان پرانهون رهي ذميواريءَ کي نڀائڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيندو آهي. بهرحال هڪ ملاگاسي ڪامورو پنهنجي ورتاءُ جي حوالي سان غيرملاگاسي ڪاموري کان منفرد ۽ نمايان ڪونهي ۽ سندس طريقيڪار لڳ ڀڳ يڪسان هوندو آهي. ڇو ته هنن جي ذهني نفسياتي روش ۾ کوڙ ساريون رنڊڪون پڻ آهن. اهي سڀئي رنڊڪون ۽ مونجهارا هڪ فرد جي حيثيت ۾ ترقي ڪرڻ جي اصول پٽاندڙ هٿ ونڊائي سگهن ٿا. اهڙي روش اختيار ڪرڻ سان ممڪن آهي ته مستقبل ۾ ڪجهه مونجهارن ۽ تڪليفن سان منهن مقابل ٿيڻو پوي ۽ ائين ٿي سگهي ٿو ته هڪ معقول طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ فردن جي حيثيت ۽ مانَ ۾ جهڪائي پيدا ٿئي، جيڪا احساس محروميءَ جي ڪيفيت کي وڌائيندي.
ائين به سمجهڻ گهرجي ته اڃان تائين غيرمتوازن/ غيرهموار لڳ لاڳاپا ايترا ته سگهارا آهن جو انهن کي في الحال ڀڃي ڀورا ڪري نه ٿو سگهجي. ان ڪارج بابت اسان هڪ غيريقيني صورتحال جو شڪار آهيون. البته هتي اهو سوال ڪرڻ به اجايو ۽ عبث آهي ته مائٽ پنهنجي اولاد ڏانهن روين ۾ ويساه گهاتي ڏانهن وڃي رهيا آهن، پر اسان اڳ ۾ ان نقطي کي واضح ڪري آيا آهيون ته هڪ ٻار جيڪو اڳتي هلي پنهنجي تجربي آڌار آزاداڻي ماحول ۾ رهڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ٿو. اهو پنهنجي اهڙي روش کي لاشعوري طور بي وفائي/ ڏوهه تصور ڪري ٿو، ظاهري طور ٻار ۾ بي وفائي واري ڪيفيت جي اڀرڻ جو ڪارڻ هڪ معمولي عنصر به ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ ضروري آهي ته داخلي/ اندروني حالتون پڻ اهڙي صورتحال جي پٺڀرائيءَ لاءِ تيار هجن. ان ڪري موجوده بي آراميءَ جي زماني ۾ نفسياتي طور دارومدار/ ويساه کي لاشعوري طور قبول ڪرڻ سان انتشار جا آثار ته نمودار ٿي سگهن ٿا پر ڪنهن ردوبدل لاءِ اثرائتا سبب ڪونه ٿي سگهندا. جنهن ڪري اهي آثار عام لحاظ کان ڪٽنبي سماجي بيهڪ ۽ مدي خارج ريتن رسمن کي به هاڃو ڏئي ڪونه سگهندا. ان هوندي به ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم گمان ڪونهي ته قدامت پرست نسل ۽ ترقي پسند نسل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا آثار موجود آهن، پر پوءِ به ڇڪتاڻ جا آثار ايڏا واضح ڪونه آهن. ڇو ته نوجوان نسل ۾ قدامت پرستن جي ڀيٽ ۾ ٻئي لاڙا يعني قدامت پرستي ۽ انقلاب هڪ ئي وقت موجود آهن.
ان هوندي به دارومدار/ ويساهه جو عنصر سراسري طور مالاگاسيءَ لاءِ هينئين جو ڏڍ ثابت ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن هن کي ڪنهن اهم ذميواري يا اڳڀرائي ڪرڻ کان نجات ملي ٿي. ان ڪري اسان کي اهڙي صورتحال تعليمي ادارن به پڌري پٽ نظر اچي رهي آهي. اهڙا شاگرد جيڪي هوشياريءَ جي لحاظ کان منطق ۽ گرامر جي منجهيل سوالن کي نبيرڻ ۽ نکيرڻ ۾ تيزفهم ۽ ذهين آهن، اهي اوچتو ڪنهن معمولي سوال تي وات پٽي بيهي رهندا آهن. هونئن روزاني زندگي جي اٿ ويهه ۾هڪ معمولي بڻجي ويو آهي ته ڪنهن به اهم مسئلي ۽ مونجهاري تي راءِ ڏيڻ لاءِ ٺهيل ٺڪيل جواب هڪيا تڪيا ملندا، جيڪي ”پهاڪن“ جي شڪل ۾ موجود آهن ۽ آڳاٽي دور جي ڏاهپ ۽ ساڃاهه کي چٽو ڪري بيهاريندا آهن. حالانڪ اهي پهاڪا يا چوڻيون بنيادي طور غيرمنطقي، لچڪدار ۽ گهڻ پاسائين معنيٰ رکندڙ آهن، پوءِ به انهن کي ڪنهن به اختلاف ۽ تڪرار ۾ اثرائتي نموني دليل طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪنهن وقت ائين به ٿيندو آهي ته ملاگاسي بنهه عام سمجهه ۽ ساڃاهه کان به ڪورو ٿي پوندو آهي، پر انهن جي اندروني حس ۾ سوچ ۽ فڪر سانڀيل آهي ۽ اها نروار ٿيندي آهي جڏهن کين قاعدن ۽ قانون جي حدن ۾رهندي آزادانه چرپر ۽ فيصلي ڪرڻ جا اختيار حاصل هجن. هونئن پراڻي دور جا ملاگاسي وڪيل گهڻي ڀاڱي قانون جي ڄاڻ ۾ اڻ گهڙيل ۽ لاپرواهه نظر ايندا آهن. هرهڪ ملاگاسيءَ کي شاعري ڪرڻ جو خفت ۽ سوداءُ هوندو آهي، جنهن ڪري کيس لفظن کي هيٺ مٿي ڪرڻ جو ڏانءُ هين ٽيني (Hain-Teny) جيان سيبائتي نموني اچي ٿو. ان کان علاوه ملاگاسيءَ ۾ هڪ ٻي اهم خاصيت هيءَ آهي ته اکين جي ڪوملتا وسيلي ٻئي ماڻهوءَ جي ارادي ۽ مقصد کي سولائيءَ سان ڄاڻي وٺندو آهي. جڏهن ته يورپين جي نظر ۾ اکين وسيلي ڪوملتا ۽ فرمانبرداريءَ کي محض مڪر ۽ فريب سمجهيو ويندو آهي ۽ ظاهر آهي ته اهڙي قسم جي سوچ پنهنجي جاءِ تي صدمي برابر آهي.
ائين ملاگاسي واسين لاءِ به يورپين جي اهڙي روش صدمي ۽ حوصلو پست ڪرڻ برابر هوندي آهي. ڇو ته هنن جي سوچ موجب يورپين اهڙا قاعدا ۽ قانون هن ملڪ لاءِ مڙهيا آهن، جيڪي سندن نظر ۾ خسيس ۽ تڇ هوندا آهن ۽ ڪڏهن ته پاڻ ئي انهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کي ڪابه خامي ڪونه سمجهندا آهن.
ان ڏس ۾ ڊي¸ ويسٽر مِن (D. Wester Mann) جي ڪتاب (Noris et Blancs en A Frique)جي صحفي 6 4/4 5 تي بيان ڪيل لکت کي ڄاڻائڻ ضروري سمجهان ٿو. هن جي لکڻي مطابق ملاگاسيءَ ۾ هڪ ٻئي تي دارومدار/ ويساهه ڪرڻ جي حِس ۾ ڪا به ردوبدل اچي نه سگهندي. ڇو ته ”هن جي عملي زندگيءَ ۾ ڇوهائيءَ سان ٻرانگهون نه هڻڻ جو بنيادي ڪارڻ سماجي آهي ۽ نه وري انفرادي. هو گهڻي ڀاڱي عام ماڻهن جي راءِ کان ڳوڙهي نموني متاثر ٿيندو آهي. هن جو شعور، دراصل، جاتيءَ جي سهڪار ۽ هائوڪار سان واڳيل آهي. اهڙي طور طريقي جو واسطو گهڻي قدر روزمره جي وهنوار ۾به هجوم جي شڪل ۾ هڪ ٻئي کي تحفظ ڏيڻ سان سلهاڙيل آهي ۽ نه وري ڪنهن انفرادي عمل جو اظهار چئي سگهجي ٿو، جنهن ڪري ذاتي ذميواري کي ايڏو ڌيان لائق نه ٿو سمجهيو وڃي.“
انهيءَ صورتحال مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ٻيا آفريڪي، گروهه، قبيلا ڪهڙي ريت ملاگاسين جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي سان جڪڙيل آهن. انهن ۾ ظاهري طور هڪ ڦلهڙو لڳ لاڳاپو نظر اچي ٿو، پر پنهنجي اباڻي ورثي سان مڪمل طور چنبڙيل آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ملاگاسيءَ۾ اطاعت گذاري سانڀيل پر ساڳئي وقت منجهن پيشه ورانه شعور جي به اڻهوند آهي، پر ان جو مطلب ائين به نه ٿو ڪڍي سگهجي ته هن ۾ يورپين سان مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ۽ همٿ ڪانهي. هن ۾ڪجهه اوگڻ آهن ته هو پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپن کي فوقيت ۽ مان ڏئي ٿو. ان جي برعڪس يورپين اهڙن طور طريقن کي عام رواجي حيثيت کان مٿي سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ۽ ظاهر آهي ته جتي روايت ۽ ماڻهوءَ جو ڪوبه مان شان ڪونهي ته پوءِ ڪجهه به نه ٿو بچي. ها! فقط فرمانبرداري اختيارڪيو ته جيئن اوهان جو مالڪ راضي ۽ خوش هجي. اهڙي حالت ۾جڏهن اخلاقي قدرن کي پٺيءَ ڀر اڇلائي ڦٽو ڪجي ته پوءِ فطري طور سوچ ۽ ساڃاه جو به خاتمو اچي ويندو. ائين مجموعي طور سچ جي لاءِ مان مريادا جي جاءِ تي ذهن ۾ هڪ ئي نقطو هوندو آهي ته سامهون جيڪو بيٺل آهي، ان کي راضي ڪيئن رکي، ان ڪري سچ ڳالهائڻ بدران وقت جي مناسبت سان وقتائتي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اها نرالي خاصيت ڪجهه ٻولين ۾ به موجود آهي، جهڙوڪ: لفظ ”هائو“ جي معنيٰ ظاهري طور بيهي ٿي: ”مان اوهان سان سهمت آهيان.“ جڏهن ته لفظ ”نه“ جو مفهوم بيهي ٿو: ”مان اوهان سان اتفاق نه ٿو رکان.“ ان کي سواليه نوع ۾ هيئن چيو وڃي ٿو: ”ڇا وسڪارو نه ٿي رهيو آهي؟“ جواب ۾ چيو ويندو، ”نه ڪو!“ ان جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته، ”هائو! وسڪارو نه ٿي رهيو آهي.“ هڪ ٻئي سان هم ڪلام ٿيڻ جو اهو انداز چٽو ڪري ٿو ته هڪ ماڻهو (ڪنهن به وٿ کي عيان ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي) ورتاءَ کي ٻئي جي آڏو نروار ڪري بيهاري ٿو.
بهرحال ڳالهه کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ لاءِ، مان، دارومدار/ ويساهه جي پيچيده صورتحال جيڪا بنيادي طور ملاگاسين ۾ نيم ارتقائي ڪيفيت سان جڙيل آهي ۽ ان ۾ ايمان رکندڙ آهن (ان ۾ انهن ماڻهن کي به شمار ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڻ کي مهذب سڏائين ٿا.)
اهڙيءَ ريت هڪ عام رواجي نموني طور الهام بابت سوچ ويچار چوڏس ڇانيل آهن. (جڏهن ٻِجَ استعمال ڪيا ويا، ڌڻي سڳوري انهن جي بي ترتيبيءَ سان هڪ ڀريل مُٺ کڻي ورتي. ظاهر آهي ته مٺ ۾ کنيل ٻج پوءِ اِڪي ۽ ٻڌيءَ جي انگن ۾هئا، جن مان هن هڪ يا ٻن کي هيٺ رکي ڇڏيو ۽ پوءِ انهن کي اڀريل اکرن وانگر گروهن جي صورت ۾ بڻايو. ائين هيڪر پهرين گروهه کي هيٺاهين ڏانهن اماڻيو ويو ته ٻئي کي ڪجهه منجهيل ۽ مبهم اصولن جي بنياد تي نروار ڪري بيهاريو ۽ تت وڃي هيءُ بيٺو ته جيئن فال ڪڍڻ وارو پَتن جي مدد سان قسمت/ آئنده جو حال احوال ٻڌائيندو آهي، ساڳي ترتيب مذڪوره سٽاءَ سان پڻ لاڳاپيل نظر پي آئي.)
ائين ڄڻ ته قسمت جي ليک کي بغير ڪنهن چون چرا جي قبول ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ملاگاسين جي روش سمجهه کان عام طور ٻاهر هوندي آهي، جڏهن هو پنهنجي رٿابنديءَ ۾ بنا ڪنهن دليل جي ردوبدل آڻي ڇڏيندا آهن ۽ ان وقت هو ڪنهن وڏي منافعي تان هٿ کڻي تِڇ تي گذارو ڪرڻ ۾ به هرج ڪونه سمجهندا آهن. هونئن اهي ظاهري طور قسمت جي لکئي کي بنا ڪنهن چون چرا جي تسليم ڪندا آهن، ڪنهن به يورپيءَ جي آڏو ڪو نه ڪو عذر ۽ بهانو ڏيندا آهن جيڪو ان (يورپي) جي نظر ۾ فضول ۽ بڪواس هوندو آهي. جنهن ڪري عذر ۽ بهانو يورپين جي ڪاوڙ کي ڪنين تار ڪري ڇڏيندو آهي. هو اڃا به خوابن ۾ ملندڙ اشارن کي به اکيون ٻوٽي پيروي لائق ليکيندا آهن.
جادوگر مورڳو قسمت جي لکئي ۾ ويساهه رکندڙن کان جداگانه طرز جا مالڪ آهن. اهي اڪيلائي پسند ۽ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پرانهان هوندا آهن. انهن جي مَن ۾ جيڪو ڪجهه ايندو آهي، ان مطابق عمل ڪندي خوف ۽ هراس جو ماحول اڀاري مورڳو مروج روايتن جو ليڪو لتاڙڻ ۾ ويرم ڪونه ڪندا آهن. ان جو هڪ ننڍڙو مثال هيءُ آهي ته رات جو گهگهه اونداهيءَ ۾ قبرستان وڃي جُهوليندا ۽ جهمريون پائيندا آهن. جادوگر ڪنهن کان انتقام وٺڻ خاطر پاڻ کي جيئرو دفن ڪرائيندو آهي. ان لاءِ ڪنهن مقبري جي چونڊ نه پر هو گس جي آسپاس دفن ٿيڻ لاءِ چاهيندو آهي، جيئن لتاڙ هيٺ اچي سگهي. سندس انهيءَ عمل کي ڄڻ ته پاڻمرادو عتاب هيٺ اچڻ چئي سگهجي ٿو. ائين کڻي چئجي ته اهڙي صدقي جي ٻڪري جيڪا انساني ويس ۾هوندي به بديءَ جي قوتن جو شڪار بڻجي وئي••••• پر ڇا سندس اهڙي عمل کي مڃتا به ملي ٿي؟ اهو هڪ اوکو سوال آهي. هونئن ظاهري طور ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته جادوگر پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ وقت دارومدار جي سڀني لڳ لاڳاپن کان آجو هوندو آهي.
هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته هو انهن سڀني پابندين منجهان پاڻ کي ڪيئن آجو ڪري ٿو؟ ڇا هو ان لائق بڻجي وڃي ٿو جو پنهنجي دارومدار/ ڀاڙي ويهڻ/ تڪيو ڪرڻ واري سوچ کي هڪ تصوراتي/ خيالي جُز ڏانهن منتقل ڪري سگهي.
اهڙيءَ سگهه اسان ۾ به سانڀيل آهي؟ هن جي ”پيشه ورانه“ زندگي ايتري ته لڪل هوندي آهي جو خبر ئي ڪانه پئجي سگهندي ته هو ڪهڙي حساب ڪتاب سان جادوگر بڻيو آهي. عام طور سمجهيو وڃي ٿو ته هڪ ”ٽوڻا ڦيڻا“ ڪندڙ ايماندار ماڻهو پنهنجي اندر جي سگهه سان ”جادوگري“ جو ڪمال حاصل ڪري سگهي ٿو پر الوهيت ۾ ويساه رکندڙ اهڙي سوچ کي رد ڪن ٿا ۽ ان کي محض هڪ آزمائش يا لاڙي کان وڌيڪ ڪونه سمجهن ٿا. بهرحال مطلب ته جادوگر جي ڪردار کي ڪنهن به ريت ”جادو“ جو ماهر ۽ ڄاڻو سمجهڻ بدران بديءَ جو واس گهر ڄاتو وڃي ٿو. هن متعلق ائين به چيو وڃي ٿو ته هو زهر جو سوداگر وڌيڪ آهي ۽ نه وري ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وسيلو.
جيتوڻيڪ ملاگاسي ۽ اسان ڪڏهن به انهن ٻنهي عنصرن يعني زهر ۽ ڇوٽڪاري ۾ چٽي نموني فرق ڪري ڪونه سگهيا آهيون. ان هوندي به جيڪڏهن ڪنهن ويساه جوڳي اصو ل کي ذهن ۾ رکي تڪ تور ڪبي ته ملاگاسي جادوگر بابت چئي سگهجي ٿو ته هو پاڻمرادو ئي بديءَ جو پرتو ٿي اڀري ٿو ۽ اهو خيال ۽ عڪس کيس پڻ بيخود بڻائي ڇڏي ٿو. جادوگر پنهنجي سڃاڻپ جو لاڳاپو ئي تصور يا عڪس جي معرفت ڄاڻائيندو آهي ۽ سندس سماجي ڦهلاءَ (جنهن ۾ مذهبي رسمون ۽ ٻيا ٽوڻا ڦيڻا اچي وڃن ٿا) ڄڻ ته سڃاڻپ جو اهڃاڻ بڻجي جاتيءَ/ نيات ۾ پيهي وڃڻ جو وسيلو بڻجي سگهندا آهن. ان سموري ڪارگذاريءَ کي حتمي طور هڪ انومان/ قياس جي ذمري ۾به ليکي سگهجي ٿو. ملاگاسي جادوگر جي جداگانه طرز کيس گهڻي ڀاڱي ٻين ڦيڻا ٽوڻا ڪندڙ ۽ ڀوپن کان منفرد حيثيت بخشي ٿي.
مان پنهنجي بنيادي موضوع ڏانهن وران ٿو. اصل ۾ ملاگاسي پنهنجي تڪيو ڪرڻ/ ڀاڙڻ واري شخصيت طور جڏهن هڪ آزاد شخصيت سان منهن مقابل ٿئي ٿو، جهڙوڪ نوجوان يورپي سان ته پوءِ هن لاءِ اهو اجنبي رستو اختيار ڪرڻ ڪنهن حد تائين ڏکيو ۽ اڻانگو بڻجي پوي ٿو.
هونئن اٿندي ئي ملاگاسين جي نظر ۾ هڪ فرضي مهم جوئي ۽ ان سان مطابقت رکندڙ سرگرمين کي گهڻي ڀاڱي سچو ۽ تز ڄاتو ويندو آهي. ان لحاظ سان هنن جي سوچ مطابق يورپين ۾ روح نالي سان ڪا وٿ موجود ئي ڪانهي. اهو هڪ قسم جو سندن ويساهه آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به دليل ۽ انگن اکرن جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي ويندي آهي. هنن جي راءِ مطابق اهو هڪ اهڙو پاڻ هرتو اعتبار آهي جيڪو روح جي اونهائي ۾ سانڀيل آهي. مطلب ته ملاگاسين جي خيال ۾ جيڪي ماڻهو روح جي طرز ۽ رمز کان محروم آهن، سي لازوال ٿيڻ جي سگهه ۽ شڪتيءَ کان وانجهيل ۽ ڪورا آهن.
اها پڻ حقيقت آهي ته ملاگاسين جي سوچ موجب روح جو ڪنهن ٻئي عنصر تي دارومدار/ تڪيو آهي. ان لاءِ ضروري مذهبي ريتن رسمن کي مڃتا ڏيڻ سان گڏوگڏ عزت ۽ مان لائق سمجهيو وڃي. ڇو ته انهن جي طفيل ئي ڪٽنب ۽ قبيلي ۾اتحاد ۽ ايڪتا قائم رهندي. اهي سڀئي ريتون رسمون ڪنهن به ماڻهوءَ جي فوت ٿيڻ پڄاڻان سندس پونئرن وٽ سپنن جي صورت ۾ نئين سر نروار ٿينديون.
ملاگاسي پنهنجي انهيءَ راءِ کي وڌيڪ وزنائتو ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏيندي چوندا آهن ته يورپين ۾ اهڙين رسمن جي اڻهوند سبب کين پنهنجي مري ويلن لاءِ ڪابه ديني سوچ ڪانه هوندي آهي، نه وري ڪنهن سفيد بدروح جي آمد جي اوسيئڙي ۾هوندا آهن. ڇو ته اڇي چمڙيءَ وارو ڪنهن به ساڃاهه کان خالي آهي. ان ڪري جيڪا مرضي پوندي اٿن سو رستو اختيار ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي روح کان محروم هوندا آهن يا وري کين اباڻي اڪير ۽ سڪ نه هئڻ برابر هوندي آهي. ان جي ابتڙ مالاگاسي واسي جي تشريح ۽ ڇنڊڇاڻ جو جداگانه انداز هوندو آهي. مان ان ڏس ۾ ڪنهن ملاگاسي کان ڪونه پڇيو آهي ته سندس سپنن ۾ اڇي چمڙيءَ وارو به ڪڏهن آيو آهي. جيتوڻيڪ ان صورتحال کي قطعي ۽ آخري چوڻ مناسب ناهي، پر پوءِ به ڪوبه ملاگاسي ڪنهن به يورپين جو خواب اچڻ جو تصور به ڪري ڪونه ٿو سگهي.
ملاگاسي گهڻو تڻو، اڇي چمڙيءَ واري جي احساس ڪمتريءَ جي ڪيفيت کان واقف آهي. ساڳي ريت اڇي چمڙيءَ وارو پڻ پنهنجي مخالف يعني ملاگاسي جي تڪيو ڪري ويهڻ واري خصلت متعلق ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿو. ملاگاسي محسوس ڪري ٿو ته سفيد چمڙيءَ واري ماڻهوءَ ۾ هڪ شڪتي سانڀيل آهي، جيڪا کيس ردوبدل لاءِ اڀاريندي رهي ٿي، هو سدائين نواڻ لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو ۽ اڻ کٽ مطالبا ڪندو رهي ٿو ته جيئن وڌيڪ حاصلات ممڪن ٿي سگهي.
هو، اڇي چمڙيءَ واري جي احساس ڪمتريءَ واري اوگڻ کي سمجهندي به پاڻ کي تڪئي ڀاڙي ويهڻ جي ڪارج کان گهڻي ڀاڱي آجو ڪري نه سگهيو آهي ۽ ڪنهن ۾ته اها خاصيت مورڳو اٿاهه نظر ايندي آهي. اهڙي وقت سندس ٻيا ساٿي ۽ دوست چوندا آهن ته هو ان طلسم منجهان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. ان طلسم منجهان آجو ٿيڻ جي معنيٰ ۽ مفهوم کي عام اصطلاح ۾ فوشربازي چئي سگهجي ٿو. ڇو ته ڪوبه ملاگاسي محض هٿ پير هڻڻ جي وهنوار ۾ رڌل رهي ٿو ته ڪوبه ڪارائتو ۽ دلجمعي جهڙو لاڀ حاصل ڪري نه ٿو سگهي.
ان لاءِ ضروري آهي ته ملاگاسي کي شروع ۾ ئي پنهنجي ماحول منجهان کنڀي ٻاهر کڻي وڃجي ۽ يقين سان چئي سگهجي ته جيڪڏهن هڪ ملاگاسي جو ٻاراڻي اوسٿا ۾ ئي يورپي ماحول ۾نپاڄ ڪيو وڃي ته سندس شخصيت ۾ يورپي سڀاءُ پيدا ٿيندو. هتي پوءِ به سمجهڻ گهرجي ته اهڙو ماڻهو ملاگاسي نالي ماتر هوندو، ان ۾ يورپي طرز جا سڀئي مونجهارا هوندا. ائين ظاهري طور سندس جسماني بيهڪ، ڪجهه لڇڻ ۽ رويو جوش ۽ جولان يا وري نسلي ڪردار جو جٽاءُ به ساڳيو نظر ايندو، پر ان هوندي به ويساهه ڪرڻ محال هوندو.
اهڙيءَ ريت حاضر صورتحال ٻين جي ڀيٽ ۾ مختلف هوندي آهي ۽ اهڙا کوڙ سارا مثال موجود آهن، جيڪڏهن ڪنهن ملاگاسيءَ کي ٻالڪپڻ جي بدران جوانيءَ جي اوسٿا ۾ يورپي ماحول ۾ ڇڏيو وڃي ته به سندس شخصيت جي مٿان ڇانئجي ويندو. جيڪڏهن ملاگاسي سڃاڻپ کي کڻي ترڪ ڪري ڇڏي ۽ ڏيک ويک ۾ مڪمل يورپي نظر اچي، پوءِ به سندس اصلوڪي سڃاڻپ ختم ٿي نه سگهندي ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن ويس بدل جي صورت ۾ نظر ايندي. هو جڏهن به پنهنجن ماڻهن ڏانهن موٽ کائيندو ته سندس ترڪ ڪيل سڃاڻپ جي حس اباڻي ماحول ۾ سجاڳ ٿي پوندي.
پوءِ به ان ماحول ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ هن کي گهٽ مان ۽ عزت ملندي ۽ ان جي ردعمل ۾ منجهس شعوري لاشعوري طور نفرت ۽ ڌڪار جا سلا اڀرڻ لڳندا. ائين هڪ اهم نقطو عيان ٿي بيهي ٿو ته ديسي ملاگاسِين کي پنهنجي ديسي ماحول ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڇڪ پيدا ٿئي ٿي، جيڪي مڪمل طور يورپي وايومنڊل ۾ رڱجي ويل آهن. ان اميد ۽آسري سان ته فرينچ ۽ ملاگاسي دوستي ۽ لاڳاپي کي وڌيڪ مضبوط بڻائجي. ان حالت ۾ هو مروج سماج ۾ آسائش محسوس ڪندي به ذهني طور بيمار محسوس ٿيندا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪي به ناڪاميون ۽ نامراديون سندن چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳنديون سي سندن نسلي تفريق کي ڪمزور ڪنديون.
ائين جيڪڏهن يورپي رنگ ۾ رڱجي ويل مالاگاسي پنهنجي ڏيهي سڃاڻپ کي به ترڪ نه ٿو ڪري ۽ يورپي رنگ سان چنبڙيل رهي ٿو ته پوءِ هن لاءِ صرف ارادي جي پختگي ۽ قابليت ڪافي ناهي، ان لاءِ لازمي آهي ته هن جي آڏو يورپي يا ملاگاسي ماحول رنڊڪ بڻجي نه بيهن، پر هو جيڪڏهن پنهنجي فرض جي ادائگيءَ ۾ ناڪام ٿئي ٿو ته سندس يورپي سڃاڻپ محض نالي ماتر وڃي رهندي ۽ اسان جو اهو ”مهذب ماڻهو“ ته ڏسڻ ۾ ايندو پر يورپ جي اجائي ڏيک ويک جي تصوير بڻجي پوندو. اهڙو ڪٽرپڻي سان ڀرپور نماءُ ئي بنيادي طور آڪڙ ۽ وڏائيءَ جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
اهڙيءَ حالت ۾ اُهي سچائيءَ جو مشاهدو ته درست نموني ڪري سگهندا، پر سندن تشريح/اپٽار جو طريقيڪار اڻ وڻندڙ هوندو. اهو سڀ ڪجهه آڪڙ ۽ وڏائيءَ ۾ ڀرجي وڃڻ جو سبب آهي، جنهن ڪري يورپي ڏانءُ جي احساس ڪمتريءَ ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. ان هوندي به ملاگاسي جيڪو پاڻ هرتو ٻهروپيو/ آهي، پوءِ به وڌيڪ بهتر درجو ماڻي ٿو. ائين گهڻي ڀاڱي جيڪو ڪجهه وهي واپري رهيو آهي ان کي تڇ جهڙو سمجهي پٺيءَ پاسي اڇلائڻ غلط آهي، ڇو ته اصلي ۽ حقيقي سڃاڻپ گهڻو وقت احساس برتريءَ جي ٻهروپي پردي جي پويان لڪائي نه ٿي سگهجي.
اهڙيون عادتون يعني آڪڙ، ٻهروپ ۽ ڪاوڙ، مجموعي طور ملاگاسين سان ڪڏهن ڪڏهن چنبڙي پونديون آهن، پر سچ پچ ته اها هڪ وڏي غلطي پڻ آهي. ان جو اهم ڪارڻ هي آهي ته هو هروڀرو پاڻ کي معتبر بڻائڻ لاءِ يورپي بڻجڻ جي خفت ۽ سوداءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، پر جڏهن کين ڪجهه به پلئه ڪونه پوي ته مذڪوره عادتون کين وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي وڃن ٿيون. بدقسمتيءَ سان صورتحال هينئن ظاهر ٿي آڏو اچي بيٺي آهي ته، مڊگاسڪر ۾ يورپي بڻجڻ جو خفت ڪنهن خاص ڪاميابي ماڻڻ جي برعڪس ناڪاميءَ ڏانهن روان دوان آهي. اهو طرز حيات گهڻي ڀاڱي يورپ ۾ ئي ڪامياب آهي. ڇو ته يورپي سماج ۾ رنڊڪون ۽ مداخلت نالي ماتر آهي. جڏهن ته ملاگاسيءَ جي شخصيت اڃان تائين زور بار جي اثر کان آزاد ڪانه ٿي سگهي آهي.
اهڙو ملاگاسي، اسان لاءِ فرينچ¸ ملاگاسي سنگم لاءِ وڌيڪ سودمند ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي ملاگاسي سڃاڻپ کي جيئرو رکڻ ۾ ڪوبه عيب ۽ عار محسوس نه ٿو ڪري ۽ نه وري پنهنجي حيثيت کي لڪائڻ لاءِ جُهد ڪري ٿو. ان لحاظ کان هڪ سچائي اسان جي آڏو نروار ٿي اچي بيهي ٿي، جيڪا پاڻ کي تعليم جي مروج طور طريقن تي نظرثاني ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي ٿي. ان لاءِ هڪ ئي طريقو آهي ته پنهنجي سوچ کي ٻين جي مٿان ٿاڦڻ جي سوداءَ کي ترڪ ڪري عام ماڻهن سان فڪر ۽ ساڃاهه کي ترقي ڏيارڻ ۾ مدد ڪيون. ڇو ته، جيڪڏهن اسان هروڀرو سندن شخصيت کي زيربار رکڻ جي ماليخوليا ۾ ورتل رهنداسون ته پوءِ اهڙي سلوڪ جي نتيجي ۾ صورتحال ۾ ڪابه ڦلدائڪ ردوبدل ڪانه ايندي.
هتي هڪ ڳالهه ڌيان طلب آهي ته جيئن ئي يورپي طرز حيات جي رنگ ۾ رڱجي ويل ملاگاسي واپس پهچڻ شروع ٿيا ته ان سان گڏوگڏ جهيڙا جهٽا عام ٿي ويا. انهن ۾هڪ ته اهي هئا جيڪي مڪمل طور يورپي ماحول ۾ جذب ٿي پنهنجي ديس واسين کان ڇڄي ڄڻ ته اوپرا ۽ اجنبي بڻجي چڪا هئا. ان جي ابتڙ اهي جيڪي اڌوگابرو يورپي اثر هيٺ هئا، انهن جي ڀڙڪائڻ سان گوڙ گهمسان ۾ واڌارو ٿيو. انهن ماڻهن جي چُرچ سان ئي يورپين لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جا دروازا کلي پيا.
هڪ ڪيليبين چوڻيءَ مطابق:
تون مون کي ٻولي ته سيکارين پيو،
پر منهنجو حق ڏيڻ کان ڪن لاٽار ڪرين پيو،
مون کي سُڌ آهي، لعنت ملامت ڪرڻ جي•••••
جيتوڻيڪ اهي سٽون پنهنجي بيهڪ ۽ جوهر ۾ سچائي ۽ سادگيءَ جو اعليٰ نمونو آهن، پر هتي اهو به سمجهڻ گهرجي ته مالاگاسي ڪيليبين طرز جا وحشي ڪونه آهن، جيڪي غيرتعليم يافته جبلت جا مالڪ هئا ۽ نه وري اهي پاڻ ايترا غريب آهن جو سٺي ٻج جي پوکائيءَ جو شعور هوندي به فصل خراب لهي، جيئن پروسپرو (Prospero) جو خيال هو. اصل ۽ سچو پچو دليل ته پاڻ ئي چوي ٿو:
جڏهن تون پهريون ڀيرو ظاهر ٿيو هئين،
تون منهنجي دل ۾ پيهي ويو هئين،
مون کي ديوانو بنائي ڇڏيو هُيئه••••
۽ پوءِ توسان پيار ڪرڻ لڳس••••
ان کان اڳ جو مان تنهنجي همسري ڪري سگهان.
تو هٿ کسڪائي ورتو••••
ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب هيءُ بيهي ٿو ته، تو ئي مون ۾ تڪيو ڪرڻ/ڀاڙڻ جي خصلت پيدا ڪئي ۽ مان خوش و خرم رهندو آيس، پر پوءِ تو ويساه گهاتي ڪئي ۽ مون کي احساس ڪمتريءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ حالت ۾ اسان جي مٿان فرض بڻجي ٿو ته اسين اهڙي ڇت ڪتائيءَ جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪيون جنهن جو اظهار ڏيهي ماڻهوءَ سانده ڪندا رهن ٿا، ڇو ته ”تهذيب يافته“ بڻجڻ جو سلسلو اڌوگابرو ۽ اڻپورو رهجي ويل آهي.
ان جي برعڪس، ملاگاسي جنهن جي شخصيت/ سڃاڻپ نه ڪنهن اثر هيٺ هئي ۽ نه وري کيس نقلي نقاب پاتل هو. مطلب ته ان پنهنجي اصليت: تڪيو ڪرڻ/ تابعدار رهڻ واري جبلت کي جيئرو جاڳندو رکيو آهي، اهو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ورتاءُ وسيلي يورپين خلاف دشمني ۽ حقارت جو شڪار نه ٿيو. هاڻوڪن تازن فسادن دوران اهڙا ڳپل مثال موجود آهن ته جن به ملاگاسين ٽڙيل پکڙيل يورپين کي قتل ڪيو، انهن ٻڌايو ته جيڪي ڪجهه به ڪيو ويو ان جي پوئتان اصل ڪارڻ سندن چڱا مڙس آهن، جن ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ کانئن حلف وفاداري ورتو هو ۽ هنن ڪنهن نفرت ۽ ڌڪار جي اثر هيٺ اها ڪارروائي نه ڪئي هئي.
ان تشدد آميز انقلاب جي ابتدا ۾ ئي جيڪي به قتل جا واقعا ٿيا انهن کي ظلم ۽ بي واجبي ڄاڻايو ويو. جيتوڻيڪ ان وقت اسان کي اڌوگابري معلومات ملي رهي هئي ته ڇا وهي واپري رهيو آهي پر اڳتي هلي جيئن ئي تفصيل وار خبرچار ملڻ لڳي ته ان منجهان محسوس ٿيڻ لڳو ته اهو سڀ ڪجهه لاشعوريءَ طور هڪ ايذاءُ پسندي جو سلسلو هو. اڃا به ٿڌائيءَ ٿهرم سان جانچ جونچ ڪرڻ سان ڄاڻ ملي ته هرهڪ واقعي کي ٽوڙي مروڙي ۽ وڌائي پيش ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي وئي، جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ڏسي وائسي عمل ڪرڻ چئي نه ٿو سگهجي. ان حد تائين جو افواهن جي اهڙي بازار گرم ڪرڻ ۾ پوليس آفيسر به سرگرم نظر پي آيا. اهي ڪنهن به سرڪاري حڪمت عمليءَ جي پيروي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذهني ايذاءُ پسنديءَ جي جبلت جي پوئواري ڪري رهيا هئا. تحقيق ته انهن ظالماڻن حرڪتن کي محض ملاگاسين جي کاتي ۾ داخل ڪري هڪ طرفي راءِ ڏيڻ پڻ وڌاءَ ڪرڻ برابر آهي. ساڳي ريت يورپين پاران ڪيل ڏاڍاين کي به ساڳي ئي تناسب سان رپورٽن وسيلي چاڙهي پيش ڪرڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽايو ويو.
هوڏانهن وڪيل/ ائڊوڪيٽ صاحبان جيڪي ملاگاسين جي بچاءُ ۾ ڪورٽن ۾ پيش ٿي رهيا هئا، اهي قيدين سان غيرانساني سلوڪ بابت واڪا ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه پنهنجي اصيلن کي صلاح ڏيندي سمجهائي رهيا هئا ته اهي ڪنهن به حالت اوستائين ڏوهه نه باسين، جيستائين هنن جي خلاف ڪو پڪو پختو ثبوت پيش نه ڪيو وڃي. پر ٻئي پاسي ڏانهن عجيب و غريب نظارو ڏسڻ ۾ پي آيو ته اهڙن يورپين جن ڏاڍايون ڪرڻ ۾ سڌي اڻ سڌي طرح حصو ورتو هو، انهن ڊاڙن ۽ ٻٽاڪن سان آسمان مٿي تي کڻي ڏنو هو ۽ کين ڪابه سمڪ ۽ ساڃاهه ڪانه هئي ته جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن ان جي موٽ کين سخت اثرائتي ملندي. ڇو ته کين خبر ئي ڪانه هئي ته اهڙين ٻٽاڪن کي عام رواجي ايذاءُ ڏيڻ کان وڌيڪ دهشت پيدا ڪرڻ ۽ ذهني صدمو ڏيڻ جهڙو قبيح گناه ليکيو ويندو (پر ان طرز جي فسيٽن جو ڪنهن به اثر ٿيڻ جو امڪان گهٽ هو، ڇو ته گهڻو ڪري سڀني قيدين جا بيان اڳواٽ تيار ڪري رکيا ويا هئا، محض سندن دستخطن ڪرڻ واسطي!)
هتي هڪ مَنَ ۾ ڪانڊاريندڙ ۽ نسلي امتياز واري واقعي جو ذڪر ڪرڻ ضروري لڳي ٿو. هڪ ظالمانه رتوڇاڻ جي ثبوت ملڻ کان پوءِ جانچ جي ڍونگ وسيلي اهڙي نفرت جوڳي وهنوار کي پوليس عام رواجي قرار ڏئي دٻائي ڇڏيو. انهيءَ هيڏي ساري واقعي جا ثبوت انهن ذهني مريضن جي معرفت پڌرا ٿي مٿي آيا، جيڪي مذڪوره قهري ڪارروائيءَ ۾ جانچ پڙتال جي عمل منجهان لانگهائو ٿيا هئا. اهي هونئن ته ظلم ۽ جبر جي اهڙي وارتا کي سچو ۽ حقيقي ڄاڻائڻ ۾ ويهن ننهن جو زور لڳائي رهيا هئا، جيتوڻيڪ نويڪلائيءَ ۾ ان کي معمولي ۽ تڇ جهڙو سمجهي رهيا هئا. اهڙي جبلت کي ايذاءُ پسنديءَ جي سوچ يا گمان به چئي سگهجي ٿو.
اهڙيءَ ريت دنگو فساد ڪندڙن جي کاتي ۾ جيڪڏهن جنسي ڏاڍائي، تشدد ۽ جارحيت جون ٻيون به گهڻيون ڪارروايون وڌيون وڃن ها ته به اچرج جهڙي ڳالهه نه هئي. انهيءَ حوالي سان هتي هڪ نوجوان ڪلارڪ جي دردناڪ موت جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. اهو نوجوان جيئرو ئي هو ته سندن پنهنجي هم نسل ڊاڪٽر آپريشن ميز تي کيس سوگهو ٻڌي چير ڦاڙ ڪئي. ان مظلوم انسان کي جيئرو رکڻ ۽ عذاب ڀوڳڻ لاءِ ڪافور جو تيل رڳن ۾ سُئيءَ وسيلي داخل پي ڪيو ويو.
(مان هتي وڌيڪ تفصيل بيان ڪري نه ٿو سگهان) جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه کي اجايو سجايو چوٽ تي چاڙهي پيش ڪيو ويو پر ماڻهن ۾ ايڏو ته جنون ۽ نفرت ۾ اضافو اچي ويو هو، جو اهي اکيون ٻوٽي مٿي ڄاڻايل ڪهاڻي کي سچو ۽ حقيقي سمجهي رهيا هئا پر يورپي اهڙي ڳالهه کي واهيات ۽ ڳالهه مان ڳالهوڙو بڻائڻ واري حرڪت کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. ان ڪيس بابت نيٺ ڇهن مهينن کان پوءِ انڪوائري شروع ڪئي وئي. آخرڪار پڌرو ٿيو ته ڏيهي ڊاڪٽر جيڪي ڪجهه ڪيو هو، سو پنهنجي مالڪ کي دنگو فساد ڪندڙن جي قيد مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪيو هو. هن افواه پکيڙي ڇڏيا ته جيئن مالڪ کي ڀڄائڻ ۾ مدد ڪري سگهي. ان ڳالهه جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ سرڪار پاران ڊاڪٽر کي انعام ڏنو ويو. ان هوندي به چئي سگهجي ٿو ته اهڙيون ڪجهه سخت گير وارتائون ٿيون هيون، جن ۾ گهڻي ڀاڱي نرم مزاجي به اختيار ڪئي وئي هئي.
اهڙيءَ حالت ۾ جيڪي به ظلم ۽ جبر جون ڪهاڻيون غيرمصدقه ذريعن سان اسان تائين پهچي رهيون هيون، انهن بابت شڪ، شبهي کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. ها! پوءِ به مڃڻوپوندو ته فسادين ۽ سندن ڏاڍاين کي مڪمل طور پٺي پاسي اڇلائي به عبث ٿيندو، ڇو ته ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه سچائي ضرور هوندي، پر جيڪڏهن ملاگاسين جي ظلمن جي يورپين جي پاڻ هرتو بيان ڪيل داستانن سان ڀيٽ ڪبي ته اهي نظر ايندا. هنن جي پنهنجي مخالف ڏانهن ظالماڻي روش کي ”غيرتجربيڪار قاتل“ ۽ بيوقوفيءَ جي حد تائين گناهگار ليکي سگهجي ٿو پر هنن کي هڪ ماهر ۽ خالص ايذاءَ پسند ليکڻ وڌاءُ جي زمري ۾ ايندو. اهڙي ريت گهڻي ڀاڱي فساد ۽ فتني وارين حالتن ۾ اهڙي نفسياتي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ محال آهي ته ڪهڙا عنصر ان دهشتناڪ حالت ۾ ملوث هئا يا وري انهن افسانن کي عرش تي چاڙهي ڇڏڻ ۾ ڪير حصيدار هئا جن جو بنيادي مقصد محض انهن ڳالهين منجهان لاشعوريءَ طور راحت ۽ سڪون حاصل ڪرڻ هو. جيتوڻيڪ، قتل ڪهڙي به صورت ۾ هجي سو پنهنجي جاءِ تي هڪ ظلم جي علامت آهي، ڇو ته ان جا آئيندي تي ڳوڙها اثر مرتب ٿين ٿا•••
اسان پنهنجي اندر ۾ امين بڻجي ڪاٿو لڳائي سگهون ٿا ته ملاگاسين سان ڪيتري حد تائين ظلم ۽ جبر جون آکاڻيون منسوب ڪري سگهجن ٿيون. اسان جيڪڏهن هڪ نقطي کي پرکڻ جي ڪوشش ڪيون ته اهي ڪيئن ڪفن دفن جي رسمن وقت هڪ ڍور کي قربان ڪندا آهن. اها رسم لاشڪ ته اسان جي نظرن ۾ ڌڪار لائق هوندي آهي، پر سندن طريقي کي هروڀرو ايذاءُ پسندي به نه چوڻ گهرجي. هو اهڙي حيوان کي ڏسي بيخود ٿي ويندا آهن جيڪو ستت ئي قربانيءَ جي رسم لاءِ ٻليدان ٿيڻ وارو هوندو آهي. اُهي سڀ کان پهريائين ڍور سان راند روند ڪندا آهن، پر اڳتي هلي جڏهن اها راند وڌيڪ سنجيده صورتحال اختيار ڪري ويندي ۽ ڍور پنهنجي بچاءَ لاءِ ڦوڪارا هڻڻ ۽ اکيون ڦوٽارڻ لڳندو آهي ته پوءِ اُهي ڪاوڙ ۾ ڀرجي، ڍور کي بڇڙو ۽ بدڪار سمجهندي قتل ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا آهن.
اهڙيءَ ڪارروائي لاءِ اهي دليل ڏيندا آهن ته اهو خوشي وچان ٺينگ ٽپا ڏيندڙ جانور ان سزا جي لائق هو. هوڏانهن اسپين ۾ سانَ سان ويڙهاند کي بهادري ۽ عزت جي راند طور ڄاتو وڃي ٿو. ڇا انهن جي اهڙي مانائتي طور سڃاپڻ واري راند کي اسپين جي ريتن ۽ رسمن جو ڳٽڪو چوڻ ۾ عيب آهي؟ ان جي برعڪس ملاگاسي ڪلچر ۾ قربانيءَ جي ڍور کي سرڪش، بڇڙو، ڏنگو ۽ نافرمان ڄاڻائي پوءِ کيس ڪُهڻ جا سانباها ڪيا ويندا آهن. اهي سڀئي علامتون بنيادي طور ان خصلت کي اڀاري مٿي آڻين ٿيون، جنهن کي تابعداريءَ جي مونجهه ۽ نراسائيءَ جو جُز سمجهڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت هوبهو اهڙي طرز جي نفسياتي سوچ سان واڳيل ننڍڙا ٻار به هڪ ڍور جي قربانيءَ جو سانگ رچائي راند ڪندا آهن. هڪ ٻارڙو، ڍور بڻجندو آهي ۽ سندس ٻيا ساٿي پهريان ته هلڪيون ڦلڪيون شرارتون ڪندا آهن ۽ اڳتي هلي تنگ ڪندا اٿس. انهيءَ مڪمل راند جو ذڪر ڪيئلئٽ (Cailliet) پنهنجي لکڻين ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
ان ڏس ۾ کوڙ ساريون ڪهاڻيون يورپي ماڻهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن، جن مطابق سندن ذهن ۾ ملاگاسي متعلق هڪ خاڪو جڙي راس ٿيو آهي ته اهي ظلم ۽ انياءُ جهڙين حرڪتن جا ذميوار آهن. (مان اڳتي هلي سندن جنسي اياڻپ جو پڻ ذڪر ڪندس) سندن انهن ڏاڍاين جي ڪنهن به ترديد ڪانه ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪئي وئي آهي ته گهڻو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ انهن مسئلن ۽ مونجهارن کي اڀاري مٿي آڻڻ وارن ذهنن جو هڪ ئي مقصد آهي ته ملاگاسي ۽ يورپين جي بداعتمادي جي وڌندڙ وٿيءَ کي اڃا به وڌائجي ۽ اهي اِن مقصد ۾ لاشڪ ته ڪامياب ٿي ويندا، پر پوءِ به سچ پچ ته هو گهڻي بدگماني پيدا ڪرڻ ۾ اڃا سوڀارا ڪونه ٿيا آهن، ڇو ته هنن (ملاگاسين) جي ذهن ۾ نفرت ۽ ڌڪار وڌائڻ لاءِ محض جڙتو ڪهاڻين جو سهارو ورتو ويو آهي ته جيئن ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي کي بيدار ڪجي جيڪو اڳ ۾ دٻيل رهندو پي آيو.
هوڏانهن يورپي سوچ ۽ ويچار جي اڏام ملاگاسي جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي ته حالتن کي هروڀرو ايڏو ڌيان لائق نه سمجهيو وڃي. ڇو ته جڏهن به حالتون سازگار ۽ معمول مطابق رهنديون اچن پيون ته يورپي پاڻ کي پرسڪون ۽ خوشحال سمجهندو رهيو آهي. ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ آهي ته هو پاڻ کي مروج رسم رواجن جي لڪيرن کي سگهاري نموني اورانگهڻ ۾ ڪوبه عيب ۽ گناهه ڪونه سمجهندو رهيو آهي. ان جي اهڙي روش عام ملاگاسي جي نظر ۾ هڪ آقا ۽ محافظ جي طور اڀري آئي آهي. ان هوندي به يورپي بابت مالاگاسي جي اهڙي سوچ ۾ ڪا گهڻي ڦيرڦار ڪانه آئي آهي ته کيس قربان گاه تي تي اماڻڻ جو ذميوار يورپي ئي آهي. جيتوڻيڪ يورپي پنهنجي سلوڪ ۽ ورتاءُ متعلق ملاگاسي کي ڪيترائي دم دلاسا ڏيندو رهي ٿو، پر ان جو ڪو خاص اثر ڪونه ٿئي ٿو. ان ڪري ملاگاسي جي مَن ۾ جيڪي به اڌمو اُٿي ٿو سو ڪري وڃي پار پوي ٿو ۽ مجموعي طور هن جي پيش رفت يا چرپر بابت اڳواٽ ڪابه پيشن گوئي ڪرڻ محال آهي. ان ڏس ۾ هن جا ڪي به معيار ۽ ماپا ڪونه آهن، هن جا رويا ۽ ورتاءَ به غير معمولي آهن. هو اوچتو ئي هانءُ هاري ويهندو آهي، جيڪڏهن کيس گهربل ڦل نه ملندو آهي. حالانڪ ان ڦل جي حصول لاءِ موسم سازگار ڪونه هوندي آهي. هو هروڀرو هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه تي ضد ڪري بيهندو آهي ۽ ان جي مطالبي لاءِ زور ڀريندو رهندو آهي. ائين هو هڪ غلط مثال قائم ڪرڻ جي خفت ۾ غلطان هوندو آهي ۽ جيڪي به هدايتون کيس وڏڙن کان مليل هونديون آهن، انهن کي پٺي پٺيان ڪونه اڇلائيندو آهي. ها! هو هڪ لحاظ کان خوش بخت آهي ته طاقتور ۽ سگهارو آهي، پر جيڪڏهن ڪٿي ڪمزور ۽ نستو ٿي پوندو آهي ته پوءِ ٻيا ماڻهو پڇندا اٿس ته، ”اسان لاءِ ڇا وهي واپري رهيو آهي.“
ان ڪري هو سڀني مصيبتن جو ذميوار يورپ کي ڀائيندو اچي ٿو. ان حد تائين جو اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، عام طور طريقن کان وٺي هڪ پسونءَ وانگر گذران ڪرڻ کي به افسانوي رنگ ڏيڻ ۾ ڪابه قباحت محسوس ڪونه ڪندو آهي. اهڙي طرز جي ڄاڻ يا سوچ کي ملاگاسي ڪنهن حد تائين قيمتي وکر سمجهي ٿو. جڏهن ته جيئن مان اڳواٽ به ذڪر ڪري آيو آهيان ته يورپ اهڙي ڄاڻ ۽ سوچ کي حيواني سماج جو هڪ حصو سمجهي ٿو. ان صورتحال ۾ به يورپي جيڪو ذهني طور احساس ڪمتريءَ جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهي، سو ڄاڻ ۽ سوچ جي تشريح يا وضاحت اهڙي نموني ڪرڻ پنهنجو حق سمجهي ٿو، جيڪا سندس مفادن سان ٺهڪي اچي ٿي. هو اڻ سڌي طرح پنهنجي احساس برتريءَ واري حيثيت جتائڻ کي اعزاز سمجهي ٿو پر اصل ۾ حقيقت هيئن آهي ته هڪ مثالي ملاگاسي، اڇي چمڙيءَ واري ۾ دلچسپي رکندو اچي ٿو. ان حد تائين جو هو لاشعوري طور ان سان ڀيٽ ڪرڻ جي خفت ۾ مصروف رهندو اچي پيو.
اصل ۾ هو ڪنهن به ڀيٽ يا مشابهت ۽ احساس ڪمتريءَ کان وانجهيل جبلت جي باوجود، ساڳي وقت مطيع/ تابعداري رهڻ جي روش سان لاڳاپيل رهندو اچي پيو. اهڙين حالتن پٽاندڙ ائين چوڻ ۾ سولائي محسوس ٿئي ٿي ته ابتدائي ”لهه وچڙ“ سلسلو ئي سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿيندو آهي. اهڙي مشاهداتي قوت رکڻ وارن منجهان ليوي¸ برهل (Levy- Bruhel) ٻڌائي ٿو ته ڏيهي ماڻهو پهريائين دارومدار رکڻ سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اڳتي هلي کين پنهنجو حق نه ملي ته ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. ڇو ته اهڙي طرز جو ردعمل ڪرڻ هڪ شعوري اظهار جو جذبو ۽ جوش آهي.
اهڙي ريت محض سماجي حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان ان سچائيءَ تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي جيڪا تابعداري/ڀاڙي ويهڻ جي ٻه طرفي ڪيفيت کي وائکو ڪري بيهاري ٿي. جيڪڏهن مالڪ وٽ ڪوبه نوڪر آهي ته ساڳي وقت نوڪر کي به هڪ مالڪ آهي. جيتوڻيڪ هو، هن سان ساڳي ڀيٽ ۾ شمار ڪري نه ٿو سگهجي. ان جي باوجود هن کي جيڪي ڪجهه ملي ٿو رضا تي راضي رهي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ ميڪنزي سنئون سڌو مسئلي کي مونجهاري جي ڄار منجهان ڇڏائيندي چوي ٿو: ”هاڻي تون منهنجي لاءِ ڄڻ ته، اڇي چمڙيءَ وارو آهين.“
اهو ساڳيو ئي نقطو ڪنهن حد تائين يورپيءَ جي شاهاڻي ۽ دٻدٻي واري نفسيات ۽ روش جي متعلق به درست آهي. هو (ملاگاسي) سادگيءَ جي حد تائين چالاڪ ۽ پنهنجي مالدار مربي جي نالي ۽ نشان سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا ۽ اهي فرمانبردار هئڻ جي حيثيت ۾ ڪابه قباحت محسوس ڪونه ڪندا آهن. ها پر جيڪڏهن سرپرست/ مربي ماڳهين کيسي خالي هجي ته پوءِ سوڙهه ۽ بيقراريءَ ۾ پريشان ٿيندا آهن. اهو ئي ”تابعداري“ جي عنصر ۾هڪ اهم نفسياتي نقطو آهي. انهيءَ ڏس ۾ پڙهندڙ حضرات ڪيترائي مثال رابرٽ ڊُيوري (Robert Dury) جي 1729ع ۾ ڇپيل جرنل منجهان حاصل ڪري سگهن ٿا. جنهن زماني ۾ رابرٽ ڊيوري مڊاگاسڪر ۾ جهاز تباه ٿيڻ کان پوءِ رهندو هو ته ملڪ جي مختلف علائقن جا اڌوگابرا/نيم بادشاه هر وقت ان خفت ۾ ورتل هوندا هئا ته اڇي چمڙي واري ماڻهوءَ کي مڪمل طور پنهنجي قبضي هيٺ ڪيئن رکي سگهجي ٿو. هو ان قسم جي قبضي کي پنهنجي لاءِ قيمتي وکر ليکيندا هئا، پر اڇي چمڙيءَ واري جي نظر ۾ اهڙي قبضه گيري کي ڪوبه عزت ۽ احترام جو درجو حاصل ڪونه هو.
انهن لڳ لاڳاپن کي سمجهڻ پڻ محال آهي، ڇو ته اسان جي سوچ سدائين ابتي طرز سان جڙيل آهي ۽ اسين ان جي تشريح يا وضاحت به پنهنجن مفادن کي ذهن ۾ رکي ڪندا آهيون. (جهڙي طرح ماڻهن کي ذهن ۾ ويٺل آهي ته نوڪر سدائين مالدار ماڻهو وٽ نوڪري ڪرڻ کي ان لاءِ ترجيح ڏيندا آهن ته کين بخشش جهجهي ملندي، پر ان جي ابتڙ کين بخشش ڏتڙيل امير وٽان وڌيڪ ملندي آهي، ڇو ته هو پنهنجي ساک بحال ڪرائڻ لاءِ سرگردان هوندو آهي پر ان جي باوجود کيس ڌڪار لائق سمجهيو ويندو آهي.)
هوڏانهن نيم بادشاهه/ حڪمران ڪنهن به اچي چمڙيءَ واري کي پاڻ وٽ رکڻ جي جستجو ڪندا آهن ته هنن جي نظر ۾ اڇي چمڙيءَ وارا صاحب علم آهن. اسان جي لاءِ وري ڊيوري جو مخزن پڙهڻ ضروري آهي، ڇو ته ان جو مطالعو هڪ ته دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ۽ ڀُل چُڪ کي چٽو ڪري بيهاري ٿو. اهي ماڻهو جيڪي ملاگاسين بابت مذڪوره راءِ جو اظهار ڪن ٿا سي بنيادي طور وڌاءُ ڪرڻ جي سوداءُ ۾ ورتل آهن ته اهي ڇو يورپيءَ سان پيچ اٽڪائي رهيا آهن. اهي ان سموري ڪيفيت کي محض اڻ تڻ کان وڌيڪ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته يورپ جي مينوفيڪچر ٿيل مال کي ملاگاسي تجسس ۽ حيرانيءَ جي نظر سان ڏسن ٿا، پر سندن من ۾ اهڙي ڪابه هوراکورا ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ اچي ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪن ته اهو وکر جڙي راس ڪيئن ٿو ٿئي. هونئن، ڊيوري هڪ چڱي يورپيءَ وانگر ملاگاسين کان سدائين سکندو رهيو، پر ان جي برعڪس انهن کي ڪجهه سکڻ لاءِ اڻ تڻ پيدا ڪونه ٿي. البته، هو سدائين هڪ ڀلوڙ يورپي وانگر کين سيکارڻ/ سکيا ڏڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو هو.
هڪ ٻئي تي مساوي بنيادن تي ڀاڙڻ جو رشتو ناتو، جنهن موجب ملاگاسي سدائين ان ماڻهوءَ جو قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ اتاولا رهندا اچن پيا، جن جا هو اڳواٽ ئي تابعدار آهن. اهڙي طرز جي سوچ سندن ڪمزور ۽ اونداهي نفسياتي بڻ بڻياد جي نشاندهي ڪري ٿي. ان حالت ۾ ضروري ناهي ته انهن جي سموري جبلت کي وائکو ڪري ڇڏجي، ان جي بدران مناسب سمجهان ٿو اشارن ۾ ڪم ٽپائي ڇڏڻ. مان اڳ ۾ پڻ ڄاڻائي آيو آهيان ته حيواني خصلتون رکندڙ ٻين جاندار جي ريتن رسمن بابت ڄاڻ رکڻ جو مقصد سندن وهنوار کان واقفيت حاصل ڪرڻ آهي.
هاڻي اسان هڪ ٻي اهم نفسياتي سچائيءَ ڏانهن اچون ٿا، جنهن ۾ ڪنهن به فطرتي وٿ جي عڪس بندي/ مورتي ۾ ويساه ۽ اعتماد جو واسطو آهي. انهن مورتين جي ويساه جي پوئتان پنهنجن وڏڙن جو عڪس لِڪل آهي. اڃا به ان عڪس اندر ۾ مٽن مائٽن جا نقش هڪ معصوم ٻالڪ وانگر نظر ايندا آهن. علم نفسيات جي ماهرن جي چوڻ موجب ته عزيزن اقاربن جي عڪس جو مطلب آهي ته انساني تصور ايندو آهي جنهن جي محاذ آرائي ٻالجتي جي عڪس سان اڻ ٽر بڻجي پوي ٿي. جنهن ڪري ڪنهن نه جوان جماڻ ذهن لاءِ فرار حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي رستو وڃي بچي ٿو ته هو پنهنجي شخصيت جي محور جو قيدي يا خود پرستي ڏانهن رجوع ٿئي ٿو ۽ ٻين جي لاءِ ذهن ۾ سدائين خدشو رهندو اچيس ٿو ته اُهي سڀئي وڌيڪ خوشحال ۽ آزاد آهن. انهيءَ اڻ ڄاڻ يا اجنبي ڪيفيت کي مجموعي طور عڪس جو محور چئي سگهجي ٿو. اهو ساڳيو خدشو سندس ذهن ۾ ٻين جي لاءِ پڻ هڪ عڪس جيان والار ڪري وڃي ٿو. اوهان ڏٺو هوندو ته ٻارڙن کي سپنن يا ڊرائنگ جي مشق ڪرڻ مهل وَر وَر ڪري جانورن جا عڪس ڇانيل نظر ايندا آهن جيڪو ”ماءُ“ جي عنصر کي چٽو ۽ واضح ڪري ٿو. ان ڪري هڪ ٻئي ۾ جذب ٿيڻ يا سمائجي وڃڻ جو امڪان ڪنهن به شڪ ۽ شبهي کان بالاتر سمجهيو وڃي ٿو. ائين اسان لاءِ عڪس/ تصور جي تشريح ايتري ته وسيع ۽ ذهن نشين ٿي پوي جو ان کي ذهن منجهان ميسارڻ جي لاءِ سوچ داخل به ڪونه ٿي سگهندي.
هونئن بنيادي طور اهڙو عڪس پرستيءَ جو تصور بنهه ميڪانيڪي اصول جو مخالف آهي. ڇو ته اهڙي علمي اصول جي تشريح ۽ سمجهاڻي هڪ فيلسوف جو ئي وڙ آهي جيڪو پنهنجي لکڻين وسيلي ماڻهن جي مسئلن ۽ مونجهارن کي اجاگر ۽ نروار ڪندو اچي پيو. هن جي عالمانه خصلت جو هڪ اهو جز آهي ته هو ظاهري ڏيک ويک کان متاثر ڪونه ٿيندو اچي پيو ۽ ان حد تائين جو شهزادي ايلزبيٿ بابت سوال ۽ آڏي پڇا به کيس وڌيڪ اتساهه بخشيندا آهن. انهن ميڪانيڪي راند جي رانديڪي ۾ به جيڪي احساس ٻرندي ۽ دليل جي چوگرد ڦيرا پائي رهيا ڇو ته ان طرز جو ورتاءُ فرد جي شخصيت کي غير موثر بڻائي ڇڏي ٿو. احساس برتريءَ جي دليل جهڙيون وصفون ماڻهن ۾ سانڀيل رهنديون اچن پيون. هتي هڪ نقطي بابت وضاحت ڪرڻ دلچسپي کان خالي ڪونهي ته ٻارڙا، عام جانورن کي مشين سمجهڻ جي بدران، مشين کي ئي هڪ جيئرو جاڳندو عنصر سمجهن ٿا ڇو ته مشين سدائين سولائي سان سندن واهپي ۾رهي ٿي. ائين ٻارڙن جي استعمال يا واهپي هيٺ ايندڙ شيون سندن نظر ۾ گهڻو تڻو مشينون آهن (جهڙوڪ: ٻاڦ جون انجڻيون، موٽر ڪارون ۽ هوائي جهاز وغيره) ساڳي طور آڳاٽي دور جا ماڻهو به ڪنهن مورتيءَ يا پتلي کي تصور يا عڪس وسيلي راند روند جو وسيلو پڻ سمجهندا هئا. ائين جيڪڏهن ٿورو ذهن تي زور ڏينداسين ته چٽو ٿي بيهندو ته انهن ٻنهي مذڪوره سوچن ۾نفسياتي پهچ هوبهو ساڳي آهي. ان ڪري تصوراتي ورتاءُ به ڄڻ ته ذهن ۾ ويٺل اهڙو عنصر آهي جنهن جي هئڻ جو ڪارڻ وري به جياپي ۽ زندگي سان لاڳاپيل آهي. ان جي پڌرائي پڻ اصلوڪي عڪس منجهان ئي نروار ٿئي ٿي. انهي عڪس جي الوپ ٿيڻ سان خود پرستي جو عنصر مغلوب ٿيڻ لڳندو.
ان حوالي سان اهو سڀ ڪجهه نفسياتي پس منظر جي حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي جنهن وسيلي هڪ سجاڳ ذهن جي پهچ يا رَسائي هوندي آهي. اهو هيئن ته هڪ سفيد چمڙي واري سان ڪوبه ملا گاسي پهريون گهمرو آمهون سامهون ٿيندو آهي ته ان بابت هڪ خاڪو ذهن ۾ ويهاري ڇڏيندو آهي. هاڻي اسان لاءِ ضروري آهي ته ان لڪل وٿ جي ڳولا ڪيون جيڪا اڳتي هلي (La Phsychologic du Hova) ۾ سمجهاڻي ٺاهوڪي نموني ڏني آهي. جنهن جو مان ڪجهه ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن ۾ هن سمجهائڻ لاءِ جتن ڪيو آهي ته ڪيئن سندس وڏڙن جي عڪس ۽ تصور تي ٻيااثر ۽ سوچون غالب ٿين ٿيون.
اهي سڀئي حالتون صاف ڪري بيهارين ٿيون ته هڪ ٻئي تي ڀاڙڻ/ دارومدار جي ڪيفيت جو واسطو ڪنهن به مشابهت جي عنصر يا پنهنجي ملهه ۽ ڪَٿ سان سلهاڙيل ڪونهي. اهڙي ريت اهڙو ڪوبه وسيلو/ذريعو ممڪن ڪونهي جنهن جي معرفت ڪنهن کي جاءِ ڏئي سگهجي. ها باقي خاص روش اختيار ڪرڻ جيڪا پنهنجي جوهر ۾ دارومداريت جي پڻ هڪ وصف آهي. اهڙي اوسٿا ايستائين ممڪن آهي جيستائين واسطا وڙا ۽ لڳ لاڳاپا نج ۽ خالص نوعيت جا هڪ ٻئي سان رهندا اچن ٿا. ڇو ته ائين هڪ ٻئي ڏانهن ذهني هم آهنگي ۽ تحفظ جو اڻ ٽٽندڙ ناتو قائم ٿئي ٿو. اصل ۾ اهو ئي هڪ منفرد ۽ روشن خيال طريقيڪار آهي جيڪو اڳتي هلي احساس ڪمتريءَ جي اونداهي ۾ غرق ٿيڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪارائتو ۽ ڪارگر آهي.
جڏهن هڪ يورپي ٻارڙو ”هوائي جهاز“ جي متبادل جي سمجهه ۽ سوچ کان ٻاهر نڪري ٿو ته پاڻ کي تصوراتي لحاظ کان پائلٽ سمجهڻ لڳي ٿو. هو حقيقي پائلٽن کي چلڪندڙ اکين سان ڏسي ۽ پسي ٿو پر انهن سان مشابهت ڪرڻ پاڻ لاءِ ضروري نه ٿو سمجهي ۽ ان سوچ وسيلي پاڻ کي احساس ڪمتريءَ جي پنجوڙن مان آجو ڪرائي ٿو. ان جي برعڪس هو پائلٽ جي مرتبي ماڻڻ کان اڃا به اڳڀرو ۽ اوچو سوچي ٿو. ان ڪري اڳتي هلي هُو پنهنجي سپني جي ساڀيان واسطي ابتدا ۾ هڪ پائلٽ جي پَد تائين رسائي ڪري ٿو. پر اهو دڳ هن لاءِ سندس اصل مقصد ۽ مراد ماڻڻ جو وسيلو بڻجي ٿو. هوڏانهن هڪ ملاگاسي گهڻي ڀاڱي ترت ئي پنهنجي سڃاڻپ ۽ مقصد کي ماڻي وٺي ٿو يعني ته دارومدار/ڀاڙي ويهڻ ڄڻ ڪپر تي بيٺل هڪ فرد آهي جيڪو احساس ڪمتريءَ جي پاتال ڏانهن روانگيءَ جو منتظر آهي ۽ ڪنهن به مهل الوپ ٿيڻ جي ويجهو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سندس ابتدائي ڏيک ويک جي پڄاڻي هڪ منفي ۽ ايذاءُ ڀريل نتيجي تائين پڄاڻي ڪري بيهي ٿي. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ملاگاسي پاڻ کي هڪ سفيد چمڙي جهڙو سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ مَن جي پيڙا سڀ کان پهريان کيس پنهنجي سڃاڻپ جو احساس ڏياري ٿي ته پاڻ هڪ اهڙو انسان آهي. جيڪو اڳتي هلي ڪارن ۽ اڇن ۾ ورهايل آهي. پر جيڪڏهن ملاگاسي سان ويساهه گهاتي يا طوطا چشمي واري هلت اختيار ڪئي ويندي ته به پنهنجي سڃاڻپ تان هٿ کڻڻ کان نابري واري هُل هنگامو ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندو. هو هڪدم مساوي حقن جي طلب ڪندو جيڪي اڳ سندس لاءِ ايڏا ڪمائتا ڪو نه هئا. هاڻي هن جي نظر ۾ مساوات ئي سڀني اهنجن ۽ ايذائن جو ترت علاج آهي. پر اڳتي هلي جڏهن هن کي محسوس ٿيندو ته مساوي طريقه ڪار به سورن ۽ عذابن ۾ جهڪائي ڪونه آڻي سگهيا آهن ۽ جيئن جيئن مساوات ڏانهن رجوع ٿيندو رهي ٿو ته اختلافن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. ان کان پوءِ هڪ پيڙا ۽ عذاب جي حالت ۾ هٿوراڙيون هڻڻ لڳي ٿو پر نجات يا ڇوٽڪارو کائنس ڪوهين ڏور ٿيندو وڃي ٿو. اهوئي هڪ دکدائڪ رستو آهي جنهن تان هڪ ملاگاسي پنهنجي نفسياتي دارو مدار واري بار سان ڳهندو ۽ سهڪندو نفسياتي احساس ڪمتري ڏانهن هلندو رهي ٿو.
ان ڪري اسان جي مٿان ذميواري اچي ٿي ته ملاگاسي کي سمجهائڻ لاءِ جُهد ڪيون ته هن ۾ ڪهڙي ”وکر“ جي اڻ هوند آهي جنهن ڪري لاڀ حاصل ڪرڻ کان وانجهيل آهي. ان لاءِ هڪ اهم رستو آهي ته سندس گذر سفر جي وسيلن ۾ ڪهڙي طور طريقي سان واڌارو آڻي سگهجي ٿو ته جيئن پاڻ خوشحال زندگي گهاري سگهي. ان لاءِ جيڪڏهن محض سياسي، اخلاقي يا ڪجهه نفسياتي طرز جا طريقا ڪتب آڻينداسون ته ان جو اثر غير اهم معمولي ۽ فضول هوندو........ اسان جيڪڏهن ڪنهن شخصيت جي منهن مهانڊي کي نئين سر ملمعو چاڙهڻ جي ڪوشش ڪيون جيڪو ان جي لائق به نه هجي ته پوءِ پاڻ کي اچرج ۾ پوڻ جي ضرورت نه هئڻ گهرجي ته ساڳي هستي پنهنجا رنگ روپ ئي ٻيا ڏيکارڻ لڳندي. ائين ملاگاسي لاءِ به سمجهڻ گهرجي ته شروعات ۾ ته لڳ ڀڳ ساڳي مشابهت جهڙو رهي ٿو پر پوءِ اڳتي هلي تبديلي جي دور مان لنگهڻ شروع ڪري ٿو. ان سموري ڪار گذاري ۾ اسان جي هڪ اهم غلطي آهي ته شخصيت سان پنهنجو ورتاءُ ۽ هلت ڄڻ ته هڪ طفل مڪتب جهڙي روا رکون ٿا. جيتوڻيڪ انهن جو دماغ خالي هوندو آهي جيڪو ڀرجڻ لاءِ آتو هوندو آهي. اهڙا اسڪولي استاد جيڪي سمجهن ٿا ته ذهنن ۾ اڳواٽ ڪجهه به ڪونهي ۽ ڪنهن به ٻُڌ ۽ سڌ جي وسيلي داخل ٿيڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. ان جو مطلب ٿيو ته انساني ذهن جي يادگيرين ۾ ڪابه وٿ ۽ وکر مورڳو ڪونه آهي ۽ محض جيڪو ڪجهه هڪ استاد جي واتان، گوش گذار ٿيندو رهي ٿو ۽ يا وري اکين وسيلي ڪتابن منجهان حاصل ٿئي ٿو. ان تي کيس ويساهه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي ۽ ائين جيڪي ڪجهه سندن ذهنن ۾ محفوظ ٿيندو رهي ٿو سو ڀلي ڪِنُ ڪهه ڄر ۽ نقصان ڪار هجي پر ٻوٽن وانگر پاڙون کوڙي وڃي ٿو. جنهن جي اڳتي هلي پاڙ پَٽڻ اڻ ٽر بڻجي پوي ٿي. اهڙي اسڪولي استاد جي جبلت يا سوچ يورپ جي مٿان لوهي لٺ وانگر گهمندي ڦرندي رهي ٿي جنهن يورپ جي گڻن ۽ اوگڻن کي دنيا آڏو پڌري پٽ ڪري بيهاريو. پر جيڪڏهن انهن اصولن کي ڌار ڌار شخصيتن سان لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته ان جي اثر هيٺ ڌاريائپ جو عنصر سگهارو ٿيندو ۽ يا وري ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ شخصيت جي سوچ ۽ هلت ۾ اصلاح يا ڦيرڦار نمودار ٿيندي. جنهن ڪري ڪجهه عنصر سهڪار يا جذب ٿيڻ ڏانهن رجوع ٿيندا ته ڪجهه وري دٻاءُ ۽ جبر جي زير اثر رهندا ايندا.
جيڪڏهن تعليم ڏيڻ جي سلسلي کي ان حد تائين محدود ڪيو وڃي ته بيٺڪ/ ڪالوني جي رهاڪن کي جديد طور طريقن سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائڻ آهي ته پوءِ اهو طريقه ڪار ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ انهن جي تهذيب کي نيست و نابود نه ڪندو. پر ان جي برعڪس ثقافتي بالادستي جي تعصب ۽ تنگ دلي جي غلاف ۾ ويڙهيل تعليم جو سرشتو ڪنهن به فرد/ شخص جي ذهني ۽ شعوري خدوخال کي ايترو ته بگاڙي ڇڏي ٿو جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ محال آهي ۽ ڏٺو وڃي ته گهڻو ڪري اهڙوئي وهنوار هلي چلي رهيو آهي جنهن کان به شخص متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ڇو ته جتي تعليم جو مقصد محض ڪتابي ۽ لڪير جي فقير تائين محدود هجي ته ان هوندي ڳانڍاپي جو باعث اهڙي سطحي تعليم ڪونه بڻجي سگهندي. ان هوندي به اسان کي ئي تعليم جو اهڙو طريقو ڳولي لهڻو آهي جيڪو انهن ٻنهي انتهائن جي وچ ۾ وک کڻڻ لازمي آهي ته ڪنهن جي به شخصيت کي غير ارادي طور/ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ زيرزبر ڪرڻ کان پاسو ڪيون.
انهي اهڙي طريقي جي پوئواري ڪرڻ سان پاڻ کي سڌ پوندي ته بذات خود ڪرستان مذهب به تابع/ ڀاڙي ويهڻ واري شخصيتن لاءِ ڪجهه ڪرڻ ۾ سودمند ثابت ٿيو آهي. ۽ ڪهڙيون ناڪاميون پڻ نروار ٿيون آهن.

[b]تابعداري جي دڙڪي هيٺ
[/b]هتي ماڻهو گهڻو ڪري ائين چوندا آهن ته کين اوستائين ڪابه ڄاڻ ڪانه هوندي آهي ته هُو پنهنجي سِر ڪا راءِ رکڻ جا حقدار آهن جيستائين کين غلط ڪار گذاري جو احساس نه ٿيندو آهي ساڳي ريت تابعداري جا لڳ لاڳاپا ته نشانبر ٿي اُڀري آيا آهن ڇو ته انهن جي نقصان ۽ بربادي جو احساس به وڌي وڻ ٿيو آهي. اهڙا فرد جيڪي ٻين تهذيبن جي نمائندن سان لهه وچڙ ۾آيا آهن ته انهن جا اثر به ٻنهي ڌرين تي پيا آهن. جنهن ڪري مذڪوره تهذيبون ڳوڙهي نموني اثر انداز ٿيڻ سان گڏوگڏ دوبدو حيثيت ۾ پڻ بيٺل آهن.
مان ائين چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪونه ٿو ڪيان ته بيٺڪيت/ ڪالونائيزيشن جي جياپي لاءِ ضروري آهي ته ان سان تابعداري يا فرمانبرداري جو سلسلو لاڳاپيل حاصل هجي. پر هتي اهو به سمجهڻ گهرجي ته سڀني ماڻهن کي بيٺڪي/ ڪالونائيز ڪري نه ٿو سگهجي. جنهن جي اڳتي هلي پيرائتي نموني چٽائي ڪندس. ڇو ته اهڙي طرز جي رغبت يا لاڙي لاءِ خاص ڪردار يا روش جو هئڻ پڻ لازمي آهي. هونئن به ڪنهن کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪالونائزيشن جي طريقي کان سواءِ ٻيا به زور بار دٻاءُ هيٺ رکڻ جا نمونا آهن جهڙوڪ: ميساري ڇڏڻ/ جذب ڪرڻ، گروهي اثر رسوخ، اقتصادي ڦرلٽ ڪرڻ . ان جي نتيجي ۾ هڪ جي ستياناس ٿيڻ جي ابتدا ٿيندي ته ٻي ڌر لاءِ فتح مندي جا آثار نمودار ٿيندا.
يورپين جتي به بيٺڪي راڄ قائم ڪيا ته ان لاءِ هڪ ئي بهانو هڪيو تڪيو ڏيندا آيا آهن ته سندن آمد هڪ لاشعوري مداخلت سان واڳيل آهي. پر جيڪڏهن شعوري طور به بيٺڪيت قائم ڪئي آهي ته ماڻهن جي دعوت ۽ رضامندي سان ٿي آهي. ان ڪري گهڻي ڀاڱي ڪجهه يادگار روايتون يا آکاڻيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته انهن ڌارين ماڻهن جي آمد سمنڊن منجهان ٿي جيڪي اچرج ۾ وجهندڙ سوکڙيون پاکڙيون کڻي آيا هئا. سترهين صدي يا ان کان اڳتي ڪوبه بحري جهاز تباهه و برباد ٿيندو هو ته ان جي خلاصين جي آجيان دل کولي ڪئي ويندي هئي ۽ سردار انهن جي مالڪيءَ تي دنگو فساد ڪرڻ ۾ به هڪ ٻئي مان ڪونه مُڙندا هئا ۽ ائين به ٿيندو هو ته ان ڇڪتاڻ ۾ مورڳو يورپين کي قتل ڪري جهڳڙي ۽ فساد کي ٽاريو ويندو هو. پر هتي اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته ٻاهران آيل ڪيتري حد تائين مقامي ماڻهن کان لنوائيندا هئا يا انهن جي غير ضروري مطالبن سان ڪيئن منهن ڏئي سگهندا هئا. لاشڪ ته ابتدا ۾ نسلي ڌڪار جا اهڃاڻ ئي موجود ڪونه هئا. پر اهو سڀ ڪجهه ا ن وقت اُڀري آيو جڏهن سفيد چمڙي واري پنهنجي هم نسل کي هروڀرو ملاگاسين مٿان فوقيت ڏيڻ جو سلوڪ اختيار ڪيو.
جڏهن قابض/ ڪالونائز/ قبضو ڪندڙ، پهريون ڀيرو نمودار ٿيو ته انهن کي دشمن سمجهڻ جي بجاءِ ڌاريو ۽ مهمان طور ليکيو ويو. ان کي مئڊاگاسڪريو جي اصطلاح ۾ وِزَهار (VAZAHAR) ڪوٺيو ويو. جنهن جي سنئين سڌي معنيٰ آهي ته ”مانائتو ڌاريو“ پر اڳتي هلي اهو آيل اجنبي پنهنجي مزاج ۽ سخت گير روش سان اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن مطالبن ۾ واڌارو ڪرڻ لڳو. ان ڪري ڏيهي ماڻهو کيس لوڀي ۽ لالچي سڀاءَ جو سمجهڻ لڳا. هن همراهه پنهنجي زور ۽ جبر کي ايترو ته وسيع ڪرڻ شروع ڪيو جو موٽ ۾ ڏيهي آبادي جو ڪجهه حصو اُڀو ٿي بيٺو ۽ بچاءُ لاءِ تدبيرون سوچڻ لڳو. اسين اهڙي طريقيڪار کي مختصر لفظن ۾ ڌرتي جي والار يا ڪالونائيزيشن چئي سگهون ٿا. پر پوءِ به گهڻي ڀاڱي سولن لفظن ۾ ته حقيقتن کي هيٺ مٿي ڪرڻ جي نتيجي ۾ اڳواٽ راءِ قائم ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪيو وڃي ٿو. ان جو مکيه ڪارڻ آهي ته جيئن هٿياربند ماڻهن کي سچائي جي سڌ ملي نه سگهي. ڇا لاشعوري طور مطيع/فرمانبردار ماڻهن جو اهڙي ڪُڌي ڪاروبار يا ڏوهه ۾ شريڪ ٿيڻ کي رد ڪري سگهجي ٿو.
سال 1947ع جي ابتدا ۾ آيل انقلاب جي حڪمراني کان پوءِ به ڪجهه قبيلا جيڪي غلاميءَ جي اهڙي صورتحال منجهان بيزار ٿي پيا انهن وٽ به ويڙهاند لاءِ محض ڀالا ۽ کُڙدم موجود هئا. جڏهن ته سندن مخالفن وٽ جديد رائيفلون ۽ دستي بم موجود هئا جنهن زماني ۾ مڊاگاسڪر کي فتح ڪيو پي ويو ته ملاگاسين وٽ ڪوبه مقابلي ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڄاڻ موجود ڪانه هئي. ان ڪري جيئن ئي قبضو ڪندڙن جي آتشي هٿيار جو پهريون ٺڪاءَ ٿيو ته انهن پيرن تي زور رکيو. هتي هڪ اهم صورتحال جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته مڊاگاسڪر کي فتح ڪرڻ لاءِ محض طاقت ۽ جديد هٿيارن جو ڪارڻ نه هو ۽ ڪنهن به حالت ۾ مڊاگاسڪر واسي تابعداري قبول ڪونه ها. پر اسان جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي حالتون ڪالونائر/ بيٺڪيتي ڪندڙن جي فائدي ۾ بڻجي ويون هيون.
اڃا به ائين چئجي ته يورپي پنهنجي اندروني خوف ۽ جبلت جي ڪري فوج يا طاقت استعمال ڪرڻ کي لازمي سمجهي رهيا هئا. ڇو ته کين خبر هئي ته ملاگاسين جي ڀيٽ ۾ انهن ۾ ڪجهه خاميون ۽ عيب آهن. انهن کي اها سڌ چڱي ريت ڪانه هئي ته سندن تسلط قائم ٿيڻ جو هڪ اهم ڪارڻ آهي ته سندن چوڌاري وايومنڊل ۾ تابعداري فرمانبرداري ۽ ڀاڙي ويهڻ جي خصلت/ اوگڻ هر ده پرستي جي حد تائين موجود آهي. ان هوندي به کين ڄاڻ هئي ته نفسياتي وايومنڊل/ حالتون سندن فائدي ۾ آهن ۽ انهن کي اها به خبر هئي ته رڳو طاقت جي وسيلي دائمي طور ڪنهن کي به زير بار رکي نه ٿو رکي سگهجي. ۽ حالتون ڪنهن به وقت پلٽو کائي سگهن ٿيون. ان جو چٽو ثبوت اکين آڏو آهي ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو لقاءَ جيڪو ڏيهي ماڻهن جي اکين منجهان ليئا پائي رهيو آهي سو ڄاڻائي ٿو ته اُهي ڪيتري حد تائين آزادي ۽ ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ بيتاب آهن. پر اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻ وارو دليل به اڻ پورو ۽ اڻ ٺهڪندڙ چئي سگهجي ٿو. ڇو ته ا هڙي حالت ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا يورپي آهن جيڪي طاقت جي استعمال ڪرڻ جي وبائي مرض کان بچيل آهن انهن کي ڄاڻ آهي ته ڪنهن جي به ڌرتي تي قبضي ڪرڻ جي موٽ يا ردعمل ۾ اٻهرائپ ۽ ڪاوڙ جو اڀرڻ لازمي آهي جيڪا اڳتي هلي تشدد ۽ غير معمولي نقصان جو پيش خيمو بڻجي سگهي ٿي. ان ڪري ايندڙ باب ۾ پڙهندڙ مذڪوره نفسياتي سلوڪ ورتاءَ جي سببن کي وڌيڪ سولائي سان سمجهي سگهندا.
جڏهن مارچ 1947ع ۾ اڃا بغاوت جي ابتدا ٿي هئي ته مڊاگاسڪر جي يورپين جو ردعمل سچ پچ ته قياس آرائي يا سمجهه جي دائري کان ٻاهر هو. اهو هيئن ته جيڪي به بغاوت جي علائقي ۾ ذميواري نڀائي رهيا هئا انهن دلير ۽ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ان ۾ اٿندي ٿورو گهڻو نقصان ٿيو پر ڪوبه جاني قتلام ڪونه ٿيو. انهن قابض ڌر جي ماڻهن ٻڌايو ته جيستائين کين ٻاهران مدد وسيلي بچائڻ جو سوال آهي ته ان جي پهچڻ کان اڳ ۾ انهن هڪ شاٽ گن ۽ ويهن گولين سان ڏهن ڏينهن تائين ٽي سو حمله آورن جو مقابلو ڪيو.
اهي علائقا جيڪي دنگي ۽ فساد جي مرڪز کان پرڀرو هئا انهن ۾ هڪ خوف ۽ جنون جو گڏيل اظهار ڏسڻ ۾ پي آيو ته ڪيئن يورپين کان قبضو حاصل ڪيو وڃي جيتوڻيڪ راڄڌاني وارا به خوف ۽ خطري جي گهيري ۾ هئڻ جي باوجود بچاءَ ڪرڻ يا منهن ڏيڻ جي مڪمل پوزيشن ۾ هئا. انهن کي اها به سڌ هئي ته ملڪ جا ٻيا حصا آهستي آهستي سندن قبضي منجهان نڪري رهيا آهن ۽ اتي پڻ مدد جي سخت ضرورت آهي. پوءِ به هينئون هاري ڪونه ويٺل هئا.
هونئن ظاهري طور جيڪي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو پي ويو. ان جو اصلي ۽ حقيقي خوف ۽ خطري سان تر جيترو به واسطو ڪونه هو. ڇو ته جيڪي ٿورا گهڻا آثار نمودار ٿي رهيا، اُهي صورتحال کي واضح ۽ چٽو ڪري رهيا هئا. ان جو هڪ اکين ڏٺو مثال آهي ته باغي/ انقلابي جڏهن به ڪنهن کي ڌڪ هڻي ڪيرائي وجهندا هئا ته هروڀرو زخمي جي مٿان مرڻ تائين ڪو مٿو ٻڌي ڪونه ويهندو هو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪري بيهي چوندو ته هو ”مون کي اميد آهي ته نئين سِر اٿي ڪونه سگهندو.“ اهڙو طور طريقو به ڄڻ ته اڳلي جو هيانءُ کائڻ جي برابر هو. هونئن انقلاب پنهنجي روءِ سوءِ ۾ هڪ طلسمي انداز ۾ پکڙجي رهيو هو. ان جي ابتڙ يورپي جيڪي به هٿ پير هڻي رهيا هئا سي محض بچاءِ خاطر جنهن ڪري هو مزاحمت، سرڪشي ۽ ڪاوڙ جي اڀريل جذبن جي اهميت کي سمجهڻ کان قاصر هئا. انهن جو گهڻي ڀاڱي ورتاءَ هڪ اسڪول ماستر وانگر هو. اهو به ڪاوڙ ۽ قهر ۾ ڀريل ماستر جيان جيڪو پنهنجي جاري فرمان جي ڀڃڪڙي ٿيندو ڏسي آپي کان ٻاهر ٿي ويل هجي، پر نفسياتي طور پاڻ کي تسلي ڏيڻ خاطر تشدد جي صورتحال کي تفريح جو به ذريعو سمجهي رهيو هجي، پر تشدد به پنهنجي جاءِ تي هڪ نرالي انداز سان اڀرندو آهي ان کي محض هڪ ناٽڪي نماءَ ڄاڻائي نظر انداز ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪرڻ ۽ اهڙي اڀار کي پنهنجي محدود سوچ وسيلي وهم ۽ مدي خارج سمجهي من کي دلجاءِ ڏيڻ به حقيقت کان لنوائڻ برابر آهي. اهڙي ريت اهي هٿياربند انهن پُورن ۽ وهمن ۾ ورتل شام جو پنهنجي گهر ڏانهن ورندا ۽ مزي سان ننڊ ڪندا هئا. انهن کي پڪو پختو ويساهه هو ته ملاگاسين کي خوف ۽ ڌمڪائڻ لاءِ اهڙي پيش قدمي ڪرڻ ضروري ۽ لازمي آهي. جيتوڻيڪ هنن کي سڌ هئي ته ملاگاسين جي اڪثريت پنهنجي حقن تان ڪنهن به حالت ۾ هٿ ڪانه کڻندي. ان کان علاوه يورپين کي اها به ڄاڻ هئي ته سندن سخت گير روش جي ڪري امن پسند ملاگاسي به مجبوري جي حالت ۾ ويڙهاڪن سان ساٿ ڏئي رهيا هئا. پر پوءِ غير منطقي ۽ ڇسائپ جي حوالي سان پنهنجي تسلي خاطر جوکو کڻي رهيا هئا.
هتي اسان کي نفسياتي نقطه نظر کان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ٻين فروعي مسئلن ۽ مونجهارن کي ڪنڊائتو ڪري هڪ نقطي جي حوالي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ڇا طاقت جي استعمال سان مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. اسان کي چڱي ريت ڄاڻ آهي ته جڏهن سپاهي ويڙهاند جي وايو منڊل منجهان تنگ ٿي پوندو آهي ته پوءِ هو امن ڏانهن رجوع ٿيندو آهي. ان لاءِ سڀ کان پهريائين سپاهي ذهني طور پاڻ کي امن لاءِ تيار ڪند وآهي جڏهن دشمن سان امن جو رشتو جوڙيندو آهي ته ان لاءِ لازمي آهي ته دشمن به سندس حيثيت کي قبول ڪري ته جيئن هو سندس خوف خطرن، مصيبتن، مونجهارن ۽ دليراڻي سوچ سان ڀاڱي ڀائيواري ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪانه ڪري. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هو پنهنجي دشمن آڏو هيڻو ۽ ضعيف نه پر هڪ جنگجو وانگر ويڙهه لاءِ پڻ هڪيو تڪيو نظر اچي. پر جتي ڌرتي جي قبضي/ ڪالونائيزشن جو معاملو هوندو آهي ته اتي اهڙي طرز جي پيش رفت گهڻي ڀاڱي ناممڪن هوندي آهي ڇاڪاڻ ته محض ڪاوڙ، ڪروڌ، ڌڙڪا دهمان، سرڪشي جا عنصر کين ڪنهن به گڏيل ڇوٽڪاري ڏانهن ڪونه وٺي وڃي سگهندا آهن پر کين اهڙي سمجهه ۽ ساڃاهه گهڻو دير سان آئي جنهن ڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي نماءَ کي اهڙي نموني پيش ڪيو پي ويو ڄڻ ته ٻنهي مد مقابل قوتن جي وچ ۾ صلح ۽ سرچاءَ لاءِ گڏجاڻي ٿي رهي آهي. بدقسمتي سان ڪابه ڌر اهڙي ظاهري ڏيک کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪانه هئي جيتوڻيڪ جنگ جي مد ۾ به ڪي اصول ۽ قاعدا هوندا آهن. جنهن کي لتاڙڻ محال ۽ مشڪل آهي.
حاصل مطلب ته يورپين متعلق چئي سگهجي ٿو ته سندن روش جو طور طريقو محض مفادن جي بنيادن تي ڪونه هو يا وري پاڻ کي خوف ۽ خطري ۾ گهيريل ڏسي وايون بتال ٿي وڃن، ان جي برعڪس ائين ته وضاحت يا تشريح ڪئي وڃي ته انهن ۾ قبضي گيري جذبا ڇانيل هئا. مان ايندڙ باب ۾ ڪوشش ڪري انهن جذبن جي وضاحت ۽ ڇنڊڇاڻ ڪندس.