مهاڳ
هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي ابتدائي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين محيط آهن، جڏهن دنيا ۾ انقلاب ۽ هٿياربند هلچل هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم بڻجي ويل هئا ۽ ڪنهن حد تائين ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو رڪارڊ آهن. اڄ جڏهن اسان ايڪويهين صديءَ جي ٻين ڏهاڪي ۾ گهمي ڦري رهيا آهيون جتي سماجي سائنس ۽ خاص ڪري تواريخ ۽ سياست بابت ڄاڻ ۽ کوجنا ۾ ماٺار آيل آهي. ان جي برعڪس اڄ جي شتر بي مهار ٽيڪنالاجي جي ايامڪاريءَ ۾ عقل، سوچ ۽ ساڃاهه کي عالمي سطح کان وٺي سنڌ جي شهرن، وستين ۽ واهڻن ۾ محض ماضيءَ جو داستان ڄاڻائي فرد جي عظمت ۽ فرد جي بالادستيءَ جا ڳڻ ڳائي ”منهنجي پڄاءِ پير ٻين جي پٽجانءِ پاڙ“ تي هوبهو ۽ بجنسي عمل ڪيو وڃي ٿو. اڄ جڏهن آدرش، اصول ۽ نظريا محض دلپشوريءَ جو داستان ڄاڻايا وڃن ته پوءِ هي ويهين صديءَ جي پهرين اڌ تائين لکڻين جو ڪهڙو ڪارج ۽ ادراڪ ليکيو وڃي ۽ ان مان ڪهڙو لاڀ حاصل ٿيندو.
ان هوندي به هڪ ڳالهه يا نقطو ذهن ۾ لڳاتار مترڪا هڻي رهيو آهي ته هيءُ سماج خرابي ۽ برباديءَ ڏانهن ڇوهائي سان وڃي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيئن ڪاروهنوار هلي چلي رهيو آهي، ان کي هلڻ ڏنو وڃي ۽ ٿڌو ٿانهرو ٿي ويهجي يا وري هٿ پير هڻڻ جي ضرورت آهي. اها هٿ پير هڻڻ ۽ سوچ ويچار جي جبلت انسان کي وحشي پڻي کان الڳ ڪري بيهاري ٿي، جنهن ڪري انسان ۾ مزاحمت يا سينو تاڻي بيهڻ جي سگهه ۽ ساڃاهه پيدا ٿئي ٿي.
آخرڪار انسان بغاوت، انقلاب ۽ سياسي ويڙهاند لاءِ سينو تاڻي ڇو بيهي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته اهي ٽئي اسم جڏهن گڏجي هڪ ٽڪنڊو ٺاهين ٿا ته پوءِ ردوبدل اڻٽر بڻجي پوي ٿي. عام طور ان ٽڪنڊي جي مخالفت زوال پذير قوتن جا ساٿاري پنهنجي اقتدار کي قائم دائم رکڻ لاءِ انسانيت جو قتلام ڪرڻ ۾ ڪو به حجاب هٻڪ محسوس ڪو نه ڪن ٿا. عام طور رتوڇاڻ کي غير انساني ۽ وحشي جبلت جي سڃاڻپ چيو وڃي ٿو، پر جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان/منش جي سياسي سماجي ۽ آفاقي حقن جي لتاڙ ڪري سماج جو ڏاتار بڻجي ويهي ته اهڙي سماج ۾ مڪمل طور ٻوسٽ ۽ مونجهه اچي واسو ڪندي آهي ۽ اهو ڏاتار پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کي هٿيار طور ڪتب آڻي ته ان جو ردعمل يا موٽ پڻ اڻٽر بڻجيو پوي ٿي. انهيءَ ردعمل ۾ جبر ۽ ڏاڍائي جا بخيا اڊيڙڻ لاءِ طاقت ۽ سگهه جو استعمال ناگزير بڻجي وڃي ته ان کي ”بغاوت“ ۽ عمل کي مختصر لفظن ۾ سياسي زورآوري چيو وڃي ٿو. ان طرز جي زورآوري/ ڏاڍائي سماج جي بڇڙاين، بدعتن ۽ غلاظتن کي ڌوئڻ پوئڻ لاءِ چمتڪار جو ڪم ڪري ٿي. هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته زورآوري وسيلي انسان جي هن ويڙهاند جو مقصد ۽ معنيٰ ڇا هجي ٿي؟ هونئن سياسي زورآوري اڄ جو مسئلو ڪونهي، پر اهو سلسلو آڳاٽي زماني کان مختلف شڪلين ۽ شبيهن ۾ سفر ڪندو اچي پيو ۽ انساني تواريخ ۾ هڪ اڻ وسرندڙ واقعو پڻ ڏاڍائي/زورآوري جو انوکو مثال آهي. جڏهن قابيل (Cain) پنهنجي سڳي ڀاءُ هابيل (Abel) کي قتل ڪيو ۽ پوءِ سندس اندر ۾ سچ هڪ بڙڇيءَ وانگر کاٽ هڻندو رهيو. ”ڇا مان پنهنجي ڀاءُ جو رکوالو/واهرو هيس؟“
شيخ اياز (1997) پڻ سچ جي بڙڇي سان کاٽ هڻڻ جي ڪيفيت کي هيئن نروار ڪري بيهاري ٿو.
سچ وڏو ڏوهاري آ، ڳولي ڳولي ماريو ويو آ
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ
تيل ڪڙهائيءَ ۾ ڪاڙهيو ويو آ
سوليءَ تي لڙڪايو ويو آ
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ
ها، پر پوءِ به ان جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو
تنهنجو سارو چين کڻي ٿو
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ
پوءِ به تو ڪڏهن هي سوچيو آ
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي
سچ وڏو ڏوهاري آ.
اهو کاٽ هڻڻ جو سلسلو بغاوت، سياسي زور آوري ۽ انقلاب جو سلسلو صدين کان جاري آهي جاري رهندي اچي پيو. هونئن سياست ۽ سماج ۾ هر هڪ صديءَ جي شروعات ڪنهن نه هئڻ برابر ردوبدل سان ٿيندي آهي، پر پوءِ اڳتي هلي انقلاب جو پيش خيمو ثابت ٿيندي آهي.
ائين جيڪڏهن وچُور وار هر هڪ صديءَ جو سياسي ۽ سماجي احاطو ڪري تواريخ ۾ ليئو پائي ڏسنداسين ته هڪ ئي سُڌ يا ڄاڻ ملي ٿي ته هر هڪ صديءَ جي پيٽ مان ڪا نه ڪا ردوبدل پيدا ٿيندي آهي ۽ جيڪا اڳتي هلي ڪايا پلٽ جو وسيلو يا ذريعو بڻجي ٿي. اها ڪايا پلٽ ئي انقلاب جو اهڃاڻ بڻجندي آهي.
انهيءَ نسبت سان جيڪڏهن محض پنج صديون پوئتي وڃي سياسي اٿل پٿل جو مٿاڇرو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته رهنمائي حاصل ٿيندي.
پندرهين صديءَ جي پوياڙيءَ کي عالم ۽ ڏاها قبل از جديديت(Pre-modernism) ۽ جديديت (Modernism) جي وچ ۾ هڪ حدبندي يا سَنڌو ڄاڻائين ٿا. ڇو ته پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين مشرقي سلطنتن ۽ خاص ڪري اسلامي ملڪن ۾ سڪيولرزم، رواداري، سهپ ۽ علم جي کوجنا ۽ اڀياس جو راڄ هو. انهيءَ مشرق جي ورثي کان يورپ جو ڪلچر ۽ سماج کان متاثر ٿي رهيو هو. ان انسان دوست اسلامي ورثي جي ڦهلاءُ جو ذريعو واپار ۽ نوان ملڪ پنهنجي حاڪميت ۾ آڻڻ سان حاصل ٿيو. ان جا مثال ڏکڻ ايشيا، چين ۽ اسپين آهن. اهڙي ريت عثماني ترڪ اولهه کان، صفوي حڪمران ايران کان خاص ڪري اسماعيل اول (24-1500) ۽ عباس اول (1629-1587) جي زمانن کان شاهراهه ريشم تي سڌي يا اڻسڌي طرح قابض هئڻ ڪري ڪاشغر جي معرفت چين سان ڳانڍاپي ۽ اثر پذيريءَ ۾ هئا. هوڏانهن ڏکڻ ايشيا ۾ ظهيرالدين بابر (1503-1618) هندستان ۾ مغل سلطنت جو پايو 1526ع وجهي چڪو هو. اڳتي هلي مغل سلطنت به اورنگزيب (1707-1618) جي آيامڪاريءَ ۾ اندروني ويڙهاند جي گهيري ۾ اچي وئي. سندس لاڏاڻي کانپوءِ ته ويتر ڪمزور ٿيندي وئي. ائين 1757ع ۾ لارڊ ڪلائيو (1774-1725) بنگال جي حڪمران نواب سراج الدوله (1757) کي شڪست ڏئي تاج برطانيا لاءِ هندستان ۾ يونين جئڪ جي قبضاگيري لاءِ رستو هموار ڪري ڇڏيو ۽ ان جي پڄاڻي 1857ع جي بغاوت / انقلاب تائين ٿي ۽ هندستان جي مٿان يونين جيڪ ڦڙڪڻ لڳو.
مطلب ته سورهين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ مشرقي سلطنتن ۾ زوال جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا. حڪمرانن ۾ قبضا گيري ۽ مرڪز گيري جي آڌار تي دائمي قبضو رکڻ لاءِ هڪ عقيدي جي آڌار تي رياست ۾ مذهب جي مداخلت ۽ نسل پرستي سان گڏوگڏ هٿيارن ۽ طاقت جي آڌار تي اقتدار کي نسل به نسل منتقل ڪرڻ جو غير منطقي طريقو پير پختا ڪرڻ لڳو. مشرق مان علم، ڏاهپ، کوجنا ۽ اڀياس مغرب ڏانهن منتقل ٿيڻ جو زمانو/عَهدُ شروع ٿي ويو.
جيتريقدر سنڌ ۾ پندرهين صديءَ کان سياسي ۽ سماجي سٽاءَ جو واسطو آهي ته ان جي شروعات سما گهراڻي جو خاتمو ۽آزاد سنڌ جي ويڙهاند ڪندڙ دولهه دريا خان (1521) جي شهادت سان ٿي. ارغونن سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ڏهڪاءُ ۽ هيبت پيدا ڪيو، محب وطن مخدوم بلاول (1523-1451) کي ويڪائو عالمن طرفان فتويٰ ڏياري گهاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو. سنڌ تي ارغون ۽ ترخان سورهين صديءَ جي شروعات کان وٺي سترهين صدي جي آخر تائين قابض رهيا پر انهيءَ وچ ۾ اڪبر اعظم (1605-1542) سورهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ جي هڪ حصي تي والار ڪئي ۽ اڳتي هلي باقي حصي کي به مغل سلطنت جي ڪالوني بڻائي ڇڏيو.
تيرهين صديءَ جي آخر ۾ مغل سلطنت جون پاڙون ڪمزور ٿيڻ لڳيون ته سنڌ ۾ ڪلهوڙن ميان وال تحريڪ وسيلي گوريلا جنگ جي شروعات ڪئي، پر ساڳئي وقت دهليءَ جا ڏن ڀرو به رهندا آيا. ان ڪري جڏهن سنڌ ۾ شاهه عنايت (1701-1655) جي سربراهيءَ ۾ جهوڪ ۾ مزاحمت ٿي ته ان کي نگهوسار ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي مغل نواب اعظم خان سان يار محمد ڪلهوڙو(1755-1698)، بلڙي شاهه ڪريم جو سجاده نشين ميان عبدالواسع ۽ مقامي وڏيرا ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيٺل هئا. ان زماني ۾ مجموعي طور سنڌ گهرو لڙائي، ڇڙواڳي ۽ ڀڃ ڊاهه جي طوفاني دور مان لانگهائو هئي، پر اهڙي غيريقيني صورتحال ۾ به سنڌ کي شاهه لطيف (1752-1689) جهڙو املهه ماڻڪ مليو. لاشڪ ”شاهه جو رسالو“ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ صدين تائين زنده ۽ جاويد رهندو.
سنڌ ۾ علمي ۽ فڪري اٿل پٿل جو سوال آهي ته ان ۾ به ڪا به واڌ ۽ ويجهه ڪا نه ٿي هئي. ٺٽي ۾ ان دور ۾ ٻه اهم نانءُ ملن ٿا مخدوم معين ٺٽوي (1161-1093) ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1761-1693). اول الذڪر پنهنجي ڏاهپ ۽ ڄاڻ سان وحدانيت جي فڪر ۽ حب الوطنيءَ جو نمائندو هو. جڏهن ته آخرالذڪر مذهبي قدامت پرستي ۽ وحدة الشهود جو پرچارڪ هئڻ سان گڏوگڏ وقت جي حڪمرانن جو به طرفدار هو. ڪلهوڙن سنڌ جي قبائلي سرشتي ۾ ردوبدل آڻن ڏانهن ٿورو ٿڪو ڌيان ڏنو ۽ ان کي زرعي سماج ۾ بدلائڻ جا اُپاءَ ورتا. ڪلهوڙن ۾ زيرڪ ۽ نيڪ نامي رکندڙ حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙو وفات (1772) هو جنهن سول سوسائٽي ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ حيدرآباد جي شهر جو پايو وڌو. غلام شاهه پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي واپار لاءِ ڪوٺيون قائم ڪرڻ جو اجازت نامو ڏنو. پر جڏهن کيس سُڌ ملي ته انگريزن جا واپار کان به اڳڀرا سياسي ارادا آهن ته ڪوٺيون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ساڳي وقت گمبٽ ۽ راڻي پور جي گادي نشينن کي پڻ سياسي مامرن ۾ شريڪ ٿيڻ جا ثبوت ملڻ تي پابندي لاڳو ڪئي. اڳتي هلي سازش، ويساهه گهاتي ۽ نااتفاقي هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ 1783 ۾ هالاڻي جي ميدان ۾ ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جو باب بند ٿي ويو ۽ ٽالپر سنڌ جا حڪمران ٿيا. ٽالپر حڪمرانن سنڌ جي زرعي سماج ۾ واڌارو ۽ ترقي آڻڻ جي ابتڙ قبائلي سماج ڏانهن پوئتي وٺي وڃڻ جا اُپاءَ ورتا. سنڌ جي وحدانيت کي ختم ڪري چئن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو.
ٽالپرن جي دور ۾ نه رڳو نااتفاقي کي هٿي ملي پر سنڌي سماج ذات پرستي ۽ مذهبي فرقيواريت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو. ٽالپرن جي ڪمزور حڪمرانيءَ جو فائدو وٺندي انگريز/ ايسٽ انڊيا ڪمپني ٻيهر سنڌ ۾ داخل ٿي. ٽالپر حڪمران، انگريزن سان مختلف معاهدن ۾ سلهاڙجي مورڳو حق حاڪميت تان دستبردار ٿيڻ لڳا. انگريزن 1839ع ۾ منهوڙي جي ٻيٽ تي قبضو ڪيو. سرچارلس نيپئر ائين چئي ”ناڪام حڪمرانن (ميرن) کي سنڌ تي حڪمراني جو حق نه هئڻ گهرجي.“ 1843ع تي مياڻي جي جنگ ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏئي آزاد سنڌ تي قبضو ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي سياست ۽ سماج جو چئن صدين جي لڳ ڀڳ پوتاميل ڪڍي سامهون رکنداسين ته ڪا به مثبت، عوام دوست ردوبدل ڪا نه آئي. ميرن علمي ۽ فڪري ترقي ۽ واڌاري ۾ ڪا به نواڻ ڪا نه آندي. انگريز حڪمرانن مورڳو سنڌ جي نالي ماتر جداگانه سڃاڻپ کي ختم ڪري 1847ع کيس بمبئي پرڳڻي جو هڪ حصو بڻائي ڇڏيو. سنڌ ۾ انگريز حڪمرانن خلاف ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ بغاوتون ٿيون پر انهن ۾ وسيع تر بنيادن تي ڪا به حڪمت عملي نه هئڻ ڪري اُهي ناڪام ٿيون. انگريزن پنهنجي حڪمت عملي مطابق انتظامي سڌارا آندا پر سماج کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو.
مطلب اڻويهين صديءَ جي آخر تائين مغرب پنهنجي علمي ۽ فڪري بالادستي وسيلي ملڪن تي قبضو ڪري معاشي ۽ اقتصادي ڦرلٽ کي وڌيڪ ڇوهو ڪري ڇڏيو.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سڄي دنيا جي مٿان يورپي قبضه گيري/ڪالونائزيشن جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ائين پئي لڳو ته دنيا هڪ عالمي حڪم نامي مطابق ماٺ ميٺ سان ڪنڌ ۾ غلاميءَ جو طوق پائي ڳَهي رهي هئي. اوچتو انهيءَ ڪاڪ محل ۾ پڙاڏو گونجيو ۽ 1900ڌاري چين ۾ باڪسر انقلاب (Boxer Revolution) جو چمتڪار ٿيو. 2 اڃا باڪسر انقلاب جي گونج ختم ئي ڪا نه ٿي هئي ته روس ۾ 1905ع ڌاري انقلاب جو اڀار ٿيو. 3 اهڙي ريت اپکنڊ ۾ به هٿياربند سياسي تحريڪن جي چرپر شروع ٿي. ان کان پوءِ ڏسندي وائسندي ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ دنيا جي مٿان دائمي عالمي حڪمراني جو تصور ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳو. ٻن مهاڀاري لڙاين پاور جي هڪ هٽيءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ پاور جي راهداري/لنگهه (Corrodior) ۾ الاهي ردودبدل اچي وئي ان سان دنيا ۾ هڪ ٻئي پٺيان انقلابن جي آمد سان بيٺڪيت جو خاتمو/غلام قومن جي آزادي جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ دنيا جي اڌ آبادي ۾ حاڪميت، سماجي سرشتي جي ردوبدل خاطر زورآوري (Violence) ۽ غيرآئيني طور طريقا به ڪتب آندا ويا. اهوئي زمانو آهي جڏهن ايشيا ۾ به سامراجي بيٺڪن جو خاتمو اچڻ لڳو.
اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته ماڻهو سدائين سياسي زورآوري بغاوت ۽ انقلاب لاءِ جدوجهد ڪندا اچن پيا ۽ اڄ به اهو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ شبيهه ۾ وراڪا ڏيندي نظر اچي ٿي. ڇو ته انسان/ماڻهو سدائين همسري/برابري/مساوات (Equality) لاءِ مٿاڪٽ ڪندا اچن پيا ته جيئن سنسار ۾ ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي جياپي جو پنڌ جهاڳي سگهي.
اسان ارسطو(322-384 ق-م) کان وٺي حضرت محمد وفات (632) تائين اچون ٿا ته سماج ۾ مساوي حقن جي پاس خاطر جي تنبيھ ڪيل آهي. پاڻ سڳورن آخري خطبي ۾ ننڍ وڏائي جو خاتمو ڪندي چيو ته:
”ڪنهن عربيءَ کي عجميءَ مٿان فوقيت حاصل ڪونهي ۽ نه وري ڪنهن عجمي کي عرب تي، نه ڪارو گوري کان افضل آهي نه گورو ڪاري کان.“ ائين گذريل اڍائي صدين ۾ جيڪي به انقلاب آيا جهڙوڪ فرينچ، آمريڪي، روسي انقلابن تائين ويڙهاند يا زورآوري (Violence) جو بنياد ڪارڻ ”مساوي حقن“ سان سلهاڙيل آهي ۽ جڏهن 1776 جيفرسن (1826-1743) پنهنجين لکڻين وسيلي برطانيا جي غلامي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي ٿو ته ”سڀئي انسان هڪ جهڙا/مساوي پيدا ڪيا ويا آهن.“اڻويهين صديءَ ۾ ڪارل مارڪس (1883-1818) سماج ۾ مساوي حقن جي حصول لاءِ انقلاب بابت اڳواٽ پيش بندي ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏس ٻڌائي ٿو ته ”محض فرد جي سماج ۾ مفادن جي حوالي سان ايڏي اثرائتي حيثيت ڪو نه هجي ٿر پر فَردَ گڏيل مفادن جي اصولن ۽ آدرشن تي هڪ ٻئي سان سهمت ۽ سهڪار وسيلي ئي ردوبدل جا مثبت ۽ اثرائتا نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا. انهيءَ سهڪاري ڌرين کي ”سماجي طبقو“ چيو وڃي ٿو.“ اڃا به مارڪس وڌيڪ مونجهاري کي پاسيرو ڪندي لکي ٿو: ”ماڻهن جي سرشٽيءَ/فطرت ۾ هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ جي وِٿ سانڀيل آهي.“
ڏٺو وڃي ته محض انقلاب ۾ مساوي حقن لاءِ اٿي بيهڻ ئي گنج ناهي، پر اصل ۾ ماڻهن جو مسئلو پيٽ جو دوزخ به ڀرڻ اهم هجي ٿو ۽ جيڪي به انقلاب ۽ بغاوتون هن ڌرتي تي آيا انهن ۾ اهم عنصر اقتصادي هجي ٿو. جيئن سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آهي ته ”ڍءٌ بنان ڍوليا ناهي ساڃاهه سرير کي.“
مان جيئن مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون ستن ڏهاڪن جو احاطو ڪن ٿيون، پر ان کان پوءِ دنيا م ڇا وهيو واپريو ان کي به سرسري طور سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته انقلاب، سياسي زورآوري ۽ بغاوت بابت وڌيڪ چٽائي ٿيندي.
سٺ جي ڏهاڪي ۾ عالمي سياسي وهنوار جي تواريخ ۾ پهريون ڀيرو چٽي طرح ٻن پور وڇوٽين حدبندين سان هڪ پاسي عالمي استعماريت (Global imperialism) جو سرواڻ رياستهاءِ متحده آمريڪا ۽ ان سان ساٿ ۾ مغرب يورپ بيٺل هو. ٻئي پاسي يونين آف سوشلسٽ سويت يونين آف رشيا (USSR) جيڪو پنهنجي عمل ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان سرمايه دارانه سماج ۽ نام نهاد جمهوريت جو مخالف ۽ غلاميءَ جي پنجوڙن سان آزاد ٿيندڙ قومن جو طرفدار هو. اهڙي ريت عالمي سطح کان وٺي مقامي سطح تائين ڪميونزم ۽ قومي تحريڪن خلاف آمريڪي حڪمت عملي جوڙي راس ڪئي وئي جنهن کي مئڪارٿزم جو نالو ڏنو ويو. هوڏانهن ٽين پاسي آزاد ٿيندڙ ملڪن گڏجي هڪ نئون بلاڪ بندونگ (انڊونيشيا) ۾ جوڙي راس ڪيو. ان کي غيرجانبدرانه تحريڪ (nonallinged movement) سڏيو ويو، پر ان کان به اڳڀرو عالمي سياست ۾ غيرجانبدارانه تحريڪ کي ٽين دنيا (Third world) جو نالو ڏنو ويو. ٽين دنيا ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ هٿياربند جدوجهد کي وڌيڪ اهميت لائق ۽ وقتائتو ڄاڻايو ويو هو. انهيءَ ڏس ۾ لاطيني آمريڪا ۾ چي گويرا (1967-1928) جي سربراهيءَ ۾ گوريلا جنگ وسيلي ملڪن ۾ آمريت ۽ بادشاهت جو خاتمو ڪري ان جي جاءِ تي سوشلسٽ راڄ قائم ڪرڻ پڻ هو. ڪيوبا ۾ پڻ انقلاب آڻڻ جو هڪ شاندار تجربو فيڊل ڪاسترو (13 August-1926) جي سربراهي ۾ ڪيو، نيٺ چي گويرا، آمريڪي سي آءِ جي گهيري ۾ مارجي ويو ۽ اڄ تائين رومانوي سياست جو اهم حصو لکيو وڃي ٿو.
انهيءَ ساڳئي زماني ۾ آفريڪا جنهن کي عام طور ان زماني ۾ اونداهو کنڊ چيو ويندو هو، ان ۾ قومي آزاديءَ جي وسيلي پيٽرس لومبا به ملڪ جو سربراهه ٿيو. ان جي قومپرست ۽ سامراج مخالفت جي پڄاڻي سندس موت تي ٿي، عالمي سطح تي قومن جي آزادي ۽ سامراج مخالفن جو برک ڀرجهلو سوويت يونين هو، پر جن به آزاد ملڪن ۾ سوويت يونين جو عمل ۽ دخل هو ته انهن ۾ ليڪو لتاڙي مداخلت ڪرڻ به چڱو سنوڻ ڪو نه سمجهيو ويو. سڀ کان وڌيڪ مسئلو پيدا ٿيو ته اهي ملڪ جيڪي سوويت يونين کان اقتصادي ۽ فوجي امداد حاصل ڪندڙن هئا انهن جي پهچ ۽ رسائي ان حد تائين هئي ته سامراج مخالف هئڻ ۽ گهڻي ڀاڱي زباني جمع خرچيءَ کان مٿي ڪا نه هئي پر جن ملڪن پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ذميواري نڀاهڻ جو ڪم ڪيو انهن ۾ ڪيوبا ۽ چين جا مثال سامهون آهن، نيٺ اڳتي هلي سوويت يونين ۽ چين جي وچ ۾ اختلاف چڙهي چوٽ ٿي ويا. انهن اختلاف سڄي دنيا جي سوشلسٽ يا قومپرست قوتن ۾ انتشار پيدا ڪيو.
آمريڪا مئڪارٿزم نظريي تي پيروي ڪندي دنيا ۾ ڪميونسٽ يا ترقي پسند قوتن کي ختم ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. انڊونيشيا ۾ صدر سوئيڪارنو (1970-1901) کي برطرف ڪرائي ۽ هزارين ڪميونسٽن جو ڪوس ڪيو ويو. 1974ع ۾ چليءَ ۾ صدر اليندي جي چونڊيل سرڪار کي سي آءِ جي مدد سان برطرف ڪرائڻ ۽ کيس مارائڻ جو مثال موجود آهي. عام طور دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزادي حاصل ڪندڙ قومون ۽ انهن جا سربراهه نج قومپرستي جي ڪارج وسيلي سڀني مسئلن ۽ مونجهارن جو حل ڄاڻايو. جنهن ڪري نج قومپرستيءَ مان جارحانه قومپرستي (untra-Nationalism) جنم ورتو. اهڙي صروتحال جو دنيا جي مفڪر ۽ انقلابيءَ فرانز فينن (1961-1925) ڇيد ڪندي چوي ٿو: ”قوم پرستي کان پوءِ جارحانه قومپرستي (Ultra Nationalism) ۽ آخرڪار نسل پرستي ڏانهن ٿئي ٿي.“
هوڏانهن سوويت يونين 1978ع ۾ افغانستان ۾ خلق ۽ پرچم پارٽي جي دعوت تي فوجون اسهائي سردار دائود جو تختو اونڌو ڪري انقلاب آندو، پر اهو انقلاب ملڪ ۾ ڪو به خمير ۽ کستوري جي پيداوار ڪونه هو جنهن ڪري انقلاب ته ناڪام ويو پر ان سان گڏوگڏ سوويت يونين کي اندروني سياسي ۽ اقتصادي بحران لوڌي ڇڏيو. پڄاڻي سوويت جي زوال سان ٿي. رياستهاءِ متحده آمريڪا ۽ انهن جي ساٿارين وڏي واڪي چوڻ شروع ڪيو ته دنيا ۾ سرد جنگ جو خاتمو ٿي ويو. هاڻي زمانو جمهوريت ۽ آزاد اقتصاديات جو آهي.
ويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته ان جو مختصر پوتاميل هيٺين ريت بيهي ٿو ته:
1) دنيا ۾ سردجنگ جو خاتمو ۽ رياست هاءِ متحده آمريڪا جي هڪ سپر پاور طور اُڀري اچڻ جي دعويٰ.
2) ٽين دنيا جي ملڪن ۾ نالي ماتر آيل ردوبدل ۾ ماٺار ۽ جموديت جو ڪوهيڙو ڇائنجي وڃڻ.
3) لاطيني ملڪن ۾ جمهوري نموني سان سوشلزم جو نئون اُڀار.
اصل ۾ اسان کي ڏسڻ وائسڻ ۽ تڪ تور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اهي ڪهڙا ڪارڻ هئا ۽ آهن جو انقلاب ۽ انقلابي تحريڪون ماضيءَ جو داستان بڻجي ويل آهن.
ان لاءِ لازمي بڻجي ٿو ته روس ۾ آيل بالشويڪ انقلاب ۽ ان سان گڏوگڏ اهڙن عنصرن ۽ اسمن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ان کي روسي انقلاب جي بانيڪار ولادمير لينن (1924-1870) کان ئي ڏسڻ وائسڻ جي ضرورت آهي. ڪميونسٽ پارٽي ۾ آزادانه اختلاف راءِ کي محض بورجوا باقيات جي ڪارگذاري ۽ پارٽي اندر گروهه بنديءَ کي فروغ ڏيڻ جو ذريعو ڄاڻائيندي رد ڪيو ويو. لينن جي اهڙي سوچ کي جنهن شخصيت ان ئي زماني ۾ هاڃيڪار ڄاڻايو سا روزالڪسمبرگ (1919-1871) آهي. هن انقلابڻ نظرئي جي نالي ۾ آمريت قائم ڪرڻ جي لاڙن کي رد ڪندي چيو ته ”لينن جو اهڙو قدم مورڳو سوشلزم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. ڇو ته جمهوريت کان سواءِ سوشلزم اڻپورو آهي.“
لينن ازم/مارڪسزم جي لکڻين تي منطقي وسيلي نظرثاني ڪري ان کي سنواري سينگاري بيهاريو سو ائنتونيوگرامچي (1937-1891) آهي. اٽليءَ جي هن مارڪسوادي مفڪر مروج سماج جو اڀياس ڪندي ڄاڻايو ته بالادستي/ غلبو (Hegmomy) ۽ سول سوسائٽي (Civil Sosiety) جو سٽاءَ اهم عنصر آهن. هن جي راءِ مطابق سول سوسائٽي جو دائرو ۽ پهچ رياست ۽ اقتصاديات کان به منفرد ۽ نرالو ٿئي ٿو. سول سوسائٽي ۾ بالادستي/غلبو ماڻڻ لاءِ سوشلسٽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي رياست جي خلاف به سينو ساهي بيهندا آهن.
اڄ جي ايڪويهين صديءَ ۾ اسان کي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ کان رهنمائي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ويهين صديءَ جو سَرسري جائزو وٺنداسين ته کاٻي ڌر مڪمل محنت ۽ وابستگي سان پرولتاريه انقلاب لاءِ جاکوڙ ۾ مگن رهي. پر آمريڪا ۾ 1920 ڌاري پورهيت طبقو سوشلسٽ تحريڪن کان پير کسڪائڻ لڳو ۽ مو رڳو 1930ع جي بين الاقوامي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ به شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 1960 جي ڏهاڪي ۾ جنگ ويٽ نام ۾ نئين ليفٽ (New left) چڱو موچارو ناماچار ڪمايو. 1991ع ۾ سوويت يونين زوال پذير ٿيو ته هڪ نئين صورتحال جو سج اُڀريو ته ڪلاسيڪل مارڪسوادي نقطهءِ نگاهه سان انقلابي ويڙهاند جو زمانو پورو ٿي ويو ۽ سڄي دنيا ۾ کاٻي ڌر مختلف زاوين يا پاسن کان نئين سر جائزو وٺڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي.
ايڪويهين صديءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ انقلابن جي ديومالائي (Mythical) جادو جنتر ۾ سراپجي وڃڻ به ذهني پختگي کي اڳتي وٺي وڃڻ کان روڪي ٿو. مان سمجهان ٿو ته دنيا ۾ قومي آزادي، ڪلچرل سڃاڻپ ۽ مساوي جدوجهد جو نئين سر جائزو وٺي رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ ڇوٽڪاري جو دڳ ٺاهي سگهجي.
[b]امان الله شيخ
[/b]ڪراچي سنڌ
2015-12-31
شام جا 6:30
____________
1. تشدد/ڏاڍائي/زورآوري (Violence)
2. باڪسر انقلاب بنيادي طور چين ۾ ورهين کان سامراجي قوتن جي لٽ ڦر ۽ عيسائي مشنرين جي مذهبي قبضه گيري خلاف ردعمل هو. اها اٿل پنهنجي جوهر ۾ مڪمل قومپرست ۽ سامراج مخالف هئي. ساڳي وقت مدي خارج ڪوئنگ بادشاهت جي خلاف به بغاوت هئي. انهيءَ انقلاب جي آمد سان چين ۾ مروج دقيانوسي سياسي ۽ سماجي سرشتو ڊانواڊول ٿي پيو. انهيءَ انقلاب جا اهم ڪارڻ لڳاتار ورهين کان خشڪ سالي ۽ ڌارين جي لٽ ڦر هئي. انقلاب کي چيڀاٽڻ لاءِ سامراجي قوتن جهڙوڪ: برطانيا، روس، جاپان، فرانس، آمريڪا ۽ اٽلي گڏيل حملو ڪري في الحال ٺاپر آڻي ڇڏي، اڳتي باڪسر انقلاب جي انقلاب جي گود مان چين جو هاري انقلاب نمودار ٿيو.
3. 22- جنوري 1905ع تي پيٽرز برگ ۾ زار نڪولاس دوئم جي محل ڏانهن هٿين خالي پورهيت، هاري ۽ عام ماڻهو پادرين جي سربراهي ۾ هڪ عرضداشت کڻي وڌي رهيا هئا ته ملڪ ۾ آئيني ۽ قانوني سڌارا آندا وڃن ته سياسي ۽ معاشي بحران جو خاتمو ٿئي، پر زار جي حڪم سان ماڻهن جي هجوم مٿان گولين جو مينهن وسايو ويو. اهو انقلاب به عارضي طور دٻجي ويو، پر ان انقلاب جي مهابي آڪٽوبر 1917ع جي انقلاب لاءِ راهه هموار ٿي.
ائين اپکنڊ ۾ جليانوالا باغ (امرتسر) ۾ هيٺين خالي ۽ بي گناهه شهرين جو قتلام سنڌ ۾ حر تحريڪ جو اُڀار، بنگال ۾ هٿياربند جدوجهد جو آغاز ڳڻپ ۾ آڻي سگهجن ٿا.