تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

لوڪن ۾ انقلاب جو جوهر ۽ اڳڀرائي ڪيئن ٿي؟ _ اليڪس ڊي ڪوئِلي

گذريل چار سئو چالهين ورهين کان فرينچ سماج جو سياسي کيتر ۾ ڪوبه ڪارگر ڪردار ڪونه پيو رهندو اچي. ان ڪري عام طور هڪ راءِ اڀري آئي آهي ته هاڻي ماڻهو ڪنهن ڪردار ادا ڪرڻ کان محروم ٿي ويل آهن. ائين مجموعي طور پورهيت طبقي جي لاءِ به هڪ راءِ جڙي آهي ته اُهو هاڻي نه رڳو گونگو پر ٻوڙو به بڻجي چڪو آهي. ان کان پوءِ ٿيو ائين جو ڪجهه بااختيار ماڻهن عام ماڻهن جي طرفداريءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي انهن جي روبرو ڳالهائڻ شروع ڪيو پر محسوس ائين ٿيڻ لڳو ڄڻ عام ماڻهو موجود ئي ڪونه آهن. لاشڪ اهڙي صورتحال ۾ نتيجو هيءُ ڪڍيو ويو ته ان ٻوڙي ۽ گونگي طبقي جي نمائندگي ڪرڻ جو حق مٿين طبقي کي آهي، ڇو ته پورهيت طبقو پنهنجي اصلي خاصيتن کان محروم ٿي خطري جي دائري ۾ اچي ويو آهي.
اهي ماڻهو جن کي سدائين عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو خوف ۽ ڊپ رهندو آيو آهي، انهن کي ضمير جي چهنڊڙي ايترو به مجبور نه ٿي ڪري ته اهي برسرعام اهڙي بي انصافيءَ خلاف آواز بلند ڪن. انهن جي مٿان فرض بڻجي ٿو ته ادارن جي ظالماڻي وهنوار کي نشانبر ڪري بيهارن، جنهن جي دٻاءُ هيٺ عام ماڻهو ڪنجهي ۽ ڪُرڪي رهيو آهي ۽ معمولي اجرت جي ڪري بک ۽ بدحاليءَ جي گهيري ۾ آهي. ائين فقط زباني طور غيرمراعات يافته/ محروم طبقن جي پاسخاطري ڪرڻ جو مطلب رڳو پنهنجن ڏوهن تي پردو وجهڻ برابر آهي. آءٌ هتي انهن ماڻهن کي پڻ مخاطب آهيان ۽ چتاءُ ٿو ڏيان ته اهي اسان جي صفن جا ماڻهو ئي ڪونه آهن. سندن واسطو سرڪار ۽ مراعات يافته طبقن سان واڳيل آهي.
جڏهن تيرهن ورهيه اڳ بادشاه سلامت جبري پورهئي کي رد ڪرڻ جو فرمان جاري ڪري رهيو ته ان جي ورتل اپائن جي هيٺين ريت تشريح ڪيل هئي:
”ڪجهه پرڳڻن کي ڇڏي باقي سموري ملڪ جا روڊ رستا عام غريب پورهيتن لاءِ ڪنهن به ٽئڪس جي اوڳاڙيءَ کان آجا رهندا. ان جو مطلب ته سمورو بار وڃي ڪڙمي ۽ ڪاسبي طبقي جي ڪلهن تي ڪريو، جيڪي آمدرفت لاءِ شاهراهن کي ٿورو گهڻو استعمال هيٺ آڻيندا هئا. انهن مراعات يافته طبقن ۾ زميندار ئي هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو زمينن جي قدر و قيمت ۾ اضافو ٿيڻ سان خوشحال ٿيو، ڇو ته انهن اجهاڳ زمينن منجهان ئي اهي رستا گذري رهيا هئا. غريب ماڻهو جيڪي لاچاريءَ ۽ بي وسيءَ جي حالت ۾ انهيءَ سموري بار کي برادشت ڪري نه سگهندا هئا ته انهن کان، رستن جي حالت سڌارڻ لاءِ بنا ڪنهن معاوضي جي جبري پورهيو ورتو ويندو هو. اهڙي بک ۽ بدحالي جو مڪمل لاڀ محض امير ماڻهوءَ کي ملندو هو.
بهرحال جڏهن اهڙي بي انصافيءَ خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي مورڳو گلڊ سسٽم کي ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته بادشاه سلامت هڪدم فرمان جاري ڪيو ته: هرهڪ ماڻهوءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جو حق اعليٰ ۽ مقدس حيثيت رکي ٿو ۽ اهڙو ڪوبه قانون جيڪي مذڪوره فرمان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي قانونِ فطرت خلاف بغاوت تصور ڪيو ويندو. ان ڪري موجوده واپار جو طريقه ڪار مڪمل طور غيرفطري هئڻ سان گڏوگڏ، جابرانه ادراسازي، پنهنجن مفادن جي حوالي سان لوڀ، لالچ ۽ تسلط جو سلسلو ليکيو ويندو.“ اهڙن لفظن جي اظهار کي ناداني/ ڇسائپ چيو ويو پر مثبت نقطه نگاه کان ائين چوڻ اجايو ۽ بيسود ثابت ٿيو. ڇو ته ڪجهه مهينا گذرڻ کان پوءِ گلڊ سسٽم ۽ جبري پورهئي کي ٻيهر بحال ڪيو ويو.
اسان کي جيتريقدر ڄاڻ ملي آهي ته تُرگوت ئي هو جنهن بادشاه سلامت جا ڪن ڀريا هئا. ترگوت جي سڀني هم خيال ۽ پوئلڳن اهڙي عمل جي مڪمل پٺڀرائي ڪئي. جڏهن 1780ع ۾ بادشاه سلامت پاران هڪ ڇپيل نوٽس رجسٽريشن آفيس ڏانهن اماڻيو ويو ته ٽئڪس جي مد ۾ سڌارا آڻي وصوليءَ ۾ واڌارو ڪيو وڃي ته صورتحال هيئن واضح ٿي ته ان جو ٻوجهه وري به غريبن جي مٿان وڃي ڪرندو.
”اهي جيڪي اڳ ۾ ئي ٽئڪس جي ظالماڻي طريقي سان وصوليءَ جي ڪري ٻيڻا ٿي پيا هئا ۽ هاڻي وري اوچتو ٽئڪس جي واڌاري ته اڃا به اسان جي رعايا جي مصيبتن ۾ اضافو ۽ کين دلگير پڻ ڪري ڇڏيو آهي.“ جيتوڻيڪ بادشاه سلامت ٽئڪس جي نئين سرشتي لاڳو ڪرڻ جو جوکم کڻي نه پئي سگهيو ته سڀني کان ساڳي طريقي سان وصولي ڪئي وڃي. ”بادشاه سلامت جن محسوس ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽئڪس ساڳي/ مساوي سرشتي مطابق اميرن کان به وصولي ڪئي ويندي ته ڪوبه حرج ڪونه ٿيندو. پر ان سرشتي لاڳو ڪرڻ سان سٺو سنوڻ اهو ٿيندو ته امير به ڪجهه نه ڪجهه بار جهڪو ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهندو، جيڪو غريبن جي ڪُٻڙن ڪُلهن تي سوار آهي.“
پر ڏٺو ويو آهي ته خاص ڪري کوٽ يا اڻهوند جي دور ۾ اعليٰ اختيارين جي ذهن ۾ هڪ ئي نقطو ڀوانٽيون کائيندو آهي ته غريب کي گهٽ ۾ گهٽ فائدو ٿئي، پر اپت جيئن انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪبو رهي. سندن خواهش هوندي ته اوکيءَ ويل اميرن کي درياهه دليءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پر زميندارن ۾ انساني جذبن ۽ قدرن جو ڏڪار هئڻ ڪري انهن منجهان ڪنهن به معنيٰ ۽ مقصد جي اميد رکڻ بيسود آهي. ”انهن وٽ ته هونئن سڀ ڪجهه جهجهو ۽ جام موجود آهي، جيڪو بنيادي طور غريبن جي پگهر جي پورهئي جي پيداوار آهي. اهي بيدرد، غريبن جي بک ۽ سورن جو تماشو اکين سان ڏسندا آهن، پر کين ڪابه ڪهل ڪانه ايندي آهي. سندن خيال ۾ غريب پيدا ئي پورهيو ڪرڻ لاءِ ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن مري پوي ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو. ان محڪوم جي بس اها ئي ذميواري آهي ته اپت ۾ اضافو ڪندو رهي.“
بادشا سلامت ساڳي موقعي تي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو: ”عالم پناه جي خواهش آهي ته پورهيت کي وڌ ۾ وڌ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سکر ۽ ستابو ماڻهو سندس پورهئي کي معمولي اجرت تي ڪتب آڻي نه سگهي. اسان ڪنهن به حالت ۾ هڪ طبقي جي هٿئون ٻي طبقي جي استحصال کي برداشت ڪري نه سگهنداسين.
پر جيئن تاج ۽ تخت جو اثر رسوخ محدود ٿي ويو ته انهن استحصال ڪندڙ ڌرين ۾ تڪرار ايڏو ته شديد ٿي ويو جو سڀ ڪو پنهنجي کل بچائڻ لاءِ غريبن جي ڦرلٽ جو ذميوار مخالف ڌر کي ڄاڻائي رهيو هو. ان بابت هتي وقتائتو ۽ تز مثال ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو. جڏهن 2 7 7 1 ع ۾ تولوز جي پارليامينٽ ۽ بادشاهه جي وچ ۾ ڇڪتاڻ عروج تي پهچي وئي ان ۾ پهرين ڌر جي تهمت هئي ته اسان جا غريب ماڻهو بک ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، ان جو ذميوار بادشاه سلامت آهي. ان جي برعڪس بادشاهه جو چوڻ هو ته:
”تولوز جي پارليامينٽ جي هٺ ۽ هوڏ جي ڪري اميرن جي حرص ۽ هٻڇ جو ڪارڻ ئي غريبن جي بدبختي آهي. هتي هڪ نقطو ذهن نشين ڪرڻ لائق آهي ته ٻئي ڌريون عوام کي هيءُ سمجهائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيون هيون ته سندن مٿان دٻدٻو ۽ رعب برقرار رکڻ لاءِ مصيبتن ۽ عذابن جو باعث شيطاني قوتون آهن ۽ هو پاڻ کي آجو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون.