خوشحاليءَ جو دور ۽ انقلاب جي آمد؟ _ اليڪس ڊي ڪوئِلي
ائين سرسري طور ڏسڻ سان دولت جي واڌاري جو ڪوبه مضبوط ۽ سگهارو ڪارڻ نظر ڪونه ٿو اچي. ڇو ته نيست ۽ نابود ٿي ويل انتظاميا جي ڪري صنعتي ترقي جي آڏو بي شمار رنڊڪون بڻيل آهن. ان ڪري اهڙي منجهيل صورتحال جي وضاحت، تشريح ۽ ان جي تدارڪ لاءِ ڏس پتو ڏيڻ سياسي ڏاهن جي وس کان به ٻاهر آهي. اهو اهڙو ئي مثال آهي جيئن ڊاڪٽر موئلر ڄاڻايو هو ته ڪوبه ماڻهو دوا درمل جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان پوءِ جيئرو رهي نه ٿو سگهي. محض ائين چوڻ ته جيئرو نه ٿو رهي سگهجي، اهو هڪ اڻ پورو جواب آهي.
ساڳيءَ ريت فرانس ۾ به اڻ پوري خوشحاليءَ جي زمري ۾ ٽئڪس جي عدم مساواتي طريقيڪار، مقامي طور ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻيل قاعدا قانون، واپاري ۽ ٻيا کوڙ سارا ادارا آهن، جن جي پت ساک نه هئڻ برابر آهي. ان هوندي به ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونهي ته ملڪ جي خوشحالي، ترقي ۽ ماڻهن جي گذرِ اوقات ۾ ڪنهن حد تائين سهنجهائي نمودار ٿي آهي. اڃا به تعجب جي ڳالهه ته سرڪاري مشينري ڊهي ڍير ٿي پئي آهي. انتشار ۽ نالائقي عروج تي آهي ته ان جو مطلب هيءُ بيهي ٿو ته سماجي ترقيءَ ۾ اضافو اچڻ جي بدران زوال اچڻ گهرجي. ان ترقي ۽ خوشحالي جا ٻه اهم ڪارڻ ڏسڻ ۾ اچن پيا، جنهن جي ڪري قومي خوشحاليءَ ۾ ترقي نمايان نظر اچي رهي آهي.
پهريون: جيتوڻيڪ سرڪار جارحانه ۽ جابرانه طرز جي ڪانه رهي آهي، پر ان هوندي به ايتري بااختيار آهي جو پنهنجن فرمانن کي پڌرو ڪرڻ ۽ عمل ڪرائڻ جي سگهه رکندي پئي آئي.
ٻيون: قومي بيهڪ يا جوڙجڪ ۾ هڪ اهڙو مٿاهون طبقو اڀري آيو، جيڪو ذهني طور آزاد ۽ روشن خيال هو. ان ڪري اهڙي هر هڪ ماڻهوءَ کي امير ۽ سکر ٿيڻ جو موقعو ملي پي سگهيو، جيڪو پنهنجي ذهن کي استعمال ڪندي خوشحاليءَ ۾ واڌارو آڻي سگهي.
ظاهري طور بادشاه سلامت پنهنجي زبان جو استعمال هڪ مالڪ جي حيثيت ۾ ڪندو هو پر عملي طور صورتحال مختلف هئي. هو عوام جي راءِ سان اختلاف به رکندڙ هو. ان هوندي به صلاح مصلحت کان سواءِ کيس ڪنهن به اٻهري قدم کڻڻ جي همٿ ڪانه ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس ذهن تي عام ماڻهن جو خوف به ڇانيل هوندو هو، جنهن ڪري انهن جي راءِ آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ۾ آناڪاني نه ڪندو هو. بهرحال فرمان روا کي ايتري به سگهه هروڀرو ڪانه هئي ته پنهنجي جاري ڪيل فرمان تي عمل ڪرائي سگهي.
انهيءَ ڏس ۾ 1784ع ۾ نيڪر(Necker) کُليءَ دل سان اعتراف ڪيو ۽ سرڪاري طور بيان جاري ڪندي چيو ته: ”ڪجهه پرڏيهي ماڻهن کي وهم ۽ گمان آهي ته اڄوڪي فرانس ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، اهو سڀ عام راءِ جو نتيجو آهي. ڇو ته انهن کي اها اڻ ڏٺل طاقت نظر ڪانه ٿي اچي، جيڪا تخت جي پويان ويٺل آهي، لاشڪ ته اها جيئري جاڳندي موجود آهي.“
هونئن گهڻي ڀاڱي ائين سمجهيو وڃي ٿو ته قوم جي عظمت ۽ اقتدار جو اهم ٿنڀو انتظاميا آهي. اها سوچ ڪنهن حد تائين درست آهي. پر ان انتظامي ڍانچي کي هلائڻ لاءِ جيڪا طاقت موجود آهي، ان کي به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. ان کي رڳو ٿورو پرانهون انگلستان ڏانهن نظر اڇلائڻ جي ضرورت آهي. اُتي آئيني سرشتي ۾ وروڪڙ ۽ پيچرا ايڏا ته منجهائيندڙ آهن جو انهن جو ڪاٿو اڄوڪي فرانس ۾ لڳائڻ مشڪل آهي، پر ان هوندي به يورپ جو ڪوبه اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو قومي ڌن ۽ دولت جي معاملي ۾ انگلستان سان ڪلهو ملائڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. انگلستان اندر خانگي شعبي ۾ بي تحاشا اضافو آيو آهي. ان جي تحفظ لاءِ ڪيترائي سگهارا اپاءَ ورتا ويا آهن. اتي فرد جي خوشحالي ۽ سماجي سرشتو ايترو هڪ ٻئي سان ڳتيل ڇو آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن خاص قانون جي ڪري وجود ۾ ڪونه آيو آهي، پر اهو نتيجو انگلستان جي آئين ۾ سمايل روح ۽ وابستگيءَ عنصر جو آهي. ائين به ٿيندو آهي ته، جيڪڏهن سياسي هيئت وڌيڪ سگهاري ٿيندي آهي ته سرشتي جي متاثر ٿيڻ کي به نظراندز ڪري نه ٿو سگهجي.
اهو ئي مکيه ڪارڻ آهي جنهن جي طفيل تمام ڇوهائيءَ سان خوشحالي آئي آهي. ائين ڪونهي ته عوام کي شيشي سنگهائي نستو ڪري ڇڏجي، پر هنڌ تحرڪ ۽ چرپر کي وڌائڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويا. عام ماڻهن جي اڪثريت مدي خارج ادارن کان لاتعلق بڻجي منهن موڙي چڪي هئي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ محروميءَ جو احساس وڌي رهيو هو. لاشڪ! هاڻي صورتحال چٽي ٿي اڀري آئي ته قوم هڪ انقلاب ڏانهن پيش رفت ڪري رهي آهي.
ان کان به وڌيڪ، فرانس جا اهي حصا جن ۾ ٻين علائقن جي نسبت وڌيڪ خوشحالي آئي هئي. اهي ئي علائقا انقلاب جا اثرائتا مرڪز بڻجي ويا. ان ڪري ئي فرانس جي فرمان روائيءَ جو رڪارڊ شاهد آهي ته اهي علائقا جيڪي ضلعي پئرس جي آسپاس موجود هئا جتي پراڻي نظام جي جاءِ جدت والاري رهي هئي، انهن آزاد علائقن جي هارين جي معاشي حالت پڻ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر هئي. ان حد تائين جو 9 8 7 1 ع جي آمدِ انقلاب کان اڳ ۾ ئي جبري پورهئي جو تصور به انهيءَ علائقي منجهان موڪلائي ويو هو. ان کان سواءِ محصول جي مد ۾ ٻين جي برعڪس چڱا چوکا سڌارا آندا ويا هئا.
محصول جي مد ۾ جيڪي سڌارا آندا پي ويا انهن کي نظر مان ڪڍڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان جي خواهش آهي ته ردوبدل جي عمل کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته بيڪار حالتن ۾ به ڪم ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته، ٽئڪس جي ردوبدل جو سرشتو مروج طريقيڪار کان مورڳو جداگانه هو. ان لاءِ ٽئڪس ڪمشنرن کي سرڪار پاران ساليانو منزل انداز ٿيڻ لاءِ اماڻيو ويندو ۽ عام ماڻهن کي گڏ ٿيڻ لاءِ سنيهو موڪليو ويندو هو. اتي ئي کليل عدالت ۾ ماڻهن جي مال ملڪيت جو ڪاٿو ۽ قيمت لڳائي ٽئڪس مڙهيو ويندو هو. ان طريقيڪار مطابق ٻنهي ڌرين کي ٻُڌڻ کان پوءِ گڏيل صلاح مصلحت سان آخري فيصلو ڪيو ويندو هو. انهيءَ سموري ڪارگذاري سان ٽياڪڙي جو مدي خارج طريقو مڪمل طور ختم ڪيو ويو هو.
محصول جو پراڻو سرشتو هڪ ڌڪ سان ختم ڪرڻ جي صورتحال به موجود ڪانه هئي، پر ان هوندي به سڌارن آڻڻ جي گنجائش موجود هئي ته ڪنهن به هڪ طبقي جي مٿان ٽئڪسن جو اضافي بار وجهي ان کي ترقي ۽ خوشحاليءَ کان محروم ڪيو وڃي. انهيءَ حوالي سان ٽئڪس گڏ ڪرڻ لاءِ جيڪي به سڌارا آندا ويا، انهن ۾ هڪ طبقو يعني صنعت ڪار ڪنهن حد تائين متاثر ٿيو. جيتوڻيڪ پراڻي ٽئڪس نظام جي جاءِ تي روينيو ٽئڪس جو سرشتو وڌيڪ ڪارگر بڻجي رهيو هو. ان ڪري مختلف علائقن جهڙوڪ لوائر (Loire) پوائيٽو(Poituo) ۽ برٽني جي وسيع جاگيرن ۾ محصول جو پراڻو سرشتو بحال رکيو ويو. ان ڪري آمدِ انقلاب جي وقت انهن علائقن ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي وئي ۽ رهواسين سخت جوش ۽ جذبي سان مزاحمت ڪئي.
اهي بگڙجندڙ حالتون فرانس جي اهڙن حصن ۾ نمودار ٿي رهيون هيون جتي ڪجهه نه ڪجهه سڌارا آيا هئا، پر عام ماڻهو ناخوش ۽ بيزار هئا. هونئن منطقي لحاظ کان اهو حساب ڪتاب ڪجهه عجيب و غريب لڳي ٿو، پر تواريخ ۾ اهڙا کوڙ سارا تضاد نظر اچن ٿا. ان ڪري ائين ضروري ناهي ته حالتون جڏهن بد کان بدتر ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيون هجن ته انقلاب اڻ ٽر ٿي وڃي. پر ان جي برعڪس ائين پڻ ٿيندو آهي ته جڏهن محڪوم محسوس ڪندا آهن ته حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ جبر جي گرفت ڍري ٿي رهي آهي ته هڪدم هٿيار کڻي اڀا ٿي پوندا آهن. هونئن سماجي ردوبدل جي مد ۾ ايندڙ انقلاب وڌيڪ ڪارائتو ۽ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي. تجربو پڻ ٻڌائي ٿو ته ڪنهن به سرڪار لاءِ اهڙو وقت سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي جڏهن اها سڀني رستن ۽ گذرگاهن کي بند ڪرڻ جي سوداءُ ۾ مبتلا ٿيندي آهي. اهڙين بگڙجندڙ حالتن ۾ ڪنهن به بادشاه لاءِ پنهنجو تاج ۽ تخت بچائڻ محال ٿي پوندو آهي، ان لاءِ سندس ذهانت ۽ عوام ڏانهن نرم روش ئي ڪنهن حد تائين بچاءُ جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي.
هونئن به جڏهن عوام جي ذهن مان قوت برداشت جو مادو ختم ٿي وڃي ته پوءِ ان کي ڏاڍ ۽ جبر سان دٻائڻ جي برعڪس بردباري ۽ عقلمنديءَ سان منهن ڏيڻ وڌيڪ سڦلائتو ڪارج ثابت ٿيندو آهي. اها به حقيقت آهي ته منڍ ۾ ڪجهه بي واجبيون ماڻهن جو ڌيان ڇڪائينديون آهن، پر اهي هڪ چڙ ڀرئي ردعمل کي ظاهر ڪرڻ لڳنديون آهن. ان ۾ ظاهري طور ماڻهن کي ڪنهن به جوکي رسڻ جو امڪان ڪونه هوندو آهي، پر انهن جي حس ۽ ساڃاهه ۾ اضافو اچڻ لڳندو آهي. هونئن به جاگيرداري نظام پنهنجي ڦوه جوانيءَ ۾ ظاهري طور قباحتن کان پاڪ نظر ايندو آهي ۽ ان جي خلاف ڪابه ڌڪار موجود ڪانه هوندي آهي، پر جيئن سندس بدبوءِ پکڙجڻ لڳندي آهي ته ڌڪار ۽ نفرت ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اها ساڳي صورتحال لوئي سورهين جي فرمانروائي سان لاڳو ٿي سگهي ٿي، جڏهن ظلم ۽ جبر جي سخت گير حاڪميت جي برعڪس مختصر طرز جي بي واجبين ۽ چهنڊڙين جي ڪري وڌيڪ ردعمل نظر آيو. ان جو ننڍڙو مثال اهو آهي ته بيومارشس (Beau Marchais) جي نظربندي سموري پيرس کي ڌونڌاڙي ڇڏيو.
1780ع ۾ ڪوبه ماڻهو، فرانس ۾ آيل ڀونچال ۾ ٺاپر اچڻ بابت ڪابه پيشنگوئي ڪرڻ کان معذور هو. ان جي برعڪس ائين پي نظر آيو ته اها اٿل سڀئي بند ڀڃي ۽ ليڪا لتاڙي ويندي. هاڻي ته انسان جي ترقي ۽ واڌاري بابت جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي ان هڪ اڻٽر حقيقت ۽ سچائيءَ طور مڃتا ماڻي ورتي آهي. هتي اهو به ذڪر ڪرڻ مناسب آهي ته ويهه ورهيه اڳ ڪوبه مستقبل بابت اڳ ڪٿي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڪونه هو پر 0 8 7 1 ع ۾ هڪ جوش ۽ جذبي جو اَجهل اظهار اڀري آيو. اهو واقعو هڪ ڪرشمي جي برابر هو جنهن ماڻهن ۾ سرهائي پيدا ڪري ڇڏي ۽ اهي خواب جيڪي فقط خواب هئا، انهن حقيقت جو روپ ڌاري ورتو. ماڻهو سڌاري يا ردوبدل جو حيران ڪندڙ لقاءُ بڻجي پيا.