هڪ ساميه واد ڪميونسٽ جو حسب نسب: ائڊگر سِنو
مون، مائوزي تنگ جي آڏو پنج يا 6 سوال ترتيبوار ڌار ڌار مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ رکيا. هو سوالن تي راتين جون راتيون ڳالهائيندو رهيو پر اِها ڳالهه محسوس ڪيم ته کيس ڪٿي به پنهنجي ڪردار ۽ جدوجهد کي مٿڀرو ۽ منفرد نموني پيش ڪرڻ جي هورا کورا ڪونه هئي. ان ڪري مون کي ابتدا ۾ ئي محسوس ٿيو ته سندس جِندُ بابت ڪا مفصل معلومات حاصل ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. ڇو ته هُن جي نظر ۾ فرد جي حيثيت ۽ پد مختصر آهي. جنهن ڪري اڃا به ٻين سُرخن (Reds) کان جڏهن به حال احوال وٺڻ شروع ڪندو هيس ته اهي سدائين ڪاميٽين، تنظيمن، فوج، مقصد، جنگ و جدل، حرفت، اپائن ۽ اهڙن ٻين لاڳاپيل اسمن تي ڳالهائڻ لاءِ اڳ کان اڳرا هئا پر ذاتي تجربن جو ذڪر ورلي ڪندا هئا. اها ساڳي روش مائوزي تنگ جي پڻ هئي.
مان ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به سوچيندو رهندو هيس ته اُهي اهڙن سوالن تي کلئي دل سان ڳالهائڻ لاءِ ان ڪري ذهني طور تيار ڪونه آهن، جو متان سندن ساٿين جي پردي پويان لڪل سترپوشي ظاهر ٿي پوي ۽ انهن جي انفرادي حيثيت جو وڌيڪ اجاڳر ٿيڻ تحريڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي. اڃا به انهن جي ذهن ۾ ويٺل خوف کي رد ڪري نه ٿو سگهجي ته سندن ڪيترن ئي ساٿين جي سِرن مٿان انعام رکيل هئا، انهن جو نمودار ٿيڻ جوکو کڻڻ جي برابر هو پر ٿورو ويجهو ٿيڻ کان پوءِ منهنجا سڀئي قياس ۽ انومان رد ٿي پيا. ڇو ته مون ڏٺو ته انهن مان ڪيترن کي پنهنجي زندگيءَ جا لاها چاڙها ۽ ذاتي تجربا ياد ئي ڪونه هئا. اهو هيئن ته جڏهن، مان، انهن منجهان ڪجهه ڪميونسٽن جون سوانح عمريون گڏ ڪرڻ شرع ڪيون ته، هڪ اهم نقطو پڌرو ٿي سامهون آيو ته ڪميونسٽ کي ان حد تائين پنهنجي حياتي بابت يادگيريون آهن، جيستائين اهو هڪ فرد طور ليکيو ۽ ڄاتو ويندو هو پر جيئن ئي اهو فرد سرخ فوج جو حصو بڻجي ويو ته کانئس پنهنجي جداگانه حياتي بابت سڀ ڪجهه وسري ويو.
ها! فقط هن جي ذهن تي فوجي جدوجهد، ڪميون/برادري، پارٽيءَجي ذميواري ڇانئجي ويل هئي. اهي ماڻهو ڪنهن به لڙائي، حادثن ۽ تحريڪن بابت تز تاريخ ۽ نتيجن بابت بنا ڪنهن هٻڪ جي آگاهي ڏئي سگهندا هئا. ان حد تائين جو اهڙن واقعن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به هوندا هئا جن ۾ ڪڏهن به حصو ڪونه ورتو هئائون پر اها ڄاڻ به ڪنهن فرد جي ساراهه ۽ ثناخوانيءَ بدران مجموعي ڪارڪردگيءَ بابت هوندي هئي. ڇو ته، سندن نظرن ۾ تاريخ جي جوڙجڪ ۾ فرد کان وڌيڪ سرخ فوج جو ڪردار مٿانهون آهي. ان جي پويان هڪ مڪمل نظريو ڪارفرما آهي، جنهن لاءِ سِر جون سٽون ڏئي رهيا آهن، اها منهنجي لاءِ هڪ نواڻ هئي، جيڪا اکرن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
هڪ رات، جڏهن منهنجا سڀئي پڇيل سوال پورا ٿيا ته مائو پنهنجي آڏو رکيل فهرست تي مٿاڇري نظر وڌي، جنهن ۾هڪ ڪنڊائتو سوال به ٽنبي ڇڏيل هو: ”ذاتي تواريخ؟“ ان سوال کي پڙهندي سندس منهن تي مُرڪ اچي وئي. مان امالڪ کانئس سوال ڪيو: ”توهان ڪيترا ڀيرا شاديون ڪيون آهن؟“ پر سوال جو افواهن جي بازار ۾ وري هڪ ٻيو مطلب ورتو ويو. مون مائو کان پڇيو آهي ته، کيس گهڻيون زالون آهن؟ هونئن به هن کي پنهنجي جيون ڪٿا جي باري ۾ گهڻي ڊيگهه پٽاڙ ڪرڻ ۾ دلچسپي نه هئڻ برابر هئي، پر مون پنهنجي دليل کي اڳڀرو ڪندي چيو ته، ماڻهن کي ذاتي زندگيءَ بابت سڌ سماءُ حاصل ڪرڻ ۾ ڪشش رهي ٿي. ”ماڻهو ڄاڻڻ گهرن ٿا ته، تون شخصي طور ڇا ۽ ڪيئن آهين؟“ مون کيس ٻڌايو: ”انهن کي جڏهن تو بابت ڄاڻ ملندي ته ان جي موٽ ۾ توکي موقعو ملندو ته غلط افواهن کي رد ڪري سگهين.“
مون کيس يادگيري ڏياري ته ڪيئن ماڻهن ۾ اوچتو سندس وفات متعلق خبر پکڙجي وئي. ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته پرڏيهي ٻولين منجهان فرينچ ڳالهائڻ تي توکي عبور حاصل آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وري توهان کي هڪ اڻ گهڙيو ڪاٺ ۽ محض هاري سمجهن ٿا. جڏهن ته ڪيترن جو خيال آهي ته، تون تپ دق ۾ ورتل مريض آهين ۽ ڪي سائينءَ سنواريا ته مورڳو توکي جنوني ۽ اڌ مغزي ليکين ٿا. هو اهڙن احوالن ٻڌڻ کان پوءِ تپرس ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، ڇا ماڻهن وٽ ايترو وقت ۽ فرصت آهي جو منهنجي باري ۾ اهڙا ڳپوڙا ۽ ڌڪا هڻندا وتندا آهن. ان کان پوءِ هو مون سان سهمت ٿيو ته اهڙن افواهن بابت ڪجهه نه ڪجهه درستگي ٿيڻ گهرجي. ائين مائو ٻيهر کليل سوالن کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو، جيڪي سندس اڳيان رکيل هئا.
آخرڪار ڊگهي ماٺ کي ٽوڙيندي چوڻ لڳو: ”فرض ڪيو ته توهان جي ٽڙيل پکڙيل سوالن کي پاسيرو ڪري محض پنهنجي زندگيءَ جو عام رواجي خاڪو پيش ڪيان ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ مان سمجهان ٿو ته اهو طريقو سڀ کان وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿيندو ۽ آخر ۾ توکي خودبخود خبر پئجي ويندي ته تنهنجي سڀني پڇيل سوالن جا جواب ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ملي ويندا.“
اهڙيءَ طرح طويل راتين ۾ ڪيل ڳالهين ٻولهين ۾اسان جي هڪ ٻئي لاءِ راءِ هڪ آڏي پڇا ڪندڙ ۽ اندر ۾ لڪل ڪيفيتن کي نروار ڪري بيهارڻ جهڙي رهندي آئي. اسان هڪ غار جي اندر رکيل ميز جنهن جي مٿان سرخ پوش رکيل هو، ان جي چوڌاري ميڻ بتين جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڳالهين ۾ ايترو ته محو ٿي ويندا هئاسين جو ڪل ئي ڪانه پوندي هئي. مان اوستائين پيو لکندو رهندو هيس، جيستائين ٿڪجي سمهي نه پوندو هئس. هونئن منهنجي پاسي وُوُ ليانگ پنگ هڪ ترجمان طور ويهندو هو، جيڪو مائوءَ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڳالهائيندڙ نازڪ ۽ نفيس ٻوليءَ کي آسان جملن ۾ منتقل ڪندو رهندو هو. مائو جيڪي ڪجهه ڳالهائيندو رهيو ،ان جو وسيلو سندس يادگيرين سان لاڳاپيل هو. مان انهن يادگيرين کي تڙ تڪڙ ۾ ڪاغذ تي اتاريندو ويندو هئس.
مان اڳ به ذڪر ڪري آيو آهيان ته، انهن لکڻين کي ٻيهر ترجمو ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو ڪم به ڪندو رهندو هيس. ان جي ڪري منهنجي لکڻين ۾ ڪٿي به اوهان کي ادبي ذوق جو پاڇولو به نظر ڪونه ايندو. ان ۾ ٿورو ٿڪو مسٽر وُوُ جي صلاح ۽ معمولي درستگيءَ جو عمل دخل رهندو آيو.
”منهنجو جنم 3 9 8 1 ع ۾ هُونان صوبي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ شائوشان (Shao Shan) ۾ ٿيو. منهنجي والد جو نالو مائو جين¸ شنگ (Mao Jen- Sheng) ۽ امڙ جو نالو وين چي مي (Wenchi-Mei) هو.
منهنجو پيءُ هڪ غريب هاري هو. غربت جي ڪري جوانيءَ ۾ مقروض بڻجي فوج ۾ وڃي شامل ٿيو. هو، فوج ۾ ڪيترائي ورهيه نوڪري ڪندو رهيو. پر جيئن ئي فوج منجهان فارغ ٿي ڳوٺ پهتو ته آءٌ پيدا ٿيس. ان ڳوٺ ۾ معمولي طرز جي وڻج واپار ۽ ٻين وسيلن سان ڪجهه ساه پٽڻ جي لائق ٿيو. هُن بچايل رقم منجهان گروي ٿيل زمين آزاد ڪرائي. ائين منهنجي گهراڻي وٽ اڍائي ايڪڙ زمين اچي وئي ۽ بابا خوشحال هاريءَ جي زمري ۾ليکجڻ لڳو. ان ٻنيءَ منجهان ساليانو لڳ ڀڳ 8000 هزار (اَٺ هزار) پائونڊ چانورن جي پيداوار ٿيندي هئي. ان مجموعي اناج منجهان اڌ کان ٿورو ڪسيرو بچت ٿيندي هئي. ان بچت مان جڏهن چڱيرڙي رقم گڏ ٿي ته ابي وڌيڪ سوا ايڪڙ ٻني خريد ڪئي. ان کان پوءِ اسان جو گهراڻو اميرن جي صف ۾ شمار ٿيڻ لڳو. اسان جي پيداوار ۾ به ڏهه هزار پائونڊ چانورن تائين واڌارو ٿي ويو.
مان جڏهن ڏهن ورهين جو هوس ته اسان جي گهراڻي وٽ اڍائي ايڪڙ ٻني هئي. اسان جو ڪٽنب پنجن ڀاتين تي مشتمل هو، جن ۾ بابو امڙ، ڏاڏو، ننڍڙو ڀاءُ ۽ مان شامل هئاسون. اسان جڏهن وڌيڪ ٻني خريدڪئي ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو ڏاڏو گذاري ويو. پر ستت ئي مون کي هڪ ٻيو ڀاءُ ڄائو. ان هوندي به اسان جي اناج جي اپت ۽ بچت جو تناسب ساڳيو رهندو آيو، نتيجي ۾ وڌيڪ خوشحالي آئي.
جنهن زماني ۾ منهنجو پيءُ وچٿري هاري طبقي ۾ شمار ٿيڻ لڳو ته، هن اناج جي خريداري ۽ وڪري جي ڪاروبار کي ٿورو وسيع ڪيو، جنهن مان سندس آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ائين ڪجهه وقت کان پوءِ هو امير هارين ۾ شمار ٿيڻ لڳو جنهن ڪري واپار کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ منهنجي پيءُ زمين جي ڪڙمت لاءِ کيت مزدور آندا ۽ گهر ڀاتين يعني امڙ سوڌو سڀني کي پڻ ٻنيءَ تي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ موڪلڻ شروع ڪيو. آءٌ ٻنيءَ تي محض ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪڙمت جو ڪم ڪرڻ لڳس. منهنجي پيءُ کي ڌنڌي لاءِ ڪابه بيٺڪ ۽ دوڪان ڪونه هو. ان ڪري هو غريب هارين کان اناج خريد ڪري شهر ڏانهن کڻي ويندو هو. اتي اناج وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪري چڱو چوکو منافعو ڪمائيندو هو.
جڏهن سياري جي آمد وقت لاباري جو وقت ويجهو پوندو هو ته ابو وڌيڪ مزدور آڻي لاب کي اڪلائي وٺندو هو ته جيئن اناج جا انبار موجود رهن. هونئن به منهنجي خاندان ۾ ڪفايت شعاريءَ جي سختيءَ سان پيروي ڪئي ويندي هئي. انڪري اناج جون گُنديون سدائين ڀريل هونديون هيون.
مون تعليم جي شروعات ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ اٺن ورهين جي ڄمار ۾ شروع ڪئي. ان اسڪول ۾ تيرنهن ورهين تائين پڙهندو رهيس. ڀنڀرڪي مهل اسڪول ۽ شام جو ٻنيءَ تي ڪم ڪار ڪرڻ ويندو هيس. باقي ڏينهن جو ڪنفيوشس جو فلسفو ۽ چار آڳاٽي دور جا ڪتاب پڙهندو هيس. منهنجو چيني استاد مزاج جو سخت ۽ ڪٺور دل هو. استاد صاحب ايترو ته ظالم ۽ بي رحم هو جو معمولي غلطيءَ تي به مارڪٽ ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندو هو، اهڙي دهشتگرد وايومنڊل ۾ منهنجي لاءِ جالڻ سخت مشڪل ٿي پيو ۽ اسڪول منجهان ڀڄي ويس.
ان زماني ۾ منهنجي عمر لڳ ڀڳ ڏهه سال هئي. مان، ڊپ ۽ هراس ۾ ايترو ته ڀرجي ويس جو گهر ڏانهن منهن ڪرڻ به مناسب نه سمجهو. ڇو ته اتي به منهنجي لاءِ مارڪٽ ملڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هو. ائين پنهنجي روءِ سوءِ ۾ ڄڻ ته شهر ڏانهن رخ رکيم، جيڪو منهنجي خيال ۾ ڪنهن ماٿريءَ ۾ هو. مان سانده ٽي ڏهاڙا هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. نيٺ گهر وارن ڳولي اچي لڌو. اڳتي هلي مون کي خبر پئي ته جيترو به گهر کان ٻاهر رلندو ۽ ڀٽڪندو رهيس سو محض ميل جي 4/3 حصي ۾ ڦيرا پائيندو رهيو هيس.
آءٌ جڏهن گهر ۾ موٽي آيس ته هڪ اچرج ۾ وجهندڙ لقاءُ ڏسڻ ۾ آيو ته حالتن ۽ روين ۾ چڱو خاصو ڦيرو اچي چڪو هو. منهنجي پيءُ جي مزاج ۾ به ٿوري ٿڪي لچڪ ۽ نرم مزاجي ڏسڻ ۾ پي آئي. ان کان علاوه ماستر به ڪجهه معتدل مزاج بڻجي پيش اچي رهيو هو. مون کي وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته اهڙي احتجاج ڪرڻ جو ڦل ائين به ملندو آهي. اها سچ پچ ته هڪ ڪامياب ”هڙتال“ هئي.
منهنجي پيءُ جو خيال هو ته مان ستت ئي ايترو ڪجهه سکي وٺان جو لکپڙهه يا حساب ڪتاب جو ڪم اڪلائڻ جي قابل ٿي پوان. ان ڏس ۾ سدائين سندس زور هوندو هو ته انگي حساب ۽ کوڙا سکي وٺان. ان ڪري رات جو دير تائين انگي حساب ۽ کوڙن سان مغز ماري ڪندو هيس. منهنجو پيءُ لاشڪ ته هڪ سخت گير طبيعت جو مشقت وٺندڙ منش هو. هو جڏهن به مون کي واندو ڏسندو هو ته مٺيان لڳندي هيس ۽ بيٺي پير ٻنيءَ ڏانهن ڪڙمت لاءِ اماڻيندو هو. هو سدائين آپي کان ٻاهر رهندڙ شخص هو، جنهن ڪري مون کي ۽ منهنجن ڀائرن کي مار ڪٽ ڪرڻ لاءِ سدائين هڪيو تڪيو رهندو هو. هو اسان کي خرچ پکي لاءِ پئسو پائي به ڪونه ته ندارد کاڌ خوراڪ به اڻ پوري ڏيندو هو. هرهڪ مهيني جي پندرهين تاريخ تي کيت مزدورن کي چانور ۽ بيضا رعايت ۽ مهربانيءَ طور کاڌ خوراڪ ۾ ڏنا ويندا هئا. پر مان ته ان ڪرم نوازيءَ کان به محروم رهندو هيس.
منهنجي جيجل امڙ هڪ نرم سڀاءُ جي همدرد ۽ هٿ جي ڪشادي عورت هئي ۽ سندس وس ۽ پهچ ۾ جيڪي به ڪجهه هوندو هو ته ٻين سان ڀاڱي ڀائيواري يا ونڊ ورڇ ڪرڻ ۾ خوش ٿيندي هئي. ان کي خاص ڪري غريبن جي حالت ڏسي ڏاڍي ڪهل ايندي هئي. جنهن ڪري ڏڪار جي زماني ۾ ڪوبه گُهرجائو ايندو هو ته ان کي چانور ڏيڻ مهل سخاوت کان ڪم وٺندي هئي پر اهو سڀ وهنوار ابي جي غيرموجودگيءَ ۾ هلندو هو. ڇو ته هو خيرات يا سخاوت کي سخت ناپسند ڪندو هو. ان ڪري اسان جي گهر ۾ ٻارهوئي ڪهرام متل هوندو هو.
اسان جو گهر واضح طور ٻن ڌرين ۾ورهايل هو: هڪ پاسي منهنجو پيءُ يعني صاحبِ اقتدار هو، ته ٻئي پاسي امڙ، ڀائر ۽ ڪڏهن ته کيت مزدور به اسان سان شامل ٿيندا هئا. پر مخالف ڌر جي ”گڏيل محاذ“ ۾ اختلاف راءِ به موجود هوندي هئي. منهنجي امڙ جي پاليسي هئي ته حملو سدائين اڻسڌيءَ طرح ڪرڻ گهرجي. هوءَ سدائين هوش ۽ حواس کان ٻاهر نڪري صاحب اقتدار کي للڪار ڪرڻ ۽ کلم کلا بغاوت جي عمل کي اجايو ۽ بيسود سمجهندي هئي. امڙ جو چوڻ هو ته اهو عمل مورڳو چيني رسم و رواج جي ابتڙ آهي.
جڏهن پندرهن ورهين جي پيٽي ۾ پهتس ته هڪ سگهارو ۽ اثرائتو طريقو ڳولي ڪڍيم. جنهن مطابق اَبي سان سندس سوالن جي روشنيءَ ۽ دليلن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽائيندو هيس. ان لاءِ غيرمعمولي دليل ڏيڻ ۾ به گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. منهنجي پيءُ جي مون تي هڪ دلچسپ تهمت ۽ الزام تراشي هوندي هئي ته بي مروت ۽ ڪاهليءَ جو ڀنڊار آهيان. مان وري موٽ ۾ پڙهيل ڪتابن منجهان پنهنجي بچاءَ طور حوالا ڏيندو هيس ته وڏي کي مهربان ۽ درياءُ دل هئڻ گهرجي. جيتريقدر سست ۽ ڪاهل هئڻ جو الزام آهي ته وراڻيءَ ۾ ان کي رد ڪندي چوندو هيس ته وڏي عمر جي ماڻهن کي ٻارن جي ڀيٽ ۾ ڪم وڌيڪ ڪرڻ گهرجي. هونئن به عمر جي لحاظ کان ٽيڻ تي وڏا آهيو، ان ڪري جڏهن مان سندس عمر جو ٿيندس ته تحقيق وڌيڪ سگهه ۽ ساڃاهه سان ڪم ڪندس.
اسان جو پيءُ مايا جي موهه ۾ايترو ته ڦاسي چڪو هو جو کيس ٻيو ڪوبه ڌيان ۽ پرواه ڪانه هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڳوٺ جي امير ماڻهن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿانهون شمار ٿيڻ لڳو. هُن هاڻي سنئون سڌو زمين خريد ڪرڻ جو وهنوار ترڪ ڪري ڇڏيو. البته هو ماڻهن جون زمينون گروي رکڻ جو ڪاروبار ڪرڻ لڳو. ائين سندس پونجيءَ ۾ ٻن کان ٽن هزارن ڊالرن جو اضافو ٿي ويو.
اهڙين حالتن، منهنجي مَن ۾ متل آنڌ مانڌ ۾ ويتر واڌارو ڪري ڇڏيو. ان ڪري اسان جي ڪٽنب ۾ منطقي ۽ عقلي لحاظ کان جدوجهد ڪرڻ جو رجحان وڌيڪ پڪو پختو ٿيڻ لڳو. اهڙي ئي هڪ حادثي جي ياد منهنجي مَن تان اڄ تائين ميسارجي ڪونه سگهي آهي. مان جڏهن تيرهن ورهين جو هيس ته هڪ لڱا پيءُ ڪجهه مهمانن جي گهر ۾ دعوت ڪئي. مهمانن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان اسان ٻنهي جي وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو. منهنجي پيءُ، مهمانن جي موجودگيءَ کي نظرانداز ڪندي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ ليڪا لتاڙي مون کي ڪاهل، بيڪار ۽ بي همٿ جي لقبن سان نوازيو. مان به آپي کان ٻاهر ٿي ويس ۽ موٽ ۾ کيس گارگند ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ گهر منجهان نڪري هليو آيس.
منهنجي امڙ پوئتان ڊوڙندي آئي ۽ منٿ ميڙ ڪري مون کي واپس وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پوءِ ته منهنجو پيءُ به ڀَڄندو آيو ۽ لعنت ملامت ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪم ڏيڻ لڳو ته، آءٌ گهر موٽي هلان. مان به هلندو هڪ تلاءَ جي ڪناري تي پهچي ويس ۽ دڙڪو ڏنم ته، ڪوبه ويجهو ايندو ته پاڻ کي تلاءَ ۾ اڇلائيندس. ان حالت ۾ مطالبا ۽ تکيون مٺيون ڳالهيون به ٿينديون رهيون ته جيئن گهرو لڙائيءَ جي وڌندڙ امڪان کي روڪي سگهجي، پر منهنجي پيءُ جو سڀ کان اڳ ۾ پرزور مطالبو هو ته مان پهريائين چيني انداز ۾ گوڏا کوڙي معافيءَ جو طلبگار ٿيان ته پوءِ صلح سانت بابت ڳالهيون ٿي سگهنديون. آءٌ ان حد تائين رضامند ٿيس ته هڪ گوڏو کوڙي معافي وٺندس، ته هو اڳتي لاءِ مار ڪُٽ ۽ گند گار نه ڪندو. ائين هڪ جنگاڻ جي پڄاڻي ٿي. ان صورتحال منجهان، مون اهو پرايو ته جڏهن پنهنجن حقن جي حصول لاءِ باغيانه طريقو اختيار ڪيم ته مورڳو ابي جا ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا. پر مان جيستائين ٿڌو ٿانهرو ۽ فرمانبردار رهندو آيس ته هو سدائين مارڪٽ ۽ گارگند ڪرڻ ۾ اُڀو ٿي بيهندو هو.
ائين اڳتي هلي بابي جي سخت مزاج ۽ ڪٺورتا ڀريل ورتاءُ سندس ئي شڪست جا ڪارڻ بڻيا. مان، کانئس حد کان به وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳس ۽ اسان سچ پچ ته گهر ۾ سندس خلاف محاذ جوڙي ورتو هو. ساڳي اها صورتحال منهنجي لاءِ ڪارائتي ۽ لاڀائتي ثابت ٿي، ڇو ته مان وڌيڪ محنتي ۽ اورچ بڻجي ويس، جنهن ڪري پنهنجن ڪتابن ۽ ٻين شين کي ترتيب سان رکڻ لڳس ته جيئن ڪو طعنو تنڪو نه ڏئي.
منهنجي پيءُ جي تعليم محض ٻن ورهين تائين حاصل ڪيل هئي. هو ان حد تائين ڄاڻ رکندو هو ته ڪچو ڦڪو حساب ڪتاب سنئون سڌو رکي سگهي. منهنجي امڙ ته نپٽ اڻ پڙهيل هئي. ٻنهي جو واسطو هاري گهراڻي سان هو. مان ئي اڪيلو سڄي ڪٽنب ۾ ”ودوان“ هيس ۽ آڳاٽي دور جي علم ۽ تاريخ بابت چڱي موچاري ڄاڻ رکندڙ هيس. پر ان ۾ منهنجي دلچسپي ۽ چاهت نه هئڻ برابر هئي. مان آڳاٽي چين جي رومانوي قصن ۽ ڪهاڻين کي وڌيڪ پسند ڪندو هيس ۽ خاص ڪري اهڙا داستان جن ۾بغاوت ۽ ويڙهه جا ڪارناما شامل هوندا هئا.
منهنجي مطالعي هيٺ رهندڙ خاص ڪتابن ۾: ”يوفئي جو اتهاس (The Yo Fei Chronicles) پاڻيءَ جو ڪَپر، (The Water Margin) تانگ خلاف بغاوت (Revolt Against the Tang) ٽي بادشاهتون (The Three Kingdoms) ۽ اولهه ڏانهن سفر (Travles in the West) شامل هئا. انهن ۾ پويون ڪتاب ستين صدي عيسويءَ جي سياح هوسئن زانگ جي هندوستان بابت سفرنامي جو نيم افسانوي داستان آهي. آءٌ جيئن جيئن سرت ڀريو ٿيڻ لڳس ته اهڙن ڪتابن پڙهڻ ۾ چاهه وڌڻ لڳو. ان جي ابتڙ ڪلاس ماستر اهڙن ڪتابن کي غير قانوني ۽ مدي خارج سمجهي مطالعي کان منع ڪندو هو. مان به انهن ڪتابن کي پوشن ۾ ويڙهي اسڪول ۾ ئي پڙهندو هوس.
اها ساڳي ڪرت، منهنجا ٻيا هم ڪلاسي به ڪندا هئا. اسان کي اڳتي هلي ڪيتريون ڪهاڻيون برزبان ياد ٿي ويون، جنهن ڪري هم ڪلاسي هڪ ٻئي سان وندر ۽ ورونهن خاطر ڪهاڻيون بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ بحث مباحثو به ڪندا هئاسين. اسان داستان گوئيءَ ۾ ڳوٺ جي پوڙهن کان به گوءِ کڻي وياسين جو اهي پڻ سڪ ۽ پيار سان ڀر ۾ اچي ويهندا هئا، پر آءٌ محسوس ڪرڻ لڳس ته انهن داستانن ۽ بحث مباحثن جا ڪجهه دائمي عڪس ذهن تي اثرانداز ٿي رهي هئا.
انت ته تيرهن ورهين جي عمر ۾ اسڪول کي الوداع ڪيم ۽ پنهنجو گهڻو وقت ٻنيءَ تي کيت مزدورن سان گڏجي پورهيو ڪرڻ ۾ مصروف گذارڻ لڳس ۽ باقي وقت ۾ پيءُ جي حساب ڪتاب کي به سنڀاليندو رهيس. جيتوڻيڪ، مون مطالعي جي عادت ۾ ڪوبه فرق ڪونه وڌو هو ۽ سواءِ روايتي ڪتابن جي، باقي ڪتابن کي ڄڻ ته چَٽي ڇڏيو هئم پر منهنجي ان عادت کي بابو مورڳو حقارت سان ڏسندو هو. هن جي راءِ هئي ته روايتي يا مروج ڪتابي مطالعو ڪريان ته جيئن مروج معاملن ۾ مونجهارن کي منهن ڏيڻ ۾ سولائي ٿئي، خاص ڪري هڪ مقدمي ۾ هار کان پوءِ روايتي مطالعي جي حمايت ۾ سندس روش وڌيڪ جارحانه بڻجي وئي هئي.
مون ان صورتحال جو علاج هيئن ڳولي لڌو ته، رات جو مطالعي وقت در دريون بند ڪري ڇڏيندو هيس ته جيئن بابو روشني ڏسي نه سگهي. انهيءَ دور ۾مون هڪ ڪتاب بعنوان ”چتاءُ جا لفظ“(Words of Warning) پڙهيو، جيڪو سدائين پسنديده ڪتابن منجهان رهندو آيو. ان ڪتاب جو ليکڪ بنيادي طور اصلاح پسند تحريڪ جو طرفدار هو. ان جي راءِ مطابق چين جو اگهور ننڊ ۾ غلطان هئڻ جو اهم ڪارڻ هيءُ آهي ته اسين مغرب جي برڪتن کان فيضياب ٿي نه سگهيا آهيون. انهن برڪتن ۾ ريلوي، ٽيليگراف، آگبوٽ به اچن ٿيون.جن جي هن ملڪ کي سخت ضرورت آهي. منهنجي پيءُ جي سوچ مطابق اهڙن ڪتابن جو مطالعو بيڪار ۽ وقت جو زيان آهي. ڇو ته روايتي ۽ مروج ڪتابي علمن مان نفعي حاصل ٿيڻ جو امڪان چٽو آهي، خاص ڪري عدالتن ۾ سودمند ثابت ٿيندو.
آءٌ لڳاتار روماني ادب ۽ چيني لوڪ ڪهاڻيون پڙهندو رهيس. مون کي پڙهائيءَ دوران هڪ ڏهاڙي محسوس ٿيو ته انهن سڀني ڪهاڻين ۽ داستانن ۾ هڪ مخصوص طرز جي يڪسانيت آهي ۽ انهن ۾ ڪٿي به هر ڪاهيندڙ هاري سورمي جي حيثيت ۾ موجودگي ڪونهي. ائين گهڻي ڀاڱي سڀئي ڪردار جنگي ويڙهاڪ، آفيسر، يا ڏاها ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪنهن به هاريءَ جو ان صف بنديءَ ۾ پتو کُرو ڪونه ٿو ملي. مان ان سوچ، فڪر ۾ حيرانگيءَ جي حد تائين سانده ٻه ورهيه غوطا کائيندو رهيس ته آخر هاري سورمو ڇو نه ٿو بڻجي سگهي ۽ نيٺ مان انهن ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي کي حل ڪرڻ لاءِ تهه تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انت، ان نتيجي تي پهچي ويس ته انهن ڪهاڻين ۽ داستانن جي طمطراق ۽ ڀڀڪيدار سورمن جو آب و تاب سان ان لاءِ ذڪر آهي ته اهي ماڻهن جي مٿان حڪمراني ڪندڙ هئا، انهن منجهان ڪنهن به پوکي راهي ڪانه ڪئي هئي، ڇو ته اُهي جاگيرن جا مالڪ هئا ۽ هارين کي سندن زمينن تي پورهئي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو.
منهنجو پيءَ اوائلي دور کان وٺي ڪرڙوڍ ڄمار تائين مذهبي لحاظ کان تشڪيڪ پرست (Sceptical) هو. جڏهن ته اسان جي امڙ مڪمل مذهبي خيالن جي هئي. هُن پنهنجي سڀني ٻارن کي به مذهبي دڳ سان لڳائي ڇڏيو هو. اسان کي مذهب متعلق بابي جي ورتاءُ تي سخت افسوس ۽ ارمان رهندو هو ته هو دهريو آهي. آءٌ جيئن ئي نَوَن ورهين جو ٿيس ته امڙ سان سنجيده نموني ويهي پيءُ جي لامذهبي طريقه ڪار بابت بحث مباحثو ڪندو هيس. اسان ڪيترائي ڀيرا کيس اِن هوڏ تان لاهڻ لاءِ جتن ڪيا، پر سڀئي بيڪار ثابت ٿيا. اڃا به وڌيڪ زور ڀرڻ تي هو سڀني تي اهڙي ته جارحانه لعنت ملامت ڪندو هو، جو وايون ولڙيون ٿي وينديون هيون. اسان وري ڪنهن نئين ترتيب سان ابي کي سنئين راهه تي آڻڻ لاءِ رٿون رٿيندا هئاسون، پر هو ڪنهن به نموني سان ديوتائن جي آڏو سيس نوائڻ لاءِ تيار ڪونه هو.
منهنجو مطالعو، نيٺ، مون تي اثرانداز ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري مان مورڳو اڳتي هلي وڌيڪ تشڪيڪ پرست بڻجي ويس. منهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ايندڙ نواڻ جي اظهار امڙ کي وڌيڪ ڏکڻهارڪو ڪري ڇڏيو. هو ويچاري حيلا هلائڻ لڳي ته، مان ڪيئن به ڪري اهڙي سوچ ۽ فڪر تان هٿ کڻي وڃان ۽ ايمان جي راهه اختيار ڪيان، پر منهنجو پيءُ اهو لقاءُ پري کان ڏسندو ۽ ماٺ ۾ رهندو هو. ان کان پوءِ ڇا ٿيو جو هڪ ڏهاڙي منهنجو بابو رقم جي اوڳاڙي لاءِ ٻاهر ويل هو ۽ رستي تي اوچتو شينهن جي منهن پئجي ويو، شينهن، ائين اوچتو ماڻهوءَ کي بيٺل ڏٺو ته حيران ٿي پوئين پير کسڪي ويو، پر منهنجو بابو وڌيڪ اچرج ۾ پئجي ويو ۽ جان بچي وڃڻ جي اهڙي ڪارج کي ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه هو. پوءِ هُن دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ديوتائن بابت آئنده لاءِ اڍنگي گفتگو کان پاسو ڪندو. ان ڪري اڳتي هلي هُن مهاتما ٻڌ لاءِ عزت ۽ احترام واري هلت اختيار ڪئي ۽ چڙ ۽ بيزاري جي طريقه ڪار کان ڪنڊائتو ٿيڻ لڳو. پر ان هوندي به پوڙهي مڙس، منهنجي من ۾ وڌندڙ انحراف واري سوچ ويچار کي لتاڙڻ جو حيلو بهانو ڪڏهن به اختيار ڪونه ڪيو. هو اڪثر ڪري ديوتائن جي آڏو آزي نيزاري به ان وقت ڪندو هو جڏهن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪندي هئس.
منهنجي من ۾ چتاءُ ڀريل لفظ (Words of Warning) پڙهڻ کان پوءِ ته ڄڻ مانڌاڻ متل هو ته وڌيڪ مطالعو ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيان. مان ٻنيءَ پورهئي جي ڪرت منجهان به ڄڻ ته بيزار ٿي چڪو هيس. منهنجي پيءُ کي ته لازمي طور اهڙي روش جي مخالفت ڪرڻي هئي. اسان جي وچ ۾ نيٺ دنگو فساد ٿي پيو ۽ مان گهر کان ڪوچ ڪيو. مان هڪ بيروزگار پر قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ دوست وٽ وڃي پهتس ۽ اتي مان اڌ ورهيه کن قانون جو مطالعو ڪندو رهيس. ان کان پوءِ چين جي آڳاٽي ادب، چين جي فيلسوفن کي پڙهڻ سان گڏوگڏ همعصر ۽ ڪجهه لاڳاپيل ڪتابن کي به نظر منجهان ڪڍي ورتم. انهيءَ زماني ۾ هن يان پرڳڻي ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن منهنجي زندگيءَ تي دائمي نقش چٽي ڇڏيا. ان اسڪول جي ٻاهران جنهن ۾ اسان پڙهندا هئاسون، ٿڪل ۽ دلگير واپارين جا ٽولاچانگ شا کان موٽي رهيا هئا، اسان کانئن پڇا ڪئي ته ڇا وهيو واپريو جو اُهي واپس ٿي رهيا آهن؟ هُنن ٻڌايو ته شهر ۾ اٿاهه اٿل پٿل ۽ هاءِ دُوس متل آهي.
”اتي قهر جو ڏڪار آيل هو ۽ چانگ شا ۾ هزارين ماڻهو کاڌ خوراڪ کان محروم هئا. نيٺ اهي بکايل هڪ وفد جي شڪل ۾ شهر جي گورنر سان وڃي مليا. ان جي آڏو خوراڪ ڏيڻ لاءِ ٻاڏائڻ لڳا، پر گورنر تڪبر ۾ وراڻيو:
”شهر ۾ جهجهو اناج موجود آهي، توهان هروڀرو بک•••• بک جون دانهون ڪري سرڪاري عملداريءَ ۾ مداخلت ڪري رهيا آهيو.“ جڏهن عام ماڻهن تائين گورنر جي راءِ پهتي ته اهي صبر جا ليڪا لتاڙي مظاهرا ڪرڻ لڳا. انهن ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اچي گورنر جي رهائش گاه کي گهيري ۾ آڻي، سرڪاري جهنڊو لاهي ليڙون ليڙون ڪري گورنر کي پڻ نيڪالي ڏئي ڇڏي. اهڙي صورتحال کي ڏسندي اندروني/ گهرو معاملن جو ڪمشنر چانگ نمودار ٿيو، جنهن مڇريل ماڻهن سان واعدو ڪيو ته سندن مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ هنگامي اپاءَ ورتا ويندا پر ڪجهه ڌيرج اختيار ڪيو. ڪمشنر چانگ پنهنجي واعدي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ شروع ڪيا پر شهنشاهه کي ڪمشنر جي اهڙي روش جي ڪري مٺيان لڳي ۽ مٿس تهمت هنئي وئي ته سندس واسطو اندروني طور ”هنگامو“ ڪندڙن سان آهي. اهو الزام هڻي کيس هڪدم برطرف ڪيو ويو. نئين گورنر اچڻ سان، وڳوڙين جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو. انهن منجهان ڪيترن جا سِر قلم ڪري چوواٽن تي ٽنگيا ويا ته جيئن سڀ ڪو عبرت حاصل ڪري ۽ آئنده لاءِ بغاوت جي همٿ ساري نه سگهي.
انهيءَ دکدائڪ واقعي بابت لڳاتار ڪيترا ئي ڏهاڙا، اسان جي اسڪول ۾ چوٻول هلندو رهيو. ان واقعي جو مون تي ذهني طور سخت اثر ٿيو. جڏهن ته ٻين شاگردن ”بغاوت“ يا اٿل پٿل جو همدرداڻو نوعيت جهڙو اثر ورتو ۽ محض تماشائي بڻجي جانچ جونچ ڪندا رهيا. انهن جي گهڻائيءَ کي اها به سڌ ۽ سمڪ ڪانه هئي ته اهڙي واقعي سان هنن جي زندگيءَ جو به ڪو سٻنڌ آهي. اهي ان هيڏي ساري حادثي کي مورڳو هڪ جذباتي نقطه نگاه سان ڏسي ۽ پرکي رهيا هئا. مان ته ذهن تان ميساري ڪونه پي سگهيس. منهنجي ذهن ۾ هڪ نقطو نروار ٿي بيٺو. هو ته بغاوت ڪندڙ عام رواجي ماڻهو هئا ۽ انهن جو ذهني ۽ شعوري طور مون سان ڄڻ ته رت ۽ ست جو ڳانڍاپو هو. ان ڪري انهن سان ٿيل انياءُ جي ڪري اندر ۾ وٽ سٽ کائيندو رهيس.
مذڪوره حادثي کي اڃا ٿوروئي عرصو گذريو هو ته شائو شين ۾ زير زمين تنظيم ڪي لائو هُو (Ki Lao Houi) ۽ هڪ مقامي زميندار جي وچ ۾ تڪرار چوٽ چڙهي ويو. ان زميندار نه ڪئي هم نه تم، وڃي ڪورٽ ۾ مقدمو داخل ڪيو. هو جيئن ته هڪ طاقتور زميندار هو سو اثر رسوخ استعمال ڪري ڪورٽ کان فتويٰ پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق حاصل ڪري آيو. ائين ظاهري طور ته ڪي لائو هي وارن کي مات ملي وئي، پر ان خلاف ردعمل ٻرندڙ باهه تي گاسليٽ جو ڪم ڪيو. انهيءَ تنظيم زميندار ۽ سرڪار جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو ۽ ويجهو ئي هڪ جابلو علائقي لُو شان (Liu Shan) ۾ مضبوط پناه گاه ٺاهي محاذ آرائيءَ لاءِ سندرو ٻڌي شروعات ڪئي. انهن باغين جي خلاف لشڪر ڪشي ڪئي وئي، پر ان سان گڏوگڏ تڪ جي زميندارن عام ماڻهن ۾ افواه پکيڙي ڇڏيا ته باغين جنهن مهل بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو ته ان کي ڳاڙهي رنگ سان ريٽو ڪرڻ لاءِ هڪ معصوم ٻار کي قتل ڪري ان جو رت ڪتب آندو ويو هو. ان بغاوت جو سرواڻ پيانگ چي نالي سان اٽي جي چڪيءَ جو مستري هو. بهرحال باغي گهڻو وقت سينو ساهي نه سگهيا ۽ پيانگ مجبوريءَ جي حالت ۾ فرار ٿي ويو. نيٺ ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري سِر قلم ڪيو ويو. هونئن مجموعي طور پيانگ، اسان سڀني شاگردن جي نظر ۾ هڪ سورمو ۽ ساراهه لائق مرد مجاهد هو.
ٻئي سال جڏهن اڃا سارين جي پوکي راهي ڪانه ٿي هئي ۽ اونهاري جو فصل اڳواٽ ناس ٿي ويو هو، جنهن ڪري اسان جي ضلعي ۾ اناج جي سخت قلت ٿي پئي پيٽ بکايل هاري آسودن هارين آڏو اَن لپ لاءِ ٻاڏائڻ لڳا. پر ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو. ان جي موٽ ۾ ”چانور کائو بنا معاوضي“ جي نالي سان هڪ تحريڪ جنم ورتو. منهنجو پيءُ جيئن ته چانورن جو سکيو ستابو واپاري هو ۽ ضلعي کان ٻاهران اماڻيندو پي رهيو جڏهن ته ضلعي ۾اڳواٽ ئي اناج جي کوٽ هئي. ائين هڪ ڏهاڙي منهنجي پيءُ شهر ڏانهن اناج وڪري لاءِ اماڻيو. ان کي واٽ تي غريب ڳوٺاڻن روڪي هٿ جي صفائي ڪئي. مون کي پيءُ جي عمل ۽ حرڪت سان همدردي ڪانه هئي پر ساڳي وقت ڳوٺاڻن جي حرڪت کي به درست ڪونه سمجهي رهيو هوس.
جيئن ته مذڪوره واقعو ويجهڙائيءَ ۾ ٿيو هو، سو ان ڄڻ ته منهنجي اڳواٽ باغي ذهن لاءِ چڻنگ ڏيکارڻ جو ڪم ڪيو. انهيءَ زماني ۾ هڪ سياسي پمفليٽ منهنجي نظر منجهان گذريو، جنهن سندم شعور ۾ ڪجهه نواڻ آندي، خاص ڪري ان پمفليٽ ۾ چين جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جو احوال اثرائتي نموني بيان ڪيل هو.
مون کي اڄ به ياد آهي ته، پمفليٽ جي ابتدا هن جملي سان ٿيل هئي: ”افسوس ته چين پنهنجي آزادي ستت ئي وڃائي ويهڻ وارو آهي!“ جپان جيڪو اڳ ۾ ئي ڪوريا، تائيوان، انڊو چائنا کان وٺي برما تائين قابض بڻجي ويو آهي. مان ان پمفليٽ پڙهڻ شرط پنهنجي ملڪ جي مستقبل بابت ڏاڍو ملول ۽ غمگين ٿي ويس. اندر ئي اندر ۾ ويچار ڪرڻ لڳس ته پنهنجي ملڪ کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟
هوڏانهن منهنجي پيءُ فرمان جاري ڪيو ته، هسيانگ تن (Hsiang T’an) ۾ چانورن جي ڪاروبار لاءِ دوڪان کولڻ گهرجي، جنهن جي سار سنڀال مون کي لهڻي پوندي. مون پهريائين ته مذڪوره فيصلي جي مخالفت ڪانه ڪئي، جو ڄاتم ته شايد ڪجهه وڌيڪ دلچسپي جو وسيلو پيدا ٿي پوي پر ان وچ ۾ هڪ اسڪول بابت خبر اڏامندي آئي ۽ دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته اوڏانهن ويندس. منهنجي پيءُ روڪڻ لاءِ گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو. اهو اسڪول هسيانگ هِيسن (Hsiang hesien) ۾ هو، جتي منهنجا ناناڻا پڻ رهندا هئا. منهنجو ئي هڪ ماروٽ، ساڳي اسڪول ۾ شاگرد هو، جنهن مون کي نه رڳو ان نئين اسڪول بابت چڱي موچاري ڄاڻ ڏني، پر ساڳي وقت تعليم جي جديد سرشتي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته، مذڪوره اسڪول ۾ آڳاٽي تعليمي سرشتي جي پيروي ڪرڻ بدران مغربي طريقه ڪار مطابق پڙهائي ڪئي وڃي ٿي ۽ تعليمي سرشتو ڪنهن حد تائين جديديت سان سلهاڙيل هو.
مان پنهنجي ماروٽ سان گڏجي وڃي اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي. هاڻي آءٌ اسڪول جي ناتي رشتي سان هيسيانگ جي رهواسي طور سڃاپجڻ لڳس. مون هتي اڳواٽ 1400 جي لڳ ڀڳ ٽامي جا سڪا، بورڊنگ، کاڌي پيتي ۽ ٻين طلبن جي مد ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. نيٺ اڳتي هلي منهنجو پيءُ به اضافي تعليم حاصل ڪرائڻ لاءِ راضي ٿيو. ڇو ته ڪجهه خيرخواهن کيس سمجهائي ورتو ته ڇوڪرو جيئن وڌيڪ تعليم حاصل ڪندو ته سندس طاقت، شهرت ۽ اثررسوخ ۾ واڌارو ٿيندو. اهو منهنجي حياتيءَ جو پهريون تجربو هو جو 6 1 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي گهر کان پري ٿيو هيس. ان جديد اسڪول ۾مان، نيچرل سائنس سان گڏ ٻين ڪيترن ئي مغربي علمن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جهڙو ٿي پيس. ان کان علاوه خاص ڳالهه ته هڪ استاد تازو ئي جپان منجهان تعليم پرائي موٽيو هو ۽ ڊاڙن، ٻٽاڪن ۽ ڪوڙ هڻڻ جو ماهر هو. اهو استاد جڏهن به ڪا ڳالهه ڪندو هو ته سڀڪو ڪوڙ ليکيندو هو. هرهڪ ان تي کلندو هو ۽ کيس ”ڪوڙو شيطان“ ڪوٺيو ويندو هو.
مان ايترا شاگرد ڪڏهن به يڪجا ڪونه ڏٺا هئا. انهن ۾ گهڻائي ته زميندار طبقي جي ٻارن جي هئي، جيڪي کائڻ، پيئڻ ۽ پهرڻ ۾ خوشحال هئا ۽ ڪي نالي ماتر هارين جا ٻار پڻ هئا، جيڪي ان اسڪول جو خرچ برداشت ڪري پئي سگهيا، نه ته مڙوئي خير هو. مان ته لباس يا پوشاڪ جي معاملي ۾ سڀني کان پوئتي هيس، مون وٽ هڪ ٺاهوڪو سوٽ ڪوٽ هو. ان کان علاوه چوغا/ گائون فقط استاد پائيندا هئا. انهن ۾ وري ”ڪوڙا شيطان“ ته ولايتي گائون پائي ايندا هئا. مون کي شاهوڪار ويجهو ٿيڻ کان پري ڀڄندا هئا، ڇو ته گهڻي ڀاڱي اڌوراڻو ڪوٽ ۽ سوٽ پائيندو هيس. ان هوندي به ڪجهه دوست بڻجي ويا هئا. انهن منجهان ٻه ڄڻا ته يار وفادار بڻجي ويا. انهن دوستن مان هڪ نامور ليکڪ ٿي ويو آهي ۽ سوويت يونين ۾ رهي ٿو.
مون کي ڪي ماڻهو سخت ناپسند به ڪندا هئا، ڇو ته مقامي رهواسي ڪونه هيس. هيسانگ علائقي سان وابستگي به ڄڻ عزت ۽ مان ۾ اضافو هئڻ جو هڪ عنصر ليکي ويندي هئي. اهو هيسانگ جو ضلعو به مٿانهين، هيٺين ۽ وچولي ضلعي جي حدبندين ۾ ورهايل هو، جنهن ۾ مٿئين ۽ هيٺين طبقي جا ماڻهو مقامي حوالي سان هڪ ٻئي جي ڄُنڊا پٽ ۾ پورا هوندا هئا. ڪوبه هڪ ٻئي کي جيئرو جاڳندو رهي سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو هو. آءٌ ان ويڙهاند ۾ اڻ لاڳاپيل رهندو آيس ڇو ته غيرمقامي به هيس. نتيجي ۾ ٽئي گروه مون کان بڇان ڪرڻ لڳا. مان اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي اداس ۽ موڳو محسوس ڪندو رهندو هيس.
مان اسڪول جي پڙهائي ۾ چڱي چوکي ترقي ڪئي. ان ڪري استاد مون کي ڀائيندا هئا. خاص ڪري اهي استاد وڌيڪ ويجهو رکندا هئا، جيڪي آڳاٽو ادب پاڙهيندا هئا. آءٌ وري آڳاٽي ادب ۽ مضمون نويسيءَ ۾ ڀڙ ٿي ويو هيس. ماروٽ پاران اماڻيل ٻه ڪتاب، جيڪي ڪئنگ يُو، وئي جي اصلاح پسند تحريڪ بابت هئا، انهن منجهان هڪ ته پيپلز مخزن جي ايڊيٽر ليانگ چي چائو جو ترتيب ڏنل هو. مون ايترو ته پڙهيا جو دل تي اُڪري ويا.
مان پنهنجي ماروٽ جو ٿورائتو بڻجي پيس، جو اهڙا ڪارائتا ڪتاب مطالعي لاءِ موڪليا هئائين، ڇو ته ابتدائي دور ۾ انهن ڪتابن منهنجي شعوري اوسر ۾ ٺاهوڪو واڌارو ڪيو، پر اڳتي هلي هو همراه عملي طور، انقلاب مخالف ڌر جو ساٿي بڻجي پيو. هڪ اهڙي معتبر طبقي جو ڳيجهو ۽ وفادار ٿي ايترو ته رجعت پرست ٿي پيو جو 7 2/5 2 9 1 جي انقلاب جو پير کوڙي مخالف ٿي بيٺو.
اسان جا ڪيترائي شاگرد ”ڪوڙن شيطانن“ کي گهڻي ڀاڱي ڌڪاريندا هئا، پر پوءِ به مان انهن جون جپان بابت ڳالهيون ڌيان سان سُڻندو هوس. انهن منجهان هڪ ته موسيقي ۽ انگريزي سيکارڻ ۾ مدد ڪئي. ڄاڻايل راڳن منجهان هڪ جپاني راڳ جو سِرو ”پيلي سمنڊ تي ويڙهاند“ هو. مون کي اڄ تائين ڪجهه پُرڪشش سٽون ياد آهن:
جهرڪيون چِر چِر ڪري رهيون آهن،
بلبليون نچي ٽپي رهيون آهن،
بهار جي موسم ۾ ساوا چهچ ميدان،
من کي لُڀائي رهيا آهن،
قرمزي رنگ جا گُل ڏاڙهن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن،
بيد مشڪ جا وڻ ساوڪ سان ڍڪيل آهن،
اهو ڄڻ ته هڪ انوکو ۽ عجيب نظارو آهي.
ان زماني ۾ مون جپان جي سونهن ۽ سوڀيا کي اندر ئي اندر ۾ محسوس ڪيو. ان راڳ ۾ بيان ڪيل فخر ۽ وڏائيءَ کي پڻ جيڪا شايد روس تي سوڀ حال ڪرڻ جي اظهار طور هئي. منهنجي ذهن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾وهم ۽ گمان ڪونه هو ته جپان به ڪو وحشي ۽ جارح ٿي سگهي ٿو، جنهن نالي سان اڄ جي جپان کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
مون اهو سڀ ان ”ڪوڙي شيطان“ کان ئي پرايو هو.
مون کي جيتريقدر ياد پوي ٿو ته، انهيءَ زماني ۾ معلوم ٿيو ته شهنشاه زائو هسي ۽ مهاراڻي ڊوئگر فوت ٿي چڪا آهن ۽ نئين شهنشاه هوسيان تانگ کي به راڄ ڪندي ٻه ورهيه لنگهي ويا آهن. مان اڃا تائين بادشاهت مخالف ذهن جو ڪونه بڻيو هيس. منهنجي نظر ۾ تاج شاهي ۽ افسرشاهي معصوم، ايماندار ۽ نيڪ خصلتن جا هوشيار ماڻهو هئا. انهن لاءِ محض ايتري ضرورت هئي ته اهي ڪئنگ يوي وئي جي سڌارن منجهان ڪجهه حاصل ڪري ان کي لاڳو ڪري ڇڏين.
مان چين جي اوائلي حڪمرانن جي دٻدٻي بابت ڪتابن ۾ گهڻو ڪجهه پڙهيو هو، جن ۾ ياو، شِن، چن شي هوانگ تِي ۽ هَان ووتي اچي وڃن ٿا. مون ان زماني ۾ ٿورو گهڻو پرڏيهي تواريخ ۽ جاگرافيءَ کان به واقفيت حاصل ڪئي. مون پهريون گهمرو آمريڪا بابت هڪ مضمون پڙهيو، جنهن ۾ آمريڪي انقلاب جو ذڪر آيل هو. هڪ جملو ته دل تي اڪري ويو هو، ”اٺَن ورهين جي سخت ويڙهاند کان پوءِ واشنگٽن سوڀ حاصل ڪئي ۽ هڪ قوم کي جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان علاوه هڪ ڪتاب بعنوان ”دنيا جا عظيم سُورما“ پڻ پڙهيو. مون ان کان علاوه نيپولن، روس جي مهاراڻي ڪيٿرائن، گليڊاسٽون، روسو، مونٽسيڪو، پيٽر اعظم، ولنگٽن ۽ لنڪن کي به پڙهيو ۽ پرايو.