تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

ڳوٺاڻي جاتي جو سرمائيداريءَ سان ٽڪراءُ: جوليس ايڇ بوئڪِ

هن وسيع ترين دنيا ۾ ڪنهن هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي جي منظرڪشي ڪرڻ ڏکيو ڪارج به چئي سگهجي ٿو، ڇو ته ڳوٺن جي بيهڪ مختلف علائقن ۾ هڪ ٻئي کان نرالي ۽ جداگانه آهي. ان حوالي سان ڪجهه علائقن ۾ 5 2 کان 0 5 گهرن تي مشتمل يونٽ کي ڳوٺ ۽ ڪٿي وري هڪ سئو جي لڳ ڀڳ گهرن کي ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ جي رهواسين جو تعداد هڪ هزار يا ان کان مٿي ٽپڻ لڳي ته سمجهڻ گهرجي ته اهڙي طرز جي واڌ مورڳو جاتي جي سگهاري بيهڪ کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ شروع ڪندي.
اڄوڪي دور جون حڪومتون جيڪي گهڻي ڀاڱي مغربي پاليسين جي اکيون ٻوٽي پيروي ڪن ٿيون، انهن جي نظر ۾ ڳوٺ جهڙي ننڍڙي يونٽ جو انتظام هلائڻ وس کان ٻاهر آهي. ان لاءِ هئڻ ائين گهرجي ته مختلف ننڍڙن يونٽن/ ڳوٺن کي رلائي يڪجا ڪري هڪ گڏيل انتظاميا وسيلي هلائڻ گهرجي، پر انهن جديد يونٽن کي هڪ ميونسپالٽي جي شڪل شبيهه ۾ بيهارڻ سان انهن جاتين کي نالي ماتر لاڀ حاصل ڪونه ٿيندو. پر انهن شاهي يونٽن ۾ اصلوڪن ڳوٺڙن جي حيثيت هڪ چوٿائي حصي جيتري رهندي ۽ پنهنجي وچٿري سٽاءُ جي ڪارڻ وڌيڪ سڦلائتي بڻجي سگهي ٿي. ان جو مطلب ٿيو ته انهن ئي ڌرين يعني ميونسپالٽي ۽ ڳوٺ لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي گهارڻ لاءِ سهڪاري دڳ اختيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. ان ڏس ۾ مغربي ادارا، اسڪول، ڪوآپريٽو سوسائٽي، ميونسپل بئنڪاري، ميونسپل انتظاميا، پبلڪ ورڪس تائين مغربي طرز حڪومت جي معرفت سنڀالي سگهيا.
مطلب ته خالص ڳوٺاڻي ماحول جي ضرورتن کي مغربي نموني انتظاميا جي هٿن ۾ نيست و نابود ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. ائين مجموعي طور ڪَٿَ ڪنداسين ته چئي سگهجي ٿو ته سڀني جديد اقتصادي طور طريقن جو نبيرو ميونسپل انتظاميا جي هٿ وسيڪو رهندو. جڏهن ته غيراقتصادي وهنوار ۽ روايتي ڳوٺاڻو ڪاروهنوار پراڻي ڳوٺاڻي ڪائونسل جي حوالي رهندا پر حقيقت ۾ مغربي ادارن جو طريقه ڪار ڳوٺاڻي طرز حيات لاءِ اوپرو ۽ پراڻو آهي، جنهن ڪري ميونسپل جو طريقه ڪار ڪو خاص ٻوٽو ٻاري ڪونه سگهندو. ان جو اهم سبب هيءُ آهي ته هارين جي اها برادري جيڪا صدين کان گڏ رهندي اچي پئي، انهن جي واڌ ويجهه ڳوٺن ۾ ئي ٿي آهي. جڏهن ته مغربي طرز حيات جي نمائندگي ڪندڙ، انهيءَ سموري وايومنڊل ۾ ”موسمي پکي“، ”ڌاريا“ ۽ ”اجنبي“ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.
ان کان سواءِ ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اهي ڌاريا هڪ ئي ڳوٺ ۾ اچي ڳاهٽ ڪندا آهن. پوءِ اهو ننڍڙو ڳوٺڙو ڄڻ ته شهري علائقي جي بيٺڪ نظر ايندو آهي. ان ننڍڙي يونٽ ۾ هڪ ميونسپل هال، اسڪول، رائيس مل، ڳوٺ جو اسٽور/ ڀنڊار خانو، قرض ڏيڻ لاءِ بئنڪ ۽ زرعي ڪوآپريٽو سوسائٽي جي نئين عمارت پڻ ڏسڻ ۾ ايندا. هتي ميئر جي رهائشگاه، اسڪول جا استاد، قرض ڏيندڙ، درزي ۽ ٻيا جديد هنرمند پڻ رهن ٿا. هتي ڳوٺ جي پراڻن طور طريقن جي پيروي ڪرڻ جي گنجائش ڪونهي. اهو هيئن ته روايتي طور هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ ۽ هٿ ونڊائڻ ته پري رهيو پر ڳوٺاڻي طرز حيات جي ميلن ۽ ملاکڙن لاءِ به مهلت ۽ واندڪائي ڪانهي. هتي ماڻهن کي مغربي ڪئلينڊر پٽاندڙ پنهنجي ڪم ڪار ۽ موڪلن جي فهرست کي ترتيب ڏيڻ لازمي هوندو آهي. هتي اقتصاديات جو سمورو محور محض ناڻي جي مٽاسٽا سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ اقتصاديات ۾ ناڻي جي مقدار کي ليکي چوکي ۾ اهميت حاصل هوندي آهي. ان جو مثال جپان ۾ شنتو سرشتي کي لاڳو ڪرڻ آهي، جنهن کي سرڪاري پروپيگنڊا وسيلي قومي ڪارج ۾آندو ويو. انهن مرڪزن کي درگاهن جو درجو ڏنو ويو، جن کي ڏسڻ وائسڻ جي مغرب زده پنڊتن ۽ ميونسپل بورڊ جي ميمبرن کي اجازت هئي.
جڏهن ته ٻڌ ڌرم جي آشرمن کي ننڍڙن ڳوٺڙن جي اصلي صورت ۾ رهڻ ڏنو ويو. انهن آشرمن ۾ ڏينهن جو ٻارڙا رند ڪندا رهن ٿا. شام جو ساڳي هنڌ تي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي هڪ ٻئي سان حال احوال اوريندا آهن. اتي ٻاهران آيل ماڻهن کي ترسڻ لاءِ جاءِ ملندي آهي.
ان ڪري مغرب زده حڪمرانن جي لاءِ اهڙي قبل از سرمائيداري دور جي ڳوٺڙن بابت سوچ ويچار ڪرڻ ڄڻ ته مٿي جي سور برابر آهي. خاص ڪري اهي ملڪ جن جي سماجي جوڙجڪ ۾ مغربي قاعدا ۽ قانون سنوان سڌا رڳ رڳ ۾ پيوست ٿي چڪا آهن ۽ ڳوٺن کي به پنهنجي اثر رسوخ ۾ ويڙهي رهيا آهن. اهڙن ملڪن ۾ سرڪار کي ڳوٺاڻي آباديءَ متعلق ڪا خاص ڳڻتي ۽ فڪر ڪونه هوندو آهي ته سندن اقتصادي پاليسيون ماڳهين مَٿن منفي اثر وجهي رهيون آهن. درسگاهن ۾ محض تنقيد براءِ تنقيد جو ماحول جڙي رهيو آهي. مجموعي طور اهڙين حالتن ۾ مغرب زده آفيسر پاڻ کي لاشڪ ته ڳوٺاڻي ماحول ۾ ڌاريو محسوس ڪندو جنهن جا اڳتي هلي اُگرا نتيجا ظاهر ٿيڻا آهن.
ان جي برعڪس هن جا ڳوٺ جي هنرمند سان جن کي هو سدائين حقير سمجهندو اچي ٿو، يعني هاري هڪ مضبوط حيثيت جا مالڪ آهن. هو انهن مقامي نمائندن جي آڏو مورڳو بي وس ۽ بي اثر بڻجي پوي ٿو. ان حد کان عالمي طرز جي بدعنوانيءَ واري ڪيفيت اڀرڻ لڳي ٿي ۽ ڳوٺاڻي طرز حيات کي ”هاڃيڪار جيت“ جهڙو سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي ريت اختيارن جو طريقو پوءِ ان وسيلي پاڻي جي ورهاست، پوليس انڪوائري، فصل جي ناس ٿيڻ سببن يا ٻي ڪنهن به وٿ ۽ وکر ڏيتي ليتي وسيلي پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته بدعنوانيءَ کي جائز قرار ڏنو ويندو آهي. ان جو مثال سامهون آهي ته هالينڊ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي زماني ۾ ڇا وهيو واپريو هو. اهڙي بدعنوانيءَ جي صورتحال کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا مغرب زده سرڪار تڪڙا ۽ ترت اپاءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪندي ته به ان کي هيٺينءَ سطح جي آفيسرن تائين محدود رکڻ جائز سمجهندي. ڇو ته انهن آفيسرن جا تعلقات سڌا سوان ڳوٺاڻي طرز حيات سان آهن.
جيتريقدر سنون سڌن لاڳاپن جو ذڪر آهي ته انهن جو تحفظ سنئون سڌو آپيشاهي سان سانڀيل آهي. مغرب زده سرڪار پنهنجي ادارن جي معرفت فرد کي اڪيلائيءَ جي عذاب ڏانهن ڌڪي ٿي.اهو پوڙهو يا جوان هجي، ان جي مٿان مغرب زده ادارن جي دٻاءُ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو وڃي ٿو جنهن جي موٽ ۾ هو پاڻ کي پنهنجي ماحول ۾ به اوپرو محسوس ڪري ٿو ۽ سندس رسمون ريتون، سماجي سٽاءُ ۽ مذهبي سوچ ۽ فڪر کي مسترد ڪرڻ ڏانهن پيش رفت ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ پوءِ فرد کي محض اقتصادي مفادن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي رکڻ لاءِ جتن ۽ جهد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ سموري صورتحال جي نتيجي ۾ فرد ۾ شعوري طور مونجهارو، احساس ڪمتري ۽ بک ۾ اضافو اڻٽر بڻجي پوي ٿو.
اهڙيءَ ريت ڳوٺاڻن تي ”محتاجي“ ۽ ”فرد پرستي“ جي مسلط ٿيڻ سان انهن ۾ سماجي مفاد ۽ ذميوارين جو احساس ختم ٿيڻ لڳي ٿو. هنن لاءِ پوءِ فقط هڪ ئي رستو وڃي بچي ٿو ته وڌ ۾ وڌ ڏوڪڙ ڪيئن حاصل ڪن. انهيءَ ڪلدار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ سهائتا ۽ جاتي ايڪتا خام خيالي ۽ يا مورڳو هڪ ڏيک ويک ۽ تماشو بڻجي پون ٿا.
ڳوٺاڻي طرز حيات جي پرزا پرزا ٿيڻ جو نتيجو اهم ۽ ڌيان لائق شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اهو هيئن ته ڳوٺاڻي طرز حيات جا ميلا ملاکڙا جيڪي هاري جي حياتيءَ کي جاندار ۽ شاندار بڻائڻ جو اهم ذريعو رهندا پيا اچن. انهن جي جاءِ تي شهري آسائش ۽ سهولتن جي والار ٿئي ٿي ۽ ظاهري طرح غريب کي احساس ڏياريو پيو وڃي ته، هُن جيڪڏهن ڀرپاسي جي ڳوٺن سان سماجي لڳ لاڳاپن کي مضبوط بڻايو ته غربت منجهان سندس بند خلاص ٿيڻ وارا آهن، هن جي زندگيءَ کي گل و گلزار بڻائيندي سماج ۾ کيس اهم رتبو ۽ مان عطا ڪيو ويندو. اڳتي هلي کيس دنيا جي وهنوار ۾ اهم مقام حاصل ٿيندو، پر انهن سڀني لازوال خوبين اچڻ سان هڪ اهم نقصان ضرور ٿيندو ته ڳوٺاڻي طرز حيات وڌيڪ اجاڙ ۽ ويران ٿيندي. ائين سمجهڻ گهرجي ته فرد جي گذر سفر جي وسيلن کي ڇني ڌار ته ڪيو ويو پر ان جي جاءِ تي متبادل قدر ۽ ڪارج ڪونه آندا ويا آهن.
انڪري اهو واضح ٿي ويو آهي ته اقتصادي عنصرن جو هڪ جداگانه طرز ۾ هاري جي لاءِ آزمودو کيس هٿين خالي ڪرڻ برابر آهي. پر کيس هڪ نئين شعور يا ساڃاهه سان به ڏيٺ ويٺ ڪرائي آهي. ائين مجموعي طور سمجهڻ گهرجي ته اهي سڀئي اقتصادي تجربا ۽ لاڳاپيل عنصر هاريءَ لاءِ سودمند ثابت نه ٿيا آهن. ڇو ته زمين ۾ هاڻي اها زرخيزي ڪانه رهي آهي، جو وڌندڙ آدم جو پيٽ پالي سگهي، جنهن ڪري بک ۽ کاڌي جي کوٽ لاشڪ ته عالمي مسئلا بڻجي رهيا آهن، پر مشرقي سماج جي ٻهراڙين ۾ وڌندڙ انساني انگ وڌيڪ خوفائتا اثر ڇڏيا آهن. ڇو ته ڍل ۽ وصولين جو ٻوجهه گهڻي قدر هاريءَ جي ڪلهن تي وڌي رهيو آهي جڏهن ته سندس اپت ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي. هن جي زرعي اپت جو چڱو موچارو حصو ته غيرحاضر زميندار بٽئيءَ جي نالي ۾کڻي وڃي ٿو. ائين هاري زمين جي هارپ سان گڏوگڏ گهرو صنعت جي اوسر کان به محروم ٿي رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ هاريءَ لاءِ پنهنجي پيداواري صلاحيتن کي مڪمل طور ڪتب آڻڻ جا وسيلا به ختم ٿي رهيا آهن ۽ بي روزگاري وڌي رهي آهي. مطلب ته هاري اڳواٽ کنيل قرض جي بار هيٺ سدائين ڪنجهندو ۽ ڪُرڪندو رهي ٿو ۽ وري سندس زرعي پيداوار جو ٺاهوڪو حصو ته وياج جي مد ۾ پڻ هڙپ ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ زمين کي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سان استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ فصلن جي اپت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ جانورن جي پالنا لاءِ گاهه پٺي جي قلت وڌي رهي آهي. ائين محض مغربي تعليم جي حصول سان خانداني لڳ لاڳاپن تي به اثر مرتب ٿيا آهن. ٿلهي ليکي چئجي ته اهي سماجي عنصر جيڪي ڳوٺاڻي طرز حيات کي هڪٻئي سان ڳنڍي رکڻ جو وسيلو/ ذريعو هئا، انهن جي جاءِ تي ڪٺورتا ڀريل اقتصادي دٻاءُ کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي.
اهي سڀئي علامتون•••• اسان جي ڪيل تنقيد کي ڇنڊڇاڻ ڪري بيهارين ٿيون ته حد کان وڌيڪ مغرب زده پاليسي اختيار ڪرڻ سان ڳوٺاڻي طرز حيات جي غيراقتصادي طور طريقن کي مسترد ڪري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙين ۾ وڌندڙ خوشحالي کي ٻنجو اچي وڃي ٿو••••• جيڪڏهن ڳوٺاڻي طرز حيات جو رستو، مشرقي سماج جي اڪثريت لاءِ لاڀائتو ۽ ڦلدائڪ ثابت ٿئي ٿو ته پوءِ اهڙي ڪابه حڪمت عملي جنهن وسيلي پراڻن قدرن کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ اڻ ٺهڪندڙ طريقه ڪار اختيار ڪيو وڃي ته وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
ظاهري طور ڏسڻ ۾ ڪمزور ۽ مونجهارن جو شڪار ڳوٺاڻو طرز حيات پوءِ به مشرقي سماج ۾ جاري رهيو آهي ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو انهيءَ سماج ۽ وايومنڊل سان ايترو ته هيراڪ ٿي ويا آهن جو کين زندگيءَ جي خوشگوار ۽ ناخوشگوار ڦل جو سواد چکڻو پوي ٿو. اهڙي حالت ۾ شهر ۽ ملڪ جي وچ ۾ جيڪا دوئي (Dualism) جي ديوار آهي، ان ۾ اڃا به واڌارو ايندو رهي ٿو. مشرقي سماج جو هاري جنهن جون پاڙون ڳوٺاڻي طرز حيات ۾ کتل آهن، ان لاءِ شهري طرز حيات ڄڻ ته اوپري ۽ هراسان ڪرڻ جو ذريعو آهي. ڇو ته شهري طرز حيات سندس سپنن جي ساڀيان ۾ ڪابه واهر ڪري نٿي سگهي. جڏهن ته سمجهه ۽ ويساهه کان وانجهيل طرز حيات هن جون متيون منجهائي ڇڏڻ جو ڪارڻ بڻجي ويندي. پر جيڪڏهن هروڀرو زور زبردستيءَ سان ڳوٺاڻي کي اوپري سماج ۾ هلڻ لاءِ مجبور ڪبو ته جڏهن به سندس موٽ پنهنجي ماحول ڏانهن ٿيندي ته لاشڪ هو فرحت ۽ آرام محسوس ڪندو.
اهو ذهني سڪون جو وايومنڊل مورڳو مغربي ملڪن جي طرزحيات کان جداگانه آهي. ائين چئجي ته ملڪ ۽ شهر جي وچ ۾ پيدا ٿيل دوئي جا نتيجا پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿا. انهيءَ سموري صورتحال کي تپاسڻ لاءِ دوئي/ ٻيائي جا ڏهه مختلف پهلو سمجهڻ ضروري آهن:
1- شهري صنعت جو جيتريقدر واسطو مزدورن جي فراهميءَ سان آهي ته ان جو دارومدار شهري پورهيت تي آهي، جيڪو هميشه لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي شهري سماج جو حصو بڻجي وڃي ٿو. پر ان هوندي به شهري صنعت جو جياپو ڳوٺاڻي مزدور کان سواءِ اڻ پورو آهي. (ان جو مثال جپان ۾ عورتون ۽ هندوستان ۾ مرد آهن) پر اهي ڳوٺاڻا پورهيت ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ به ڳوٺن ڏانهن موٽندا آهن ڇو ته شهرن ۾ گذر سفر جا وسيلا محدود ٿيڻ جا آثار پيدا ٿيڻ لڳندا آهن.
2- صنعتي پيداوار جي کپت ۾لاها چاڙها اچڻ سان شهرن جي متاثر ٿيڻ کان وڌيڪ ٻهراڙين، خاص ڪري زرعي اپت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو آهي.
3- مشرقي طرز جي ملڪن ۾ ڪابه ”صنعتي مزدورن جي فوج“ مخصوص ڪانهي، پر ان جي برعڪس ”زرعي فوج“ لامحدود موجود آهي. جنهن ڪري ڳوٺاڻو پورهيت يا نيم پورهيت جيڪو خد وخال ۾ قبل از سرمائيدارانه سماج فطرت سان واڳيل ۽ روايتي طور طريقن سان ڳنڍيل آهن، اُهي اڃا تائين تنظيم سازيءَ جي گُرن کان ايترو واقف ڪونه آهن. هڪ صنعتي فوج جو ٺهڻ معنيٰ هاري جي من مان زمين سان انس ۽ چاهه کي ڪوري ڪپي ڇڏڻ ۽ ان جو گذرسفر محض ڪجهه ڪلدارن تي وڃي ٿئي، جيڪي سندس رهڻي ڪهڻيءَ کي اڃا به ڪينَ جهڙو بڻائي ڇڏين!
4- ابتدا ۾ ته صنعت ڪاريءَ جي سطحي نمائش و نمود مان ائين لڳندو آهي ته مرڪز گريزي جي رجحان کي وڌيڪ سگهارو ڪيو وڃي پيو، جنهن ڪري وچولي درجي جي سيڙپڪار لاءِ هڪ چڱو موچارو ماحول جُڙي راس ٿئي ٿو.
ان لاءِ وري به ضرورت ٻهراڙي جي عام ماڻهن جي محسوس ٿئي ٿي، جيڪي ٿوري ٿڪي اجوري تي به ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرين ٿا.
5- صنعتي مزدور جي اجرت ۾ گهٽتائي اچڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به آهي ته هن جي گذر سفر جو دارومدار ملندڙ پگهار تي آهي ۽ ان جي بدران ڳوٺاڻي مزدور جي لاءِ اجرت هڪ اضافو آهي.
6- اهڙا صنعتي ملڪ جيڪي يڪسانيهHomogenous) ) سرمائيدار سرشتي سان لاڳاپيل آهن، اُتي زمين جا مالڪاڻه حق رکندڙ جا مفاد صنعتي مزدورن جي بلڪل مخالفانه انداز ۾ هوندا آهن. اهڙن ملڪن ۾زمين تان مزدورن جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ٻهراڙين ۾ اجرت ۾ اضافو ۽ اپت ۾ لاٿ اچي ٿي. جنهن جو سنئون سڌو اثر زميندار تي پوي ٿو. هوڏانهن شهرن ۾مزدور جو اضافي انگ صنعتڪار لاءِ ڪارگر ثابت ٿئي ٿو. اهڙي ٻه پاسائين طرز جي ملڪن ۾ انهن گروهن جا مفاد هڪ ٻئي سان پوروڇوٽ رهندا اچن ٿا. ڇو ته زمين جا مالڪاڻه حق رکڻ واري کي موقعو ملي ٿو ته پنهنجي زمين جي اپت منجهان وڌ ۾ وڌ حصو حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري. ڇاڪاڻ ته کيس سُڌ آهي ته هاري گهراڻي جو هڪ اڌ ڀاتي ڪارخاني ۾ڪمائي رهيو آهي جيڪو سندن ڀرجهلو پڻ آهي. ساڳي وقت صنعتڪار کي به موقعو ملي ٿو ته ٻهراڙي جي نيم پورهيت کي گهٽ اجرت ڏئي پاڻ کي سکيو ستابو رکي.
7- ٻهراڙيءَ مان ماڻهن جي لڏپلاڻ اڃان ڇوهائي اختيار ڪانه ڪئي آهي. ڇو ته ان رجحان ۾ تڏهن ئي واڌارو ايندو جڏهن زمين سان محبت ۽ چاهه ۾گهٽتائي ايندي، انهيءَ ڪري لڏپلاڻ هڪ عارضي عمل سمجهڻ گهرجي ۽ زمين تي ڌارين جي قبضي/ ڪالونائيزيشن ڪرڻ کي ڪا ايڏي وڏي هٿي ڪانه ملندي.
8- بنيادي طور پورهيت جو پيداوار جي سلسلي ۾ اهم حصو آهي، پر پوءِ به سندس ڪردار جهيڻو ۽ جهڪو آهي. اها صورتحال ٻهراڙيءَ جي هاريءَ سان به ٺهڪي اچي ٿي جيڪو ڳوٺاڻي سماج ۾ هڪ غيرمتحرڪ عنصر پڻ آهي. ان ڪري پگهار جي سلسلي ۾به هڪ غيرمساوي سرشتو لاڳو آهي، جنهن جو پورائو ڪرڻ ناممڪن آهي. ڇو ته جيڪي صنعتون ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ لڳل آهن ۽ اُتي ماڻهو ججهي انگ ۾ موجود آهن ته پوءِ لامحدود ”هٿ“ پورهئي لاءِ دستياب ٿي سگهندا. ان جي برعڪس اهڙا علائقا جتي صنعتن کي هنرمند مزدور جي گهرج آهي، جنهن جو پُوراءُ وري ايجنسين جي معرفت ڪيو وڃي ته پوءِ پورهيتن جون پگهارون به وڌيڪ ٿينديون. اهو به هڪ اهم سبب آهي جو ٻهراڙين ۾ بي روزگاري ۽ شهري علائقن ۾ هنرمند پورهيت جي کوٽ ساڳئي وقت موجود آهي.
9- ان کان سواءِ مغربي طرز جي سرمائيداري ۽ قبل از وقت سرمائيدارانه ڪٽنب جي وچ ۾ هڪ وڏي وٿي/کاهي آهي، ڇو ته گهرو مارڪيٽ منجهان خريداري وس کان ٻاهر آهي، جنهن جو لڳ لاڳاپو بين الاقوامي مارڪيٽ سان آهي، جيڪا پنهنجي خد و خال ۾ آمدني ۽ روانگيءَ جي ڏس ۾ بين الاقوامي سٽاءَ جو حصو بڻجي ويل آهن. انهيءَ هيڏي ساري وٿيءَ کي ڀرڻ لاءِ ٽياڪڙن جو وڏو تعداد موجود هئڻ لازمي آهي، جيڪو ٻنهي طبقن ۾ لڳ لاڳاپي جو وسيلو بڻجي سگهي. اڃا به هيئن چئي سگهجي ٿو ته، ناڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ مال جا انبار هئڻ سبب مورڳو خريد ۽ پيداوار ۾ به گهٽتائي اچي ٿي، جنهن ڪري زرعي پيداوار کي به مناسب حد تائين خريد و فروخت جي طورطريقي کان محروم رهڻو پوي ٿو.
ائين ننڍو آبادگار ۽ ننڍڙو هنرمند ان ٽياڪڙي/ دلالي جي وهنوار ۾ مشڪل سان مقابلو ڪرڻ جي لائق بڻجي ٿو. هوڏانهن واپاري پنهنجي سگهه سان واپرائيندڙ/ صارف (Consumer) ۽ نيم پيداوار ڪندڙن تي ڏيتي ليتي وسيلي اثرانداز ٿئي ٿو. لاشڪ وڻج واپار جي ننڍڙي پئماني تي ترقي ۽ ان ۾ ٽياڪڙ/ دلال جو ڪردار پڻ قوتِ خريد جي نسبت کي عام ماڻهن جي اڪثريت ۾ هيٺ ڪيرائي ڇڏي ٿو ۽ اها ترقي مورڳو بک ۽ اڻ هوند ڏانهن ڇڪي وٺي وڃي ٿي. ان زمري ۾ اسان کي جپان جي انگن اکرن کي ٿورو نظر منجهان ڪڍڻ جي ضرورت آهي. جپان جي 1920ع ۽ 1930ع جي ڪاروباري ڪرت جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته جيڪي پيشه ورانه طبقي سان تعلق رکندڙ آهن، انهن جي انگ ۾ ٻن اهم سببن جي ڪري گهٽتائي آئي هئي: پهريون اهي جيڪي آزادانه ڪرت سان لاڳاپيل ۽ جيڪي سرڪاري ملازمتن ۾ هئا، اهي مڪمل تعداد ۾ 5.3 کان 6.9 سيڪڙو تائين وڌيا پر ٻيون نمبر گروه جنهن جو واسطو محض واپار سان هو، انهن ۾ واڌ 11.7 کان 15.3سيڪڙو تائين آئي ۽ باقي رهيل کهيل اضافي جو سيڪڙو 3.6 جي لڳ ڀڳ وڃي بيٺو.
هاڻي هيءُ ملڪ جنهن ۾ قوتِ خريد گهٽ هجي، جنهن جي اڌ کان وڌيڪ آبادي هاريءَ تي مشتمل آهي، جيڪا اڌوگابري پنهنجن پيرن تي بيٺل آهي، اتي اسان کي هڪ واپاري جي نسبت سترهن ماڻهن سان نظر اچي ٿي. اهڙين حالتن کي ذهن ۾ رکندي هڪ ماهر اقتصاديات روائچي اِشي (Ryochi Ishi) چوي ٿو ته: ننڍڙن واپارين جي تعداد ۾ اضافو پڻ هڪ اهڙي اقتصادي مونجهاري کي اڀاري آڻي ٿو، جيڪو بي روزگاريءَ جي مسئلي کان به وڌيڪ خوفائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
10- ٻاڙائي (Depression) ۽ ناڻي جي واڌي گهاٽيءَ (Deflation) جا منفي اثر وري به وڌ ۾ وڌ هاري تي اثرانداز ٿيندا آهن. هڪ اهڙو سماج جنهن ۾شهري پورهيت هڪ اهم جز هجي ۽ جڏهن ته هاري جو ڪارج محض کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ هجي ته پوءِ ٻاڙائيءَ جو رجحان اجرت ۽ بي روزگاريءَ ۾ واڌاري جو ڪارڻ بڻجڻ سان گڏوگڏ انساني گذرسفر جي سطح کي به ڪيرائي ڇڏي ٿو پر ان صورتحال جو سڀ کان وڌيڪ نشانو هاري بڻجي ٿو. اهو هيئن ته ٻاڙائيءَ جي ڪري سندس پيداوار جي قدر و قيمت ۾ لاٿ اچڻ سان گڏ پورهئي جي اجوري ۾ به گهٽتائي اچي ٿي. انهيءَ ٻه طرفي سماج ۾ هاري جيڪو صنعتڪاريءَ لاءِ سستو پورهيت ۽ ساڳي وقت ٻهراڙيءَ جي مزدوريءَ لاءِ به ڪتب اچي ٿو، ان لاءِ اجرت ۾ گهٽتائي ۽ بيروزگاري جو عذاب نازل ٿيڻ جو مکيه ڪارڻ پيداوار جي قدر و قيمت ۾ گهٽتائي اچڻ آهي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مشرقي ملڪن جي سماج ۾ جيترو ازل کان وٺي هاري ادائيگي ڪري ٿو، اها ٻين ملڪن ۾ ورلي نظر اچي ٿي.
هاڻي هڪ نقطو نروار ٿي بيٺو آهي ته مشرقي ڳوٺ/ ٻهراڙيون اصل ۾ صنعتي سماج لاءِ مزدور فراهم ڪرڻ جولاڀائتو ذريعو آهن. ان ڪري لازمي بڻجي ٿو ته پاڻ ان جو زرعي پيداوار ۾ به حصو ۽ ڪردار ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪيون. ان لاءِ اسان کي چين جي مثال کي سامهون رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪو اڀرندي ايشيا جو هڪ اهم ملڪ آهي.
چين جو هڪ شاهي ڳوٺ جيڪو لڳ ڀڳ ٽي سئو گهراڻن يا ٻه هزار ماڻهن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن کي اسان بنا ڪنهن وڌاءُ جي ڳوٺن جو جهڳٽو چئي سگهون ٿا، اهي مڱيرن جو فصل هڪ غيراهم پوک طور پوکين ٿا. اها پوکي راهي ڪجهه گهراڻا ڪن ٿا، جيڪي ان فصل کي لڻي، تيل ڪڍي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن ٿا. ڳوٺاڻن جي پوکي راهي ۽ وڻج واپار جو دائرو هڪ ميل کان مٿي ڪونه ٿيندو پر جڏهن کين اها سڌ ملي ٿي ته ان تيل جي طلب ڀرپاسي واري ٻئي شهر ۾ وڌيڪ آهي. تيل جي قيمت پڻ گهرو مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منافع بخش آهي. اهڙي حالت ۾ ظاهر آهي ته جڏهن منافعو سولائيءَ سان ملي سگهي ته پوءِ هرهڪ هاري مڱيرن جي پوکائيءَ کي ترجيح ڏيندو ته جيئن وڌيڪ آمدني حاصل ڪري سگهي. ائين ٿورن ورهين ۾ مڱيرن جي پوکائي ڪجهه ايڪڙن کان وڌي سوين ايڪڙن تائين پهچي وئي. ان کان پوءِ ڳوٺ ۾ نون مهانڊن جي آمد شروع ٿي وئي. ڀلاوڻو جيڪو پوک جو خريدار آهي ۽ پيشيور واپاري جيڪو شهر ۽ مارڪيٽ جو نمائندو ۽ ڳانڍاپو آهي. ان کان وڌيڪ اهم اهو ته ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ اڌ زميندار گهراڻي جو ڌيان ڇڪيو ته ڪيئن مڱيرن کي ٻڌي ۾ خريد ڪري منافعو حاصل ڪجي.
هاڻي صورتحال ۾ ردوبدل اچي وئي آهي ته پيداوار اپائيندڙ مڱيرن جو تيل ڪڍڻ بجاءِ پَٽ تي ئي زميندار کي وڪري ڪري ڇڏي ٿو ۽ زميندار ان جنس جي پراڻي طور طريقي سان پيڙهائي ڪري تيل حاصل ڪري ٿو. هوڏانهن پيداوار ڪندڙ اڳواٽ ئي رقم حاصل ڪرڻ جا هيراڪ ٿي پيا، جنهن ڪري ساڳيو ئي فصل اپائڻ هنن لاءِ لازمي بڻجي پيو. ان جو مطلب ته کين پيداوار جي چڱي چوکي واڌو رقم تان به هٿ کڻڻو پيو. ان هوندي به ساڳي فصل جي پوکائيءَ منجهان هنن کي پوءِ به معقول آمدني حاصل ٿيڻ لڳي.
اهڙيءَ صورتحال ۾ ڳوٺاڻي طرز حيات ۾ پئسي جي آمد سان ڪٽنبي بيهڪ ۾ ڦيرڦار اچڻ لڳي. هوڏانهن ڳوٺ جا ٻه زميندار به ساليانو هزارين ڊالر ڪمائڻ لڳا آهن. پر اهو سلسلو سانده جٽا دار ثابت نه ٿيندو. ڇو ته تيل پيڙهڻ جو پراڻو طريقو ڪنهن به حالت ۾ مارڪيٽ جي معيار مطابق نه بيهي سگهندو. ائين ڪيترن ئي ڳوٺن منجهان ڪچي مال جي بي حساب آمدنيءَ جي ڪري جديد بنيادن تي هڪ نئين ڪارخاني لڳائڻ جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. ان ڪري ٻنهي زميندارن جي دلالن کي فئڪٽريءَ لاءِ ڪچو مال پهچائڻ کان منع ڪئي وئي. ڇو ته فئڪٽريءَ جو ايجنٽ سڌو مال ڳوٺن مان خريد ڪرڻ لڳو آهي، جنهن ڪري ڳوٺ جو تيل مارڪيٽ سان سڌو سنئون رابطو ڪَٽي ويو ۽ فصل اپائيندڙ، شهري خريدار جي پاليسي ۽ طريقه ڪار آڏو بيوس بڻجي پيو آهي. خريدار ايترو ئي فصل اپائيندڙ کي ڏيندو رهي ٿو ته جيئن هو پوکي راهي ڪري سگهي ۽ جڏهن به محسوس ڪندو ته فصل جي مارڪيٽ ۾ قيمت هيٺ کسڪي رهي آهي ته جيڪو ڪجهه نقصان ٿئي ان جو صدمو محض اپائيندڙ کي برداشت ڪرڻو پوي. اهو صدمو سهڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. ڇو ته منافعو حاصل ڪرڻ جو دور ورلي اچي ٿو ۽ ننڍڙن هارين لاءِ هڪ واٽ آهي ته مارڪيٽ ۾ جنهن جنس جي گهرج آهي ان کي ئي اپائيندا رهن، پوءِ کڻي کين لاڀ نه هئڻ برابر حاصل ٿئي. هن مهل تائين کين جيڪي ڪجهه ملي ٿو سو معمولي منافعي کان وڌيڪ ڪونه آهي.
اهڙي حالت ۾ فصل اپائيندڙ جي مالي حالت اڃا به وڌيڪ تباهه ۽ برباد ٿيڻ جو خدشو وڌي رهيو آهي، اهو سلسلو اڳتي هلي فصل جي پوکي راهي کي وڌيڪ نيست و نابود ڪري اپائيندڙ کي ايجنٽ ۽ مارڪيٽ تي ڀاڙي ويهڻ لاءِ مجبور ڪندو، پر خوش قسمتيءَ سان اهڙي صورتحال ڇڊي پاڊي نظر اچي ٿي.
ها! پر اهڙي انداز جي ترقي جيڪڏهن بيٺڪيتي (Colonial) ملڪن ۾ ٿيندي ته هڪ جداگانه ۽ نرالو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. اهو سرڪار جو ئي ڪردار آهي ته اها هارين جي مفاد کي ذهن ۾ رکندي مداخلت ڪري ۽ ايجنٽن/ دلالن کي سختيءَ سان منع ڪري ته اقتصادي استحصال ۽ تسلط کان پاسو ڪن. پر چين جهڙن ملڪن ۾ اختيارين لاءِ هڪ ئي دڳ هو ته دلالن ۽ هارين جي وچ ۾ هڪ گڏيل مفادن واري حڪمت عمليءَ کي عمل ۾ آڻين.
ائين ڳوٺن جو ٻاهرين مارڪيٽن سان لڳ لاڳاپي جي ڪري سندن واسطو عالمي مارڪيٽ جي لاهن چاڙهن سان ڳنڍجي ويو آهي، جنهن ڪري مٿين سطح تي قيمتن جي لاٿ جو عذاب انهن تي نازل ٿيندو، جيڪي ڪچو مال پهچائيندڙ آهن. اهڙيءَ طرح ٻن ورهين جي مختصر عرصي جي ٻاڙائيءَ جي ڪري اٽڪل روءِ 30% ڳوٺاڻا ماڻهو مقروض ٿي ويا. اها لاهن چاڙهن واري خوشحالي تڏهن ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ڳوٺاڻن مارڪيٽ جي مزاج مطابق پوکي راهي جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن کين مورڳو بک ۽ بدحاليءَ ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو. ڇو ته ڳوٺاڻي طرز حيات جو توازن بگڙي ويو. هاڻي اهو سولو ڪم به ڪونهي ته ساڳي طرزحيات کي ان جي اصل شڪل ۾ آڻي سگهجي.
ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته مارڪيٽي مزاج جي فصل کي ماڻهن ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ مغربي سيڙپڪار پروپئگنڊا جو سهارو به وٺندا آهن. ان سلسلي ۾ ورجينا تماڪ ڪمپنيءَ جو مثال اسان جي اکين اڳيان آهي. اهو هيئن ته ڪمپني پاران فصل اپائيندڙن کي ٻج يا ٻوٽا انهيءَ شرط سان ڏنا ويا ته پوکڻ کان پوءِ فصل جي اپت جو کين دل گهريو معاوضو ڏنو ويندو. ان لاءِ خريدارن اڳواٽ قرض ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي، پر ستت ئي سيڙپڪارن ۽ آبادگارن جي وچ ۾ هن ڳالهه تان بدمزگي پيدا ٿيڻ لڳي ته فصل جي پيداوار لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم تي هڪ ته وياج ورتو ويندو، ٻيو ته فصلن کي مرض لڳڻ جي حالت ۾ سمورو نقصان آبادگارن جي کاتي ۾ ليکيو ويندو. جڏهن فصل مقرر ٿيل معيار مطابق نه لٿو ته خريدارن، قيمت به لاهي ڇڏي پر آبادگار کي جيئن ته ڏوڪڙن جي گهرج رهندي پئي اچي، ان ڪري هو، ايجنٽن ۽ سيڙپڪارن جي هٿ ۾ ميڻ جو بوتو بڻجي پيو آهي.