تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

قومي آزادي : اوڪٽو مينوني

ملاگاسين جي من ۾ متل مانڌاڻ ان ڳالهه جو اهم ثبوت آهي ته کين پنهنجي خطا جو احساس ٿيندو رهي ٿو، جيڪو بنيادي طور خوف ۽ عدم تحفظ جو ڪارڻ آهي، جنهن ڪري اهي پنهنجي تحفظ ۽ بچاءُ جو هڪ وسيلو هل هنگامي کي سمجهن ٿا. ان عمل منجهان سندن مراد هوندي آهي ته ڪنهن به فرد کي رنجائڻ سان ان جي موٽ اهڙي شخص ڏانهن لازمي ٿئي ٿي، جيڪو ڪنهن به گناهه جو مرتڪب ٿئي ٿو. اهڙي ريت هل هنگامي/ گوڙ گهمسان جي عمل جون پاڙون اتي ئي کتل آهن، جنهن جو جواب يا موٽ به ساڳي انداز ۾ ٿئي ٿي. ائين يڪ طرفو ويساه يا عقيدا (بنان ڪنهن وهم گمان جي) مختلف ملڪن ۾ موجود آهن. ”بدروحن“ لاءِ ٽوڻو ۽ ڦيڻو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي ته جيئن ذاتي طور نجات يا ڇوٽڪارو حاصل ٿئي.
جيڪڏهن ان طريقي يا عمل کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ اهڙي سزا جو سلسلو ”ڪيل گناهن“ جي مد ۾ اڻ ٽر ٿي پوندو، پر ”بدروح“ محض ٽوڻي ڦيڻي سان سدائين زير اثر ڪونه ٿيندا آهن، ان لاءِ جادوئي طور طريقن جي اشد ضرورت آهي. مطلب ته نجات يا نياءُ جي سوچ اهڙن ماڻهن جي دلجاءِ جو ڪارڻ بڻجي ٿي، جيڪي سنئون سڌو انياءُ جو شڪار بڻجي رهيا آهن. جڏهن ته هل هنگامو ڪندڙ کي اها به چڱي ريت خبر آهي ته بدنيتيءَ تي ٻڌل سوچ جو انت پنهنجي لاءِ ئي کڏ کوٽڻ برابر آهي. ائين به ممڪن آهي ته اهڙي بدنيتيءَ جو ردعمل وڌيڪ خوفائتي نموني ٿي سگهي ٿو، جيڪو سندس وهم ۽گمان ۾ به ڪونه هوندو آهي. اهو احساس ڄڻ ته لاشعوري طور گناه جي نشاندهي ڪندو آهي ۽ ان طرز جو احساس بنيادي طور اوائلي دور جي حوالي سان ضمير ۽ اندر جي ملامت يا پڇتاءُ به چئي سگهجي ٿو.
ضمير جي ملامت جو متبادل ذريعو يا اظهار ڪاوڙ ۽ چڙ آهي، جنهن جا ساٿي ۽ دوست نفرت ۽ هنسا/تشدد آهن. اهي هٺ، وڏائي ۽ مغروريءَ سان ڪنين تار اهي اڳوڻا سپاهي به هئا، جيڪي يورپ کان موٽي آيا هئا. آءٌ ان بابت اڳ ۾ وضاحت ڪيان ته يورپ ڪهڙي طريقي سان اثراندز ٿيو هو. هتي پوءِ به هڪ اهم جز ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لازمي سمجهان ٿو ته اهي جيڪي فوج ۾ رهيا هئا، انهن جي گهڻائي فوج جي رائج ڊسيپلن ۾ رهندي هڪ ٻئي سان تابعداريءَ جي رشتن ۾ به جڪڙيل رهيا. ان نتيجي ۾ ڪٽنبي ۽ سماجي لڳ لاڳاپا ڪمزور ٿيندا ويا. پر جيئن ئي اهي ماڻهو لام بندي جي عمل کان آجا ٿيا ۽ يورپين سان رهي جيڪي به اپاءُ ۽ بچاءَ جا طور طريقا پرايا هئا، کين ڪنهن به خوف خطري جي صورتحال سان منهن ڏيڻ جو ڏانءُ حاصل ٿي چڪو هو. پوءِ به هوجذباتي روءِ ۾ ڇڙواڳي ۽ لاتعلقيءَ جي وهڪري ۾ پاڻ کي لڙهندو محسوس ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه سندن چوڌاري نفسياتي حالتون به اهڙي سوچ کي هٿي ڏيڻ لاءِ گَنجُ هيون، جنهن جي موٽ ۾ بيزاري ۽ ڌڪار جا عنصر مٿن غالب پئجي ويا. پر اڃا به هتي هڪ نقطو غور طلب آهي ته هو سوچ ويچار جو ڪهڙي نموني اپٽار ڪرڻ لائق بڻجي پي سگهيا؟ ۽ خاص ڪري هو ڇا لاءِ تز ۽ مختصر لفظن ۾ قومي آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. هنن کي هڪ ٻئي تي تڪيو ڪري ويهڻ بابت به هڪ مبهم سوچ هئي، پر کين هڪ نقطي متعلق چٽائي هئي ته ڪهڙي رنگ ۽ ڍنگ جا رهبر سندن رهنمائي ڪري سگهندا. ڇو ته هو اهڙن اڳواڻن کي نه رڳو ذاتي طور سڃاڻندا هئا پر انهن جي حسب نسب کان به ڀليءَ ريت واقف هئا. انهن جي نظر ۾ سياسي سرشتو ۽ آئين ڄڻ ته غير اهم ۽ ثانوي درجو رکندڙ هئا. ان جي برعڪس کين اهڙن مخصوص اڳواڻن جي شديد ضرورت هئي جيڪي تڪيو ڪرڻ/ ڀاڙي ويهڻ وارين ٽٽل ڪڙين کي ٻيهر جوڙي سگهن، جن بابت کين ڄاڻ هئي ته يورپين سان ڳنڍجڻ ناممڪن آهي. انهن جي خواهش هئي ته سندن سڃاڻپ ۽ لڳ لاڳاپو يورپين جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي. انت ته انهن (يورپين) جي ڪلهن تان لهي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏين، پر نفرت ۽ ڌڪار جي ذريعي نه، جيڪو هڪ چُڀندڙ سُور وانگر کين گناه جو احساس ڏياري رهيو هو. پر اهڙو سڀاءَ رکندڙ رهنمائن کي اٿندي ئي گرفتار ڪيو ويو ۽ خاص ڪري انهن ملاگاسين کي سوگهو ڪيو ويو جن ڪنهن به اٿل پٿل ۾عملي حصو ڪونه ورتو هو پر ان جي برعڪس هو پاڻ کي ان خطا جو به ذميوار سمجهي رهيا هئا ته انهن لاشعوري طور پنهنجي مَن ۾ اِن آس ۽ اميد کي اسرڻ ڏنو هو ته قوم پرستن کي سوڀارو ٿيڻ گهرجي، پر پوءِ انهن اوچتو ئي قلابازي کائي مطالبا شروع ڪيا ته اهڙن ماڻهن کي مثالي سزا ڏني وڃي جيڪي اِن کان اڳ سندن لاءِ هڪ مثالي هيرو يا سورمي کان گهٽ ڪونه هئا. ان حد تائين جو انهن مثالي سورمن کي اڃان سندن ڪيل خطا يا گناه کان به واقف ڪونه ڪيو ويو هو. هنن پنهنجي ئي ديوتائن کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي، پنهنجن سورمن کي ٻليدان بڻايو، پنهنجن کي ئي شهيد ڪيو، اهو سڀ وهنوار سندن ڪلاسيڪل نفسياتي ڪيفيت جو اظهار هو.
ڇا اهڙي ڪڌي هلت جو ذميوار فرينچ اختياريءَ وارن کي ڄاڻائي سگهجي ٿو؟ ڇا انهن ئي ملاگاسين جي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو هو ته پنهنجن رهبرن جي لتاڙ ۽ ڀيل ڪن؟ (جڏهن ته ظاهري طور ان تي عمل پذير ڪونه ٿيا هئا.) ان ڏس ۾ اسان جيڪڏهن ٿورو به ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسنداسون ته اهڙو ساڳيو جنوني ۽ ظالماڻو وهنوار ويهارو کن صديون پوئتي پڻ اهڙي ئي هڪ ڪالونيءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي پيو ته ڪيئن نه ماڻهو پنهنجن ئي شريف ۽ حليم سڀاءُ رکندڙ ماڻهن جي رت ۾ هٿ ڌوئي پاڻ کي گناهن ۽ پاپن کان آجو سمجهي رهيا هئا.
هونئن ملاگاسي باغين جي ذهن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ قربان گاهه تي چاڙهڻ جو فتنو ۽ فتور موجود ڪونه هو. اهي دراصل پنهنجي اندر ۾ سانڀيل خطا يا گناه کان پنهنجا پاند آجا ڪرائڻ لاءِ تابعداري، تڪيو ڪرڻ يا ڀاڙي ويهڻ جي سلسلي کي روايتي طرز سان نئين سر جوڙڻ جا قائل هئا.
مان سمجهان ٿو ته، اهو اهم ۽ تز نقطو آهي، جيڪو هڪ رهنما جي سڃاڻپ ۽ حيثيت کي غير معمولي نموني نروار ڪري بيهاري ٿو. ڇو ته مطيع يا فرمانبردارنه جبلت رکندڙ سدائين لاشعوري طور پنهنجي سڃاڻپ جو ڳانڍاپو هڪ هُش ۾ خوش رهنما سان رکڻ کي اعزاز سمجهندو آهي. اهڙي ملڪ ۾ ڪوبه رهنما ايستائين مڃتا يا حيثيت ماڻي نه ٿو سگهي جيستائين عام ماڻهو هڪ فريب ۽ خيالي تصور ورتل نه هجي. جنهن منجهان ڪابه هڙ حاصل نه ٿئي، پر هن جو هڪ معمولي اڳڪٿي ڪرڻ جي لائق هجي ته جيڪي ڪجهه وهي واپري پيو سو درست آهي. ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ پاڻ به ان رهنما جي پيروي ۾ ڇوٽڪارو سمجهندو. اهڙي سرڪار جيڪا چڱين چوکين خصلتن ۽ خوبين جو ڀنڊار هجي ته پوءِ آبادي جي ان مختصر حصي لاءِ ڪارگر ۽ ڪارائتي ثابت ٿي سگهندي آهي. جنهن ۾ پڻ ساڳيون خوبيون موجود هجن، ها! ساڳي سرڪار ان وقت شهرت ماڻي سگهندي آهي، جڏهن عام ماڻهو لاشعوري طور ان سان پنهنجي سڃاڻپ ۽ سهڪار جوڙيندو آهي. ان ماڻهوءَ ۾ اهڙو احساس جاءِ ولاريندو آهي ته سندس عمل ۽ حرڪت جو نتيجو مثبت ۽ لاڀائتو اچڻو آهي.
جيتوڻيڪ سڃاڻپ حاصل ڪرڻ سولو ۽ آسان طريقو آهي، پر فرض ڪيو ته هو ان کان به محروم ٿئي ٿو ته پوءِ اهڙي حالت ۾ بدخواهي، بي اعتمادي، مطلب پرستي، عقيدي پرستيءَ جي هيٺين سطح تائين ڪرڻ ۾ ڪوبه حجاب محسوس ڪونه ڪندو. اهڙيءَ طرز جو وهنوار يورپ ۾ ممڪن آهي، جتي حاڪم ۽ محڪوم هڪ ئي قوم سان واڳيل ۽ مساوي حيثيت رکندڙ هجن ته پوءِ بيٺڪي وايومنڊل ۾ اهڙي وايومنڊل جي اوسر ۾ ڪهڙي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ آهي. تحقيق! بيٺڪي ملڪن جا اصلوڪا رهواسي مذڪوره سڃاڻپ جي خد و خال ۽ بيهڪ کان وانجهيل آهن. هو، ان حد تائين جو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي محض حاڪم ۽ منتظم جي نظر سان ڏسندا اچن پيا پر سدائين کين ساڳي عزت ۽ مان ڪونه ملندو آهي، ڇو ته جيڪي ماڻهو تابعداري يا فرمانبرداريءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل آهن، سي پنهنجي رهبر يا رهنما جي نالي نشان سان ڄاڻائي آيو آهيان ته انهن مٿان يورپ جو ڪهڙو اثر ٿيو هو.
اهڙي عمل بابت کين خبر به هوندي آهي ته غلط آهي، پوءِ به اکيون ڦيرائڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. انهن کي اسان جي آڇن ۾ ڪابه ڪارگر وٿ نظر ڪونه پي آئي، جيڪا سندن تابعداريءَ جي زنجيرن کي هلڪو ڪري سگهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ مروج حالتن کي نظر ۾ رکندي تور تڪ ڪرڻ ضروري هئي ته انهن آڇن منجهان کين ڪيترو لاڀ حاصل ٿي پي سگهيو، پر ان قبوليت کان انڪار ڪرڻ جو اهم سبب هيءُ هو ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ به اڳوڻن حڪمرانن جي جابراڻي روش ذهن تان ميساري ڪونه سگهيا هئا. جنهن ڪري گهرو پاليسين ۾ اختلاف راءِ ۽ شدت جو پيدا ٿيڻ اڻ ٽر بڻجي ويو هو. انهيءَ ڇڪتاڻ جو هڪ ٻيو به اهم ڪارڻ هو محڪومن ۽ قبضه گير سياسي ماڻهن جي وچ ۾ بدگماني جو وڌي وڻ ٿيڻ. ڇو ته هُو جڏهن به آزاديءَ جي زباني طور واکاڻ ڪندا هئا ته ان سان ذهني لحاظ کان ڳنڍيل ڪونه هئا، ۽ انهن جو ڪنهن به نفعي يا نقصان سان ڄڻ ته ڪو واسطو ئي ڪونه هو، جنهن ڪري هو ڄڻ ته ملاگاسين کان ذهني طور ڪوهين ڏور هئا. ايستائين جو ظالم ۽ جابر يورپين جا ڪارناما به کانئن وسري ويا هئا.
جڏهن پنجاه ورهيه اڳ يورپي هتي پهتا هئا ته ملاگاسين سندن آڌرڀاءُ چڙ ۽ شڪ ڀريل نظر سان ڪونه ڪيو هو. هنن آيلن کي روزگار جو وسيلو يا امن ۽ سلامتيءَ جو ضامن ڄاتو هو. سندن جذبو ۽ روش گرمجوشيءَ جو اعليٰ نمونو هو. هوڏانهن موٽ ۾ فرينچن جو سلوڪ ڄڻ ته غفلت ۽ اڻ ڄاڻائي جو ڀنڊار هو پوءِ به هڪ معقول ماحول کي اسرڻ ۾ هٿي ملي، جڏهن ته هڪ ٻئي سان ذهني هم آهنگي ۽ ويساهه ۾ نالي ماتر پيش رفت پڻ ٿي هئي. ان کان پوءِ لڳاتار ڪيتريون ئي تبديليون اينديون رهيون.
اڄ اها صورتحال بڻجي وئي آهي ته هُو پنهنجين خامين ۽ ڪوتاهين کي منفي ورتاءُ وسيلي مسلط ڪرڻ گهري ٿو. هو اهڙن رهبرن جي ڳولا ۾ آهي جن جي سڃاڻپ سان پاڻ کي ڳنڍي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان به پاڻ کي سڪون ۽ آرام جي ڪيفيت ۾ ڪونه ٿا سمجهون. جڏهن اسان ذهن نشين ڪرڻ شروع ڪيون ته پنهنجي بيٺڪي رعايا جي سارسنڀال جا ذميوار آهيون ته هو اڳتي هلي هوريان يا ڏاڍيان ترقي ۽ خوشحاليءَ جو اهڙو دڳ اختيار ڪرڻ ۾ ڪامران ٿيندا، جنهن وسيلي هڪ مهذب معاشري جي اڏاوت، هڪ ٻئي سان ويجهو ٿيڻ ۽ آزاديءَ ڏانهن وک وڌائڻ ۾ مدد ملندي.... پر ان حوالي سان ملاگاسين جو چوڻ آهي ته اهي اهو ساڳيو رستو پنهنجي رهبرن جي رهنمائيءَ هيٺ اختيارڪري چڪا آهن، ڪابه ضرورت ڪانهي. هو، ان ڳالهه کي قطعي طور برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته، مهذب بڻائڻ جي نالي ۾ تسلط قائم ڪيو وڃي. هو، ٿلهي ليکي سڀني قباحتن ۽ غلاظتن جو اسان کي ذميوار سمجهي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ڪنهن به صلاح مشوري کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، اهڙي سڀاءَ کي لاشڪ ته سياسي ردوبدل چئي سگهجي ٿو پر اهڙي طريقه ڪار کي آسان لفظن ۾ نفسياتي ردوبدل جو عڪس به چيو وڃي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن ٿورو به اونهائيءَ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته نظر پيو اچي ته ملاگاسي جيڪي ڪجهه ڪرڻ گهرن ٿا، ان جي بڻ بڻياد ۾ اسان جي تهذيب جا داڻا پڻ شامل آهن پر هو اسان جي معرفت ساڳي تهذيب کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
انهن جي اندر ۾ سانڀيل اڪثر لاڀائتي ”قوم پرستي“ يا حب الوطنيءَ جي رٿابندي يا سٽاءُ ڄڻ ته قومي آزاديءَ جي لاءِ ڪرنگهو ثابت ٿيا آهن. انهيءَ رٿابنديءَ جو ڪوبه منهن ۽ سر ڪونه پي ڏسڻ ۾آيو ته ڪٿان ورتو ويو آهي، جنهن ڪري نظرياتي فڪر مبهم ۽ منجهيل ڏسڻ ۾ آيو پئي. انڪري سندن پروگرام/ رٿابندي ۽ نظرئي جي ڪابه سگهاري پٺڀرائي ڪونه ٿي سگهي. جڏهن به رهنمائن ۽ عوام ”آزادي“ جي مطالبي کي فرينچ حدبندي ۾ رهندي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا ته سياسي معاملا فهمي رکندڙن ۽ پوليس کاتي وري ميڪاوَلي طريقيڪار اختيار ڪندي ڪنهن ٻي پارٽيءَ کي هشي ڏئي اڳتي آندو، جيڪا بنا ڪنهن شرط شروط جي مڪمل ۽ ترت آزاديءَ جو نعرو ڏئي اڳتي وڌڻ لڳي. جيتوڻيڪ اهڙي پارٽيءَ جي نعري ۾ ڪشش هئڻ سان گڏوگڏ اخباري دنيا ۽ سڌ سماءُ جي ٻين ادارن جو به مڪمل سهڪار رهيو. ان هوندي به اهڙي پارٽيءَ کي عام ۾ ڪا پذيرائي حاصل نه ٿي. ڇو ته اهڙي پارٽيءَ جا ليڊر عوام جي سوچ ۽ فڪر کي سمجهڻ کان عاري هئا، جيڪي سندن ذهن کي ڌونڌاڙي وجهڻ جي شڪتي رکندا هجن. هونئن به ملاگاسين کي پارٽيءَ جي پروگرام ۽ رٿابنديءَ سان نالي ماتر دلچسپي هئي، ڇو ته هو پاڻ کي آزاديءَ جو شير ميربحر ڪونه سمجهي رهيا هئا.
(ان هوندي به ملاگاسين ۾ اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي فرد کان وڌيڪ اسان وانگر سياسي سٽاءَ کي وڌيڪ ڪارگر سمجهن ٿا) پر هڪ نالي چڙهيل رهبر جو پوئلڳ سمجهڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا هئا. اهي پوئلڳ ”باغي“ يا ”انقلابي“ ڪونه هئا، محض ”قوم پرست“ جن جي نظر ۾ هٿياربند جدوجهد جو سلسلو ۽ رٿابندي شامل ڪانه هئي. جيتريقدر باغين يا انقلابين جو تعلق آهي ته انهن جو واسطو پوئتي پيل علائقن سان هو ۽ اهي ئي رهبر ۽ رهنما هئا. ان ڪري ائين سمجهڻ به اجايو آهي ته اهي ليدر صاحب انقلاب لاءِ ڪو دونهون دکائڻ جو وسيلو هئا پر اهي ڄڻ رابطي جو هڪ اهڙو ذريعو هئا، جيڪي اهڙي اڀار کي تير تڪلي تي گذر سفر ڪرڻ جي فائدي ۾ هئا ۽ ڪنهن به تفصيل، وضاحت ۽ تشريح ۾ اونهائيءَ تائين وڃڻ لاءِ تيار ڪونه پي ڏسڻ ۾ آيا.
جڏهن ابتدا ۾ دنگافساد شروع ٿيا، ان زماني ۾ ڪنهن کي سياسي مول ۽ مقصدن بابت چٽائي ڪانه هئي ته قابض حڪمران پنهنجي حرفت ۽ سياڻپ سان بنا ڪنهن رک رکاءُ هڪ ئي مطالبي تي زور ڏئي رهيا هئا ته، ملاگاسين جي چڱن مڙسن کي سندن سان سڃاتو وڃي. اڳتي هلي انهن جي گرفتاريءَ کان پوءِ کين ڦاهي ڏيڻ جا مطالبا شروع ٿي ويندا هئا. (بنا ڪنهن عدالتي ڪارروائيءَ جي) پر هڪ ننڍڙي حرفت يا سازش کڻي چئجي ته فوج کي مڪمل اختيار حاصل ڪونه هئا ته ڏوهارين کي مارشل لائي ڪورٽن وسيلي ڦاسي ڏين. (ان ننڍڙي سازش منجهان هڪ عجيب و غريب صورتحال اڀري آئي ته ليڊرن کي موتمار ”سزا“ نه اچي سگهي. ان وچ ۾ عوام جي جذبات ۾ ايترو ته اڀار ۽ شدت پيدا ٿي جو محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪا سازش يا ڊوهه ڪونهي، پر سچي ۽ حقيقي هلچل روان دوان آهي).
هونئن به بيٺڪي حڪمران حقيقي ذميواري نڀائڻ کان لاتعلق ۽ پنهنجي خطا کي سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه هئا، جيڪا سندن اندر ۾ چڪ هڻي رهي هئي. هوڏانهن جبلت ۽ جبر جي لحاظ کان ملاگاسين جي ذهن ۾ آزادي ۽ ڇوٽڪاري بابت ڪابه ٺهڪندڙ اڻ تڻ موجود ڪانه هئي، پر انهن جي ذهنن تي رهبر ۽ رهنما سوار هئا. ان ڏس ۾ کين پڪو پختو ويساه هو ته انهن رهنمائن وٽ انقلاب آڻڻ جي خاص ڪيميا ۽ ڪاريگري موجود آهي.
اسان وري به انهن حقيقتن کي سمجهڻ ۽ جانچڻ لاءِ پوئتي هلنداسون ته جيئن نفسياتي ڪيفيت کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. ان ڪري کن پل لاءِ سمجهڻ گهرجي ته عام ماڻهن جي اندر ۾ ”قوم پرستيءَ“ جي معنيٰ ۽ مفهوم هيءُ آهي ته اوائلي دور جي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ يورپين جي چوڌاري جيڪا به اُڻت ڪيل آهي، ان کي حالتن پٽاندڙ مزاحمت ڪرڻ جي شڪتيءَ سان يڪجا ڪري ردوبدل آڻڻ ڏانهن پيش رفت ڪرڻ گهرجي.