لُوٿرن جي دکدائڪ ڪَٿا: مارگريٽ فلپس
ان جي برعڪس لوٿر جي نظر ۾ ٻوليءَ جي ڄاڻ محض مقصد يا منزل ڏانهن پيش رفت خاطر ذريعو ته هئي پر ارسيمس وانگر ٻوليءَ جي طلسمي ڪاڪ محل ۾ ڦاسي پوڻ جو حامي ڪونه هو. ان ارسيمس جي لوٿر بابت راءِ هئي ته هن صاف ۽ اثرائتي طريقه ڪار سان جرمن عوام ۾ پنهنجي سڃاڻپ کي نقش ڪيو ۽ ارسيمس جي لاطيني طرز جي آفاقيت کي ڏيٺ ويٺ ڪرائي. حاصل مطلب ته لوٿر ابتداءُ کان ئي ان ذميواريءَ کي هڪ انسان دوست جي حوالي سان نڀاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن کي ارسيمس وانگر ئي قرون وسطيٰ جي فلسفي ۽فڪر کان شديد ڌڪار هئي. هنن ٻنهي مٿان پڙهائيءَ جي زماني ۾ روايتي تعليم زور زبردستي مسلط ڪئي وئي ته جيئن ڊگري حاصل ڪري سگهن. ان جي نتيجي ۾ ٻنهي ڄڻن جي ذهن ۾ قرون وسطيٰ جي هيبت ۽ دهشت پڌري ٿي پئي پر لوٿر، ارسميس جي ڀيٽ ۾ دينيات جو وڌيڪ قائل هو، جنهن ڪري سندس بنيادي ردعمل به ذڪر لائق آهي. ارسيمس پئرس ۾ گرلارڊ (Gryllard)جي شاهانه انداز ۾ فصيح ۽ بليغ ليڪچرن منجهان لطف اندوز ٿيندو هو. انهن ليڪچرن ۾ رڳو هڪ نقطي تي زور ڏنو ويندو هو ته انهن کي بغير چون چران جي مڃيو وڃي. ان ڪري سندس نظر ۾ قرون وسطيٰ جا فلاسافر گهڻي ڀاڱي کل لائق هئا، جن ۾ هڪ نالو (Dunes Scotus) جو پڻ شمار ٿئي ٿو. اهي ٻئي پنهنجي لکڻي اسلوب ۽ دليلن جي لحاظ کان ڇسا ۽ بي سواد هئا ۽ لاطيني ٻولي جي لاک لاهڻ جي ڪارڻ ٻڌندڙ لاءِ مٿي جا وار پٽڻ کان سواءِ ڄڻ ٻيو ڪو چارو ڪونه هوندو هو. اهو سڀ کان اهم نقطو هو ته ڪيئن ورجل ۽ سيسرو جي ٻوليءَ جا لاهه ڪڍندا هئا.
ارسميس، قرون وسطيٰ جي فلسفي تي ايتري دسترس حاصل ڪري ورتي هئي جو امتحان وٺندڙ کي آٿت حاصل ٿيندي هئي پر ان پاسي سندس ذهن جو لاڙو يا شوق نه هئڻ برابر هو. ان جي برعڪس، هو سدائين مڪتبي دينيات (Scholastic Theology) جي مطالعي پويان آڳاٽي دور جي مهان ليکڪن کي پڙهڻ ۾ محو رهندي هڪ جداگانه طرز جي عبادت نئين رنگ ڍنگ سان تيار ڪري رهيو هو.
لوٿر جي معاملي ۾ اهڙي دُوئي مشڪل سان نظر اچي ٿي. لوٿر، تعليم جي روايتي طور طريقن کي به دل جمعيءَ سان پڙهندو هو ته جيئن سچ تائين رسائي حاصل ڪري سگهي. هو مڪتبي دينيات کي به ارسيمس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنجيدگي ۽ اونهائيءَ سان پڙهندو هو. هن جو شديد ردعمل ان وقت نڪري نروار ٿيو جڏهن پاڻ هڪ چٽي، واضح ۽ تز نقطه نگاه کي سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هو استادن آڏو ليڪچرن وسيلي پنهنجي راءِ کي وڌيڪ مستند نموني رکڻ لڳو جنهن ڪري بدمزگي جوهڪ وايومنڊل وسيع ٿيڻ لڳو.
جيئن اڳ ڄاڻائي آيا آهيون ته هن پنهنجن استادن جي تعليمي ڏانءُ کي چڱي نموني پرکي ورتو هو ۽ هاڻي کيس پنهنجي راءِ رکڻ جو مڪمل موقعو مليو هو ته ڪيئن بنهه مختلف ۽ جداگانه طريقه ڪار کي پيش ڪري سگهي.
لوٿر، جڳ مشهور استحقاق/ ڇوٽڪاري (Indulgence) کي مسترد ڪرڻ واري فڪر کي پيش ڪرڻ کان اڳ مڪتبي دينيات سان اختلاف کي پڌري پٽ ڪري بيهاريو. اهڙي ريت لوٿر پاران بنيادي روايتي تعليم ۽ ارسطو جي بالادستيءَ کي پنهنجي شاگردن جي معرفت پيش ڪيل مقالي سان جيڪو اختلاف ۽ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ 1516ع ۽ 1517ع ۾ پيدا ٿيو، ان جي حيثيت ۽ اهميت انهن پنجانوي نقطن کان وڌيڪ آهي. ڇوٽڪاري بابت مقالو(Theses of Indulgence) جيڪو هن ويٽن برگ (Witten berg) ۾ ڪليسا جي ديوار تي 31 آڪٽوبر 1517ع تي چنبڙايو هو. انهيءَ ڪارگذاريءَ سان بنيادي طور لوٿر جو مقصد عام راءِ جو ڌيان ڇڪائڻ هو. ان جي اهڙي واهپي ۾ ارسيمس جو پڙاڏو گونجي رهيو هو. هونئن به لوٿر، انهيءَ قافلي جو اڪيلو ماڻهو ڪونه هو، جنهن مذهبي منافع خورن جي صفن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو جن جي نگهباني ان زماني ۾ رومي ڪليسا ڪري رهي هئي. ائين مذهب کي ميڪانيڪي انداز ۾ جاري رکڻ جي پت وائکي ڪندڙ عمل هو. ڇا ارسيمس پنهنجي هڪ لکڻيءَ (Enchiridion Militias christani) ۾ التجا ڪندي ۽ ڪرستانن کي زور ڀريندي نه چيو آهي ته محض ميڪانيڪي ڍنگ سان تلاوت ۽ عبادت ڪرڻ، تبرڪات کي اکين تي رکڻ، زيارت گاهن تي وڃڻ منجهان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو، پر وس آهر مروج منافقانه روين جو خاتمو آڻي سچائيءَ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ئي آجپو سانڀيل آهي؟
جڏهن لوٿر 1510ع ڌاري روم ۾ داخل ٿي رهيو ته ارسميس ساڳئي مقدس شهر مان روانو ٿي چڪو هو. پر سندس اثر جن شهر ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو هو، انهن کي نظر مان ڪڍڻ ضروري آهي ته جيئن لوٿر جي هلت ۽ سڀاءُ کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻنهي طاقتور شخصيتن جا جداگانه انداز ۾ اثر مرتب ٿيا. ارسميس جي اڳ ۾ ئي سڃاڻپ هئي سو سندس آڌرڀاءُ کليل دل سان ڪيو ويو، ان کان به وڌيڪ اهم ته ٻنهي راهبن لاءِ ڪتبخانن جا دروازا کوليا ويا ۽ هن جي ذهن ۾ روم بابت گاڏڙ يادگيريون چٽيل هيون. يعني هڪ پاسي اندر کي معطر ڪندڙ شاهانه استقبال جو ماحول ته ٻي پاسي پوپ جي درٻار ۾ بدعنواني جي غلاظت ۽ گند به نمايان هئا. هو ان نظاري کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو، جڏهن جوليس ٻيو، بلغاريه ۾ هڪ فاتح وانگر داخل ٿيو ۽ ڦرلٽ شروع ڪئي پر ان سمي پوپ جي غيرعالمانه ۽ ڪريل انداز کيس وڌيڪ ذهني صدمو رسايو. هن جي وس ۾ هڪ ئي هٿيار هو ته طنز ۽ ٽوڪ بازي وسيلي اهڙي صورتحال جا بخيا اڊيڙي ڇڏي. نتيجي ۾ اٽليءَ جي سفر جو نچوڙ ”ڇسائپ (The Praise of Folly) جي ساراهه“ جي نالي سان پڌرو ٿيو. انهيءَ ورتاءَ کي ذهن ۾ رکندي ڏسڻ جي ضرورت آهي ته لوٿر سان روم ۾ ڇا وهيو واپريو ته جيئن ڀيٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. هو روم ۾ اهڙي منجهيل راهب وانگر هڪ ئي خواهش کڻي داخل ٿيو ته عبادتن وسيلي پنهنجي روح لاءِ آنند حاصل ڪري سگهي. ان حوالي سان پڪو پهه ڪيائين ته مقدس شهر ۾گوڏن ڀر جهڪي پرارٿنا ڪندو.
ان لاءِ هن پاڻ کي ذهني طور تيار ڪري ورتو ته حياتيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ جيڪي خطائون ۽ گناهه سرزد ٿيا آهن، انهن جو اعتراف ڪندو ته جيئن اهي سڀئي لاڀ ماڻي سگهي، جيڪي هڪ مڪمل پاڪباز درويش انسان جا حق آهن. انهيءَ سموري روئداد دوران ڪليسا جي ڏاڪي تي پير رکڻ سان دعاگو انداز ۾ پنهنجي وڏڙن جي روحاني ڇوٽڪاري لاءِ آيتن جو ورد شروع ڪيائين پر اوچتو کيس هڪ سخت ”صدمي“ سان منهن مقابل ٿيڻو پيو، جڏهن انهن روحاني رمزن متعلق سندس ذهن ۾ هڪ نواڻ وراڪا ڏيڻ لڳي. ائين هو هڪ اهڙي الهام/ نواڻ سان واقف ٿيو جنهن هن جي ماضيءَ جي محنتن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، پر سندس شعور ۽ فڪر ۾ پختگي اچڻ ۾ ڳپل ورهيه گذري ويا، جڏهن اُهي 1517ع ۾ دنيا جي اڳيان پڌرنامي جي صورت ۾ نروار ٿيا.
اهڙيءَ ريت پاپ کان ڇوٽڪاري جو عمل نئون نڪور ڪونه هو. ائين اهو طريقه ڪار هوريان ڏاڍيان ڪليسا جي توبهه تائب ٿيڻ واري سرشتي جو هڪ اهم جزو بڻجي ويو. ساڳي وقت اعتراف(Confession) ڪرڻ، توبهه تائب ٿيڻ ۽ ڪفارو ادا ڪرڻ جي سلسلي کي به اوائلي دور کان مڃتا حاصل هئي ۽ قرون وسطيٰ واري عهد ۾ ته اهو سمورو سٽاءُ هڪ حتمي صورت اختيار ڪري ويو. ائين صليبي مجاهدن کي پڻ ڪيل گناهن ڇوٽڪاري/ نجات جي خاطري ڏني وئي ۽ مورڳو کين ڪفارو ادا ڪرڻ کان به آجو قرار ڏنو ويو جنهن ڪري ماڻهن کي گناهن کان پاڪ پوتر ٿيڻ لاءِ ڪليسائن جي اڏاوت ۽ چندي ڏيڻ سان ڇوٽڪاري جي پڪ ڏني وئي. اهو سرشتو/ رسم و رواج چوڏهين صديءَ ۾ پکڙجڻ شروع ٿيو ۽ پندرهين صديءَ ۾ ته مورڳو فوج ۽ ترڪن خلاف جنگ ۾ مالي سهائتا ڪرڻ کي به پنهنجي زمري ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سورهين صديءَ جي اوائل ۾ ڇوٽڪاري جو سرشتو پوپ لاءِ آمدني جو هڪ بنهه اهم ذريعو بڻجي ويو. اڃا به پندرهين صدي ۾ ڇوٽڪاري جي تاثير ۾ ايترو ته واڌارو آيو جو اهو فيض روحن کي نجات ڏيارڻ جو هٿيار پڻ بڻجي ويو.
اهڙي انسانيت مخالف سرشتي جي لعنت ملامت/ نندا (Condemnation) ڪرڻ ۾ لوٿر اڪيلي سر ڪونه هو پر ٻيا به شامل هئا. جنهن ڪري 17¸1516ع ڇوٽڪاري/ نجات بابت سندس لکڻين پڌري پٽ اهڙي شرمناڪ طريقه ڪار کي اگهاڙو ڪري بيهاريو ته ڪيئن ڪليسا جي نالي ۾مايا ميڙ ٿي رهي آهي. اهو ڇوٽڪاري جي ڍونگ جو سلسلو آرچ بشپ آف مينز جي رفاقت سان هلي رهيو هو، جنهن ۾ ڏوڪڙن جي آمدنيءَ مخفي طور آرچ بشپ ۽ مقدس پوپ جي وچ ۾ ورهاست جي لحاظ کان اڌو اڌ جي حساب سان طئي ڪئي وئي هئي. انهيءَ ڪارج کي وڌيڪ ڪارائتو ۽ ونڊ ورڇ کي سولو بڻائڻ لاءِ آرچ بشپ هڪ ئي وقت ڪليسا جي ٽن مکيه عهدن تي مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ڪڌي ڪاروبار کي وڌيڪ پُراسرار ۽ پردي جي پويان رکڻ لاءِ اعلانيه وعدو ڪيو ويو ته سينٽ پيٽر جي عمارت جي اڏاوت لاءِ جيڪو به ماڻهو مالي امداد ڪندو ته ان جي عيوض کيس اڳين پوئين گناهن جي معافي ملي ويندي. پوءِ اهي گناهه ڪيترا به خوفائتا هجن. اها معافي نه رڳو جيئرن انسانن کي، پر مئلن کي به ملي ويندي. اهو پراسرار طريقو ظاهري طور ماڻهن ۾ زبردست مڃتا حاصل ڪري ويو پر انهيءَ سلسلي جي پرچارڪن جو بنيادي مول متو گناهن کان پوتر ڪرڻ جو دم دلاسو ڏئي مال متاع گڏ ڪرڻ هو.
ان وهنوار کي سگهارو رکڻ لاءِ خاص ڪري فوتين جي پونئرن کي دوزخ جا دڙڪا ڏئي ۽ عذاب جي تصوير ڪشي ڪري کين ذهن ۾ ويهاريو ويندو هو ته خسيس قسم جي خيرات ڪرڻ سان هنن جي روحن کي ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو ۽ تحقيق اهو ڪارو وهنوار روان دوان هو ته لوٿر وِٽن برگ (Witten berg) جي ڪليسا تي پوسٽر لڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
انهيءَ ڪارج جو ردعمل ڊرامائي انداز ۾نروار ٿيو. اهو هڪ اپيل جي صورت ۾ هو ۽ اهو عام ماڻهن لاءِ ڄڻ هڪ منشور جي حيثيت اختيار ڪري ويو. هونئن اها لکڻي پنهنجي سٽاءُ ۾ سادي طرز جو هڪ اعلان نامو هو جيڪو مستقبل بابت سزا ۽ جزا جي عنوان تي اختلاف راءِ ۽ بحث مباحثي جي نينڍ هئي. لوٿر پنهنجي علمي بحث کي نئين عهدنامي جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌائي آندو. هو اڃا به ارسيمس جي سهڪار ۽ پٺڀرائيءَ سان هڪ منجهيل مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو ته ڪليسا پاران مستند(Poenitantiam agere) ڄاڻايل معنيٰ ۽ مفهوم کان جداگانه ۽ نرالا مطلب به ڪڍي سگهجن ٿا. ائين هڪ ڪرستان کي ذهن ۾ ويهارڻ ۽ دلجاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سندس گناه يا توبهه تائب ٿيڻ جي جزا/ ڪفارو ڪنهن هدايت يا فرمان جي محتاج آهي، يعني اهڙو عمل جنهن اوهان جي اندر کي لوڏي ڇڏيو آهي، پر ظاهر ڏيک ويک ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو آهي ۽ جيڪا به اندر ۾ ڦيرڦار ايندي آهي سا ڌڻي سڳوري جي ڪرم نوازي چئي سگهجي ٿي. انهيءَ صورتحال جزا/ ڪفاري ادا ڪرڻ جي ظاهري آب تاب کي للڪارڻ لاءِ لوٿر سمجهيو ته ارسيمس جهڙي ماڻهوءَ جو سهڪار لازمي آهي، ڇو ته هو به لڳ ڀڳ ساڳئي طرز ۽ طريقي سان ڳالهائي رهيو هو پر ان هوندي به ٻنهي ۾ سوچ ۽ رسائي جو چڱو موچارو فرق نمايان هو. لوٿر جو سنئون سڌو ۽ تز حملو هو. جڏهن ته ارسميس حرفت سان ٻه منهين تلوار جيان چَهڪُ ڏئي بيزار ڪرڻ جو قائل هو. پر ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم يا گمان ڪونهي ته اهي ٻئي بنا ڪنهن هٻڪ جي مروج بدعتن ۽ اوگڻن جي خاتمي لاءِ ساڳي نموني جي جدوجهد ڪري رهيا هئا.
ائين ظاهري طور 1517ع ۾ نظر پئي آيو ته ارسيمس ۽ لوٿر ڄڻ ته سڌارا آڻڻ جي هڪ ئي رستي جا پانڌيئڙا هئا پر بنيادي طور ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وسيع فرق موجود هو. انڪري چڱو ائين ٿيندو ته اٿندي ئي ٻنهي جي اختلافن کي اجاڳر/ نروار ڪجي، پر ان کان پهريائين هڪ ٻئي ڏانهن سندن ورتاءُ کي سمجهڻ ضروري آهي. ڇو ته ائين سندن سماجي سهڪار ۽ بنيادي اختلاف راءِ، حالتن ۽ واقعن کي تورتڪ ڪرڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي. ائين به هروڀرو ڪونهي ته ٻنهي همراهن جي مسئلن ۽ مونجهارن ڏانهن ذهني ۽ فڪري پهچ يا رسائي منفرد انداز جو مطلب اڻ وڻندڙ نتيجن جو اظهار آهي.
لوٿر جي حياتيءَ ۾ ڪرشماتي دور ڳڻپ ۾ اچي ٿو، جڏهن 13-1512ع جي زماني ۾ وٽن برگ جي ڪليسا ۾ رومن ٻوليءَ ۾ آيل معنيٰ ۽ مفهوم کي هڪ ڌار نموني سمجهڻ جي سگهه حاصل ڪئي. اهو آهي ته ”محض ويساه وسيلي جياپو.“ ائين هڪ لوٿر جو ٻيهر جنم ٿيو، جنهن لاءِ فرض ٿي پيو ته پنهنجي زندگيءَ جي طور طريقن کي ڪنڌ ورائي ڏسي ۽ حياتيءَ جي نئين سفر ڪرڻ کان اڳ ۾ حقيقت ڄاڻ ۽ سُڌ حاصل ڪري سگهي. هن جا خانقاهه ۾ گهاريل زندگيءَ جا سال ڄڻ ته پيڙا ۽ عذاب جو دور هو پر ائين نه جيئن ارسميس فڪري ۽ ذهني ڇڪتاڻ ۾گذاريا هئا. لوٿر اصل ۾ روحاني عذاب ۾ مبتلا رهيو، ڇو ته جيڪو ويساهه ۽ عقيدو، هن قرون وسطيٰ جي دينيات منجهان حاصل ڪيو هو سو هن جي تسلي ۽ تشفي ڪرڻ ۾ ڪنهن به ڪم جو نه رهيو هو.
لوٿر جا جا هم ڪلاسي ڊن اسڪوٽس (Duns Soctus) ، اوڪيم (Occam) ۽ سندن پوئلڳ جيڪي علم دينيات جي حصول ۾ هن جا استاد چيا وڃن ٿا، انهن جي راءِ مطابق منش جي مَن ۾ هڪ آزادانه قوت ارادي سانڀيل آهي، جيڪا سندس هٿ وسيڪي پڻ آهي. انڪري بپتسما جي برڪت حاصل ڪرڻ سان هو (انسان) ڌڻي سڳوري ڏانهن رجوع ٿئي ٿو. ان برڪت جي مهابي ڇوٽڪاري ڏانهن وک وڌائي ٿو. هنن جي راءِ موجب اهو سچ آهي ته انسان جو ڇوٽڪارو ڌڻيءَ جي برڪت ۽ اختيار اعليٰ سان واڳيل آهي ۽ ماڻهو جيڪا به ”اهليت“ حاصل ڪرڻ جي لائق ٿئي ٿو ته اها به ڌڻيءَ جي مهرباني ۽ مهر کان سواءِ پراپت ٿي نه سگهندي، پر هن انسان کي هڪ آزاد قوت ارادي پڻ عطا ڪئي ۽ شعور ڏنو ته جيئن هو هڪ نئين واٽ وٺي سگهي. ان تي عمل ڪرڻ سان کيس خبر پوندي ته هڪ ڪارج مند حياتي ڪيئن بڻائي سگهجي ٿي.
ان کان سواءِ ماڻهو ان لائق به ٿي سگهي ٿو ته ڪهڙي ريت نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙي طرز جي آدرش جو ڳانڍاپو انسان جي پُراُميد انساني سڀاءُ ۽ سوچ سان هئڻ جي نتيجي ۾ بڇڙائي/ برائي جي طاقت ۽ گناهن ۾ گهٽتائي ايندي رهي ٿي. انهيءَ طرز جي پوئواري ڪرڻ سان انساني ذهن ۾ واسو ڪري ويٺل خفت گم ۽ غائب ٿي وڃي ٿو ته بنيادي طور محض پاپ ۽ پُڃ ئي انساني فطرت جو اهم جزو آهن، جنهن ڪري اهڙو طريقه ڪار انسان کي نجات ڏانهن رجوع ڪرڻ لاءِ زور بار وجهي ٿو ۽ نه وري معافيءَ جو طلبگار بڻجڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪري ٿو. ائين فطري طور اهڙي ڍنگ جو عمل ۽ عقيدو مذهب جي ميڪانيڪي لاڙن لاءِ بڻ بڻياد فراهم ڪري ٿو. ان جي ابتڙ فلسفيانه ڏِس ۾ مونجهه ۽ شڪن کي اُڀاري عام ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻجي پوي ٿو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته متيون منجهائيندڙ اصولن ۽ وڌاءُ ڪري پيش ڪرڻ جي طريقن کي لوٿر ۽ ارسميس مذمت جي لائق سمجهيو.
هونئن ارسميس لاءِ سوال هو ته معاملي/ مسئلي سان ورتاءُ يا سلوڪ ڪرڻ عقيدي کان وڌيڪ اهم آهي. هن لاءِ ڪٽر عقيدو ڄڻ ته لعنت ملامت برابر هو. هو بنيادي طور علم دينيات جو گهڻو ڄاڻو ڪونه هو، جنهن جي کيس به سُڌ هئي، پر عام فهم ۽ ادراڪ جي موجودگيءَ سان هن پنهنجي لکڻي Enchiridion ۾ روحاني نظرئي ڏانهن موٽ اختيار ڪئي. اهڙيءَطرح ڪوبه ماڻهو جيڪڏهن دليل جي روشنيءَ ۾ انجيل مقدس جي تعليم کي پرکيندو ته عيان ٿي پوندو ته ڌڻي سڳوري لاءِ مذهبي جشن ملهائڻ ۽ رسم رواج جي نماءُ جي ڪابه گهرج ڪانهي، البته زندگي جي پاڪائي امن، پيار جي ضرورت آهي ته جيئن حضرت مسيح جو ڪردار هٿراڌو يا جهيڻو نظر نه اچي. اڃا به ارسميس ڪرسچن عقيدي جي محض سادگيءَ کي پرک جي ڪسوٽي ۽ اجايو سجايو اصولن جي پس منظر ۽ جهنجهٽ ۾ پوڻ کان پاڻ کي بچائي رکيو. هن جي ذهن ۾ انسان بابت هڪ ئي راءِ هئي ته منجهس هڪ روشن خياليءَ جي شڪتي سانڀيل آهي. جنهن جو واسطو ذهانت ۽ اخلاقي روش سان آهي، جيڪي هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿينديون رهن ٿيون. ان کي گهڻو تڻو ڪارٽيزن قاعدو (Cartesian Theory) به چيو وڃي ٿو. هن لاءِ آڳاٽي علم جي عيسائي تعليمي سرشتي سان ڳانڍاپي جي معنيٰ آهي، ان ۾ لڪل خوبين کي نروار ڪري بيهارڻ. حالانڪ اهي خوبيون ڪرستاني نقطه نگاه کان اوندهه جو جهان آهن، پر انهن جي اهميت ۽ پد کان پوءِ به انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.
هاڻي هتي ان سوال کي ٿورو وائکو ڪجي ته ارسميس اصل ۽ نقل کان نٽ نٽاءُ ڪري پي سگهيو ته لاشڪ مڙني خوبين جو مرڪز بنهه ڌڻي سڳورو/ ذاتِ صفات آهي پر هن ڪامياب حڪمت عمليءَ سان انهن منجهيل مسئلن ۾ ڦاسي پوڻ کان پنهنجا پاند بچائي رکيا ۽ ان ڪري سندس اخلاقيات ۾ انتهائي دلچسپي ۽ لڳاءُ پڻ روحاني دنيا جي پُراسراريت ڏانهن هڪ مودبانه انداز کي ظاهر ظهور ڪري ٿو. هي انهن شخصيتن مان ليکي سگهجي ٿو جيڪي ”هڪ ڀيري لاءِ ڄايون“ هيون. هن اهڙو رستو اختيار ڪيو جنهن تي سڄي ڄمار ڪاربند رهيو ۽ سدائين منفرد ۽جداگانه پس منظر رکندڙ عنصرن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ اهڙي جدت کي اڀارڻ لاءِ ڪوشان رهيو، جنهن جي معنيٰ ۽ مفهوم سندس نظر ۾ دل کي آٿت ڏيندڙ جياپي جي اصول تي پيروي ڪرڻ هو.
اهڙيءَ ريت ظاهر آهي ته جيڪڏهن ارسميس علم دينيات/ علم الاهيات کان ڪوهين ڏور هو سو ان ڪري نه ته سندس بنيادي عقيدا، محض وحشي طور طريقا ڏسڻ ۾ پي آيا. ان ڏِسِ ۾ لوٿر سان وري هڪ جداگانه حالت هئي. لوٿر پنهنجي سِر انهن مسئلن ۽ مونجهارن کي بيدار مغز بڻجي ڳوڙهي نموني تپاسي رهيو هو، جنهن جو انجام کيس ڌڻي سڳوري کان پرانهون وٺي پي ويو. ڇو ته هن خانقاه ۾ ورهين جا ورهيه هڪ عذاب ۽ پيڙا جي ماحول ۾ پڻ گذاريا هئا. هن جي جدوجهد هڪ نيڪي ڀريل زندگي گهارڻ، انهن سڀني سهولتن جو حصول جيڪي سندس ضرورت آهن، ان کان سواءِ پنهنجي اڻپوري ڄاڻ ۽ علم کي تجربي جي باه منجهان گذارڻ. هو دراصل ان معاملي ۾ سخت محتاط هو ته هن وٽ اهڙي ڪابه سگهه ڪانهي جو درست دڳ اختيار ڪري سگهي. پوءِ ان بابت مذهبي مهندار کڻي ڇا به چون.
ائين ناممڪن آهي ته سندس جُهد مورڳو روح جي مٿان چٽيل گناهه/ ڏوهه کي ڌوئي پاڪ ۽ پوتر ڪري ڇڏيندي. هن جي اندر ۾ متل هورا کورا/ آنڌ مانڌ بابت ڪنهن به مصاحب/ صحبتي کي سُڌ ڪانه ڪئي هئي. ان حد تائين جو نائب بشپ جيڪو ”اعتراف“(Confession) ڪرائڻ جو ذميوار هو سو به هن جي پيڙا کي ٿڌو ڪري نه سگهيو هو. ان جي ردعمل ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ نيڪيءَ جي ذات صفات بابت ڊپ ۽ نفرت جا گاڏڙ اڌما وڌي وڻ ٿي ويا. انڪري بغاوت جي پيڙا ۽ گناه ۾ گهيرجي ويو، جنهن سان ڇوٽڪاري لاءِ لاشڪ ته خدا تعاليٰ جي ويجهڙائي ضروري هئي.
هاڻي لوٿر جي لاءِ، عدالتي تحقيقات وقت هڪ نقطو عالم آشڪار ٿيو ته عيسائي مذهب پيار ۽ محبت کان وانجهيل آهي. اهو مذهب مڪمل طور خوف ۽ ڏهڪاءَ جي پيداوار آهي ۽ آسمان تي اونده ۽ انڌوڪار ڇانيل آهي. جنهن ڪري ڇوٽڪاري يا نجات جي واٽ ڳولي لهڻ لاءِ شعوري طور هيڪڙائي/ وحدانيت ڏانهن الوهيت ڏانهن رجوع ٿيڻ گهرجي، جنهن جي هٿ ۾ سڀئي اختيار آهن ۽ هن ڄاڻي ورتو ته باقي سڀ ڪجهه اجايو ۽ عبث آهي.
هن، ان ڏهاڙي کان جدوجهد جي ابتدا ڪئي، جڏهن چڱي خاصي عرصي کان پوءِ سينٽ پال ۾ عبادت ۽ استغراق وسيلي اوچتو سڀ شيءِ چٽي ٿي سندس آڏو اچي بيٺي. ان هوندي به هڪ نظريو هڪ اصطلاح جي شڪل ۾ کيس صلاح ثباب ڏئي رهيو هو ته: ”ڌڻيءَ جي هيڪڙائي“ جيڪا ڄڻ ته هڪ قهار خدا جي پاران ان ماڻهو لاءِ سزا هئي جنهن جي ڪنهن به سلوڪ کي مڃتا لائق سمجهي هن جا ڏوهه گناهه معاف ڪيا وڃن. هو (لوٿر) پاڻ وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿو ته، ”جنهن وقت صورتحال روشن بڻجي سامهون آئي ته هن کي منڪشف ٿيو ته، ”خدا جي وحدانيت جو بيان جنهن نموني بائيبل ۾ ڪيل آهي.“ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم هن فقري سان ٺهڪي سگهي ٿو ته ”ويساهه ئي جياپي جو وسيلو آهي.“ ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته انجيل ۾ خدا جي هيڪڙائي جي دليل کي قانون تي هيڪڙائي نه سمجهڻ گهرجي، يعني هڪ ڪٺورتا ڀريل تڪميل جنهن جي اڳيان ڪوبه ارواح سينو ساهي نه ٿو سگهي، ڇو ته هن جي حساب ڪتاب ۾ ڏوهاري کي سزا ئي ڏيڻ آهي. اها ڄڻ ته ڌڻي سڳوري طرفان انسان لاءِ هڪ سوغات جيان آهي.
خدا جي سچائي(Righteousness) جي مشابهت ان لباس جهڙي آهي، جيڪا جوابدار/ ڏوهيءَ جي خرابين جي اوگهڙ کي ڍڪي سگهي ٿي ۽ اڃا به ائين چئجي ته هو پنهنجو بي حساب مال ۽ خزانو بندي مٿان نڇاور ڪري ٿو. انهيءَ طرز جي تڪميليت سان انسان جي خسيس يا نه هئڻ جهڙي صفاتي حيثيت جو ڪوبه واهپو ناهي. اهي سڀئي وصفون آهستي اهستي ڌڻي سڳوري جي عظمت آڏو جهيڻيون پئجي لاوجوديت ڏانهن روانيون ٿينديون. ان ڪري پروردگار جي لامحدود اختيارن کي متبادل طور حاصل ڪرڻ ڪنهن به روح/ جوهر جي هٿ پير هڻڻ کان ٻاهر آهي. ائين لوٿر، نراسائي ۽ نااميدي جي حياتي ۾ جياپي لاءِ ڄڻ ته تڙڳي رهيو هو، پر پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس نئين پيدائش شڪتي جي عهد سان لاڳاپجي رهي آهي. هو ڄڻ ته هڪ ٻڏندڙ تاروءَ وانگر هو، جيڪو ڪنڌيءَ ڀيڙو ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻي ساڻو ٿي پيو هو ۽ جڏهن اوچتو سمونڊ جي مڇريل ڇولين کيس کڻي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو.
لوٿر کي جنهن نظرئي ذاتي مصيبت مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪُلهن تان ٻوجهه کي لاهي ڦٽو ڪيو سو هو نياءَ پرستيءَ جو رستو، جيڪو هن هڻ هڻان سان نه پر ويساهه وسيلي حاصل ڪيو ۽ اهوئي بنيادي ڪارڻ هو هن جو مستقل مزاجي سان متبادل رستو اختيار ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻ خاطر انهيءَ نئين فڪر جي روشنيءَ ۾ هن مقدس ڪتاب جو ٻيهر کليل ۽ آزاد ذهن سان مطالعو ڪيو.
اڳتي هلي هن، آهستي آهستي سچيتائيءَ سان ڄاڻي ورتو ته قرون وسطيٰ جي فلسفي ۽ فڪر ۾ ڇا سانڀيل آهي. ان کان پوءِ هن ارسطوءَ جي فلسفي ۽ علم الاهيات تي مڪمل اعتماد سان وڌيڪ مٿو کپائڻ مناسب نه سمجهيو ۽ ان جي متبادل طور پنهنجي نظرئي کي وڌيڪ دليل جي بنياد تي اجاڳر ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو. اهو مادي فلسفو نه پر سندس تجربي جو نچوڙ هو ته ماڻهو بذات خود پنهنجي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾هيڻو ۽ ضعيف آهي. جيستائين کيس ويساه جي روشني حاصل نه ٿي ٿئي، هو شايد درست دڳ وٺڻ لاءِ جُهد ڪري ٿو پر هن جي قوت ارادي جڪڙيل، سوچ ويچار تي ڇانيل اوندهه هن جي اندر ۾ مونجهه جون چڙهيل تاڪيون سي سڀئي سندس نيڪ ۽ گڻائتي خصلت تي ڇانورو ڪري بيٺل آهن. اها سموري ڪيفيت هڪ عجيب ۽ اجنبي صورتحال سان ڳنڍيل آهي ته انساني فطرت جي اهڙي خيال آرائيءَ جو نچوڙ هڪ نفسياتي وٿ سان واڳيل آهي. اِن وارتا جو جو جيتريقدر واسطو آهي ته اها لوٿر جهڙن سان ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن ٿا ته سڀني چڱاين جو لاڳاپو ڌڻي سڳوري جي ذات سان آهي ۽ انسان جي حاصلات ويساهه وسيلي ئي ممڪن آهي ۽ سڀئي انساني قدر بنيادي طور بيش بها آهن، جيڪي شڪتي ۽ خوشي حاصل ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
اهڙو طريقه ڪار جيڪو ذات صفات جي ڪرم نوازيءَ سان تشڪيل نو جي عمل سان لاڳاپجي ٿو، سو اصل ۾ پاپي جي اندر ۾ ٻيهر ڄڻ مسيح جو واسو ڪرڻ چئي سگهجي ٿو. اهو ئي لوٿر جي ليڪچر ۽ ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ جو مکيه نقطو ڌڻي سڳوري بابت هو. انهيءَ نقطي جي آڌار تي هن پنهنجي پورهئي پگهر سان 7 1 5 1 ع ۾ ناماچار حاصل ڪيو. هن ان کان بعد ئي هڪ سڌارڪ طور پنهنجي ماڳ ۽ منزل جا نشان ڳولي لڌا.هن مختصر لکڻيءَ ۾ ناممڪن آهي ته لوٿر جي دينيات بابت لکڻين تي ڳوڙهي نموني ويچار ڪجي پر پوءِ به سندس مقصد ۽ مطلب کي چڱي نموني سمجهڻ لاءِ ٻن نقطن کي ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي: هڪ ته لوٿر جي سوچ آزادانه قوت ارادي جي صريحن نفي ڪري ٿي، جيڪا اڻ سڌي طرح نه رڳو قرون وسطائي فيلسوفن کي بِرُ ڪري ٿي پر انسان دوست فڪر رکندڙن کي پڻ ڀڙڪائي ٿي.
هونئن لوٿر ۽ ارسميس هڪ عجيب ۽ منفرد صورتحال سان هڪ ئي وقت منهن مقابل هئا. اهو هيئن ته ٻئي ڄڻا علم الاهيات مٿان زوردار نموني حملي آور ٿيا، جنهن ڪري پنهنجي دور جا پاپي ليکڻ ۾ آيا ۽ سطحي طور ائين پي نظر آيو ته ٻئي ڄڻا هٿ ۾ هٿ ڏئي گڏيل دشمن سان منهن ڏئي رهيا آهن پر حقيقت ۾ اهي ٻئي جيڪي ڪجهه ڪري رهيا هئا سو بنيادي طور جدا جدا سوچ سان لاڳاپيل هو. جڏهن ارسميس مذهب جي مڪينڪل انداز کي رد ڪري رهيو هو ته ان منجهان سندس مراد هيءَ هئي ته اُهي (مذهبي مهندار) ڪهڙي ريت اخلاقي قدرن جو ڏيوالو ڪڍي رهيا آهن. هن جي چاهنا هئي ته منش جي اندر ۾ ڇوٽڪاري لاءِ متل هورا کورا کي حياتي گهارڻ جي بهتر طور طريقن سان وابسته ٿيڻ گهرجي. ائين ٻين لفظن ۾ چئجي ته اهڙي طرز جي پيش بندي ڪرڻ سڦلائتي ۽ سودمند آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان ذهني پسماندگي جي برعڪس فڪر ۽ ساڃاهه ۾ اضافو ٿئي، پر جيڪڏهن سادي سودي ذهن جي مٿان متبرڪ ۽ مقدس گنج/ مال دولت جو قبضو آهي ته اهڙي ذهن کي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي نالي ۾ نصيحت ڀريل هدايتن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڪنهن ڪارگر اڳرائيءَ کان روڪي سگهجي ٿو. ان جي برعڪس جڏهن ته لوٿر پاپ جي مذهبي تشريح کي تنقيد لائق سمجهندو رهيو. ان لاءِ هن مڪمل طور وابستگيءَ سان عمل ڪيو، جنهن ڪري هن نه رڳو ميڪانيڪي طور کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي پر پنهنجي ڪيل ڪمائيءَ کي قيمتي ۽ بيش بها ڀانئڻ لڳو ۽ جيتريقدر پاپ ۽ پڃ ۾ ويساه سان تعلق آهي ته اهو سندس نظر ۾ هڪ غلط نقطه نگاه جو چلڪو يا چمتڪار آهي. ان ڪري اخلاقي قدرن جو سڀ کان مٿانهون ۽ خالص پد يعني ويساه کي پاڻ هرتو رد ڪرڻ جي عمل کي ڪُنڊائتو ڪرڻ کان پوءِ ڌڻي سڳوري جي رحمت ۾ ويساه رکڻ به ڄڻ ته ساڳي رد ڪرڻ جي زمري ۾ ليکي سگهجي ٿو ۽ لاشڪ ته آڳاٽي دور جا جيڪي به ڪارج/ ڪم آهن انهن جو ساڳيو ئي انجام ٿيڻ وارو آهي.
هڪ اهم نقطو جيڪو لوٿر جي آڳاٽين لکڻين ۾ وسارڻ نه گهرجي ته انسان جي طبيعت ۾ سانڀيل بدعنواني ۽ بي وسي جو درست ٿيڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ هو پنهنجي پنهنجي تقدير سنوارڻ لائق ٿئي ٿو. هونئن به منطقي لحاظ کان مستحڪم مزاجيءَ جي نفي ڪرڻ ۽ ڀاڳ تي ڀاڙي ويهڻ اڃا به وڌيڪ هڪ انسان دوست ۽ سڌارڪ سوچ جي وچ ۾ وٿي پيدا ڪن ٿا. انهيءَ نقطي کي اڳتي هلي وڌيڪ سنواري سينگاري پيش ڪندڙ ڪيلون (Calvin) آهي جنهن پنهنجي لکڻيءَ (Institution de la religion chrtiene) جيڪا 1536ع ۾ لاطيني ۽ 1541ع فرينچ ٻولين ۾شايع ٿي، صاف ۽ شفاف نموني ڄاڻايو ته ڄاڻ ۽ علم جي نئين سِر بحالي ۽ سڌارا جڏهن نڪري نروار ٿين ٿا ته سندس راهون به جدا ٿي وڃن ٿيون، پر سچ پچ ته اهو سڀ ڪجهه لوٿر جي لکڻين ۾ اڳواٽ ئي پڌرو هو. ڇو ته منش جي من ۾ اڳواٽ ئي کوٽ هئڻ سبب هو پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ لاءِ چرپر ڪو نه ٿو ڪري ۽ ڪنهن به ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ کان سواءِ سمجهي ٿو ته رحم ۽ ڪرم جي مٿس پلر پالوٽ ٿيندي، هن جي گناهن جو ٻوجهه پاڻ هلڪو ٿي ويندو ته پوءِ کيس نيڪي ۽ چڱائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لازمي بڻجي پوي ٿو. پر ان لاءِ بندش ۽ مونجهه کان آجو هئڻ ضروري آهي، نه ته ٻي حالت ۾ ڪجهه به هڙ حال ڪري نه سگهندو، هن دنيا ۾ پاپ ڏاڍو سگهارو آهي. ان ڪري ڪجهه ٿورا ماڻهو آجا بڻجي ڪنڌ مٿي کڻي روشنائيءَ ڏانهن هلڻ جي لائق بڻجي سگهن ٿا.
لوٿر لاءِ اهو سڀ ڪجهه آگسٽن جي پوئلڳ طور عيان هو ته رب هڪ راز آهي ۽ انتر يامين آهي جيڪو سڀ ڪنهن تي پنهنجي رحمت نڇاور ڪونه ٿو ڪري پر ڪجهه چونڊ بندن سان ڀلائيءَ جا ڀال ڪري ٿو. اهي ڪير آهن، هو چوي ٿو: ۽ اهي ڇالاءِ چونڊيا ويا آهن؟ اهو ماڻهوءَ جي لاءِ ضروري ناهي ته ڄاڻ حاصل ڪري ۽ لاشڪ کيس مڃتا ۽ مان تڏهن ئي ملي ٿو جڏهن پاپ کي رد ڪري ٿو ۽ موٽ ۾ ڌڻي سڳوري جي لامحدود رحمتن جو حقدار بڻجي ٿو.
بقول لوٿر: پاپن جي مٿان سرسي حاصل ڪرڻ سان انسان ۾ هڪ مستقل مزاج روش جو ذهن ۾ وسرام ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾هو هميشه لاءِ آفاقي ۽ ڪئٿولڪ جهنجهٽ کان آزاد ٿي پوي ٿو. ان ڪري ته پهريون نقطو هن ۾ ڄم کان وٺي ئي انسانذات لاءِ محبت جي خوبصورتي، نيڪي ۽ عظمت کي اجاڳر ڪري ٿو ۽ ٻيو نقطو وري کيس سمجهاڻي ڏئي ٿو ته جنهن به ماڻهوءَ بپتسا حاصل ڪئي آهي، سو رحم۽ ڪرم جو حقدار آهي. ڇا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ اهو گَنجُ آهي ته هو پنهنجي آزادانه پد کان پاسو ڪري ڇڏڇڏاءِ جي ڪيفيت ۾ ورتل رهي.