وينزويلا ۾ سياسي رتوڇاڻ: 1964-1958: ايڊورڊ ڊبليو گـُوڊَ
قابلِ فهم نظريو قائم ڪرڻ واري مقصد خاطر، هن کي ياد رکڻ اهميت جوڳو يا وقتائتو هوندو ته، ڪلاسيڪي ادب ۾ تشدد کي مفصل انداز ۾ پيش ڪيو ويو، يوناني فيلسوف ارسطو سندس ڪتاب V سياست کي سموري نظام جي تبديلي جي ڪارڻ کي انقلاب طور صرف ڪري ڇڏيو. يقينا سڄو اصرار سياسي تشدد تي هو، جنهن روايتي طور ڇڪتاڻ جي انتظامي اٽڪلن/مهارتن کان وڌيڪ مُک تبديليون آشڪار ڪيون، جڏهن ته هن تشدد ڏانهن وٺي ويندڙ عام ۽ خاص ٻنهي ڪارڻن جي پروڙ ڪري ورتي هئي. سندس عام طور انتهائي اهم تجزيو آهي ته “ هي جيڪو مساوات لاءِ جذبو هوندو آهي، اهو ئي فتني يا فسات جي بنيادن ۾ موجود هجي ٿو.”
بعد ۾ ارسطو انهي کي نفسياتي پهلو ۾ تبديل ڪيو، هتي سندس چوڻ آهي ته:
“سوچ جي رويي/رجحان جو هڪ بنيادي ۽ عام مقصد، جيڪو ماڻهو کي تبديليءَ ڏانهن راغب ڪري ٿو، اهڙو ڪارڻ هجي ٿو، جنهن بابت اسين فقط ڳالهايو آهي. ڪجهه اهڙا به مقصد آهن، جيڪي فتني ۽ فساد کي اڀاريندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ذهن مساوات جي جذبي سان ڀرپور هوندا آهن، جيڪو جذبو سندن اهڙي سوچ سان پيدا ٿئي ٿو ته وٽن برابر هجڻ جي بدران وٽن سوديبازي جي هڪ بدترين شڪل موجود رهي ٿي، جن مان هنن فائدو ورتو آهي. ساڳئي هنڌ ٻيا اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪن ٿا جو سندن ذهن وري عدم مساوات (يعني بالادستي) واري جذبي سان ڀريل هوندا آهن، اهو سندن انهي خيال مان پيدا ٿئي ٿو ته کين ٻين مان ڪوبه فائدو نه مليو آهي (پر هڪ برابر يا وري تمام ٿورو مقدار)، توڙي جو اهي واقعي به ٻين سان وڌيڪ برابري واري هجن ٿا.”
هن ابتدا کان ڪارڻن جي ڪيتريون ئي صنفيات (Typology) اوسر ٿيل آهي، جيڪي نمايان طور انهن شڪايتن ۽ دانهن جو ڳاڻيٽو ڪن ٿيون، جن کي عام ماڻهو توڙي حڪومتون محسوس ڪنديون آهن. ارسطو جي مطالعي مان هي به واضح آهي ته انقلاب کي روڪڻ لاءِ فقط جوابي حملو ڪافي ناهي هوندو. معمولي قسم جي لاقانونيت کي ته روڪي سگهبو پر روڪٿام جا بنياد “هر آئين سان ٺهڪندڙ مخصوص صورت ۾ ڀلائي ۽ انصاف جي خاصيت” ۾ موجود رهن ٿا.
اهڙو ڇيد مقصدن/ڪارڻن (Causes) تي گهري نظر فراهم ڪرڻ ۾ ڪارائتو آهي، جيڪو سياسي تشدد کي اڀارڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو پر حرڪي قوتن بابت پڻ ٿورو گهڻو ٻڌائي ٿو. بهرحال، ارسطو حڪومتي سطح تي تشدد ۾ احتياط سان فرق ناهي ڪيو، جتان “ٿوري لاقانونيت” کي مهرباني/شفقت جي پهلوئن طرفان تشدد کي بيجا طور ظاهر ڪرڻ واري صورتحال کي ڌنڌلو ڪندي ڪنٽرول ڪيو ويو. پوليس جي ظلم جا ڪهڙا اثر آهن؟ ماڻهو سرڪشن جي حمايت ڇو ڪن ٿا؟ ڪهڙين حالتن ۾ سرڪشي وڌندڙ رڪنيت سازي کي منظم ڪري سگهي ٿي؟
ڪلاسيڪي نظريا ڏيندڙن منجهان ميڪاولي (Machiavelli) بادشاهن ۽ حڪومتن لاءِ ڇڪتاڻ جي انتظامي ڪاريگري ۽ ان جي سگهه توڙي ڪمزورين ٻنهي کي تسليم ڪرڻ طور سياسي رتوڇاڻ جو هڪ فعال نظريو پيش ڪرڻ لاءِ بنهه ويجهو اچي ٿو. تشدد کي هلندڙ سياسي مرحلي جي هڪ حصي جيان اهڙي شئي طور خيال ڪيو ويو، جنهن کي حڪومتون نظرانداز نه ڪري سگهنديون. جڏهن ته ميڪاولي حڪومتن کي ڪجهه نظرياتي ۽ عملي رهنمائي فراهم ڪري ٿو، هي ان کانپوءِ تائين نه هو ته ساڳيا مقالا سرڪشن ۽ انقلابين لاءِ جهجهي مقدار ۾ موجود هئا. اينگلس، لينن، بلينڪوئي، بيڪونن، نـَيڪائيوَ، سـَورَيل ۽ ٻين هلندڙ 19هين صديءَ جي وچولي دور واري مواد جي وهڪري سان وڌيا. انهي بعد واري مواد/ادب (litrature) ذري گهٽ خصوصي طور انقلابي تشدد، ارسطو طرفان فصيح نموني بيان ڪيل حڪومتن جي ڪمزورين کي سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جا دڳ بيان ڪيا. وري نام نهاد سياسي نظامن ۾ تشدد جي ڪردار تي هلڪي نظر ڊوڙائي وئي.
ميڪس ويبر (Max Weber) اهڙو مطالعو آڇي ٿو، جيڪو انقلاب، تشدد ۽ ٻين ڇڪتاڻ جي انتظامي ڪاريگرين وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو فراهم ڪري ٿو. ويبير پنهنجي مضمون “سياست: هڪ ڌنڌو” ۾ سياست ۽ تشدد وچ ۾ فطري سٻنڌ تي زور ڏنو آهي، هن سڀ کان پهرين اهڙي حالت، ٻين لفظن ۾ تشدد جي واجب استعمال لاءِ هڪ هٽي ۽ ٻيو هيٺين ريت ڄاڻايل سياستدان جي ڪردار کي واضح ڪري ڏيکاريو.
“اهو قانوني معيار پٽاندڙ تشدد (Legitimate Violance) جو، جهڙوڪ انساني سڀا جي هٿن ۾ رهندڙ ذريعو سياست جي سمورن بنيادي مسئلن توڙي مونجهارن جي نرالپڻي جو تعين ڪري ٿو. ڪير به تشدد واري وسيلي/اوزار جو حصيدار ٿئي ٿو، پوءِ ڀلي انت ڇا به ٿئي - ۽ هر سياستدان ائين ڪري ٿو، اهو خاص نتيجن جو ظهور هوندو آهي.”
هي مطالعو تشدد کي سياسي عمل جي مرڪز واري دنگ تي چٽي نموني آڻي بيهاري ٿو، جيڪو زور نٿو ڀري ته تشدد فقط هڪ يا بنهه غالب/مسلط ٿيندڙ ذريعو آهي، پر رڳو ذريعن يا اوزارن جو هڪ حصو هجي ٿو.
بهرحال، تشدد کي پنهنجون ڪجهه نمايان خاصيتون هجن ٿيون، تشدد ئي سياسي نظام ۾ هڪ ذريعي طور، خاص ڪري ان جي مثالي وصفون هجي ٿو، جيڪا اسان لاءِ مُک ڳڻتي واري ڳالهه آهي.
تشدد جو اڀياس ڪرڻ لاءِ مخصوص قالب جي اوسر ڏانهن رخ ڪرڻ کان اڳ، ڪجهه لکڻين کي بيان ڪرڻ وڌيڪ مناسب لڳي ٿو، جيڪي تشدد تي هڪ پڄاڻي سان گڏوگڏ ذريعي طور ٽيڪاٽپڻي ڪن ٿيون، خصوصــا سَورَيل ۽ فـَينـَون جون لکڻيون ذهن ۾ تري آيون. اهي مقالا سياسي تشدد ۾ نه رڳو گهُرجن جي تحفظ يا طاقت سلب ڪرڻ لاءِ، پر سڃاڻپ ۽ لامبندي جا ذريعا فراهم ڪرڻ بابت نفسياتي فائدن تي به نظر وجهن ٿا. سوريل پٽاندڙ، مشترڪ اثر تدبير ۽ پڄاڻي هو، ۽ فينون جي نظر ۾ اهو تشدد آهي. انهن تشريحن لاءِ انگ اکر حاصل ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي ۽ پيشڪاري لاءِ نظرياتي توڙي گڏيل ڪيل معلومات جي اڀياس مان گذاريو نه ويندو. انهن جوڙجڪن لاءِ ڪانه ڪا شئي موجود هجي ٿي، جنهن کي غور طلب ورونهنڪي/دلچسپ حڪايت وارين ثابتين جي پٺڀرائي حاصل آهي. ويجهڙ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿيل تجربو امريڪي شهرن ۾ وڳوڙين سان مسلسل ٽيليويزن تي ڪيل ڳالهيون آهي، منجهانئن هر هڪ چيو “آئون هر وقت مشڪان ٿو ۽ انهي کي هر وقت گورو ٿيندي ڏسان ٿو.” هتي هڪ احساس آهي، جنهن ۾ وڳوڙ وارو عمل انهن جي طرفان هڪ ڏي وٺ وارو تجربو ٿئي ٿو، جيڪي امريڪا سان واڳيل تجربي کي ٻاهر رکندا آيا آهن. فينون (Fanon) پنهنجي عمل ذريعي طبي/يا بي تعلق (Clinical) فطرت جي ثابتي ڏسي ٿو، جنهن ۾ تشدد جو استعمال سخت گير يا ظالماڻي طاقت جي ڪسرت جي سياق و سباق ۾ شخصي خدوخال ۽ هڪ مستحڪم نظام جو حصو ٿئي ٿو.
سياسي عملن جي مطالعي ۾ تشدد جي ڪردار جو تعين ڪندڙ انتهائي اهم عنصر تعريف جو ڪردار آهي. تشدد ۽ طاقت جي ساندهه خيالي صورتگري قانونيت، جائزيت ۽ مخصوص عملن وچ ۾ فرق تي ڍڪ رکڻ جي نيت سان آهي. گهڻو ڪري طاقت جو مطلب قانوني، رياست جي تحفظ لاءِ جائز جواز حڪومتي تشدد جي استعمال طور ورتو ويو آهي. تشدد کي غير سرڪاري فردن طرفان کنيل قانوني ۽ حقي واجبي قدمن جي مقصد طور ورتو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان کانپوءِ عمل جي هڪ مخصوص صورت يعني تشدد سان تشدد غيرقانوني ۽ ناجائز سوچ سان ڳنڍيل هوندو آهي، اهڙين حالتن ۾ حساس ٿيڻ مشڪل هجي ٿو، جتي طاقت کي معاشري جي اهم طبقن طرفان بي واجبي ناهي سمجهيو ويو. اسان تشدد جي تصور کي عمل جي هڪ مخصوص قسم، بي پرواهه عمل ڪندڙ يا اداڪار (Actor)کي نمايان طور بيان ڪرڻ کي ترجيح ڏيون ٿا. انڪري اسان تشدد کي هڪ فرد يا فردن طرفان ٻئي فرد يا فردن خلاف يا ملڪيت طرفان ماڻهن کي زخمي ڪرڻ يا مارڻ جي مقصد سان ۽/يا ملڪيت کي تباهه ۽ نيست و نابود ڪرڻ جي مقصد سان ڪيل هڪ طبعي عمل طور بيان ڪريون ٿا. تشدد جي سياسي بڻجڻ پويان لازمي طور سياسي وهنوار کي ڇيهو رسائڻ واري نيت شامل هوندي. سياسي وهنوار کي مخصوص ادارن اندر مخصوص فردن طرفان عمل ۾ آندل قدرن جي ورڇ وارو هڪ نظام سمجهيو ويندو آهي. هن تشريح جو فيصلائتو نقطو يا مونجهارو (Crux) سياسي وهنوار ۾ تبديلين جو ڪارڻ بڻجڻ يا ان کي تباهه يا زخمي ڪرڻ لاءِ ويس ڌاريلن جي شروعاتي قدمن جي نيت ۾ ٿئي ٿو. انهي کي چيو ويندو آهي ته، هر تشدد، جيڪو سياست کي متاثر ڪري، لازمي ناهي ته سياسي تشدد هجي.
اهڙي تشريح ذاتي فائدي لاءِ حادثي ۽ ڏوهي عملن کي الڳ ڪري ٿي، پر ٻنهي جي نمائندگي ڪندڙ حڪومت ۽ شورش پسندن جي عملن يا قدمن کي شامل ڪندي آهي. پوءِ منظم معاشري اندر قابلِ قدر گروپن طرفان خيال ڪيل قدمن جي جواز جي حوالي سان سوچڻ لاءِ سوال جنم وٺن ٿا. هيٺين ريت ڄاڻايل ٽيبل مختلف امڪانات جو خاڪو ڏيکاري ٿي.
ٽيبل نمبر هڪ
شروعات ڪيل تشدد
خيال ڪيل تشدد:
حڪومت شورس پسند
واجبي/جائز I II
غيرواجبي/ناجائز III IV
مستحڪم معاشري ۾ هڪ ماڻهو توقع ڪندو ته سرڪاري سطح تي تشدد کي جائز تصور ڪيو ويندو (I) ۽ شورش پسندن جي تشدد کي ناجائز تصور ڪيو ويندو (IV) . ساڳي ريت هڪ معاشرو بنهه غيرمستحڪم بڻجي ويندو، جيڪڏهن رياستي سطح جي تشدد کي ناجائز يا غيرواجبي سمجهيو ويو ۽ شورش پسندن جي تشدد کي جائز تصور ڪيو ويو.
اهو تسليم ڪرڻ اهم آهي ته هڪ حڪومت يا شورش پسندن جي ڪنهن به قدم جي ڪاٿي تحت ورلي ڪو سڄو معاهدو ٿيندو آهي، ان کانپوءِ اها سڃاڻپ ڪرڻ لازمي آهي ته ڇا منظم معاشري ۾ هڪ قابلِ قدر ڌڙو يا گروپ عملن کي جائز يا ناجائز تصور ڪري ٿو. I ۽ IV جي محوري دائري (Axis) کان II ۽ III جي محوري دائري تائين منتقلي بعد ۾ عدم استحڪام ۾ شدت جو اشارو ڪندي. ياد رهي ته استحڪام جي سوچ تشدد جي درجي کان آزاد هجي ٿي، سواءِ ان درجي جي، جنهن تائين جائز/واجبيت جي ادراڪ ۾ تشدد جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. استحڪام ۾ گهٽتائي تشدد ۽ تبديلي وچ ۾ ڳانڍاپي جي نشاندهي ڪندي.گڏ ڪيل معلومات انهي سوچ جي توثيق ڪندي نظر اچي ٿو ته، هڪ سياسي نظام جو استحڪام انهي نظام ۾ ئي تشدد تي برابري سان دارومدار نٿو رکي. جهڙوڪ، مـَين فريڊ هـَيلپـَرن (Manfred Halpern) تشدد جي اونچي سطح جي سياق و سباق ۾ اسلامي سياسي نظامن جي استحڪام تي بحث ڪيو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:
“مسلمانن جي طرزِ زندگي جي غيرمعمولي ڪاميابي هي آهي جو، متوازن ڇڪتاڻ واري نظام جي ڪري 13 سئو سالن تائين ڀوڳنائون برداشت ڪيون، جنهن ۾ سياسي تشدد ۽ کڻي چئجي ته تعصبي ڳٺ جوڙ سماج ۾ خلل پيدا ڪندڙ قوتن کان وڌيڪ مستحڪم ۽ معتدل ٿيندو ويو.”
تشدد جي برابر تبديلي ۽/يا تشدد واري سوچ ۾ تبديلي سماج جي تبديلي جو غيرمعمولي تعين ڪندڙ (Determinants) آهن. I ۽ IV جي شڪل وارا تشدد جا تصور معتدل ٿيندا ۽ II توڙي III جي صورت وارا تصور فسادي يا خلل انگيز ٿي ويندا. ساڳئي طرح، جيڪڏهن قابلِ قدر ڌڙا يا گروپ عمل جي جواز/جائز هجڻ جي حوالي سان پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا، ته نظام ۾ تبديلي جي توقع ڪري سگهجي ٿي.
سياسي تشدد پنهنجي طور هڪ سياسي نظام ۾ لازمي طور تبديلي جي قسم جو تعين نٿو ڪري، اهو سچ آهي، معنيٰ ته ڪشادگي ۽ نزديڪي، ترقياتي اوسر ۽ غيرترقياتي اوسر (orientation) يا ڪا مخصوص مقدار جي سرسري ڄاڻ ۽ فڪرفهم. ان کان علاوه سياسي تشدد سدائين نظام مخالف مفهوم يا تناظر ۾ ڪم نه ڪندو آهي. سياسي تشدد معاشري جي ٻيهر مڪمل ترتيب يا سليقي ۾ آڻڻ واري مقصد جو اشارو ڪندي اڪيلي سر انقلابي مظهرنٿو بڻجي، تشدد گهڻو ڪري محدود مقصدن ۾ شامل هجي ٿو. اهو ڇڪتاڻ جي سياسي انتظام لاءِ هڪ بنيادي ذريعو هجي ٿو.
هن وقت تائين اسان تشدد جي حقيقي يا ظاهري عملن بابت ڳالهايو آهي، جڏهن ته هي مرڪزي هجي ٿو، نيستي تائين پهچائيندڙ تشدد طور پڻ سمجهڻو پوندو. اصل ۾، اهي ٻئي گهرائي سان هڪٻئي سان سلهاڙيل هوندا آهن، جيئن نــِيبـَرگ (Neiburg) زبردست انداز ۾ بيان ڪيو آهي:
“تشدد کي ٻه اڻٽر پهلو هوندا آهن، هڪ ظاهري....۽ ٻيو مخفي (خطري وارو) استعمال. تشدد جو برپا ٿيڻ ۽ ظهور پنهنجي خطرناڪ مصيبت بابت دوکيبازي/ظاهري امڪان فراهم ڪرڻ لاءِ وقت بوقت لازمي طور وجود ۾ ايندو، ۽ انهي وسيلي سماجي ۽ سياسي تبديلي لاءِ هڪ اوزار طور خطرو پيدا ڪرڻ بابت تاثير/اثر پيدا ڪندو. تنهن ڪري ظاهري ڏيکاءُ ۽ خطري وارن ٻنهي پهلوئن کي بهرحال الڳ نٿو ڪري سگهجي.”
ان کانپوءِ تشدد جو واقعاتي استعمال، ابتدا ڪندڙن واري پاسي کان معيار، قابلي ۽ عزم ظاهر ڪرڻ لاءِ لازمي اڻٽر هجي ٿو. تشدد جو خطرو يقيني طور ظاهري استعمال ۽ ٻين لفظن ۾ پوليس، نيشنل گارڊس، ۽ روزاني بنيادن تي سرڪاري قوت جي يادگيري ڏياريندڙ فوجي استعمال کان وڌيڪ سياست ۾ گهڻو واقع ٿئي ٿو. ان کان علاوه ظاهري لفظن جي صورت ۾ پيش ڪيل خطرو، تشدد جو خاموش پر سمجهه ۾ نه ايندڙ خطرو حقيقي هجي ٿو. ذڪر نه ڪيل خطرو گهڻو ڪري واجب تشدد لاءِ هڪ هٽي جي دعويٰ ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکڻ جي حوالي سان وسيلن جي موجودگيءَ سبب حڪومت جي ظاهري اهليت کان وڌيڪ هوندو آهي. سرڪشي يا بغاوت کي سگهه/يا اهليت جي بيان توڙي ظهور لاءِ ۽ ضرور اڪثر ڪري معيار/ساک مڃائڻ لاءِ ظاهري تشدد کي کڻي هلڻ آڏو وڌيڪ وڏي مشڪلات هوندي آهي. تڪرار جي بندوبست لاءِ هن مخصوص وسيلن جي مستحڪم حصي طور خطرو ظاهري تشدد سان گڏ ڪم ڪندو آهي.
قانوني/جائز تشدد جي استعمال جي حوالي سان گهٽ يا وڌ هڪ هٽي جي باري ۾ سرڪاري دعوائن باوجود سرڪشن جي انهي ذريعي/اوزار تائين برابر پهچ هجي ٿي. هڪ منظم معاشري ۾ طبعي اوزار ايتري تعداد ۾ موجود موجود آهن جو انهن تي مڪمل ڪنٽرول ۾ رکڻ ناممڪن آهي. ڪجهه رائيفلون، پستول، شيشي ۾ پيٽرول يا بارود ڀري ٺاهيل بم (Molotov coctails) ، گهر ويٺي تيار ڪيل بم آساني سان حاصل ٿيندڙ اوزار آهن. ايستائين جو مواصلاتي سازو سامان، فوجي مدد (logistic Support) ، ۽ ميدان ۾ ڪتب ايندڙ سامان (ڪيمپنگ ڪرڻ لاءِ اوزار) هلڪين ڦلڪين ڦرلٽ جي ڪارروائين سان حاصل ٿي ويندا. جيئن اڳتي هلي بحث ڪبو، ته جڏهن ٻيا سمورا وسيلا بند ٿي وڃن ته تشدد سولو ۽ پرڪشش ذريعو بڻجي وڃي ٿو، حڪومت لاءِ انهي کي ڪنٽرول ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو آهي. چونڊيل يا مقرر ڪيل باڊيز، پريس، عوامي گڏجاڻيون، قانوني ادارا سياسي آکاڙي ۾ اوزار طور نسبتن تشدد کان وڌيڪ آساني سان ضابطي ۾ اچي سگهندا آهن.
تشدد هڪ ڀيرو اثرائتو وسيلو بڻجي وڃي، ته ڇڙواڳ حصن ٽولن جي هڪ حصي کي منظم ڪرڻ لاءِ چٽاڀيٽي جو هڪ مرحلو بڻجي ويندو آهي. جيڪڏهن سمورين نه، ته به گهڻين حالتن ۾ سياسي تشدد جي استعمال ۾ ظاهري شراڪت دارن جو انگ مجموعي آبادي جي نسبت تمام ٿورو هجي ٿو. بغاوت يا سرڪشي ڪارڪنن جي نــَون جٿن ۽ همدردن کي ڀرتي ڪرڻ وارن مقصدن سان منهن مقابل هوندي آهي، ساڳي ريت هڪ حڪومت ڇڙوڇڙ/غيرپابند ۽ خاص ڪري سرڪشي جي نشاني هيٺ آبادي کي منظم ڪرڻ واري ذميواري کي منهن ڏيندي آهي. اها متاثر آبادي هڪ لساني، مذهبي، اقتصادي ۽ ٻين قسمن جو گروپ ٿي سگهي ٿي، جن جون حقيقي ۽ تصور ڪيل ڳڻتيون حڪومت طرفان نظرانداز ڪيون ويون يا انهن جي بيجا لتاڙ ڪئي وئي.
حڪومت ۽ باغي، ٻنهي جا انيڪ ٽڪساٽ سڌن مخالفن/دشمنن بدران انهن ڇڙواڳ گروپن مٿان وڌيڪ مقصود هوندا آهن. ان جو مطلب ته متاثر آبادين کي تحفظ لاءِ ورتل قدمن ۾ حڪومتون ڪمزور (بشرطه سدائين ڪاميابي سان نه) هونديون آهن. اهڙي ريت، اهي اهڙا ٽڪساٽ استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن، جيڪي اڳوڻي ٽيبل جي خاني نمبر I ۾ وڃي ملندا، ايستائين جو هي شورش پسندي جي نابودي لاءِ فني طور تي گهڻو اثرائتو ثابت نه ٿيندو. ساڳي ريت شورش پسندي اهڙا عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جيڪي خاني نمبر II ۾ اچن ٿا. جيڪڏهن وڏي قيمت يا نتيجي جو خيال ڪيو ويو، ته حڪومت اڪثر ڪري خاني نمبر III جا ٽڪساٽ استعمال ڪرڻ ۾ سوچي سمجهي خطرو کڻندي آهي، اهو رٿ ۽ موٽ جو هڪ سلسلو آهي. هڪ پوليس اهلڪار جو قتل هيجان برپا ڪندو آهي، جنهن سان متاثر ٿيل آبادي وڌيڪ ويڳاڻي ٿي وڃي ٿي، توڙي جو کين شروعات کان ئي دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جي همدردي نه هوندي. اهڙي ريت، حڪومت وٽ پرتشدد سياسي مقابلي جو طرزِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيترن ئي طريقن سان موقعو هوندو آهي.
گهرو ويڙهه جي خطري سان ڀريل حڪومت طرفان ڪيل ڪنهن به حوالي سان، اهو هر پاسي هڪ قسم جي بغاوت پکڙجڻ جو سڏ به هوندو، فيصلا گهڻو ڪري اڻٽر ۽ جٽادار هوندا آهن.
پروفيسر پائي (Pye) بيٺڪيتي يعني ڪلونيل تجربي/مشق واري دور ۾ برپا ٿيندڙ ڪيترن ئي فسادن جي جواب ۾ غيراخلاقي ۽ بي حس انداز ۾ بيٺڪيتي تشدد (Colonial violance) تي ضابطو آڻڻ واري عمل سان برطانوي راڄ جي ڪاميابي کي منسوب ڪري ٿو. اهڙي قسم جي روِش کي هڪ شورش پسند تحريڪ لاءِ “مڪمل فتح” يا “غيرمشروط شڪست” جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي. مختلف موقعن/رستن (options) کي قائم رکندي هڪ حڪومت ممڪن آهي ته گهٽ ۾ گهٽ متاثر آبادين کان وڌيڪ ويڳاڻي ٿي وڃي، ۽ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم معاشري کان لازمي حد تائين سهڪار وٺڻ جا قوي امڪان هوندا آهن.
جيتوڻيڪ، ٻئي پاسي حڪومت ڀرپور جواب ڏئي ٿي، شورش پسندن لاءِ قيمت موجود هوندي آهي، جنهن لاءِ اهي لازمي طور “مرڻ لاءِ ئي ويڙهه” ڪندا آهن ۽ هر ڪارڪن ذري برابر به ممڪن سوديبازي جي قطع نظر پنهنجي ايڪشن کي جاري رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته معاشري ڏانهن واپسي وارا سمورا دڳ سندس لاءِ بند ٿي چڪا هوندا آهن. جيڪڏهن حڪومت محفوظ آهي ۽ متاثر آبادي منجهه مڪمل توڙي مناسب پٺڀرائي رکي ٿي، ته اهڙي رٿابندي ڪامياب ٿي سگهندي. اهو اهڙين حالتن ۾ ورلي ڪو ٿيندو آهي، جتي سنجيده قسم جي شورش پسندي هجي. حڪومت لاءِ عزت نفس جي پائمالي تڏهن ٿيندي، جڏهن اها حقيقت ۾ جائز تشدد بابت هڪ هٽي کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي، ان سان نه رڳو حڪومتي رٽ بابت خوداعتمادي، گڏوگڏ حڪومت بابت عوامي راءِ عامه به ڌُڏي وڃي ٿي. شورش پسندن جي مقصدن منجهان هڪ اهو به هوندو آهي ته اهڙي صورتحال برپا ڪئي وڃي، جنهن ۾ حڪومت لاءِ پنهنجي حرڪت پذيري ۽ اثر پذيري قائم رکڻ بنهه مشڪل هجي، يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙي قسم جي سوچ رهي. شورش پسندي واري خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جوابي ڪارروائي يا حڪمت عملي تحرڪ/تنظيم جي تسلسل جو تعين ڪرڻ ۾ بهرحال انتهائي ڳنڀير هوندي آهي.
حڪومتون نظام ۽ شورش پسندين ۾ نشاندهي ڪيل نظام مخالف وچ ۾ ورلي فرق ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڪا حڪومت چٽي نموني تشدد جي خطري ۾ شامل ٿيندڙ شورش پسندي کي هلڪو سمجهي ٿي، ته اهڙيون ڪيتريون ئي حالتون آهن، جن ۾ هڪ شورش پسند جا مطالبا ڪُل نه هوندا آهن. حقيقت ۾ ، وڏيون انقلابي تحريڪون فراهم ڪيل سياسي نظام جي مڪمل طور تڏاويڙهه ڪرڻ کان گهٽ مقصدن لاءِ تشدد جي استعمال وارن انيڪ مرحلن مان گذري چڪيون آهن. اهڙين حالتن ۾، حڪومت جي گهڻ موٽ (Overresponses) صراحت سان ابتڙ اثر ڪندڙ (counterproductive) هوندي آهي. نظام ۽ تعين ڪيل نظام مخالف رويي منجهه فرق بهرحال سرڪار جي طئه ڪيل انتهائي اهم حڪمت عملي هجي ٿي، جيتوڻيڪ گهڻو ڪري ان کي تسليم نه ڪيو ويندو آهي.
سرڪار جي جنگي فن (strategy) کان شورش پسندن ڏانهن رخ ڪجي ٿو. اسين ڏسنداسين ته اهي ڪنهن به تنظيم طرفان بنيادي تنظيمي هدفن جي منهن مقابل آهن، اهڙي قسم جي ڪابه تنظيم سرڪار جيان انتظام (management) بابت ڪيترن ئي مسئلن ۾ وڪوڙيل هوندي هڪ نظام اندر نظام بڻجي ويندي آهي. اها لازمي طور ڪارڪنن جون ڀرتيون ڪندي، انهن کي مهذب بڻائيندي، نظرين ۽ جنگي چالن کي تشڪيل ڏيندي، ٻين سان رابطا رکندي، ٻين سان غيرمعمولي طور ميل جول رکندي، ان صورت ۾ ته جيئن حڪومت اهڙي طريقي سان سندن سگهه وڌائي. شورش پسندي لاءِ تشدد انهن سمورن مرحلن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هڪ شورش پسند تحريڪ جي تحرڪ پسندي (activism) “حقيقي معتقد” جي بلڪل هڪ حصي کي ڪشش ڪري ٿي، جيڪا تنظيم کي وسيع بڻائڻ لاءِ گهربل هجي ٿي. فينون جي راءِ تي تبصري کانسواءِ، اهو واضح آهي ته شورش پسند تنظيمون مخفي طور موجود ڪارڪنن (potential members) طرفان پنهنجي محرومي ذاتي توڙي مجموعي معاشري ٻنهي لاءِ هڪ نجات طور تصور ڪيون ويون. ظلم ۽ جبر واري عمل ۾ ابتدائي طور گهٽ سنجيده ڪردار ۾ شموليت تنظيم جو معزز ڪارڪن بڻجڻ لاءِ سماجي ميل جول جو اهم جُز بڻجي وڃي ٿي. گڏوگڏ، شموليت ڪرڻ کانپوءِ جڏهن کان منظم معاشري جو ٻيهر حصو مشڪل بڻجي وڃي ٿو، ائين ئي تحريڪ کي ڇڏڻ به بنهه ڏکيو هوندو آهي. ٻاهرين سلام دعا کي قائم رکڻ وارو عمل ڪارڪنن تي ٻنهي پاسن کان دٻاءُ گھٽجڻ سبب خطرناڪ پڻ بڻجي وڃي ٿو. ظلم جي عمل ۾ شراڪت جُملي عزم جو اظهار بڻجي وڃي ٿي، ۽ اهڙن عملن ۾ مرڪزي ڪردار ڏانهن مڪمل رضامندي رڪنيت جون سموريون آزمائشون توڙ پهچائڻ جي تصديق هجي ٿي.
انهي قسم جي تناظر ۾ تشدد يا ظلم جو نظرين ۽ رٿائن جي مرڪزي پريشانين منجهان هڪ ٿيڻ ششدر ڪندڙ نه آهي. ظلم شورش پسندي جو غالب ذريعو آهي. هر مکياري تحريڪ نظرئي ۽ چالُين (tactics) ۾ تشدد جي ڪردار بابت ادب جي دستن جا دستا تخليق ڪيا آهن. مٿانهين قيادت ۽ تنظيمي بحران نظرئي ۽ چالُين (tactics) ۾ تڪرار تي مرڪوز ٿئي ٿو. تحريڪ رڳو هڪ ڀيرو تشدد جي استعمال سان گڏوگڏ ٺوس پاليسين بابت پنهنجو طرز عمل يا طور طريقو اختيار ڪيو ته، تشدد کي انهي جي ميل ميلاپ جي ذريعي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جتي شورش پسند عدم تشدد سان به اخبارن جي پهرئين صفحي تي جاءِ نٿا والاري سگهن، اتي تقريبا تشدد جي زبردست تشريح يقيني بڻجندي آهي. ايستائين جو اعتراض جوڳي مواد جي بي رحم ڪَٽاڪُٽي (censorship) وارين حالتن ۾ به رابطن جي غير روايتي وسيلن جي بگڙيل صورتن ۽ اثرپذيري جي ڪري به ڪنهن حد تائين تشهير (coverage) لازمي ڪئي ويندي. متاثر آبادين ۾ بگاڙ حڪومت سان همدردي نه ڪندي شورش پسندن ۽ حڪومت جون ننڊون حرام ڪندڙ گروپن جي حمايت ڪندو، جيڪو عام طور ڄاتل سڃاتل تشدد جي به اخبارن ۾ ڪوريج نه ٿيڻ جو نتيجو هوندو. شديد سينسر ٿيل اخبارن ۾ ٿوري به تشهير اوترو ئي اثر رکي ٿي، جيترو پابندي سلاسل نه ٿيل پريس جي وڏي تشهير اثر رکندي آهي، ڇاڪاڻ جو ميڊيا جي اظهار جي آزادي جي کوٽ واري حقيقت عيان ٿي ويندي.
شورش پسندن جون فوجي چالون گهڻو ڪري سرڪاري قوتن سان رابطن کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ هونديون آهن، اهڃاڻي هدفن تي حملا ڪيا ويندا آهن، جهڙوڪر پرڏيهي ڪاروباري مرڪز، پوليس، امير طبقي جا ماڻهو جن سان خاص ڪري نفرت ڪئي ويندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن رڳو سرڪاري نمائندا، جيئن اسڪولن جا ماستر ۽ ويئٽنام ۾ ڳوٺن وسندين جا سربراهه. انهي تشدد يا ظلم جو مقصد مقبوليت ماڻڻ، مواصلاتي مصروفيتن ۽ سگهه حاصل ڪرڻ سميت سرڪاري دٻڙدونس وجهڻ آهي، جيڪو شورش پسندي جي تحريڪ ۾ نوجوانن جي ڀرتين لاءِ بنياد فراهم ڪري سگهي ٿو. اها شورش پسندن طرفان حڪومت لاءِ بار بار تيار ڪيل هڪ ڪوڙڪي آهي، ۽ حيران ڪندڙ آهي ته باقاعدگي سان فوج ۽ پوليس انهي لاءِ ڪـِري ڊهي پوندي آهي. انهي حقيقت جو امڪاني نتيجو هي آهي ته شورش پسند مهاتشدد جي فني نوعيت کي جاري رکي سگهن ٿا، ساڳئي وقت حڪومت قانوني طور يا اخلاقي قدرن تحت اهڙن فسادن تي نظر رکڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي.
مٿي ڄاڻايل حالت اشارو ڪري سگهندي هوندي ته سياسي مرحلي جي مستحڪم جُز طور تشدد مسلسل ۽ بار بار ٿيندڙ واقعو هجي ٿو. ان جي برعڪس، تشدد کي سياست ۾ ورلي ذريعي طور ڪتب آندو وڃي ٿو، توڙي جو سندس تباهڪن استعمال سدائين موجود هوندو آهي. سياسي تشدد وارو عمل وڌ کان وڌ ڌيان ڇڪائيندو آهي، جڏهن ته اسان ڪڏهن به قابلِ قدر عدم تشدد تي ٻڌل سياسي عمل جي ڪٿ ڪرڻ جي ٿوري به ڪوشش تي ڪڏهن ڌيان ناهي ڏنو، جيڪو هميشه ٿئي ٿو. ايستائين جو پريس/ ذراءِ ابلاغ ۾ به انهن سڀني کي رپورٽ ڪرڻ ۾ گهٽ دلچسپي ورتي ويندي آهي، سو تشدد جيڪو ڪجهه پاڻ آهي، اڪثر ڪري ان کان به وڌيڪ غالب مظهر طور نظر ايندو آهي. تشدد جون نفسياسي ۽ طبعي قيمتون انهي جي مسلسل استعمال جو اخراج هجن ٿيون. ڪجهه حالتن ۾ اها تشريح ڪرڻ بنهه ڏکيو ڪم لڳي ٿو ته تشدد ٻين حالتن ۾ بيان ڪرڻ کان وجود ۾ ڇو نه آيو، ائين ڇو ٿيو؟. بهرحال، هن ليک ۾ انهي سوال ۾ نه پونداسين ته مخصوص حالتن ۾ تشدد جو استعمال ڇو ڪيو ويو ۽ ڇو نه ڪيو ويو؟ تشدد ڪهڙي ريت سياسي نظام ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ اهو ڪڏهن ٿيو؟ اسان انهي بابت وڌندڙ نظرياتي قياسن تي مرڪوز رهيا آهيون.
حالتن جي تاڃي پيٽي ۾ ڳالهه کي خلاصي ۾ آڻي سگهجي ٿو، جيڪو وينزويلا ۾ شورش پسندي جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ ڪارائتو هوندو. سادو بيان ذهن ۾ مرڪزي تصورن کي کڻي هلڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو، پر سياسي تشدد جي سمجهه ٻوجهه لاءِ ڪهڙو نظرياتي بنياد بهتر ٿي سگهي ٿو، انهي بابت شروعاتي بيانن کان وڌيڪ نه کڻڻ گهرجي. هيٺ ڄاڻايل حالتون انجامي مشاهدي لاءِ بنياد فراهم ڪنديون.
جيڪڏهن ڇڪتاڻ جي انتظامي مرحلن تائين پهچ جا عدم تشدد تي ٻڌل وسيلا بند ٿي ويا آهن، تڏهن مخالفن لاءِ تشدد سـَوکي وسيلي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن تڪراري انتظام واري مرحلي لاءِ پهچ جا عدم تشددي وسيلا بند نه ڪيا ويا آهن، هڪ سسٽم مخالف شورش پسندي ڪاميابي جي بنهه معمولي امڪان تي بيهي ٿي.
جيڪڏهن تڪرار جي انتظامي مرحلن تائين پهچ جا اهنسائي ذريعا بند ڪيا وڃن، ته پوءِ سياسي رابطن لاءِ تشدد هڪ اثرائتو ذريعو بڻجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن رياستي تشدد کي غيرمعمولي ڌڙن طرفان ناجائز سمجهيو ويو آهي، يا جيڪڏهن شورش پسندي تي ٻڌل تشدد کي قابلِ قدر گروپن طرفان جائز تصور ڪيو وڃي ٿو، ته پوءِ نظام ۾ موزون تبديلي جي توقع ڪري سگهجي ٿي.
جي سرڪار شورش پسندي جي خطري خلاف حد کان وڌيڪ موٽ ڏئي ٿي، اها شورش پسند حامي سجاڳي کي هٿي ڏيڻ واري خطري کي تيز ڪري ڇڏيندي آهي.
جيڪڏهن هڪ حڪومت پنهنجي ئي فوج ۽ پوليس منجهه حمايت وڃائي ويهندي آهي، ته پوءِ هڪ شورش پسندي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪاميابي جا امڪان تمام ٿورا هجن ٿا.
جيڪڏهن هڪ شورش پسندي يا بغاوت پنهنجي پيرن تي بيهي وڃي ٿي، ته پوءِ ان کي نون جٿن جي ڀرتين ۽ ميل جول لاءِ تشدد جي استعمال جي ضرورت پوندي آهي.
اهي تجويزون وينزويلا ۾ پـَيريز جِمنيز(Perez Jimneze) جي حڪومت کان وٺي ليوني (Leoni) جي صدر طور انتخاب تائين سياسي تشدد جي استعمال جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ هڪ دري کولي ڏين ٿيون. نام نهاد بيٽان ڪورٽ (Betancourt) وارا سال ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر ٻنهي جي تشدد جي سختگير مشق وارن سالن منجهان هئا. اها بيٽان ڪورٽ طرفان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ سندس حڪومت ۽ شورش پسندن جي احمقاڻي اندازي، ٻنهي جو ڪارنامو آهي.
وينزويلا جي اڪيلي سياسي تاريخ اهڙي آهي، جنهن ۾ تشدد نهايت عمدو ڪردار ادا ڪيو آهي. آزادي جي ڪارستاني انهي دور جو انجام هئي، جنهن ۾ آئيني راڄ لاءِ فقط جدوجهد واري پرتشدد صديءَ ذريعي اسپيني جاسوسن (agents) خلاف غيرمعمولي قسم جو تشدد يا رتوڇاڻ برپا ٿيو هو. انهي جي نتيجي ۾ نظام بنهه ضابطي ۾ اچي ويو، ظلم ۽ ڪاڊيلو فوجون (Caudillo) سياسي ورثي جو متوقع وسيلو بڻجي ويا. اهو جيڪڏهن حقي نه به هيو، ته حقيقي ضرور هيو ۽ وينزويلائي سياست جو تسليم ڪيل طرزِ عمل هيو.
نوابشاهي انقلابي بوليوار (Bolivar)، الانيرو جي صفا ڄٽ جنرل جوز اينٽونيو پائيز (Jose Antonio Paez) جو راڄ ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي نِسـَڦل ڪوششن کانپوءِ اسپينين کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي جي سرواڻي ڪئي. 1935ع ۾ گومز (Gomez) جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان وٺي شايد سڀني کان وڌيڪ پائيز پنهنجي حڪومت کي تمام گهڻو حساس ۽ انتهائي احتياط سان سنڀالي هلايو. پائيز جي موت کان جوئان ونسينٽ گومز جي راڄ جو سج اڀرڻ تائين وارو هن صديءَ جو ابتدائي دور هڪ ڪرپٽ حڪومت کان ٻي ڪرپٽ حڪومت جي ورثي وارو دور سمجهيو ويندو هو. گهڻن حڪمرانن ته ذاتي فائدي ۽ دوستن توڙي خدمتگارن جي فائدي لاءِ ملڪ کي جاگير ڪري هلايو.
گومز پهريون جديد حڪمران هو، جنهن پنهنجي دور ۾ آمريت جي فن کي مٿانهين سطح تائين پهچايو . هن فوج کي پيشيور بڻائي پنهنجي ئي نظام جي تباهيءَ جو ٻج پڻ پوکيو. اهو سڀ ڪجهه هڪ اڪيڊمي جي قيام وسيلي، حاصل ڪيل ترقي جي آغاز، جديد اوزارن ۽ رٿائن، ۽ ذاتي نه پر قومي سطح جي دليل پسندي (ethos) جي ڪري ٿيو. جڏهن ته گومز جي حڪومت خلاف بغاوتن جون ڪوششون ٿي چڪيون هيون، شايد سڀ کان وڌيڪ غيرمعمولي فساد ان وقت ڪر کنيو، جڏهن هڪ يونيورسٽي جي شاگردن جشن جي تقريب دوران آمريت خلاف ڳالهائڻ واري موقعي مان ڀرپور فائدو ورتو، نتيجي ۾ شاگردن جي گرفتارين سان وڏي پئماني تي سندن حمايت پيدا ٿي ۽ اهڙي ريت “28 جي نسل” واري تحريڪ جنم ورتو. رَومـُولـَو بيٽانڪورٽ ۽ جووِيٽـَو وِيلالبا آمريت خلاف ڳالهائڻ تي گرفتار ٿيندڙ ۾ شامل هئا، اهڙن واقعن پڄاڻا ملڪ جي عملدارن ۽ جديد سياسي جماعتن جي ڍانچي ۾ جدت ترقي پذير ٿي.
1935ع ۾ گومز پنهنجي بستري تي مرڻ ڪنڌيءَ تي وڃي رهيو هو ، پر سندس بيماري سبب پيدا ٿيل خال ڀرڻ لاءِ ڪابينا طرفان جنگين واري کاتي جي وزير جنرل اَيـلـِيئزار لوپيز ڪائونٽرايراز جي چونڊ ڪئي وئي، جيڪو حڪومت کي هلائڻ لاءِ بنهه مختلف سوچ رکندڙ هو، هن وينزويلا جي ان وقت جي حالتن کي سياق و سباق سان ڏسندي قابلِ قدر سڌارا متعارف ڪرايا. لوپيز باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته سندس حڪومت آمريت کان جمهوريت ڏانهن منتقلي تائين جي منتقلي جو دور هو.
“مون پنهنجي حڪومت جو آغاز جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۽ پورهيتن جي جبري ڪيمپن ۾ بند ڪيل هزارين سياسي قيدين کي آزادي ڏيڻ سان ڪيو آهي، مون کي سمورن جلاوطنن کي ڌرتي ماءُ تي واپس آڻڻ ۽ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ جو کين موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ اختيار مليو آهي. لاتعداد عام پورهيتن طرفان منهنجو آجياڻو ڪيو ويو، مون پورهيت تنظيمن ۽ سياسي جماعتن جي تنظيم سازي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اظهار جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي جي اجازت ڏني آهي، ۽ چونڊون ڪرائڻ جي حمايت ڪئي ۽ منهنجي حساب سان انهن اليڪشنن ۾ مخالفن کي ڪاميابي ملي. مون هاڻ ختم ٿيل نظام کان بنهه مختلف نظام آڻڻ لاءِ سموريون ڪوششون ورتيون آهن، هڪ اهڙو نظام، جنهن ۾ جمهوري حڪومت کي سمورا لاڀ ۽ مان مرتبا حاصل هجن.”
سچ آهي ته لوپيز ڪونٽريراز (Lopez Contreras) اهو باور ڪرائڻ ضروري سمجهيو ته “ڪيترين حالتن ۾ مخالف ڌر جي ڪاميابي” سڌارن جي اثرن جي باري ۾ ڪجهه شڪ شبهن کي جنم ڏنو آهي. تنهن هوندي جمهوريت جي طرف آغاز ۽ مثال قائم ٿيو آهي. پيريز جـِمنـَيز طرفان گومز جي طرزِ حڪمراني کي ٻيهر آڻڻ واري ڪوشش ناڪامي جو شڪار ٿي وئي. 1941ع ۾ رومولو بيٽانڪورٽ جي سرواڻي ۾ ڪانگريس طرفان لوپيز ڪونٽريراز کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جنرل اِيسائيـِئـَس مـَيڊِينا اَگرِيٽا جي چونڊ اَيڪسـِيئـَون ڊيموڪراشيا (AD) پارٽي لاءِ قانوني جواز تائين سڌارن کي جاري رکيو ويو.
وينزويلائي معاشري جي بنيادي ڍانچي کي سگهارو بڻائڻ لاءِ اختيار ڪيل سڌارا سست هئا، جنهن آمريتي راڄ جي دور ۾ ڊگهو عرصو گذاريو هو، حال ۾ موجود ڪانگريسي چونڊن ۽ اليڪشني قانونن جي فراهم ڪيل آئين تقريبا پُراڻ پسند ڌڙن جي فتح کي يقيني بڻايو. فوج منجهه هڪ ڌڙو يونين پـَيٽرَوٽريا مِليٽار (UPM) فوج اندر نواڻ يا جدت ۾ سستي رفتار تي ڳڻتي جو شڪار هئي، انهي اَي ڊي جماعت سان هٿ ملايو ۽ 1945ع ۾ ميڊينا خلاف ڪامياب بغاوت برپا ڪئي. نتيجي ۾ قائم ڪيل فوجي سرڪار (Junta) ٻن فوجي آفيسرز سان گڏ رومولو بيٽناڪورٽ ۽ اي ڊي جماعت سان واڳيل رائول ليوني ۽ هڪ سويلين تي مشتمل هئي.
فوجي سرڪار جنتا جي سرواڻي ڪندي بيٽانڪورٽ تيار ٿيل پاليسي ۽ ٻين سماجي سڌارن جي حوالي سان تڪڙ ۾ اي ڊي جماعت لاءِ پارٽي پليٽ فارم متعارف ڪرايو. هڪ نئين آئين جو اعلان ڪيو ويو ۽ 14 ڊسمبر 1947ع تي چـُناءُ ڪرايا ويا، جن ۾ اي ڊي جماعت جي اميدوار ۽ مشهور ناول نگار رومولو گاليگوس (Romulo Gallegos) چونڊجي ويو. بدقسمتي سان نئين حڪومت طرفان تڙتڪڙ مان تجويز ڪيل ۽ فوجي جنتا طرفان جاري رکيل سماجي تبديليون فوج لاءِ چوڪس رهڻ جون ڪارڻ بڻجي ويون. فوجي جي اندروني وسيع مفادن لاءِ يو پي ايم ميڊينا جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي حمايت ڪئي. 1945ع ۾ فوجي بغاوت جي حمايت ڪندڙ ڪيترائي ساڳيا اعليٰ عملدار به گاليگوس سرڪار جي تڏا ويڙهه ڪرڻ جا حامي هئا. 24 نومبر 1948ع تي بغاوت جي نتيجي ۾ آيل جنتا ليفٽيننٽ ڪرنل ڪارلوس ڊيلگارڊي چالبئود، ليفٽيننٽ ڪرنل مارڪوس پيريز جمنيز، يو پي ايم جي سربراهه ۽ تاشيرا ڌڙي جي ليڊر جـِمنـَيز تي ٻڌل هئي، جن ماضيءَ ۾ گومز، لوپيز ڪونٽريراس ۽ ميڊينا جهڙا سياسي رجحان رکندڙ فوجي اڳواڻ فراهم ڪيا هئا. ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ايندر ڏهه سالن لاءِ جابر فوجي آمريت وٽ هو، جڏهن ته فوجي جنتا جي شروعاتي ٻن سالن کي عام طور اي ڊي پروگرام جي تسلسل لاءِ گذاريو ويو، چالبئوڊ جي قتل ۽ جمنيز جي اوج سان آمريت جا ڪيترائي ناڪاري پهلو اڀري آيا هئا.
1956ع ۾ سِيـُوز (Seuz) بحران جي ڪري وينزويلا تيل مان وڏو ناڻو ذخيرو ڪيو گڏوگڏ اي ڊي جماعت جي پاليسي جي ابتڙ رعايتي اگهه تي وڌيڪ تيل وڪرو ڪري وڏي پئماني تي پئسو ڪمايو. اهو پئسو لامحدود انداز ۾ فوجي ۽ اهم عوامي مقصدن لاءِ خرچ ڪيو ويو. اي ڊي پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ ڌڙي تي پابندي لڳائي ويئي، پر يو آر ڊي (يونين ريپبلڪينا ڊيموڪراشيا)، ڪوپي (COPIE) يعني ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ ۽ نام نهاد سياه ڪميونسٽ پارٽي حڪومت کي برداشت ڪندي قائم رکيون ويون. بهرحال، انهي عرصي ۾ اثر رسوخ رکندڙ ڪنهن به جماعت کي سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت نه ڏني وئي. اليڪشن ۾ ڌانڌلين بابت متوقع طور ڪنهن به قسم جو خالص انڪار يا ترديد سامهون نه آئي، شدت اختيار ڪندڙ معاشي بحران، ۽ سياسي جبر و ڏاڍ خلاف تيزي پڪڙيندڙ ردعمل انهن ماڻهن جي وسيع حمايت ۾ اهم ڪردار ڪيو، جن جو خيال هو ته چونڊن دوران کين ڪاميابي ملي هئي. ايستائين جو فوج جمنيز لاءِ پنهنجي حمايت تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ سندس هٿ ۾ پاسپورٽ ڏئي کيس جلاوطن ڪيو ويو. جيتوڻيڪ جنتا وٽ بري فوج، هوائي ۽ بحري فوج جا نمائندا هئا، ۽ ان جي قيادت ايڊمرل وولف گينگ لارازابيل ڪري رهيو هو. تڪڙو چونڊن ڏانهن وڌڻ جي ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪنهن به سنجيده قسم جي ڪوشش کي نه روڪيو ويو. 22 ۽ 23 جولاءِ 1958ع، ۽ 7 ۽ 8 سيپٽمبر تي بغاوت جي ڪيل ڪوششن کي سياسي اڳواڻن طرفان عبوري سرڪار جي حمايت ۾ عوامي راءِ کي منظم ڪرڻ ۽ فوجي اڪثريت جي وفادار رهڻ سبب ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو.
لارازابيل جي حڪومت 1945-1948 جي دور وارين ڪجهه پاليسين ڏانهن واپس آئي، پر ملڪ کي پيش آيل ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جي حوالي سان مختصر مدتي عارضي پاليسيون اختيار ڪيون. ان جو انتظام يا حل وري ايندڙ حڪومت لاءِ ڇڏيو ويو. 1958ع ۾ ٿيل چُناءُ دوران اي ڊي پارٽي ۽ رومولو بيٽانڪورٽ جي ڪاميابي جو نتيجو سامهون آيو، اها فتح ٻنهي ايوانن هائوس آف ليجسليچر ۽ ان سان گڏوگڏ اسٽيٽ آف ليجسليچر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌي ويئي وئي. يو آر ڊي/ڪميونسٽ اتحاد سان لارازابيل ڪجهه ليجسليچر رياستن ۽ گڏوگڏ ڪراڪس جي شهري ڪائونسلن توڙي مـَيراڪَي سميت اهم شهرن تي ڪنٽرول ڪندي ٻئين مضبوط اميدوار طور مقابلو ڪيو. اي ڊي جماعت لاءِ مسئلن منجهان سڀ کان اهم ۽ پهريون مسئلو اقتدار يا طاقت حاصل ڪرڻ هو. معاشي بحران، ڏار پيل عوامي خدمت ۽ انتظام، فوج واري پاسي کان اعتماد جي کوٽ ۽ شهري علائقن ۾ مخالف ڌر جون سرگرميون، اهي ڪجهه مسئلا اهڙا هئا، جن کي بيٽانڪورٽ کي منهن ڏيڻو هيو، ڄن ته اهو ڪجهه به نه هو، ڪيتريون ئي ڌريون مسئلن جو مرڪب ٺاهڻ لاءِ تشدد جو استعمال ڪرڻ ۽ متوقع طور اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ هوراکورا ۾ هيون.
ابتدا ۾ ساڄي پاسي فوجي اتحاد، پيريز جمنيز جي حامين ۽ ڊومـِينيڪن ريپبلڪن جي ٽـُروجـِيلـَو جي مدد انتهائي اهم خطرو هيو. 1960ع جي جون مهيني ۾ بيٽانڪورٽ جي حياتيءَ تي هڪ بي لاڀ ڪوشش سان اها اڳڀرائي نيٺ خوار ٿي. هن گروپ ڪنهن به سمي عوامي حمايت ۽ ايستائين جو فوج منجهه به پنهنجي لاءِ همدردي پيدا نه ڪئي. سندن قدم هيڪلا هئا ۽ کاٻي پاسي جي حملن سان ڀيٽ ڪجي ته انگن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. يقيننا خطرو سنجيدي قسم جو هو، انهي ڪري واضح نه هو ته ڪو بيٽانڪورٽ جي حڪومت پنهنجو بچاءُ ڪري سگهندي. اي ڊي جماعت جي حڪمراني واري پهرين دور ۾ سياسي غلطين منجهان هڪ غلطي فوج کي نظرانداز ڪرڻ هو، ٻيهر ائين نه ٿيڻو هو. صدر بيٽانڪورٽ فوج جي هر سطح جي ماڻهن سان سندن مختلف مسئلن تي ڳالهيون ڪري تمام گهڻو وقت گذاريو. انهن گڏجاڻين توڙي ڳالهين سان ڪميشن پاس نه ڪندڙ عملدارن جي زندگي بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن کي حقدار قرار ڏيڻ، آفيسرن کي گهر ٺهرائڻ لاءِ قرض ڏيڻ ۽ فوج جي تربيت توڙي ساز و سامان کي جديد بڻائڻ وارا نتيجا نڪتا.
ان هوندي به جڏهن ظاهر ٿيو ته جنتا اليڪشن ڪرائڻ ۽ سويلين ڏانهن حڪومت منتقل ڪرڻ ۾ سنجيده هئي، فوج جي ڪور عملدارن جي وڏي حصي ۽ ڪجهه پُراڻ پسند فسادي سويلين کي سنجيده خطرو محسوس ٿيڻ لڳو، انهن بيٽانڪورٽ جي مقبوليت جو صحيح سيو ڪيو ۽ اقتدار ۾ سندس واپسي بابت خوفزده ٿي ويا. سو، 22 جولاءِ 1958ع تي جنرل جيسوئس ماريا ڪاسترو ليون جنتا خلاف بغاوت جي هڪ ڪوشش جي اڳواڻي ڪئي، ان کي تڪڙ مان عمل ۾ آندو ويو ۽ پيريز جمنيز جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ جي صورت ۾ عوامي مظاهرن ۽ هڙتالن جي صورت ۾ وسيع عوامي حمايت ڏيکاري وئي- اهو لاطيني امريڪا ۾ سياسي لامبندي جو اڳ ڪڏهن به نه ٿيندڙ نمونو هيو. لاطيني امريڪا جي روايت ۾ ڪاسترو ليون کي مڪمل معاوضي سان ساٿين سميت جلاوطن ڪيو ويو.
7 آڪٽوبر 1958ع تي جنتا خلاف بغاوت جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي وئي، هن ڀيري بغاوت جي اڳواڻي ليفٽيننٽ ڪرنل جوئان ڊي ڊائس مينڪاڊا وِيڊال ڪئي، جنهن کي جولاءِ مهيني ۾ ڪاسترو ليون سان گڏ جلاوطن ڪيو ويو هو. وري به جنتا لاءِ فوج جي اڪثريت جي وفاداري کي رکڻ ۾ عوامي حمايت سنجيده قسم جي هئي. بيٽانڪورٽ جي اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ کاٻي ڌر جي ڌڙن طرفان ڪيترائي سنجيده حملا ڪيا ويا، ۽ 7 آڪٽوبر 1959ع ۽ 21 جنوري 1960 تي ننڍڙا پلاٽ خالي پيل هئا ۽ انهن کي غصب ڪيو ويو.
ڪاسترو ليون بيٽانڪورٽ جي حڪمراني هيٺ اي ڊي جماعت جي تقريباً طبقي طور مخالف هئي، جنهن تي ٻيهر اپريل 1960ع ۾ بغاوت کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ڀيري به تروجيلو (Trujillo) جي مدد سان هوءَ ڪولمبيا رستي وينزويلا ۾ داخل ٿي وئي ۽ سَين ڪرسٽوبال ۾ فوجي ريلي کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. هي تاشيرا رياست جي راڄڌاني آهي، جنهن وينزويلا جي کوڙ ساٿرن فوجي آفيسرن ۽ آمرن کي جنميو آهي. ڪجهه فوجي جٿن سندس ساٿ ڏنو، پر وفادار فوجي جٿن ۽ نيشنل گارڊسمين جي اهلڪارن جلد ئي اهڙي ڪوشش جو دم ٽوڙي ڇڏيو. هن ڀيري ڪاسترو ليون کي ملڪ بدر نه ڪيو ويو، پر کيس ڊگهي قيد واري سزا ڀوڳڻي پئي.
بيٽانڪورٽ خلاف ٻن مهينن کانپوءِ وري 2 سنجيده قسم جا حملا ڪيا ويا. صدر مٿان بم حملو بنهه ٿورڙي مفاصلي سان ناڪام ٿي ويو هو. اهڙي صورت ۾ عام طور يقين ڪيو ويندو آهي ته ترُوجـِيلو (Trujillo) ڪجهه وينزويلا جي ڌرين سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪري ويو. سمورين حالتن ۾ سازش سٽيندڙن جي اهڙي رٿابندي ۽ خيال بهتر نموني تيار ڪيل نه هئا. ڪنهن به قسم جي مقبول پٺڀرائي نه هئي ۽ فوج جي اڪثريت پهرين عبوري سرڪار ۽ پوءِ بيٽانڪورٽ سان وفاداري برقرار رکي. پيريز جمنيز جي ساڳئي حالت ۾ واپسي ظاهري طور فوج اندر ۽ ان کان ٻاهر وڌيڪ قائل هئي، ته آئيني حڪومت سڀني کي وڌ کان وڌ لاڀ مهيا ڪندي. ميڊينا اگارٽا جي نقشِ قدم تي هلندي لوپيز ڪونٽريراز طرفان آغاز ڪيل تبديلين گومز جي دور جي بدترين سياسي صورتحال پڄاڻا تحريڪ برپا ڪري ڇڏي.
ساڄي ڌر سان واڳيل فوج طرفان استعمال ڪيل سياسي تشدد جو قسم مخصوص انداز هو: انهي پنهنجي ڪاميابي کي ارادن جي ڪچن ماڻهن کي منظم نه ڪرڻ تي ڀاڙيو هيو. ڪلاسيڪي بغاوت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ فوج جو وڌ کان وڌ شامل هجڻ ۽ مڪمل طور اڻڌريو هجڻ ضروري آهي. ڪجهه سويلين جي پُٺ لازمي هجي ٿي: آبادي کي راس ٿيل ڪم سان پيش ڪرڻو پوندو؛ ۽ ٿوري کان ٿوري ممڪن وقت دوران عمل جو آغاز ڪرڻو پوندو. هي تشدد جي قسم کان بنهه مختلف آهي، جيڪو ماڻهن جي سطح تي ٻڌل سياسي تحريڪ کان به بنهه الڳ ٿلڳ هجي ٿو. تشدد يا جبر تڪرار جي بندوبست لاءِ وسيلي کان وڌيڪ اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ اهم ذريعو آهي. هڪڙي ڳالهه ۾ بغاوت هيٺن سطح ۾ سياسي تشدد جي سموري مرحلي جي نمائندگي ڪري ٿي. ان جي هڪ ڀيرو ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت تڪڙي جوابي ڪارروائي ۾ پنهنجن قوتن کي منظم ۽ مقبوليت حاصل ڪندي. حڪومت جيڪڏهن پنهنجي ماڻهن ۽ فوج منجهه حمايت کي قائم رکي سگهي ٿي ته حڪومت واري پاسي کان ٽڪراءُ پنهنجو وقت رکي ٿو. صاف ظاهر آهي ته وينزويلا ۾ 1958-1963ع واري عرصي ۾ ساڄي ڌر طرفان بغاوت جي ڪيل ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ فوج اندر پٺڀرائي جي شديد کوٽ ڪئي. انکان علاوه حڪومت جي عام حمايت حاصل ڪرڻ واري سگهه فوج اندر پنهنجي ئي رينڪ جي آفيسرز کي بغاوت ڪرڻ واري اپيل کي دٻائي ڇڏيو هو. اهڙي قسم جون ڪوششون لاطيني آمريڪا جي اڪثر ملڪن ۽ خاص ڪري وينزويلا ۾ اهڙي قسم جي خطري واري معيار (مشترڪ هجڻ واري سوچ ۾) جي رهنمائي ڪن ٿيون. بيٽانڪورٽ فوجي مداخلت واري امڪان مان تلخ تجربو سکيو ۽ فوج منجهه پنهنجي حمايت کي وڌائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا. ان سان کيس وڏي پئماني تي ڪاميابي ملي.
سياسي نظام جي مقابلي ۽ پڌرائپ، پـُرتشدد قدمن جي جائزيت واري تخيل، شورش پسند ۽ فوجي مهارتن تي ڌيان مرڪوز ڪندي ڪيترائي ابتدائي لاڳاپا تجويز ڪيل مفروضن/مسئلن جيان غيرمعمولي ظاهر ٿيا. بعد ۾ نظرثاني لاءِ انهن پهلوئن ۾ جهيڙي جهٽي کي سنڀالڻ لاءِ سياسي تشدد جي استعمال وارين ڪوششن تي نظر وجهڻ ممڪن آهي. وينزويلا جي معاملي ۾ صاف ظاهر آهي ته بيٽانڪورٽ جي سرڪار ۾ قابلِ قدر شين جي ورڇ واري مرحلي تائين پهچ آڏو بند نه ٻڌا ويا هئا. گهٽ ۾ گهٽ اهو چئي سگهجي ٿو ته عوام طرفان ساڄي يا کاٻي ڌر جي آمريت جي متبادلن کي ڀاڳ ڀرئي وڏي بند طور تصور ڪيو ويو. شورش پسند مــُٺ جيترن کان وڌيڪ ماڻهن کي قائل نه ڪري سگهيا ته اثرائتي سياست تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد لازمي هو. ان حوالي سان شورش پسندي جي ڪاميابيءَ جا واريءَ جيترا امڪان هئا، جيتوڻيڪ انهي وقت جي ڀيٽ ۾ ماضيءَ ۾ وڌيڪ ظاهر هو. توڙي جو شورش پسندن لاءِ ڪاميابي جا امڪان تمام ٿورڙا هئا، تڏهن به اهي پنهنجي حقيقي سگهه پڄاڻا اندازي کان وڌيڪ رابطه ڪاري جي نظام تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد کي هڪ ذريعي طور استعمال ڪرڻ جي قابل هئي. انهن جي حيثيت ۽ سگهه عدم تشدد واري سياست تي ڌياين مرڪوز ڪرڻ کان وڌيڪ سندن اختيارن کي ئي روڪي ڇڏيو هو.