ڪتاب جو نالو: جيجل منهنجي قسمت
مصنف: دلبر چانڊيو
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 27 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 396 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 54 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ ڪتاب (5)
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ: سنڌي ڪهاڻي جي پرچار
  • دلبر جي جيون ۾ جهاتي
  • مهاڳ: دلبر: جديد سنڌي ڪهاڻي جو صف اول ڪهاڻيڪار
  • امهاڳ : جوڀن جي رُت ۾ ڇڻيل گل!
  • تاثر
  • ڪهاڻيون

  • جيئڻ مرڻ جن سين
  • ڇيڳرو
  • روايتي ڇوڪري
  • جيجل منهنجي قسمت
  • چرياڻ
  • ماڻهپي جي سوڀ
  • پيار کانپوءِ
  • مجبور
  • سجني
  • محبتن جو سفر
  • دنيا دُرنگي
  • سوليءَ وڌ سزا
  • سوڍل سائين
  • ڀــاڙي
  • گوري
  • ڪوهيڙو
  • سانورو
  • قادو ڪبوتري

  • مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ ڪتاب (5)

    ڪتاب: جيجل منهنجي قسمت
    موضوع: (ڪهاڻيون)
    ليکڪ: دلبر چانڊيو
    مرتب: يار محمد چانڊيو
    مهينو / سال: جنوري 2015ع
    ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ


    ملهه: 150 روپيه

    ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:

    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد . سنڌيڪا ڪتاب گهر، حيدرآباد
    - ڪاٺياواڙ شاپ، اردو بازار ڪراچي، - ڪنگ پن بڪ هائوس، حيدرآباد ،
    - ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو،
    - مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو- وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور،
    - سنڌيڪا ڪتاب گهر، سکر- تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس،
    - پريتم قاضي، نواب شاهه، - الفتح نيوز ايجنسي، سکر،
    - جاويد بڪ اسٽور شهدادڪوٽ – ڪنول ڪتاب گھر، قنبر،
    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب


    ارپنا

    دلبر جي مٺي مرڪ جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جيجل منھنجي قسمت“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ مرحوم دلبر چانڊيو آھي.
    دلبر جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به!
    دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
    سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
    هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ: سنڌي ڪهاڻي جي پرچار

    هر ڪهاڻي معاشري جو آئينو هوندي آهي، جنهن ۾ سماج جي اٿڻين ويهڻين ۽ حقيقتن جي چٽي ڄاڻ ملي ٿي. ڪهاڻي، جيڪا هر دؤر ۾ سماج جي صورتحال جو اولڙو ٿئي ٿي ته زندگي جي انيڪ تجربن ۽ تلخين جو چٽو عڪس به هجي ٿي. ڪنهن ڏاهي ڪهاڻي جي تاريخ جي حوالي سان هڪ ڪڙو سچ چيو آهي ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي نه ڪٿي وڌاءُ ۽ اڀام هوندو آهي پر ڪهاڻي وقت جو اهو سچ آهي، جيڪو دنيا جي هر هڪ ڪنڊ ۾ وهي ۽ واپري ٿو.
    دنيا جي ان ڪهاڻي جي ذڪر ۾ اسان جڏهن سنڌي ڪهاڻي جي پرچار ڪنداسين ته معيار جي رنگت ۾ ’دلبر چانڊيو‘ جون ڪهاڻيون به پنهنجي منفرد مقام تي پورو لهن ٿيون. دلبر جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به!
    دلبر چانڊيو سنڌي ڪهاڻي جي سفر ۾، جديد ڪهاڻي کي هٿي وٺرائي، نهايت سادي ۽ پختي اظهار کي جنهن انداز سان ساهس ارپي منظر عام تي آندو آهي، اسان سمجهون ٿا، سو انداز نهايت نرالو ۽ سڀاويڪ آهي. هن جون ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي جي ڊڪشن تي نه رڳو پورو لهن ٿيون، پر سنڌ جي ڪلچر ۽ حالتن کان به باخبر رکن ٿيون. هن جون ڪهاڻيون ”جيئڻ مرڻ جن سين“_ ”ماڻهپي جي سوڀ“_”پيار کان پوءِ“ ۽ ”جيجل منهنجي قسمت“ فني ٽيڪنڪ ۽ گهرجن جي حوالي سان شاهڪار ڪهاڻيون آهن.
    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ طرفان وقت کان اڳ وڇڙي ويل هن سگهاري ڪهاڻيڪار دوست دلبر چانڊيو جون ڪهاڻيون سهيڙي اسان اوهان پڙهندڙ ۽ لکندڙ ساٿين آڏو آڻي، انهي اظهار کي ورجايون ٿا ته هي ڪهاڻيون اوهان کي پنهنجي معاشري ۽ ماحول جون ڪهاڻيون لڳنديون، جن بابت اوهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو!

    مرتضى لغاري
    شهدادڪوٽ
    Cell: 0300-5182494 - 0300-3429326


    دلبر جي جيون ۾ جهاتي

    دلبر چانڊيو 23 ڊسمبر 1972ع ۾ ضلعي شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين جي پُٺ تي پيل ڳوٺ ملان چانڊيو ۾ ڄائو. سندس اصل نالو، عنايت الله هو. پر کيس ڏاڏو پيار ۾ دلبر ڪوٺيندو هيو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري پرائمري اسڪول علي خان مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊکڻ، انٽر ڊگري ڪاليج رتيديري، بيچلر ۽ ماسٽرس جي ڊگري لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي.
    وچٿري ماحول ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جي ڪري هن جو لاڙو ادب طرف رهيو. پنهنجن ويجهن رشتيدارن، سرڪش سنڌي ۽ زخمي چانڊيو جي سرپرستي ۾ هن 1990ع ڌاران ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جون ڪهاڻيون سنڌ جي سڀني رسالن مئگزينن ۽ ڊائجيسٽن ۾ جهجهي انداز ۾ ڇپجنديون رهيون. ان دوران هن بيروزگاري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نامڪمل ڪيريئر جي شروعات 1996ع ۾ نئين کليل ريڊيو پاڪستان لارڪاڻي تي اسڪرپٽ طور ڪئي. جتان کيس 600 روپيه ماهوار پگهار ملندي هئي، اڳتي هلي هو ريڊيو تي انائونسر، ۽ ڊيوٽي آفيسر به رهيو. 2000ع ۾ سندس پگهار 1200 ۽ ٿورو اڳتي هلي پگهار 3600 تائين پهتي. مهانگائي جي وڌندڙ طوفان هيٺ هن جي اها پگهار خرچ جي پورائي لاءِ تمام ٿوري هئي. بيروزگاري جي ان بار کي منهن ڏيڻ لاءِ هن 1994ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ذريعي ڪميشن ۾ اي ايس آءِ جي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر کيس پيپلز پارٽي جي حڪومتي دؤر ۾ نوڪرين تي پابندي لڳڻ سبب کيس نوڪري نه ملي سگهي ۽ هن ان عمل خلاف 2002ع ۾ ٻن پاس اميدوارن سان گڏجي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي.
    ننڍي عمر ۾ پنهنجي ئي ڪُڙم جي هڪ ڇوڪري سان سندس 1993ع ۾ شادي ڪرائي وئي، کيس ٻه ڀائر، ٽي ڀينرون آهن. مهانگائي جو بار کڻندي هن پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏجي هڪ ميڊيڪل ڊسٽري بيوٽري شروع ڪئي جنهن ۾ نقصان پوڻ سبب هن سپٽمبر 2007ع ۾ هڪ دوست جي معرفت گهوٽڪي ۾ هڪ بهتر ڪيريئر جي شروعات ڪئي جنهن جي عيوض کيس 2000 پگهار ملڻ لڳي. ان ئي سال جي آڪٽومبر مهيني ۾ هن جي طبيعت خراب ٿي ۽ کيس بلڊ شگر جي تصديق ٿي.جنهن سبب سندس جسم ۾ ڪمزوري وڌڻ لڳي ۽ هو 15 ڊسمبر 2007ع تي سخت بيمار ٿي پيو. 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه جي شهادت جو ٻڌي هن کي گهرو شاڪ لڳڻ سبب چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. جتي بي رحم ڊاڪٽرن جي بي ڌياني سبب کيس اين جي وي، ٽيوب نڪ ۾ زخم ڪري وڌو جنهن سبب ڪراچي کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو، پر فنگس وڌي وڃڻ ڪري هن جي دماغي رڳن تي خطرناڪ اثر پيا ۽ هو 26 جنوري 2008ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    دلبر پوئتي ڇهن ٻارن جو اولاد ڇڏي ويو، جيڪي هن وقت پنهنجي ننڍي چاچي سان گڏجي رهن ٿا. هن وقت سندس وڏو پُٽ فيصل سنڌ يونيورسٽي ۾، وڏي ڌيءَ نائلا ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي، ۽ باقي ٻار عادل مرڪ مهڪ ۽ عديل به لاڙڪاڻي جي مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

    نعمت چانڊيو


    مهاڳ: دلبر: جديد سنڌي ڪهاڻي جو صف اول ڪهاڻيڪار

    زندگيءَ جي اٿڻيءَ ويهڻيءَ، رهڻيءَ- ڪهڻيءَ ۾ لفظن جا رنگ ڀري، ڪهاڻيڪار جيڪا تصوير ٺاهي ٿو، اها ئي ڪهاڻي آهي، ٻڌڻ- ٻڌائڻ وارو اوائلي سفر طئه ڪري ڪهاڻي هڪ صديءَ کان لکت- پڙهت جي جديد پنڌ تي هليل آهي، محاورا- تشبيهون گرامر مطابق لفظن ۽ جملن جي رواني واري خوبصورتي- سماجي اڻبرابري ۽ طبقاتي نظام جي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ برابري وارو اعليٰ صفتي بنياد- سرتي- ڌرتي ۽ زندگيءَ جا ٻيا سماجي موضوع: ڪاروڪاري، قتل غارت، جوئا، چوري، دهشتگردي ۽ ٻيا سڀوئي الميا، لکجندڙ ڪهاڻين جي ڀرپوريت جو سبب آهن. دلبر جي ڪهاڻين ۾ موضوع، ڪردار، ٻولي، لهجا، مهاورا، تشبيهون اهڙيون ئي آهن، جهڙيون ڪنهن عظيم ڪهاڻيءَ ۾! ”جيئڻ مرڻ جن سين“ جا سڀ ڪردار اهي ئي آهن، جن کان سواءِ نه جي سگهبو آهي، نه مري!- ابو، امڙ، مٽ مائٽ، دوست ۽ ساهن جي اعتبار ۽ پيار جي مالڪياڻي. ڪهاڻي جي سڀني ڪردارن جي اکين تي پٽيون ٻڌل آهن ۽ ذهن تي پارو ڄميل- ڪنن جا ڪچا، پَرَ مَتڙيا، هڪ اهڙي سماج سڌارڪ لاءِ پنهنجا هٿ خاڪ ۾ ملائن ٿا، جيڪو هڪ سلجهيل انسان آهي، دل جو اجرو ۽ هر ڪنهن جي ڪم ايندڙ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ لفظن، جملن ۽ ڪردان جي ٺهڪندڙ چونڊ ٿيل آهي. دلبر جيئن پاڻ هڪ سهڻو، سٻاجهڙو ماڻهو هيو، تيئن سندس ڪهاڻين ۾ ڪو نه ڪو ڪردار اهڙو ضرور ملندو، جيڪو سندس شخصيت جو آئينو ٿي بيٺو آهي، ڌرتيءَ جي عشق واري درياءَ مان وهنجي نڪتل، تاريخ جي دريءَ مان سج جو پهرو ڪِرڻو.
    ”ڪهاڻي ڇيڳرو“ ٻن دوستن جو هلڪو ڦلڪو ڇيڳراڻو اظهار آهي، مسڪراهٽ، کل- خوشي به ميرانجهڙي، علائقائي، ملڪي ۽ عالمي ظلم تي بحث ۾ وري اجرائپ: سنڌ تي ارغونن، ترخانن ۽ تاتارين جون هلائون، افغانستان تي آمريڪا جي جارحاڻي ڪاهه، پاڪستان ۾ وڌندڙ طالبانائيزيشن، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ سبب سنڌين جو معاشي قتل ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ چوري چڪاري ۽ ڪُسَهائپ جو ظلم، ڪهاڻيءَ جي مرڪزي خيال سان، ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا خيال ملائي، ڪامياب ڪهاڻي لکڻ دلبر جي سگهاري ڪهاڻيڪار هجڻ جو اثرائتو ثبوت آهي، سندس ڪهاڻي ”روايتي ڇوڪري“ جوانيءَ جي اڙٻنگين ۾ مست هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي تن مستين جو تيور آهي، جيڪا پاڙي جي سهڻي سيبتي گريجوئيٽ يوسفي ڪردار جمال کي ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو پائي مٿس ڇُڙواڳ روايتن جو جبل ڪيرائي ٿي وجهي.
    دلبر جون ڪهاڻيون گهرن، گهٽين، اوطاقن، ٻنين، ٻارن ۾ جنم وٺن ٿيون ۽ اتي ئي پروان چڙهن ٿيون. فطري ۽ غير فطري تبديلين، ضروري ۽ غير ضروري غرضن جي حاصلات پٺيان ڊوڙندڙ ڪردار ”دلبر“ جي خيال ۽ قلم تائين پاڻ ئي اچي پُهچن ٿا. ڪاروڪاريءَ جهڙي دقيانوسي بُرائيءَ تي لکيل ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي ”جيجل منهنجي قسمت“ پڙهندي محسوس ٿيندو ته، ڪهاڻي پنهنجي ئي آهي، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي تر جي- اکين اڳيان ٿيل-گذريل- ٻنيءَ جي لالچ، خوبصورت ڇوڪريءَ تي هُرکجي، ان کي حاصل ڪرڻ جي حوس ۽ ساڙ جو پاڙُ پاڙڻ واري ڏاڍ مڙسيءَ ۾، بيڏوهيءَ کي ڏوهي ڪيو ٿو وڃي ۽ زندگيءَ جي ٽياس تي ٽنگجن ٿيون- ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون-!
    ڪهاڻي جنهن دور مان لانگهائو ٿئي ٿي، ان دور جي حالتن، قصن ۽ ڪربناڪين کي پاڻ ۾ اوتي وٺي ٿي. گذري ويل وقت، ڪهاڻيءَ جي روح ۾ هڪ ادبي تاريخ هوندو آهي، سٺي ڪهاڻي لکڻ هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو هر ڪنهن جي ذات ۾ ڏات جون ڏياٽيون نٿو ٻاري. دلبر اهو ڪهاڻيڪار هيو، جنهن ڏات ۾ ذات جون ڏياٽيون به ٻاريون، سندس ڪهاڻين جا اڪثر محرڪ ۽ محور پنهنجي ذات ۽ قوم جي اٿل پٿل واري روين جا اولڙا آهن. سندس ڪهاڻي ”چرياڻ“ جو عباس، چرياڻ نه، پر دلبر جو منصور آهي، جيڪو هر بيواجبيءَ تي احتجاج واري حق ۽ سچ جو اعلان بڻجي پوي ٿو. هو اجتماعي اهنجن، قبائلي ڪروڌ ۽ رياستي ڏاڍ جو ڇيد محبتن جو عَلمُ کڻي، ڪرڻ کي سمجهي ٿو:
    ”محبت ڪريو، محبت ئي عزت ۽ وقار، حق ۽ سچ، انسانيت ۽ مسلماني آهي“.
    دلبر پنهنجي ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ الڳ مقام رکندڙ سگهارو ڪهاڻيڪار هيو. هڪ ئي ويهڪ ۾ شاندار ڪهاڻي لکي، هن هم عصر ڪهاڻيڪارن تي مثبت اثر ڇڏيا- سندس هرڪهاڻي جي ابتدا سج جهڙي ۽ انتها چنڊ جهڙي آهي. نت نڪور سوجهرن ۽ چانڊوڪين سان سرشار!!- ”ڪهاڻي ماڻهپي جي سوڀ ۾“ ، ٿاڻيدارن جي گهاڻيدارين تي لفظن جو چلهو ٻريل آهي، صوبيدار گامڻ خان، پاٿاريدار شهباز خان ۽ جمعدار يوسف جي ٻيگهين واري ٻيگهه ۾، ماڻهپي جا پاسدار ذلتن ۽ قهرن جي ڪوٽن ۾ واڙجن ٿا، بيڏوهي گرفتار، ڏوهي آزاد...!!
    دلبر ڪهاڻين ۾ لفظن ۽ ڪردارن جي راند ناهي کيڏي- مشاهدن کي مهارتن سان، لفظن جي بامقصد تخليقي ترتيب ڏني آهي، هو سلجهيل مشاهداتي ڪهاڻيڪار هيو، سندس ڪهاڻين ۾ ٻهراڙيءَ جي زرعي سونهن به آهي، ته نج مَکڻائتي محبت به! ”پيار کان پوءِ“ ۽ ”مجبور“ جو جمالياتي مزاج هڪ جهڙو آهي، پر پيار جي پنڌ تي هي ٻه الڳ ٿلڳ ڪهاڻيون آهن. ”پيار کانپوءِ“ جي جادوئي حسن رکندڙ صائمه شهر جي ملڪه آهي ته ”مجبور“ جي خوش اخلاق زرينه شهر جي شهزادي. ٻنهين جي پيار جا پوپٽ ٻهراڙيءَ جي گلن تي اچي ويهن ٿا. لفظن جي هڪجهڙن ٽهڪڙن، جملن جي ڀاڪرن ۽ سياري جي سياٽن ۾ احساسن جي ساڳئي گرمائش ٻنهي ڪهاڻين کي جاڙيتو بڻائي ڇڏيو آهي- پر جڏهن ڪهاڻيون پڙهجن ٿيون ته هر ڪهاڻيءَ جي شروعات ۽ پڄاڻيءَ جدا جدا دڳ ٺاهي ٿي.
    ڪهاڻي ”سجني“ دلبر جي روح سان رچيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ دل جي خون سان مصوري ٿيل آهي. لفظن جا رڌم ۽ جملن جا سر، ڄڻ ڪو گيت آهي، جيڪو روح ۾ لهندو ٿو وڃي. ڪمال فن جو مظهر هيءَ ڪهاڻي، دلبر جي تخيلي ڄمار جو جوڀن آهي. ڪهاڻيءَ ۾ حسين تشبيهن جو خوبصورت استعمال ٿيل آهي:
    (گول گول لسا ڳل، گلاب جي پنکڙين جيئن لال چپ، وشال آسمان مٿان جهرمري ستارن جهڙا ڏند، ڀورا ناسي وار، چيلهه جو چوٽو، قدبت وچولو ۽ ٺاهوڪو،صفا من موهيندڙ، لوڏ هرڻيءَ جهڙي، اکيون وڏيون، سرمائي ۽ ڪجليدار اکيون، جنهن طرف اٿن، اصل ڪهي ڍير ڪري ڇڏين)
    دلبر محبتن جو سفير ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي جو بانيڪار هو. سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ محبتن جا گل پوکيل آهن، ڪهاڻي ”محبتن جو سفر“ ۾ زندگيءَ جي ڪارج جو ڀروسو آهي، جنهن ۾ اعتبار جو اهو ڏيئو روشن آهي ته، سماجي انقلاب ضرور ايندو. ڌڪار ۽ انارڪيءَ جو ڇيد اوس ٿيڻو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ دونهاٽيل سماج کي اجرو ڪرڻ لاءِ، هڪ سماج سڌارڪ استاد محبتن واري سفر جو پانڌيئڙو آهي.
    ڪهاڻي ۾ ٻٽن لفظن، جملن ۽ خيالن جي لکڻ واري شوق ۾ دلبر جيڪو چس رکيو، اهوئي کير ۾ کنڊ بڻيو. هن جون ڪهاڻيون اڪسير آهن- پڙهه ته پڙهندو ئي وڃ!
    ”دنيا درنگي“ ۾ ملڪيتي لالچ ۽ مذهبي فرمائش جا ٻه رنگ آهن: هڪ پيءُ پنهنجي پٽ کي ماءُ وٽ محض ان ڪري رهڻ نه ٿو ڏي، ته جيئن هو ناناڻڪي ملڪيت مان، ماءُ جي حصو ڇني وٺي، ماءُ جي طلاقيل زندگيءَ تي طلاق کان به ڀاري اذيتناڪ پل ڇڏي- ٻيو پيءُ ڌيءُ جي پيار کي پڪي مسلمان ٿيڻ واري جبل جيڏي شرط تان ڌڪو ڏيئي سندس شاديءَ جا احساس ئي ماري ٿو ڇڏي.
    دلبر جي ڪهاڻين ۾ دلڪش منظر ڪشي ٿيل آهي.
    (ٻيرين جي هيٺان لوسڻ جو فصل- مٿان وري عجيب جهار جي مٺڙي موسم..... هوا جي هلڪن وڻندڙ جهوٽن جو اثر.... چوڌاري ڪڻڪ جي فصل جي سرسبز چادر....سرنهن جو پولار.... مٽرن جا ڳاڙها نيرا گل- سوليءَ وڌ سزا)
    دلبر سماج جو مختلف زاوين کان اڀياس ڪري ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاريءَ جو اظهار ڪيو. سندس ڪهاڻي ”سوڍل سائين“ ان اظهار جو عڪس آهي.
    هيءَ هڪ ست پيڙهئي، مرشد جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو ڏاڏو جمال سائين، اشارن تي ڀتيون هلائيندڙ، پيءُ وڏل سائين ڪاني ڪماني ناظرو ۽ پاڻ هر فن مولا مرشد آهي.- تيتري، ڪوڪڙي ۽ ڇوڪريباز! .... حق کي ناحق ڪرڻ جو ڌڻي....
    دلبر جي قلم جا عَلمَ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي منبر ۾ کتل آهن، هن جديد سنڌي ڪهاڻيڪارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، هميشه، هر ڪهاڻيءَ ۾ حق ۽ سچ جي پرچار ڪئي. وقت ۽ حالتن پٽاندڙ، قلم جا عَلمَ بلند ڪري، خوب ۽ ڀرپور لکيو، سندس ڪهاڻي ”ڀاڙي“ وقت جي فرعون رئيس سهڻي خان جي ظلمن جو قهر آهي، جنهن جي اڳيان هڪ ڪمزور نوجوان سچائيءَ مان سينو تاڻي ڳوٺ جي مظلومن جو ڏڍ، ڀرجهلو ۽ خير خواهه ٿي بيهي ٿو!
    سنڌي ڪهاڻيءَ جي جهول ۾، ڪهاڻين جا گل پرٽي، دلبر سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا رابيل ورهائيندڙ مالهي هو، سندس ڪهاڻين ۾ خوشبو جو واسُ آهي، جو پڙهندڙ هڪ ئي پڙهت ۾ مهڪ ماڻي ٿو وٺي.
    (اجن واري کوهه کان اولهه پاسي، وشال آسمان تي بادلن واري هڪ شام، آنڀو (ڪڻڪ جا سنگ) سرنهن جي ڦرٽ مٿان رکي، سيڪي مروڙي، سروڙي کائڻ واري مرحلي ۾ هو ته، کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ، آيل ناري صدوري کيس سڏيو- سڏ ۾ جيڪو رڌم، جيڪو سوز سمايل هوس، تنهن جسم جي رڳ رڳ وڃي ورتس- ”گوري“)
    رواني جي درياءَ ۾ دلبر جون ڪهاڻيون، ٻيڙين جيان ترن ٿيون.
    ڪهاڻي دلبر جي رڳ رڳ ۾ رچيل هئي، اندر جي سونهن ڪهاڻين جي ڪينواس تي لاهي، هن ڪهاڻي کي رت جو ريج ڏئي، دل ۽ دنيا جي ڳالهه سهڻي انداز ۽ آسان لهجي ۾ ڪئي، ”ڪوهيڙو“_ ”سانورو“ ۽ ”قادو ڪبوتري“ سندس فن ۽ فڪر جي پختگيءَ جو شاهڪار حسن آهن.
    دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
    سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.



    مٺل چانڊيو
    ڊکڻ
    03433571954
    31 ڊسمبر 2014ع


    امهاڳ : جوڀن جي رُت ۾ ڇڻيل گل!

    زخمي چانڊئي جي وڇوڙي واري حادثي کانپوءِ ”ڊکڻ سنگت“ جي نجُ ادبي، سماجي ۽ قومي ڌارا جي تشخص/ ماحول کي ساڳئي ئي انداز سان روان دوان رکڻ ۾ دلبر جو ڪردار سڀني کان منفرد هو، هُن پنهنجي نفيس/ بيروزگار ڪُلهن تي ذميوارين جوٻوجهه کڻندي ڪڏهن به دانهن نه ڪئي. – سنگت سماچار ۾ تخليق جا رنگ ڀريندي، هو سنڌي ادب ۾ نئين ٽهي جو نمائنده ڪهاڻيڪار ٿي اُڀريو، هُن جي ادبي اڀار جي اثر ۾ مٺل چانڊيو، مصور حسين، اظهر جوابپوري ۽ مون سميت ڪيترن ئي لکارين اُتساهه جي روشني وٺي ڪهاڻي جي ڪٺن سفر ۾ پير پاتو!- نظم جي ڀيٽ ۾ نثر نويس دوستن جو تعداد ٻيڻو ٿيندي ڏسي سڄي سنڌ جا ڏات ڌڻي، ڊکڻ سنگت جي دوستن کي ڪهاڻيڪارن جي سنگت جو نانءُ ڏيڻ لڳا.
    ڪهاڻين جي ترتيب ۾ جتي دلبر جون ڪهاڻيون پنهنجي سادي ۽ منفرد احساس سان نکري نروار ٿيون آهن، اتي دلبر جو شخصي پهلو به نرالو ۽ مخلصانه هو. دلبر جي يادن جي ان ڌنڌلي ڊوڙ ۾ اڄ منهنجا احساس گهايل بڻجي ماضي جو حصو ٿي رهيا آهن، جتي پير پٿون ڪندي دلبر پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ جواني جا به چار ڏهاڙا گذاريا_پر مون نه ٿي ڄاتو ته مستقبل ۾ يادن جا اهي ٻه چار ڏهاڙا زندگي جو روڳ بڻجي، حقيقت جي حصي ۾ شمار ٿي ويندا..
    دلبر ٻهراڙيءَ جو سادو پر سليقي وارو نوجوان!
    لکڻ پڙهڻ سان بيحد لڳاءُ رکندڙ_
    ڳوٺ جو اميراڻو ٻار_
    ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن جو دادلو_
    مال وند_ ميهار_
    وڏيرو به پاڻ ته ڪڙمي به پاڻ، ڄڻ شاهه عنايت جي فڪر”جو کيڙي سو کائي“ جو پوئلڳ_ غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مددگار، جيڪو پنهنجي لاءِٰ فيصلو، سوئي ٻين جي لاءِ ڪارگر ۽ موزون!
    هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، هر ڪهاڻي ۾ معاشري جي اصلاح_
    لکي ته اديب لڳي ۽ زمينون سنڀالي ته زميندار، پر انهن سڀني پاسن تي پورو لهندڙ هن ماڻهو ۾ انسان دوستي جا تمام گهرا رنگ شامل هئا. دشمنين ۽ مدي خارج رسمن کي ختم ڪرڻ جي تنبيهه ڪندي اوچتو بينظير ڀٽو جي شهادت جي صدمي ۾، هي ڳڀرو جذبن جو ترجمان ليکڪ حياتي هارائي، جديد ڪهاڻي جي سفر کي الوداع ڪري ويو. وقت کان اڳ وڇڙي ويل هن دلبر ڪهاڻيڪار جا آخري پساهه به منهنجي اڳيان گذريا- درد جون اهي گهڙيون جوڀن جي رُت ۾ ڇڻيل گل جي درد جيان اڄ به منهنجي احساسن تي حاوي آهن. مان هُن جي يادگار ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ کي پڙهي گهري سوچ ۾ گم ٿي، هن ڪهاڻين جي مضبوط اتهاس جُڙڻ جو خاڪو جوڙي رهيو آهيان!!
    دلبر جون ڪهاڻيون سهيڙيندي مان پيڙاءَ جي مختلف مرحلن مان گذريو آهيان. هن جون ڪهاڻيون هن جي ئي اکين ڏٺين حالتن جو اظهار آهن، هن ڪهاڻي ”ماڻهپي جي سوڀ“ لکي بظاهر ته هڪ ٿاڻي ۾ ٿيندڙ ڪلورن تان پردو کنيون آهي، پر حقيقت ۾ اها ڪهاڻي سنڌ جي سمورن ٿاڻن جي ڪهاڻي آهي، جتي جا ٿاڻا گهاڻا بڻيل آهن. ڪهاڻي ”قادو ڪبوتري“ مردانگي معاشري جي تذليل جو چٽو آئينو آهي، جنهن ۾ ڪبوترن جي شوق ۾ عصمتن جي نيلامي ٿئي ٿي. ڪهاڻي ”سوليءَ وڌ سزا“ معصوميت جي ور چڙهيل اهڙن هجتن ڀريل رشتن تي سمايل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ وحشي صفت نوجوان جواني جي جوش ۾ پنهنجي ساليءَ جي عزت تي راتاهو هڻي ٿو ۽ پوءِ کيس رسواين جي سوليءَ پلئه پوي ٿي. ڪهاڻي ”مجبور“ ٻن پيار ڪندڙ دلين جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ساڀيائن جي ويجهو ايندي، زندگي وڇوڙن جي واءُ ۾ تحليل ٿئي ٿي.
    ڪهاڻي ” جيجل منهنجي قسمت“ دلبر جي ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ نه وسرندڙ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ٽن معصوم عورتن سان ٿيندڙ انياوَ، اهڙي ته انداز سان ڏيکاريا ويا آهن، جو پڙهندي بيخوديءَ ۾ دانهن نڪريو وڃي ٿي!

    يار محمد چانڊيو
    رتوديرو
    yaarchandio@gmail.com


    تاثر

    صحرا جي دامن ۾ ٽڙيل گل

    جيئن ڪو به وڏو دانشور ۽ ليکڪ محبت جي مڪمل طور تي تشريح نه ٿو ڪري سگهي، بلڪل تيئن ئي مون وٽ دلبر جي دلبريءَ تي مڪمل طور تي روشني وجهڻ جو ڏانءُ نه آهي، اخبارن ۾، ڪتابن ۾ ۽ ورسيءَ جي پروگرامن ۾ مون ڪافي ڀيرا دلبر چانڊيو تي لکيو به آهي ته ڳالهايو به آهي پر سچ ته اهو آهي مون اڃان هن جي دلبري جو اهو حق ادا ناهي ڪيو، مان ڀانيان ٿو ته اڃان دلبر جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکڻ ۽ ڳالهائڻ رهجي ويو آهي، پاڻ جيڪو وقت گڏ رهياسين، کل مذاق ڪئي سين، اهي پل اڄ به اڪيلائي ۾ ياد ايندا آهن ته اکيون اشڪبار ٿي وينديون آهن ۽ دل ويڳاڻي ٿي ويندي آهي.
    دلبر جون سڀ ڪهاڻيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سندس گهڻا ڪردار مدي خارج ريتن رسمن سان جنگ اٽڪائيندڙ آهن، سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ويڌن ۽ ڪارو ڪاري سندس ڪهاڻين جا خاص موضوع آهن، جن تي هن وڏي بردباري سان لکيو آهي، ان جي ڪهاڻين جي خاص ڳالهه آهي سندس منفرد ڊڪشن، جنهن تي ڪنهن به وڏي ليکڪ جي ڇاپ نظر نه ٿي اچي. هن کي اڃان به گهڻو جيئڻ گهربو هو، پر افسوس اهو آهي ته هو ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ سماج ۾ ڀوڳيندو ڀوڳيندو وقت کان اڳ اسان کان وڇڙي ويو، سچ ته هو صحرا ۾ ٽڙيل ڪنهن گل کان گهٽ نه هيو، ڏک اهو آهي ته وقت ۽ حالتن جي لُڪ هن کي ڪومائي ڇڏيو ۽ هو پنکڙيون بڻجي بي رحم وقت جي مٽيءَ ۾ گُم ٿي ويو.
    ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾ خوشبو ئي اجائي وئي!

    مصور حسين
    **

    سنڌي زبان جو ناميارو ڪهاڻيڪار دلبر چانڊيو منهنجو پيارو ودست هو، سندس شخصيت توڙي ڪردار انتهائي ساراهه لائق هو. دلبر پنهنجي نانءُ جيان دلبر ۽ خوبصورت ليکڪ هو. اتر سنڌ قبائلي اثر جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ پنهنجي الڳ خوف ڀري سڃاڻپ رکي ٿو، ان خطرناڪ خطي ۾ نه ڄاڻ ته هر روز ڪيترون نيون ۽ انوکيون ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون، اهڙين خطرناڪ ڪهاڻين کي پنهنجي قلم جي روپ ۾ مرتب ڪري دلبر نسيم کرل، جي ڪهاڻين جون سڪون لاٿيون آهن. نه اڳو اهو دلبر پنهنجي اڻوسرندڙ ڪردار ذريعي لطيف سائين جي ان شعر ”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي“ جي فڪر جي پرچاريت ڪئي آهي. دلبر جو هي ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ سنڌ جي صورت حال جي عڪاسي آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ پنهنجي جاءِ ضرور والاريندو !!

    ملهار سنڌي

    ******

    دلبر ڪير سڏائي!

    چهري تي سدائين مرڪ، سڀاءَ ۾ نرمي، جهڙو ظاهر ۾، تهڙو اندر ۾، نه ٻيائي، نه وڏائي، جهڙو زبان جو کليل، تهڙو هٿ جو ويڪرو، ڪڏهن ڪنهن دوست جو فڪر ته ڪڏهن ڪنهن چاهيندڙ جي چنتا، سدائين پيو يارن دوستن جي مدد ۾ مگن نظر ايندو. ڏوڪڙ هڪ هٿ ۾ ايندا ته ٻئي هٿ کان هليا ويندا ۽ پاڻ وڃي توڪل جي ترهي تي وقت جي ويرن مٿان ترندو. ڏک ۾، سک ۾، هم قدم، همسفر، يارن جو يار ۽ دلبر صفت دوست دلبر چانڊيو جوانيءَ ۾ جيءُ جھوريندڙ وڇوڙو ڏيئي، اکين جي تاري مان آسمان جو تارو ٿي ويندو، اهو ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو. هو ڇا وڇڙيو! پاڻ کان سڀ ڪجھه وڇڙي ويو. نه کل رهي، نه خوشي، نه ساٿ، نه سنگت، نه اها دوستي، جنهن جو ڪڙو ۽ ڪنڊو دلبر هو. سڀني دوستن کي گڏ کڻي هلندڙ ئي جڏهن نه رهيو ته پوءِ اهي دوست، دوست ئي نه رهيا. جن به دلبر سان گڏجي ڪي گھڙيون گھاريون هونديون ۽ سندس ساٿ ۾ ساٿي رهيا هوندا، ورهين پڄاڻان اڄ به کيس نه وساري سگھيا هوندا.
    دوستي، ڀائري، مٽي، مائٽي، سچائيءَ جا سمورا سڱ دلبر تي ئي کٽن ٿا. جڏهن به ڪنهن ڪم ۾ الجھي پئبو ته دلبر کي ضرور ياد ڪبو ۽ ازخود ائين چئي ويهبو ته ”دلبر ڪير سڏائي..!“ دلبر جي اهڙي دلربائيءَ ئي کيس سڀني کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهاريو هو، پر بيمارين کيس جوانيءَ ۾ ئي اهڙو ته نهوڙي ڇڏيو هو، جو هڪ با همت ماڻهو به آخر ۾ حوصلا هارائي ويٺو. پورو مهينو زندگي ۽ موت سان جھيڙيندڙ دلبر ڪراچيءَ جي اسپتالن جي انڌ ۾ ايترو ته الجھي ويو هو، جو زندگي به هارائي ويٺو. معصوم فيصل، عادل، عديل، نائله، مرڪ، مهڪ سان گڏ نعمت ۽ سندس دوست به ڇورا ٿي ويا. جنهن جو احساس اڄ به دل ۾ ڇيت جيان چڀندو رهي ٿو.
    سندس هيءُ ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ ڪهاڻي ڪتاب نه، پر هڪ درد جو داستان آهي، جنهن ۾ هڪ دلبر ليکڪ جا الڪا ۽ ارمان به شامل آهن ته سينوارجي ويل سماج ۾ ڪڌين رسمن جي نشاندهي به ٿيل آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ڪنهن کي به پنهنجي اندر جو ڪو اولڙو يا عڪس ملي ٿو ته به سمجھبو ته دلبر جي قلمي ڪمائي ۽ دوستن جي محنت ساڀ وئي.

    ساجد چانڊيو/ لاڙڪاڻو
    16 – جنوري – 2015ع

    ******

    اسان جو دلبر

    دلبر جي وڇوڙي سان اسان جي ادبي اتساهه واري جذبي جو تسلسل ٽٽي ويو. هن جي ويندي دوستن جي مالها مڻيو مڻيو ٿي وکري وئي. دلبر پنهنجي نانءَ جيان ئي دلبر انسان ۽ دلبر ليکڪ هو. هن جون ڪهاڻيون سڄي سنڌ جي اڀرندڙ ۽ سينيئر ليکڪن جي ڪهاڻين کان نمايان رنگ ۾ ملن ٿيون. دلبر دوستي ۾ سراپا وفا جو پيڪر هو. هو دوستي به نڀائي ڄاڻندو هو ته رشتا به ! دلبر جي پيار محبت ۽ خلوص جا اسان سڀ قرضي آهيون.

    سڪندر سوز
    *******


    دلبر جي ڪهاڻين ۾ سچائي ۽ پيار ملي ٿو، جهڙو نالو هيس دلبر، تهڙي ئي شخصيت هيس. پنهنجي نالي وانگر، يا ان کان به وڌيڪ دلبريون ۽ محبتون ڏيڻ وارو هو. هن سماج جي نا انصافين، نا اميدن، غلط ريتن، رواجن سان جهيڙيو. هو بنا پرواهه ڪندي اٽل ٿي بيهندڙ بهادر شخص هو.

    زاهد چانڊيو
    **

    دلبر سان منهنجو ساٿ تڏهن کان شروع ٿيو، جڏهن اسان ٻنهي اڃان جوانيءَ ۾ پير به نه پاتو هيو ۽ سندس عمر جي آخري گهڙين تائين اهو ساٿ سلامت رهيو. اسڪول کان ڪاليج تائين ۽ ننڍين وڏين حجتن کان محبتن تائين، اسان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ هلياسين، ڏک ۽ سُک ۾ ساٿ رهيو، اڄ هن پڄاڻا زندگي مان مرڪون به موڪلائي ويون آهن.

    اظهر جوابپوري
    **

    هونئن ته دلبر جون سموريون ڪهاڻيون بهتر آهن، پر ”سجني“_”سوليءَ وڌ سزا“_”ماڻهپي جي سوڀ“ ۽ ”جيجل منهنجي قسمت“تمام بهترين ڪهاڻيون آهن. شخصي حوالي سان به دلبر محبتي ماڻهو هيو، شاهه سائين جي شعر وانگر هن مان هر وقت بهار جي بوءِ پئي ايندي هئي، هو سچ جو ساٿاري ۽ دوستن تي ساهه ڏيندڙ شخص هو.

    هزار خان چانڊيو
    **
    سال 2007ع ۽ سال 2008ع وڏا درديلا سال هئا. انهن سالن پنهنجي پٺيان ڪيئي گهرا نشان ۽ نه ڇٽندڙ ڦٽ ڏنا ۽ دردن جا درياءَ ڏئي ويا. انهن سالن اسان کان ڪيئي ڏاها انسان کسي ورتا، جن مان دلبر به هڪ هو. سنگت جو نانءُ کڻبو، محبت جو نانءُ کڻبو، قومي تحريڪ جو نانءُ کڻبو، سماج سڌارڪ جو نانءُ کڻبو، ان مان دلبر جي دلبري ضرور ظاهر ٿيندي. ڊکڻ سنگت جا ٻه مهندار قلمڪار، خدمتگار، دلدار، سنڌڙي سنوار هڪ زخمي هو ۽ ٻيو دلبر، جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.

    گوهر سنڌي


    ڪهاڻيون

    جيئڻ مرڻ جن سين

    تنهن ڏينهن پورو پورو فيصلو ڪري ورتم ته، هاڻي خودڪشي ڪري پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندس... پنهنجي سر سان ڪابه رعايت ناهي ڪرڻي... اهو به ڪو جيئڻ چئجي...؟ جنهن ۾ نه ڪوئي دلي ۽ نه وري ذهني سڪون، آرام، نه سهولت ۽ نه ئي ڪا آرائش...!!! زندگي زهر آهي، تنهنڪري خودڪشي ڪري جان آجي ڪرڻي آهي، ۽ پوءِ ائين ئي ڪيم، پر بچي ويس!!
    منهنجي هِن حالت جا ذميوار مون سوڌي ڪيئي آهن، جن ۾ خاص طور ابو، امڙ، سنگتي ساٿي، اوڙوپاڙو ۽ من جي ملڪه به شامل آهي. پاڻ پڙهائي جي وڏي سبب ڪري ڌنڌو، ڌاڙي، ڪوئي هنر سکي نه سگهيس، انهيءَ ڪري اڪثر واندو رهندو هوس، واندو هجڻ ڪري گهر وارن ۽ ڳوٺاڻن جي ننڍن ننڍن ڪمن، مسئلن کي سولو ڪري، سندن ڏک سک کي پنهنجو سمجهي رت ولوڙڻ تائين مدد ڪندو هوس. منهنجي مدد، محبت ۽ محنتن جي اهڙي جذبي جي موٽ ۾ عزت ۽ محبت ته ملي، پر افسوس اُها جلد ئي پنهنجي شڪل مٽائي، بدنامي ۽ بي عزتي بڻجي پئي. پوءِ ته سلسلو شروع ٿيو، منهنجي مدد، منهنجي مهربانيءَ جي هر روپ ۽ هر شڪل کي روايتي نظرن سان، ۽ شڪي سوچن سان ڏٺو ۽ پروڙيو ويو. مٽن، مائٽن جي ته مِهرَ هئي ئي، پر دوستن به غلط سمجهيو، دوست! جيڪي ساهه کان وڌ پيارا هئا، تن به منهنجي ڳالهه نه ٻڌي ۽ نه ئي ڪا مدد ڪئي، رهندو ڇوهه ڇنڊيائون، برو ڀلو ڳالهايائون..!! ڪافي سارو صدمو رسيو، سور سَهي، پنهنجي وڏي سهاري، محبت ۽ شفقت جي لاثاني ڪردارن، ابي ۽ امڙ سان مليس، پنهنجي بي گناهيءَ تي وضاحتون پيش ڪيون ۽ قسم کاڌا، پر کين يقين نه آيو، پنهنجي ضِد تي بيهي، منهنجي مٿان ”گنهگار“ جو ليبل لڳائي ڇڏيائون. ان کان اڳ به مان، منهنجي تمنا ۽ منهنجي check ٻنهين لاءِ بي مقصد، بي جا ۽ فضول رهيا آهيون. چند ڏينهن اڳ پنهنجي محبت جي حاصلات لاءِ کين منٿ، ميڙ ڪيم، پر پڙڪڍي بيٺا ۽ مِٽ مائٽن جي ڳالهين تي لڳي، هوائي سوائي ٻڌي، بي عزتو ۽ خوار خراب ڪندا رهيا. سرڪاري طرف کان ڀي ستايل هوس، چئن سالن کان، مختلف شعبن ۾ نوڪري لاءِ واجهائيندو رهيس، پر مون جهڙن لاءِ نوڪري خواب ۽ حسرت ئي بڻيل رهي، جنهن سبب ذهني طور منتشر رهيس. رهي ڳالهه دل جي دنيا جي، سو دل ۾ ته سميرا سواءِ ڪوئي، ڀُل ۾ به نه آيو آهي، سميرا لاءِ جو ڪجهه چوان، تعريف ۾، سندس محبت ۽ نفرت لاءِ سو گهٽ آهي.
    ننڍي هوندي جيجل امڙ سُکيو ستابو گذارڻ سان گڏ، ڳاڙهي ڪنوار ماڻڻ جهڙيون انيڪ دعائون هر هر ڏيندي ٿڪبي نه هئي، پر هاڻي انهيءَ مٺڙي امڙ جي دل ۽ من کي الائي ڇا ٿي ويو هو، جو مان کيس ڏٺي نه ٿي وڻيس. محبت ۽ شفقت جو ڀرپور شاهڪار، منهنجو ابو، منهنجو پيارو ابو سائين! منهنجي درد، منهنجي چنگهه ۽ منهنجي آهه تي، ڇرڪ ڀري مٿان پهچڻ وارو، اڄ نفرت ۽ ڪرڀ جو مڪمل مجسمو بڻيل هو.
    هڪ ويلو کائي، ٻي لاءِ ڳولائو مارؤڙن جي حالت ڏسي، ڏک ٻيڻا ٿي ويا. وڏيري سانوڻ خان جو پنهنجي نوڪر کي، وقت تي شڪاري ڪتي کي ماني نه ڏئي سگهڻ تي، سرعام لتن، مُڪن ۽ لَٺين سان ڪُٽي رتورت ڪرڻ، ڏاڍو روئاريو. تَرَ جي پوليس بااثر ماڻهن جي چوڻ تي ڪئي ڪونڌر تشدد ڪري اپاهج ڪيا، ڪيترا ڌاڙيل بڻجي ٻيلي ۾ لهي ويا. ڪُڙمين جو قرض، نسل در نسل رهندو آيو. ڌرتي مٿان ڌارين جي آبادڪاري ۽ پنهنجن جي ڦُر- مار جاري رهي. جوانيءَ جي جوش - دل بي هوش کان، ناز نخرن سان هلندڙ ڪئي جوڙا، بي گناهه، ڪوڙين انائن خاطر، بدلي خاطر ۽ سِر جهڪائڻ خاطر، ڪهاڙين جا اڻڀا ڌڪ هڻي رت سان ڌرتيءَ کي سيراب ڪري ڪيا. اهڙن ڪيترن مسئلن ۾ مان هڪ حساس ۽ هيٺين طبقي جو فرد ڇاٿي ڪري سگهيس. تنهن هوندي به پنهنجي دل ۽ پنهنجي ضمير آڏو جوابده رهڻ کان بچڻ لاءِ ڪجهه نڀايو هوم. رُٺلن ۾ ٺاهه ڪرائڻ، برادري ۾ کارائڻ، پيئارڻ، ووٽ ڏيڻ، ڏيارڻ، سياستدانن کان ڪڙمين سان رونبي، لاب تائين، مَنهن کي ڍڪرائڻ کان، ڪچي جاءِ کي ليپا ڪرڻ تائين، ريڊيو ۽ ٽيپ هلائي ڏيڻ تائين. بيمار کي اسپتال رسائڻ تائين ۽ ٻيا ڪئي سبب، حيلا ۽ وسيلا هلايم پر پوءِ ڀي سڀ رُٺل ۽ خفا رهيا.
    ابي جي عزيز گل حسن کي ٻه ڀيرا ٽيپ رڪارڊر هلائي ڏنم، ٽيون ڀيرو مَنهن جي ٿوڻي ڇا اُڀي ڪرايم، پوري ڳوٺ وارن جون نفرتون اُلري آيون. عتاب هيٺ آيس، جڳ جهان ڦِري ويو. مٽن مائٽن جي ڳُجهن اشارن ابي ۽ امڙ جي چٽن لفظن کان، دوست گلشن جي زبان کان، ۽ سميرا جي شڪي نظرن کان، ڪئي سوال پڙاڏو بڻجي، ڪنن ۾ گونجڻ لڳا. ”تون گل حسن جي زال مارئيءَ سان کريل آهين....؟“. ايڏو سارو الزام سهي نه سگهيس. وضاحتون، قسم سمجهاڻيون سڀ ٻَن پئجي ويون هيون. ابي امڙ ڀي مونکي غلط سمجهيو، جن ڄڻي، پالي، تاتي جوان ڪيو، جيڪي منهنجي عادت ۽ خصالت کان واقف هئا، سي دنيا چئي لڳي ويا. دوست گلشن به ڪوڙو ڪيو، جنهن تي مونکي ناز هيو، اعتماد هو. کيس ليلائي منٿ ڪري سمجهائڻ جي ڪيم ته، منهنجي همدردي ۽ مدد کي غلط رنگ ڏيڻ وارن کي سمجهاءِ، ايترو واهيات، ايترو ڪريل ناهيان، وحشي درندو ناهيان... رشتن ناتن جو قدر ۽ قيمت پر کيندڙ آهيان، مان ته ڳوٺ جي هر ناري کي ڀيڻ ۽ امڙ ڪري ڏسندو آهيان، سواءِ سميرا جي، جيڪا سميرا منهنجي نَس، نس ۾ سمائجي چڪي هئي. هن جي هر ناز، انداز کان متاثر آهيان. جنهن۾ نشو، خمار يا ڪو جادو آهي، هن جي معصوم مُرڪ ته منهنجو چين، آرام کسيو آهي. هن جي مڪمل شخصيت جي ڇا ڳالهه چوان_ هن جي چيلهه تي لٽڪندڙ ڀورن وارن ۽ هن جي ڀورين، ناسين اکڙين جي نخرن ۽ لِڪڻ کي ڪهڙو عنوان ڏيان، هن جي گول، گول ماس واري مُنهن لاءِ ڀيٽا طور ڪا شيءِ ناهي جو ڏيان.... مطلب ته اهڙي روح جي راڻي هوندي، ڪنهن ٻي ۽ شادي شده عورت ڏانهن پنهنجا جذبا ۽ احساس ڪيئن ٿو ڦيرائي سگهان؟ منهنجو سميرا بابت رايو ۽ اظهار ٻڌي دوست باهه ٿي ويو. اندر جو جنون ڦاٽي پيس. عجيب روپ ۾ اچي، طنزيه ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين ”جڏهن سميرا لاءِ اهڙي سوچ رکي، اهڙا ٻول ٻولي سگهين ٿو ته، پوءِ ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين يا عورتن لاءِ تنهنجو ذهن، تنهنجي سوچ ڇا پارسا ڇُهي ٿي وٺي...! تون گندو آهين، شايد وحشي ڀي، جن کي نياڻيون، ڀينرون، ۽ امڙيون ٿو چئين، انهن مان ئي ڪنهن ۾ نظر ٿو وجهين. سڀئي لفظ، اکر، اکر ٿي سِيهو بڻجي ڪنن ۾ لهندا ويا. اعتبار ۽ ناز وارو دوست ائين به چئي سگهي ٿو، دل ۾ ڌڪ لڳو، ٻوساٽجي ويس، ڪارڙو، پيلو ۽ ڳاڙهو بڻجي ويس.
    سميرا طرف ويس چيم ”سميرا تون ته گهٽ ۾ گهٽ اعتبار ڪر.. سڄي دنيا ڪافي ڏک ۽ صدما ڏنا آهن... مونکي سڃاڻ، مان اهڙن مردن مان ناهيان، جيڪي سڀني عورتن کي پنهنجي ملڪيت سمجهندا آهن، سميرا ان کان اڳتي ڳالهائڻ ئي نه ڏنو، چيائين ”اڄ کان پوءِ منهنجي نالي ۽ منهنجي حوالي سان پنهنجو واسطو يا ناتو، جوڙڻ جي ڪوشش نه ڪجان...! ڪريل انسان گندگيءَ جا پوڄاري وحشي..!!“ وڏا لفظ هئا، وڏا جهٽڪا لڳا، دل جي دنيا آباد ڪرڻ واري هستي، دل جي دنيا ويران ڪري ڇڏي. کن پل ۾ سالن جا ڪيل واعدا، وچن ۽ اقرار ٽٽي، ڀورا ڀورا ٿي ويا. سميرا جِن ميارن، ڇڄڻ جو اٽل فيصلو، مڪمل عهد ڏسي پويان پير ڪري هارايل جواريءَ جيئن واپس ٿيس. پوري دنيا اوپري ۽ ويري ڀاسي! اوندهه ئي اوندهه هئي، ڪجهه نه بچيو هو، ساهه مٺ ۾ اچي ويو، انهيءَ سَمي اَهنجُ ڏنو. فيصلو ڪري، ٿايوڊان جا ڪڙا ۽ هانءُ چيريندڙ ڍُڪَ امرت سمجهي پِيتم، پر حياتي بقا ۾ هئي يا شايد محبت جي اڃان ڪا تند بچيل هئي، اسپتال ۾ هوس ۽ جيئَرو پڻ، پر ڪافي ٽٽل، ڦٽل هوس. سڀ اچي پهتا هئا، انهن ۾ ڪوبه ويري، ڪوئي به دشمن ڪونه هو، سڀ سڄڻ، سڀ همدرد هئا، شايد کين منهنجي محبتن ۽ مددن جو احساس ٿيو هو، پر مان اهو ساڳيو نه رهيو هوس. اڄ سڀني جي دل ۾ وهم هو نه گمان، سڀني جا تن، من صاف، سٿرا ۽ اڇا اُجرا هئا. گلشن ساڳيو گلشن هيو، دوست هيو، ابو ۽ امڙ شفيق ۽ مهربان هئا، سميرا ڀي ساڳي هئي، مِٽ، مائٽ سڀئي پنهنجا صفا پنهنجا هئا...!! نه هوس ته مان ساڳيو نه هوس، مٽجي ويو هوس اکيون کلي ويون هيون، ڇو جو انسان بڻجي پيو هوس. مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته زهر جي اثر کان چاڪ ٿيڻ سمي ڊاڪٽر آيو هو، اکيون ڇلڪي رهيون هئس، چيو هئائين ”نوجوان! افسوس آهي تنهنجي ساڃاهه - تنهنجي جوانيءَ تي! تون پنهنجن رشتيدارن، پنهنجن عزيزن جي دلين، والدين جي تکن، مَٺن لفظن کي نه سَهندي خودڪشي ٿو ڪرين. جوان ٿورو سوچي ٻڌاءِ! اسان کي ڇا ڪرڻ کپي! اجتماعي طور انهن وحشين، دردن جي عملن ۽ ڪردارن لاءِ، جن ڌرتيءَ امڙ تي يلغارون ڪري، اسان جي مڪمل اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن وحشي ظالمن سنڌي نياڻين جي اُرهن تي ڊرل مَشين سان سوراخ ڪڍيا آهن. جن غاصبن اسانجي اجتماعي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن. جن اسانکي، اسانجي ڌرتيءَ تي، اسانجي ئي ڳڀروئن جا لاشا ڏنا آهن، جن اسانجي معصومن کي اغوا ڪري، ذلتون ڏئي ماريو آهي ۽ جن اسان کي، اسانجي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ يرغمال ڪري رکيو آهي!! ٻڌاءِ نوجوان جيڪڏهن اسان سڀئي ضمير جي چوڻ تي وڙهڻ بجاءِ ڀاڙي ٿي لڏڻ ۾ ڀلو سمجهيوسين، ته پوءِ اُتي مسلمان هجڻ ڪري آڌر ڀاءُ ته ٿي سگهي ٿو يا قوم هجڻ ڪري محبتون - عزتون، کاڌو، پيتو ۽ روزگار ته ملي سگهي ٿو پر ياد رکجانءِ نوجوان! اهڙين ۽ ايترين سهولتن هوندي به اتي اسانکي اسان جو وجود اسان جي بقا، سنڌو درياءُ نه ملندو، سنڌ ڌرتي نه ملندي، شاهه لطيف به نه هوندو_ سچل، سامي، اياز ۽ بخاري نه هوندو. موئن جو دڙو نه هوندو ۽ مڪلي به نه هوندي..!!“ ايئن چئي آليون اکيون اُگهندي ڊاڪٽر هليو ويو. منهنجي دل منهنجي دماغ هڪ ئي فيصلو ڪيو!! سنڌڙيءَ، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جيئبو ۽ پنهنجي بقا لاءِ مربو، شاهه کان بخاري تائين، موئن جي دڙي کان مڪلي_ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، پنهنجن سانگيئڙن ۽ پنهنجن ماروئڙن لاءِ جيئبو ۽ مربو...! ڪئي، طريقا، ڪئي نمونا دل تي، من تي ۽ ذهنن تي سوار آهن. انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ سنڌڙيءَ جي هڪ ساڃاهه وند، سرڪش سنڌيءَ جو هي بيت ڪافي آهي.
    رهجو سر ساوا، ٽوئا آهـن ٺـاهڻـا،
    سـنـڌو ڪڄاوا، وجهي تن ۾ ساڙبا!
    ***


    ڇيڳرو

    گهر جي لوهي در تي ٿيندڙ ٺڪ، ٺڪ منهنجا ڪن کائي ڇڏيا، ننڊ پيو هوس، ڇرڪ ڀري جاڳي پيس ”صبح سوير ڪير ٿي سگهي ٿو... يڪو در کڙڪائي مٿو ئي کائي ويو آهي... واندا، واندا وتن ٿا پرائي سڪون ۾ خلل وجهندا“ سوچڻ لڳس، گڏوگڏ ڪاوڙ ۽ غصو به چڙهندو ويو. جلدي هڪ نئون خيال آيو ته غصو ئي لهي ويو.
    ”شمن هوندو... ٻيو ڪوبه نه!“ دل جو خيال دماغ ۾ هيو ته، ٻيو اونو ورائي ويو. در جي کڙڪي مستقل ڪن کائي ڇڏيا هئا. مان ته سَهي وڃان ها پر، پاڙي وارن جي آرام ۾ خلل پوي ها، ۽ اهو خلل شمن لاءِ ڏچو ۽ مصيبت پيدا ڪري سگهيو پئي. سوچيندي ئي در طرف وٺي ڀڳس، بي انتها ڀڳس، پيرين اُگهاڙي ڀڳس. مونکي شمن ڀڄرايو هو. سندس غريبي ڊڪرايو هو، جيڪو پنهنجي عمل ڪارڻ پاڙي وارن جي عتاب ۾ اچڻ وارو هو. دروازي تي بنان ساهيءَ کڙڪائڻ جي رفتار وڌندي رهي، مون هڪلون ڪيون ”آيو ڙي... آيو.. آيو...“ پر فرق نه پيو، در تي پڄڻ وارو هوس، منهنجي نيت ۽ منهنجي ڪوشش ڪاميابي ماڻڻ واري هئي، جو منهنجي وڌايل هٿ کان اڳ منهنجي دل جي تمنا، امڙ جي ڌاريل، دادلي مينهن لاءِ لڳل ڪلو کائي، ڳڙڪائي ويو. مينهن لاءِ لڳل ڪلو، گهر در جي اچڻ وڃڻ واري رستي جي وچ تي لڳل هو. امڙ اوڙي پاڙي وارن کي ڏيکارڻ لاءِ، خاص طور اُهو ڪلو در سامهون هڻايو هو، جيئن ڏسڻ وارا جلن ۽ پچن. ٻه مهينا ته ڏسڻ وارا ڏسندا رهيا، پر جلڻ وارن اندر جلائي مينهن ئي چوري ڪري ڇڏي هُئي، نه بانس رهيو نه بانسري. پوين ٽن هفتن کان ڪِلو نه ڪپيو سو نه ڪپيو. ڀڄڻ دؤران، ننڊ جي اثر ۾ هجڻ ڪري، گهڻو ئي سنڀالڻ باوجود ساڄو پير ڪلي سان اٽڪي پيو، توبهه زاري. پير وچڙندي گهڻو ئي پاڻ سنڀاليم پر سنڀالي نه سگهيس. ڀت ۾ لڳڻ سان مٿو ڦاٽي سگهيو پئي. منهن وڃائجي سگهيو پئي، ٻانهن به ڀڄي سگهي پئي، وڏي ڦڙتيءَ ۽ چستيءَ سان پاڻ بچائڻ لاءِ، ڀت ۾ لڳڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪامياب وئي، پر ڀت ۾ لڳڻ کان بچڻ لاءِ جنهن پاسي ڪِري پيس. اُتي ڌڪ ته نه لڳو هو، پر هزارين، احساس ضرور مجروح ٿيا هئا. انهيءَ کان ڀت ۾ لڳان ها، مٿو ٽوڙايان، يا ٻانهن ڀڃرايان ها، اهو ڀلو هو، ههڙي حالت ته ڪونه ٿي ها! اهڙي حالت جيڪا منهنجي وهم گمان ۾ به نه هئي، ڪلي ۾ وچڙي، ڀت کان پاڻ بچائڻ واري ڦڙتيءَ تي، غصو آيو. اهڙي چستي وڃي ٻَنِ پئي ها، مون سان اهڙي حالت ته نه ٿي ها. ڪلي ۾ وچڙي، ڀت ۾ لڳڻ کان پاڻُ بچائي، جنهن هنڌ وڃي ڪِريُس، سو هنڌ جيجل امڙ جي پياري مينهن جو واڙو هيو، مينهن، جنهن کي پاڙي جو ڪانڀو خان، پاٿاريدارن جو چمچو، پوليس جو چاپلوسي عيد محمد، عرف عيدو چورائي ويو هو. ڪالهه تائين چوڻ ايلاز ڪرڻ، باوجود، امڙ منهنجو چيو نه ڪيو هو، امڙ کي چيو هوم ”جيجل امڙ! اهو مينهن جو لڳل ڪلو ڪپي ڇڏ، ظالم مينهن کائي، ڳڙڪائي ويو، اها ڪڏهن به اوڳاڇجي ناهي ملڻي... تون ڪِلو ڪپي ڇڏ، ڪنهنجو پير وچڙي سگهي ٿو، ڪوئي ٿاٻڙجي، ڪري ڌڪ کائي سگهي ٿو“. منهنجو چوڻ، امڙ جون گاريون، لعنتون، ملامتون، پٽ ۽ پاراتا عيدوءَ لاءِ ته ٿيا، پر ڪلو ڪپجي نه سگهيو. ڪلي جي نه ڪپجڻ تي ڪوبه ڏک نه هو، پر ڏک انهيءَ ڳالهه جو هو ته، جيجل امڙ، پنهنجي چورائجي ويل مينهن جي ڇيڻن کي نشاني طور سنڀالي رکيو هو. سو اڄ مان ڪلي ۾ وچڙي، ڀت کان بچي، ڇيڻن جي انهيءَ ڍير تي ڪريو هوس. اڌ سينو، ٻئي ڪلها سڄي ڳچي ڇيڻن جي ڍير ۾ لهي وئي هئي، انهيءَ جو به ڪو غم نه هو، پر افسوس منهنجو مُنهن هاءِ، منهنجو منهن منهنجو سهڻو، سيبتو منهن ڇيڻن جي رِٻَ ۾ لڳي، پنهنجي شڪل وڃائي ويٺو هو، پوءِ به اهڙي حالت تي شڪر ڪيو هوم جو رڳو احساس مجروح ٿيا هئا، بي عزتي ٿي هئي، سا به ٿوري بي عزتي، گهڻي تڏهن سمجهان ها، جڏهن ڪو ملو هجان ها! شمن جو خيال ايندي ئي، در کڙڪڻ جو واقعو ياد اچي ويو، در وڄڻ بند ٿي چڪو هو، پر در ڀرسان گوڙ ٿيڻ جا وهم ۽ وسوسا جاڳي پيا، تڪڙ مان، ابتا، سبتا هٿ هڻي، منهن، مٿو صاف ڪري، در کان ٻاهر پهتس ته، مون وارو دلي دوست شمن خان، سڄي سماج جي هٿن ۾، چنبن ۾، ۽ گهيرن ۾ هيو. سماج جيڪو ڪجهه ڪري رهيو هو، سو ڏسڻ ۽ سهڻ وٽان نه هو، لُوهه ڀري، ساري سماج ۾ گہڙي پيس. سماج کي چيريندو، وڃي، انهن هٿن، انهن چنبن تائين پهتس، جيڪي شمن جي گريبان کي چاڪ ڪري، کيس ڇڪي ۽ ڌڪي رهيا هئا. مس، مس، سمجهائڻ ۽ تکو ڳاهائڻ کانپوءِ سارو سماج سڌيرو ٿيو، شمن خان آزاد ٿيو، مان وڌيڪ ڪنهن سوال جواب ڪرڻ، وضاحت ڪرڻ، معافي وٺڻ، دشمني ڪرڻ ۽ دڙڪي ڏيڻ بجاءِ، شمن کي ورتيون، لوهي در کولي، اندر هليو آيس، هلندي اڃان گهر اڱڻ تي پيل کٽن تائين به نه پهتو هوس، ته پويان شمن خان کلي ڏنو، ۽ کلندو رهيو. اهو ڏسي ۽ ٻڌي مونکي غصو آيو، ته ”جيڪر کلڻ وارو منهن ڀڃي وجهانس“. مونسان جيڪا حالت ٿي هئي، تنهن تي شمن کلي کيرو ٿيل هو. شمن خود ڀي ساڙيلي سماج هٿان بي حالتو ۽ بي عزتو ٿيل هيو. هن جي حالت مونکان به بدتر هئي.پنهنجيءَ کي وساري، مونکي ساري رهيو هو. پاڻ سنڀاليندي هڪل ڪئي مانس ”ڀلا ٿي شمو!... مونتي کلڻ کان اڳ، پنهنجي حالت به ڏس، ساڙيلي سماج، چيريو، ڦاڙيو ٿي يا ڪن ڪتن...“ پنهنجو طنزيه ڳالهائڻ، ڪٽي ڇڏيو هوم، ڇو جو منهنجي هڪل کان، آخري اُچار ڳالهائڻ تائين، منهنجين نظرن، شمن جي چهري جا ڪئي آيل، ويل رنگ ڏسي ورتا هئا. پاڻ کِلي ٻين کي کِلائيندڙ شمن خان! مُنهَن پڪائيءَ ۽ ڦڪائيءَ باوجود پاڻ سنڀالي نه سگهيو هو، روئي پيو هو. هن جو کلڻ، ۽ روئڻ گهڻن کي ماري ويندو هو. مونکي پڇتاءُ وڪوڙي ويو. سمجهي چڪو هوس ته ساڙيلي سماج هٿان سَٽجي، ڪٽجي، پنهنجو سور پي، منهنجي حالت تي کلي هُو مونکي کلائي، منهنجو من ريجهائڻ لڳو هو. منهنجا جذبا ۽ منهنجا احساس ڏکي، ملامت ڪرڻ لڳا. شمن خان کي سڃاڻي نه سگهيو هوس. لڄي ٿي، وڌي وڃي، پرچائڻ لڳو مانس ته ڪافي لمحن تائين، روئندو ۽ سڏڪا ڀريندو رهيو. پرک ٿي وئي ته ساڙيلو سماج ڪيڏو نه ظالم آهي، جنهن اڄ به ظلم ڪري، هڪ سادي، سلوڻي ۽ صاف دل معصوم کي ڪٽي، سٽي ناڙ ڪيو هو.
    شمن هڪل ڪري چيو ”ڀلا ٿي ڇيڳرا! متان رُنو آن... روئنديون، رَنون آهن، نه ڪي مرد، مان پنهنجي حالت تي رُنو آهيان... ڪيڏو نه ساڙيلي سماج ظلم جو نشانو بنايو آهي....!“ مان حيران رهجي ويس. ٿورو اڳ هن جي حالت رحم جوڳي هئي، هو ڏکارو هيو، وري منهنجي ڏکاري ٿيڻ تي، پنهنجو پاڻ وساري مونکي کلائي رهيو هو. کل ۾ کيرو ٿي پيو، مان به کلندي بي حال ٿيس ته، هٿ ٻڌي چيومانس- ”شمن! خدا جي واسطي، هاڻي رحم ڪري کڻي بس به ڪر وڌيڪ نه کِلاءِ، مونکي پيٽ ۾ سور ٿو پوي“.
    ”سڪندر! ساڙيلي- سماج سور ڏئي رت ئي ساڙي ڇڏي آهي“.
    شمن خان، ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ”سو انهيءَ رت جي پورتِ ڪرڻ لاءِ، ۽ رت وڌائڻ لاءِ، واحد ذريعو، کلڻ ۽ کلائڻ ئي آهي...“.
    ”پوءِ ڀلجان ساڙيلو سماج هر روز رت ساڙيندو رهي“ وچ ۾ ڪٽي وڌومانس ”اسان کلندا رهون ۽ رت وڌائيندا رهون... جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اها کِل به ختم ٿي وئي ته پوءِ..........؟!“
    ”سڪندر! خدا جو قسم آهي، جيستائين ساڙيلو سماج هوندو، تيسيتائين کلڻ، کلائڻ ڀي هوندو“ شمن بنان ساهيءَ جي ڳالهائيندو رهيو. ”اسان ساڙيلي سماج کان پاڻُ سٿرو، ڪونه هارائينداسون، کلندي کلائيندي هن کي جهڪائينداسون، يا جهڪائي، کلڻ تي مجبور ڪنداسون، يا رت روئڻ تي پهچائينداسون“.
    ”شمن! مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ظلم جي ايجاد ڪرڻ وارو، پاڻ ڪيترو نه ظالم ٿي گذريو هوندو“.
    ”رڳو ظالم! سفاڪ، بي رحم، ۽ پٿر دل به هوندو“ ڪٽي وڌو هئائين.
    ”ظلم جي ايجاد ڪندڙ جي صحيح ۽ مستند تاريخ نه آهي، پر منهنجي اندازي مطابق دنيا جو پهريون ظلم هابيل ۽ قابيل کان شروع ٿيو هو، جنهن ۾ هابيل هٿان قابيل جو قتل ٿيو هو ۽ پوءِ اهي ظلم جا سلسلا اڄ تائين جاري و ساري آهن“.
    ”شمن! ڀلا اهو ٻڌاءِ ته ظلم کي ڪائي شڪل ٿيندي آهي...؟“
    ”سڪندر! ڏاڍوڪو سادو آهين“ شمن کلي ڏنو هو. ”ڀاءُ! ظالم هر دؤر ۾ هر وقت هر هنڌ، پنهنجون شڪليون مٽايون آهن، پر ظلم جي شڪل و صورت هڪڙي ئي آهي. هن سدائين، هيڻي، بيوس، لاچار، مٿان ڪِرندي پنهنجو رنگ ۽ پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي. جيئن اسان وٽ ڌارين آبادڪارين سبب، معاشي بدحالي، ڪلاشنڪوف ڪلچر، منشيات، بدامني ۽ لاقانونيت چوٽ چڙهيل آهي. ان کان وڌ ڇا توکي اڄ ڪلهه جي حالات ۽ واقعات ۾ ظلم جو اثر، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. افغانستان ۽ عراق مٿان، آمريڪا پنهنجن ساٿين سميت ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آهي....“. شمن چُپ ٿي ويو.
    ”شمن! تنهن جي معنيٰ تون وساري ويٺو آهين“ لفظن تي زور ڏئي، مقصد بيان ڪرڻ لڳس ”ارغوني، ترخاني ۽ تاتاري ظالمن کي، جن اسان وٽ ”گهوڙا، ڙي، گهوڙا“، ”جڏهن، ڪڏهن سنڌ ڙي، توکي قنڌاروءَ خطرو“ جهڙيون چوڻيون ڇڏيون، 16، 17 صدين واري ظلم جو حساب، ڪتاب، 21 صديءَ ۾ آمريڪا وارن ورتو- سٺو ٿيو...!!“
    ”ڀلا ٿي ڇيڳرا ڪنهن جاءِ جا، آئين نه پنهنجي اصليت تي!“ شمن هڪل ڏئي ٽوڪي وڌو ”پنهنجن سورن، پورن کي، دشمن جي سورن سان ميٽڻ وارا ڀي ظالمن ۾ شمار ٿيندا آهن“ شمن چند لمحا ٿڌا ساهه کنيا ۽ پوءِ ڳالهايو ”سڪندر! ظلم ڪٿي به ٿي ۽ ڪنهن تي به ٿئي، سو ظلم، ذات، پات، نسل ۽ سرحدن کان مٿيرو، انسانيت تي ئي ٿئي ٿو. ظالم وحشي ته ٿي سگهي ٿو، انسان نه! انسان ۽ انسانيت جي گهرج اها آهي ته ظالم کي ظالم ۽ مظلوم کي مظلوم ضرور چئجي...“.
    ڳالهائيندي ڪٽيومانس ”ائين چئجي ته، اڄ افغان حمايتي ٿي آيو آهن...؟“
    ”سمجهي سگهين ٿو“ مختصر جواب ڏنائين.
    ”ته پوءِ لعنتي آهين“ ٺهه، پهه خطاب ڏنومانس ”پنهنجيءَ ڌرتيءَ مٿان ماضيءَ جا سمورا ظلم وساري ويٺين، جنهن دؤر جون آهون ۽ دانهون، تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به روئن ۽ رڙن ٿيون“.
    چهري تي ناگواري تاثر اڀري آيا ته، ٿڌو ٿي ويو، پل کن رکي وري ڳالهايائين ”سڪندر! تون سمجهين نه ٿو ته مان ارغون، ترخان ۽ تاتارين کي صحيح نه ٿو چوان، غلط مان آمريڪا کي به چوان ٿو. ڳالهه آهي، ظالم جي ظلم جي- مظلوم جي سهپ جي... ڪالهه اسان مظلوم هئاسون، اڄ افغاني آهن ۽ بس...“.
    مان به هار کائڻ وارن مان نه هئس، مقابلو ڪري، فاتح بڻجڻ وارن مان هوس ”شمن! مونکي تنهنجا نظريا سمجهه ۾ نه ٿا اچن، ڪجهه وقت اڳ، آمريت خلاف واويلا ٿي ڪيئه، هفتو اڳ، قومپرست بڻجي، ناڻي ۽ پاڻيءَ جي ورڇ متعلق باغي بڻيو رهين ۽ اڄ وري افغان حمايتي! تنهنجي فطرت، رجعت پرست ته نه ٿي پئي آهي؟“.
    ”اڙي ڇيڳرا! تون نه سڌرندين ۽ نه سمجهندين“ شمن جي ارادي ۾ پختي هئي. ”بابا! پوري دنيا جي پوري ڪنڊ ڪڙڇ جا مظلوم منهنجا پنهنجا آهن، انهن جي حمايت ڪرڻ، هر ساڃاهه وند جي نس، نس ۾ سمايل هوندي آهي. آمريت مخالف آهين، جمهوريت ئي انسانيت کي روح ۽ ظلم کي کي ٻنجو ڏئي ٿي. قوم پرست هوس، آهيان ۽ رهندس- پنهنجي ماروئڙن جي جائز حقن تي، ڳالهائڻ منهنجو فرض آهي، قومي ۽ ملڪي ليول کانپوءِ افغان مسئلو، انٽرنيشنل اِشو طور آهي، تڏهن اسان، پنهنجا مسئلا پاسي رکي، وڏي اِشو کي وٺون ٿا. وقت ۽ حالت ڦرندي، وري پنهنجا حق، پنهنجون ڳالهيون ٿينديون“.
    ”شمن! خدا جا بندا، هاڻي بس به ڪر“. تنگ ٿي جند ڇڏائڻ لاءِ چيم ”مون کي تڙ ڪرڻو آهي، تيستائين، تون ڀي پنهنجي حالت سڌارڻ جون تياريون ڪر،....“.
    تڙ ڪرڻ لاءِ، قميص، گنجي، ۽ شلوار لاهي، انگوشو ٻڌي نلڪي کي گيڙا ڏئي، پاروٿو ۽ ٿڌو پاڻي ڪڍي، گرم پاڻي وهائي وهنجڻ لڳس، هو اندر ويو، اندران منهنجي ۽ پنهنجي لاءِ ٻه جوڙا ڪپڙن جا کڻي آيو، ڪپڙا استري ٿيل هئا، قميصون الڳ ڪري، ٻنهي شلوارن ۾ واري، واري سان اڳٺ وجهندي، اوچتو هن کي، نڇن ورايو، نڇن سان عجيب قسم جو آواز ڪڍندو رهيو. مان چپ رهيس، پر وري نڇون آيس، ساندهه ست نِڇون ڏنائين ته غصو وٺي ويو، پر ماٺ رهيس، هن وڌي منهنجي ڇيڻن ۾ ٿڦيل قميص جي پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي رومال ڪڍيو ۽ عجيب آواز ڪري، نڇون ڏنائين ته رهڻ نه ٿيو، پڇيومانس ”ڇورا! خير ته آهي، رڳو ٿو رڙين... ڇيڳرا ڪجهه خيال ڪر، تنهنجا جراثيم وچڙي نقصان ڏئي سگهن ٿا،... ڪجهه خيال ڪر...“.
    منهنجو ڳالهائڻ ڪٽيائين ”نڀاڳا! وڏو دهشتگرد ۽ ڇيڳرو ته تون آهين“. منهنجون حيرت ۽ غصي کان اکيون کلي ويون. هن وري ڳالهايو ”هونهه! پاڻ کي وڏو صفائي پسند ۽ سيبتو سمجهندو آهين، پاسي واري کيسي ۾ رومال بجاءِ جوراب رکيون ٿو گهمندو وتين... ٻڌاءِ اڃان ڇيڳرو ناهين...؟؟“ ان کان اڳ جو ڪو جواب ڏيان، يا ڳالهايان، شمن خان نڪري ويو ۽ هن جي هٿ مان اُڇلايل ويڙهيل، سيڙهيل جوراب، زمين تي ڪري ٽوڪي رهيو هو ۽ مان سمجهڻ کان قاصر هيس ته اهو جوراب منهنجي کيسي اندر ڪيئن آيو، جيڪڏهن آيو به ته پوري رات ۾ ٻه ٽي ڀيرا استعمال ڪرڻ سان مونکي سُڌِ ڇو نه پئي سگهي هئي.......!!؟؟
    ***


    روايتي ڇوڪري

    هوءَ جمال جي گهر اوچتو ايندي هئي ۽ ساڳيءَ طرح اوچتو هوا جيئن واپس هلي ويندي هئي- جهڙوڪ آئي ئي ڪونه هئي. هن جو جمال جي گهر ۾ ۽ خود ۾ ڪوئي خاص ڪم به نه هوندو هو، جنهن لاءِ گهڙي گهڙي، ٿوري، ٿوري اچڻو پوي. گهر اچڻ کانپوءِ جو مشغلو يا ڪم بس ٿورو ڪي گهڻو جمال سان ڪونه ڪو بهانو ٺاهي ڳالهائڻ، ٻولهائڻ...!
    ماڻس سان ڪم ڪار ۾ ۾ هٿ ونڊرائڻ، جمال جو خيال رکڻ هن جو کائڻ، پهرڻ ۽ پڙهڻ پڻ شامل هيو. وڌيڪ ضرورت وقت هيڏانهن، هوڏانهن جون خبرون چارون لاهي چاڙهي بيان ڪرڻ، ڪجهه حال، احوال ڪرڻ، ڪي کليل ٽهڪ ڏيڻ ۽ بعد ۾ اصلي ڪم جمال کي گهرين ۽ چور نيڻن سان گهورڻ هو، جنهن گهور ۾ پيار هو، پيار جنهن ۾ وري بک، ۽ حاصلات هئي.
    گريجوئيٽ پاس ڳوٺائيءَ نوجوان جمال هن کي بس هڪ ٻار يا وري ڪا سادي سودي، چنچل دادلي ڇوڪري ڀائيندي، هن جي حرڪتن ۽ شرارتن کي ٻاراڻي عادت سمجهندو هو. هن ته ڪڏهن به هن ڇوڪريءَ جي چور نظرن ۽ لالچي نهار کي نه پرکيو ۽ نه پروڙيو هو. گهران ماءُ سان ننڍي وڏي، بي جا ڪم يا ڪچهريءَ جو بهانو بڻائي جمال وٽ اچي رسندي هئي. جمال کي ڏسڻ، ان کي چيڙائڻ ۽ هن سان ڳالهائڻ کي عبادت سمجهندي هئي. هوءَ راتين جو اڪثر اڪيلي ۽ خاموش لمحن ۾ ذهني اسڪرين تي خيالي عڪس آڻي بيهاريندي هئي. هوءَ جمال جي ڏينهن تتي ۾ شهر کا واپسي وقت بوٽ جا ڪها لاهي جوراب سنگهندي هئي. هن جي بوءِ هاڻن پيرن کي ٿالهه پاڻي ۾ ڌوئي اهو پاڻي پي وٺڻ جا تصور ڏسندي هئي، جيڪو کيس شربت جو ذائقو ڏيندو هو. هوءَ بعد ۾ ٿڪل ٽٽل جمال کي پيرن کان وٺي مٿي تائين عقيدت مان چمندي به نه ٿڪجندي هئي وغيره وغيره، مطلب ته هن جي هر سوچ ۾ جمال... هر ساهه سان جمال... ساهه جي ڌڙڪن ۾ جمال... جمال ۽ بس جمال...!!! ڪم ڪار لاءِ ته زباني طور پنهنجو فرض ڪوٺائيندي هئي، پر اصل انهيءَ فرض پويان سندس لالچ لڪل هوندي هئي. پاڻ وڻائڻ ۽ هر هر اچڻ واري مقصد ۾ ڪامياب هُئي. جمال جي ماءُ منهن مان پنهنجي لاءِ تعريف ۽ دعائون ٻڌي خوش ٿي ويندي هئي. جمال هن کي بس هڪ سادي سودي روايتي ڇوڪري ۽ عام ڀائيندو هو. پنهنجي مفاد لاءِ ڪپڙن ڌوئڻ... ماني آڻڻ، ٿانو ڌوئڻ، ماءُ جي ڪم وڌي وڃڻ وقت هن کي سارڻ نه وساريندو هو. ڪجهه ڏينهن کان اهو سارڻ هن لاءِ مصيبت ۽ تڪليف دهه بڻيل هو، جنهنکي ڀيڻ سمجهندو هو، تنهن جي عملن، قدمن، اشارن ۾ ڪائي لالچ ضرور هئي. ڪڏهن وري ان سوچ کي وري به غلط سمجهي پاڻ کي ملامت ڪندو هو. ڇوڪريءَ جي حجتن ٽهڪڙن گهوريندڙ نظرن کي بي مقصدو ۽ بيجا سمجهي ٽاري ڇڏيندو هو. اڳين ڏينهن ۾ هن سادي سودي ڇوڪري جي لڇڻن، عملن، حرڪتن ۾ اضافو اچي ويو، ڪپڙا ڪيرائڻ، لويڙڻ، ماني ڪچي پچائڻ، ڪتاب وکيرڻ ۽ ڦٿوڙڻ روز جو معمول بڻجي ويس. ماءُ کي کوڙ دفعا چيائين پر، ماڻهنس هر ڀيري اهو چئي ڇوڪريءَ تان عذاب ۽ مصيبت ٽاري ڇڏيندي هئي ته ”اڙي ابا! مڙئي، نڌڻڪي ۽ ڇوري ڇني آهي... پيءُ ننڍي هوندي کان موڪلائي ويس. ماءُ ۽ مامي پاليو اٿس، تنهنڪري دادلي آهي، سمجهه خوش طبعي آهي. تنهنڪارڻ سڀ سان کلي، ملي پنهنجائپ واري انداز سان، مذاق سان پيش اچڻ جي وٽس عادت آهي... اصل ۾ هُوءَ ويڳاڻي من کي بهلائيندي جيءَ خوش ڪندي آهي...“ ماءُ کان چڙ وٺي ويس، ڪيئن نه صفائيءَ سان بي ڏوهي ڪري ويس ”امان! اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هن کي اسان جو ئي گهر مليو آهي. منهنجو سامان ۽ مان ئي بس...!“
    سوال کي سوال ئي رهڻ ڏنائين. ”هن جي اندر ۾ ڪا ڳالهه ڪو بار ڪو ٻوجهه آهي، جنهن کي بهلائڻ لاءِ، هيڏي هوڏي، حيران ۽ پريشان ڦري ٿي...“
    اڳين شام هوءَ آئي هئي. جمال سڏ ڪيس ۽ سوال پڇي ورتائينس. هوءَ پريشان ٿي وئي. رنگ لهندا چڙهندا ويس. جمال گهورڻ لڳس، اکيون ڦيرائي ڇڏيائين، ڦڪي، پِيلي، ڳاڙهي، ڪاري ٿيندي رهي. جمال کي ڪاوڙ لڳي، بڇان اچي ويس. ”توکي هن سڄي ڳوٺ ۾ منهنجو گهر ۽ منهنجو سامان ٽوڙڻ لاءِ مليو آهي...“. هوءَ خاموش رهي، ڪجهه نه ڪُڇي. جمال کي ڏسندي وري گهٻراهٽ مان منهن ڦيريندي رهي.
    ”ٻڌاءِ... آخر مونکي ئي ڇو گهڻو تنگ ڪندي آهين...؟ ٻڌاءِ آخر تنهنجو مقصد ڇاهي...؟؟“. هن ڀيري، حيران ۽ پريشان ٿيڻ بجاءِ هن کلي ڏنو ۽ کلندي ئي رهي. چپ ڪري، پاڳلن جيان، يڪ ٽڪ تڪيندي رهي، لالچ ۽ لوڀ ۾ ساڳي مستي، ساڳيو خمار موجود هوس. هن جي کلڻ کان جمال گهٻرائجي پريشان ٿي ويو. ماءُ جو اونو لڳس، ٻاهر ڀڳو، ماڻس جو نالو نشان ئي ڪونه هيو. اطمينان جو ساهه کنيائين، واپس آيو. هوءَ آهستي کلندي، مسڪرائيندي رهي. جان ڇڏائڻ لاءِ چيائين. ”ڇوري ايترو نه کل... اهي تو واريون واڇون ٿيون روئن...“. کلڻ کان بند ٿي وئي. ڳاڙهي ڳٽول ٿي وئي. ٽوڪڻ، تير جيئن هن کي گهاءَ ڪري ويو. تيز نظرن سان جمال کي گهوري، رئي جي پلاند سان واڇون اگهي، هلي وئي، ۽ پويان جمال هن کي گهوريندو رهجي ويو.
    چري ڇوڪري پنهنجي ماروٽ جي نانءِ ٿيل هئي. مڱڻي ۽ شادي جون هُليل ڳالهيون ٻڌندي جمال سک جو ساهه کنيو، ”جلد هن جَزا مان جند آجي ٿيندي“. گذريل واقعي بابت پڪ هئس ته بي عزتي کانپوءِ ته ڪجهه ڏينهن ته گهر ايندي ئي ڪونه- پر جمال ڀليل هيو. هوءَ اڳين ڏينهن صبوح جو وري آئي هئي. ڏاڍو ٺهي، ٺڪي، سيبتي بڻجي جمال کي اڄ نوڪري لاءِ شهر ڪنهن بيورو ڪريٽ وٽ وڃي ايلاز منٿ ڪرڻي هئي ۽ ماڻہنس اڌارن پئسن لاءِ پاڙي ۾ ويل هئي. هُوءَ وڏي همٿ، عزم ۽ پوري حوصلي سان اندر آئي. بنا دير ۽ بنا ججهڪ جي در بند ڪري ڇڏيائين. جمال جون اکيون ۽ وات کليا رهجي ويا. ڇوڪريءَ جي بي ڌڙڪ جرئت، ۽ بهادريءَ تي حيران هو. انهيءَ سماج ۽ معاشري ۾ جنهن ۾ ڪنهن مٽ، مائٽ، عزيز رشتيدار سان آهستي ۽ ويجهو ڳالهائڻ ٻولهائڻ شڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏي. شڪ وري قيامت بڻجي پئي. هيءَ ته ڏينهن ڏٺي جو اڪيلي گهر ۾ سوبه در بند ڪرڻ!... هن حد اورانگهي ڇڏي هئي. شرميلي، لڄاڙو ڇوڪري، هن سان نظرون، نظرن سان ملائي، هن کي گهائي رهي هئي. ڇوڪريءَ جي ان قدم تي سوچيائين پئي ته ڇوڪريءَ وڏي بهادريءَ ۽ بي ڊپائيءَ مان ڌڪو ڏئي کٽ تي اڇلي پهريون قدم کنيو – پوءِ ٻيو وڏو قدم... ٽيون انتهائي ڪريل قدم... هوءَ ان ئي ويرم جمال مٿان ڇائنجي وئي. وچولي وجود واري جمال کي پاڻ ۾ سميٽي ڇڏيائين- خواهش جو غلبو طاري هئس. چمين جي ڀرمار لائي ڏنائين. جمال جا سڀ وهم وسوسا، حقيقت جو روپ ڌاري چڪا هئا، منجهيل سوال جو جواب سلجهي ويو هو. شيطان ڇوڪريءَ جي حرڪتن... لالچي نظرن... ۽ هن جو ڪم ڪار ڪرڻ پويان اصلي مقصد ڇا هيو؟؟؟ جلدي مان، بنان دير هن کي پٽي ڌار ڪيائين. نفرت ۽ ڪرڀ جي تيز گهور سان گهورڻ لڳس. بنان ڪڇڻ يا دير ڪرڻ جي در کولڻ لاءِ ڪنڍيءَ ۾ هٿ وڌائين ته، پويان بکايل شينهڻ ڀاڪر وڌس، ٻنهي ٻانهن جي زور سان جمال قابو ٿي ويو. ڪافي زور ۽ لامارا سامارا ڏيڻ بعد هن جند آجي ڪرائي. لالچي ۽ لوڀي ڇوڪريءَ کي ٿڦ وهائي ڪڍي ”بي حياء ڇوري! توکي شرم ڪونه ٿو اچي... هن اٻهري قدم جي سزا جي خبر اٿئي...؟“
    ”مان بي حياءَ ناهيان... منهنجي ته توسان محبت آهي... رهي سزا! تنهن لاءِ ٻي کي وڃي ڊيڄار... منهنجي لاءِ ته تون آهين - سڀ ڪجهه تون!!!“
    ڏاڍي مضبوط لڳي رهي هئي ۽ سندس ارادا رُڪ کان پڪا ڀاسجي رهيا هيا. ”ڏس. ڇوڪري! مان ڪنهن ٻي جي چاهت آهيان... تون ته صفا بي حياءَ ۽ بي شرم به آهين... اُگهاڙي آهين آخ ٿو....“ وڏو زهر زبان تي ڀرجي آيو هوس. ”جنهن کي ڀيڻ سمجهندو هوس تنهن... توبهه... توبهه...“. ”تون نڪري وڃ... جلدي، مان تنهنجي شڪل به ڏسڻ نه ٿو چاهيان...“. واقعي جمال ٽٽي پيو هو. خيالي رشتو مفادي حاصلاتي نڪتو.
    ”ڪافي عرصي کان تنهنجي الفت ۾ ڳري رهي آهيان... سڙي رهي آهيان... تڙپي ۽ لُڇي رهي آهيان... منهنجي من جا راڻا اچ ۽ اڄ منهنجي اندر جي اڃ ۽ تڙپ واري باهه کي وساءِ... مونکي بچاءِ... مونکي بچاءِ...“
    ”آخر تون چاهين ڇا ٿي...؟“ جمال هيٺائين ورتي.
    ”بس راڻل! توکي ۽ تنهنجي محبت کي چاهيان ٿي... تنهنجي قربت گهرجي!“ سٽ ڏئي پنهنجو چولو لاهي وڌائين ۽ تيزي سان جمال طرف وڌي.
    ”خبردار! اڳتي نه وڌجانءِ... تون ڪنهن جي امانت آهين ۽ مان به ڪنهنجو ٿي چڪو آهيان“ جمال هڪل ڪندي چيس.
    ”جمال! اهي هدايتون ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ اچ... جي نه ٿو اچين ته پوءِ مان ٿي اچانءِ...“
    ”مڙي وڃ ڇوري! خدارا مڙي وڃ“.
    ”تنهنجي ڪابه هدايت ۽ نه وري ڪائي سمجهاڻي اڄ مونتي اثر نه ڪندي“
    ”پوءِ...؟“
    ”مونکي قرب ڏي... توکي ڏيڻو ئي پوندو...“.
    ”نڀاڳي! تون ته ڪنهنجي امانت آهين“.
    ”ڪوبه فرق نه پوندو... ان جو بندوبست هڪ ايلفي ۽ بس“.
    ”تون وڏي ڪميڻي آهين...“.
    ”ٻيو ڪجهه؟“
    ”تون ته وئشيا کان به ڪِريل آهين“.
    ”ڇا به سمجهين...!!“
    ”تون ته ڪنهنجي امانت آهين...“
    ”اونهه... وري ساڳي ڳالهه...“ جمال کي پڪڙڻ جي ڪيائين. جمال نڪري ويس
    ”وڏو گناهه آهي...“
    ”ڪنهن کان ڪونه ٿي ڊڄان“.
    ”مونکي ته ڊڄ ٿئي ٿو الله کان ۽ هن بڇڙي سماج کان...!!“
    ”بس!... وڌيڪ سمجهائڻ جي ضرورت ناهي...“
    ”پليز... مونکي معاف ڪر...“. جمال ليلائڻ شروع ڪيو.
    ”ڪجهه ناهي ٻڌڻو... بس تنهنجي ضرورت آهي...!!“ جمال تيش ۾ اچي ويو.
    ”تنهنجي ضرورت جو پورائو ٻي هنڌان ٿي ويندو...!“
    ”چوان ٿي ته بس مونکي تون ٿو گهرجين...“ هن ڀيري ڪاوڙ مان جلدي جمال جي چولي کي سٽ ڏنائين. جمال ڳاڙهو ٿي ويو. اکين ۾ شعلا ٿي نڪتس.
    ”تو جهڙيون واحيات، ڇڙواڳ ڇوريون ائين نه ڪنديون ته ٻيو ڇا ڪنديون. خاندان ۽ والدين جي ننگ ۽ ناموس تي ڪارو ٽِڪو لائي ڇڏين. تون ته بڇڙي آهين، بي غيرت ۽ بد نسلي آهين. وڌيڪ ڪري به ڇا پئي سگهين. آئينءَ نه بڻ بڻياد تي...!“ وڏي ٿي وئي هئس. فوراً لٿل ڪپڙو پائي اتان رفو چڪر ٿي وئي. جمال کي هن جي ويندي ماءُ جو خيال اچي ويو. وڏي گناهه جي عذاب کان بچي ويو هو. بدنامي ۽ رسوائي خاندان، مئل پيءُ ۽ بيوه ماءُ مٿان مقدر بڻجڻ کان اورتي رڪجي وئي هئس. مٽ مان جست جو وڏو گلاس پاڻي جو ڀري يڪ ساهيءَ ڏوگهي ويو.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ موٽيو هو، استاد جي آساميءَ لاءِ هڪ بيوروڪريٽ 50 هزارن عيوض پڪو آسرو ڏنو هوس. مطلب ته آفر ليٽر مليو هوس. گهر ايندي ڪافي خوش خوش هو. هن جي والدين جي ڏٺل سمورن سپنن کي ساڀيان جي شڪل جو نمونو سامهون هو. هوءَ به آئي هيس. جمال ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنس. ڪوٺيءَ جو در بند ڪيائين. جمال کي چت ڪري ڏسندي رهي. ٿوري ويرم کانپوءِ ڳالهايائين. ”جمال! تو چيو پئي نه ته ٻيو آءٌ ڇاٿي ڪري سگهان...؟ اڄ مان توکي ڏيکارڻ ۽ ڏسڻ آئي آهيان ته ٻيو آءٌ ڇاٿي ڪري سگهان ڪنهن مرد کي آباد ڪري يا برباد. سڀ عورت جي هٿ آهي. مان عورت آهيان. منهنجا ڪيترا روپ ۽ رنگ آهن“.
    جمال اڄ به ايلازن سان جند آجي ڪرائڻ جي سوچي رهيو هو.
    ”مان گهڻو ڪجهه ڪري سگهان ٿي... ڏس ته مان ڇاٿي ڪريان...“. ائين چئي هن ڳچيءَ کان چولي کي سٽ ڏنائين. جمال تڙپي پيو ۽ لڏي ويو، هن کي روڪڻ ۽ ميڙ منٿ ڪرڻ لاءِ وڌيو، پر انهيءَ کان اڳ ڇوڪريءَ جي رڙين هن کي روڪي وڌو. هوءَ چئي رهي هئي ”بچايو... بچايو... ايلي ڙي... گهوڙا ڙي... بچايو...“.
    جمال جون اکيون کليل رهجي ويون. وات ڦاٽل رهجي ويس. سڄو ساڪت ٿي ويو. حرارت رڪجي ويس. روايتي ڇوڪري، واقعي پنهنجو وارو وڄائي وئي هئي. جمال ڇوڪريءَ جي انهيءَ عمل جي پويان واري سزا کي پروڙي ورتو هو. اڄ حضرت يوسف وارو ورجاءُ ٿيو هو. هو به حضرت يوسف وانگي بي گناهه هيو. حق تي هو. مظلوم هيو. پر هن وٽ اهڙو ڪوبه ٻار شاهد طور ڪونه هو، جيڪو هن جو شاهد بڻجي جمال کي ڏئي بيگناهه ڪوٺي ها! ۽ جيڪڏهن اهڙو ٻار هجي به ها ته شاهدي ڪنهن به ڪم جي نه هجي ها! ڇو جو هن دقيانوسي ۽ مدي خارج سماج کان انصاف جي تقاضا ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جيئن هئي. جمال اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ هو ڏسي رهيو هو ته ڪيترن غيرتي جوانن جون اڻڀيون ڪهاڙيون هن طرف جهومنديون ٿي آيون.
    ***


    جيجل منهنجي قسمت

    هڪ ڀيرو وري تلخ، ڪڙي ۽ بڇڙي روايت ”ڪارو ڪاريءَ“ جو ورجاءُ ٿيو هو، جنهن اسان جي گهر سان گڏ اوڙي پاڙي جي مسڪين ۽ اٻوجهه ماروئڙن جي سڪون ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو هو. اکين ڳوڙهن جي حد عبور ڪري ريٽو رت وهائڻ شروع ڪيو. هر پيءُ پنهنجي جوان ۽ ڪنواري ڌيءَ کي اکين جي محفوظ جاءِ ۾ لڪائڻ لڳو. ڀائرن پنهنجي ڀينرن تي بندش مَڙهي ڇڏي. هر مڙس جي اکين زالن جي اٿ، ويهه ۽ ڳالهه ٻولهه تي اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو. ڪارو ڪاريءَ جي انهيءَ مدي خارج ۽ فرسوده روايت هڪ ڀيرو وري خونخوار وار ڪندي اسانجي خاندان ۾ نفرتن ۽ ويڇن جو ٻج پوکي ورتو. دشمنيءَ جي ٻوليءَ ۾ واڌ شروع ٿي. دلين جي ميٺ محبت، سڪ ۽ خلوص، رشتي ۽ ناتي واري سڀ جذبي تي زنگ چڙهي ويو. زبانون ۽ نظرون نفرتن کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ لڳي ويون.
    اسان جي ذات ۽ خاندان ۾ اڪثر اهڙا ڏڪائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ دکدائڪ واقعا ٿيندا رهندا هئا. توڙي جو ڌرتيءَ جي ٻين حصن جيان اسان جي تر ۾ به علم جو نور رَسي ويو هو، پر ننڍيرن ۾ سو به نه جهڙو!! ساڳي طرح ڪيني ۽ ڪدورت مفادن ۽ انائن وارا وڏڙا- سندن چوڻ موجب ”مرد درياءَ جي هُن ڀر ۽ زائفان وري اورين ڀَرِ، ٻن ٻولن ”ڪارو، ڪاريءَ“ جي ڪڍڻ سان، هو دنيا ۽ سماج جي نظر ۾ ڏوهي آهن، هنن جي لڳل انهيءَ داغ کي ملڪ جو ڪو به قانون، ڪوئي سماج ڌوئي، اڇو اُجرو ڪرڻ يا قبولڻ جي سگهه نه ٿو ساري سگهي. زندگيءَ جي پوئين پساهن تائين به ڪارنهن جي ان چُٽي جي ڪاراڻ رهي ٿي. اهڙو اثر ۽ اهڙي لوڙ نسلن تائين قائم رهندي پئي اچي.
    حسد، بغض ۽ لالچ انهيءَ روايت کي هٿي ڏئي، بدلي پاڙڻ لاءِ دشمنيون زنده رکڻ لاءِ... نفرتون قائم رکڻ لاءِ... زمينن کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ... سهڻي ۽ حسين ڇوڪري کي حاصل ڪرڻ لاءِ، هر ڪنهن وڏيري چور، لوفر ۽ مفاديءَ روايت کي استعمال ڪندي فائدا حاصل ڪيا آهن.
    ڳالهه هيئن هئي ته گلو حسب دستور راتين جو رولاڪ بڻجي ڌڪا، ٿاٻا کائي مقصد کان ناڪام ٿي پرهه ڦٽيءَ ويل گهر پهتو هو. سياري جي سخت سرديءَ جي اثر کان گهٽ، پر چوريءَ جي ناڪاميءَ ڪري وڌيڪ ڏمريل هو. ڏمر ۾ ان وقت تيزي اچي ويس جڏهن نظر ڪوٺيءَ اندر ستل زال تي پيس. سوڙ کان منهن ٻاهر لالٽين جي ڌيمي روشنيءَ ۾ به ٻهڪي رهيو هوس. شڪي طبيعت ڪر موڙي اڀري پيس. جوڻس سڪينه جو ائين بي خوف ٿي سمهڻ تي، باهه ڀڙڪي پيس. ڪاوڙ مان تيز ۽ خونخوار نظرن ۽ هانءُ ڦاڙ هڪل سان هڪ تيز ٿڦ ڳل تي ٺڪاءُ ڪيائينس... ڇرڪ... هرڻيءَ جيئن هيسجڻ... اکيون ڏرا ڏئي ويس، رنگ اُڏامي ويس. مڙس جي مار ڌاڙ ياد آيس، ڪنبي وئي- لٺين ڪهاڙين جا ڌڪ... گاريون... رڙيون... ڪوڪون... دانهون آسمان ڦاڙ... وڏو ڌڪ... هڪ وڏي، صفا وڏي رڙ... خاموشي... ۽ هوءَ ڍرڪي، تڙپي ختم ٿي وئي.
    گلوءَ جو پيءُ رڙين، ڪوڪن تي ڊوڙندو آيو، پر پهچندي ساڪت ٿي ويو. رت ۾ ريٽو ٿيل، ننهن جو بي ترتيبو لاش ڏسي، ڪاراٽجي ويو. گلو کي تڪيائين، چهري مان رنگ اُڏاميل هئس، اکيون ڏرا ڏئي ويون هئس. پڻس کان بيهڻ ڪونه ٿيو. ڪوٺيءَ کان نڪري اڱڻ تائين آيو. پٽ تي ڪاوڙ ۽ ملال هيس، جيڪو جلد ئي ختم ٿي ويس. پٽ جي محبت ”جيڪو ٿيو سو گذريو“ اڳتي جو سوچي، چهري تي شيطاني ۽ حرفتي رنگ پکڙي ويس. عقل جي ڊوڙ ڊوڙي چڪو هو. ناحق مارڻ جي لعنت کان بچڻ ۽ ٻڏل ڳهو تارڻ لاءِ گلوءَ کي اچي ڪن ۾ ڪجهه سڻايائين. شيطانيت ۽ فاتح مرڪ گلوءَ جي مک تي مهڪڻ لڳي پوءِ رت ۾ رنگيل ڪهاڙِي کڻي گلو گهر کان نڪري چيو ”ڪارو آ... نه ويندو سڄڻ... ڪارو آ... نه ويندو...!!!“ ڪجهه هڪلون ڪجهه گاريون... ماڻهو گهرن مان هيسيل نڪرندا، عجيب و غريب نظرن سان ڏسندا رهيا. گلوءَ جو مقصد حاصل ٿي چڪو هو.
    منهنجي گهر به قيامت ڪڙڪي پئي هئي. اکين رت روئڻ شروع ڪيو هو. ڇو ته ”ڳاڙهي“ ڌر وارا منهنجا پيڪا هئا ۽ ”ڪاري“ ڌر وارا وري ساهرا. هڪ پاسي ڀت ۽ ٻي پاسي باهه وارو ماحول جڙي ويو هو. قدرت واري منهنجي مٿان امتحان جي گهڙي سامهون آندي هئي. اهو امتحان وري منهنجي ذهني، روحاني ۽ جسماني حصن لاءِ اذيت ناڪ هيو. انديشا ۽ خطرا حقيقت ۽ يقين ۾ تبديل ٿي ويا. ڪجهه وقت لاءِ جهڪا ٿي ويل ايذاءَ ۽ ظلم وري روان دوان ٿي ويا. اڳ ته ڇڏائڻ وارو سڄڻ هوندو هو، جيڪو ڀاءُ جي ڏمر ۽ ڏاڍ کان بچائي وٺندو هو. سو آسرو ته هڪ ظالم جي ڪيل ناحق ظلم سان ٽٽي دور ٿي چڪو هو، ۽ انهيءَ ظالم جي ڪارنامي شامت آندي هئي. مار...!! لتون... مُڪون... رڙيون... ڌڪ... گاريون... تنهنجي ڀيڻ... تنهنجي ماءُ... تنهنجون ستئي پيڙهيون... زوردار ڌڪ... مٿي کي ڦيري... اکين ۾ آنڌيون ترورا... بيهوش...!!! ڪجهه مدت لاءِ آرام ۽ سڪون سان رهڻ جي عادي ڪيڏو نه درد ۽ ايذاءَ سٺو هوم. ٿورو ڪي غلطي يا ٿوري ڏاڍيان ڳالهائڻ بعد قيامت مچي وڃي. مون سمجهي ورتو، محتاط ٿي ويس. سوچي سمجهي ڪم ۽ قدم کڻڻ لڳس. نيٺ ائين ڪرڻ کانپوءِ هن جي نيت جي پروڙ ٿي وئي، هن چيو ”تنهنجي مائٽن ناحق ڪيو آهي“.
    خاموش زهر جو ڍڪ پي ويس.
    ”هٿ سان ماري مائي- الزام اسان تي هنيائون...“
    هاڻي رهڻ ڪونه ٿيو ڳالهائي وڌم
    ”تو وري ڪهڙو حق ڪيو هو“
    سارو ٻري تپي ويو. تنهنجي ڀيڻ.. ماءُ... ڪني رَنَ... ڀڙوي رن... سامهون ٿي ٿئين... ڪجهه وقت کان شريف ڇا ٿيم مٿي چڙهي وئي آهين. مار ۽ موچڙا- جيڪو ڌڪ هٿ اچي- منهنجي مٿان زيپاٽُ... منهنجا ڪن منهنجون رڙيون ۽ دانهون ٻڌڻ لڳا. ۽ پوءِ لوهه لڳل بانس جي لٺ نرڙ ۾ ٺڪاءُ ٿي وئي. رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو.
    ڪجهه لمحن گذرڻ کانپوءِ انور جي ظلمن کي وساري پنهنجي مظلوميت ۽ معصوميت جي ڪهاڻي تي سوچڻ لڳيس. آئيني سامهون آيس نرڙ تي خاڪ ۽ سُرمي ڪارڻ ڌڪ واري جاءِ تي چڱو خاصو ڪارو نشان ٿي ويل هو. پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي. زندهه رهڻ جي خواهش ڪومائجي وئي. خودڪشي ڪرڻ لاءِ سوچيم، پر سال کن جي کير پياڪ ۽ ابهم زرينا منهنجي ڪوشش کي پوري دفن ڪري ڇڏيو. هن جي روئڻ زنده رهڻ ۽ حالتن سان منهن ڏيڻ جو حوصلو ڏنو. خدا کان دعا گهريم ته هو مونکي هن ڏکي وقت ۾ صبر ۽ شڪر عطا ڪري.
    اسان جو گهر ساري ڳوٺ ۾ سُکيو ۽ ستابو ليکيو ۽ سڃاتو ويندو هو. سٺي کائڻ ۽ چڱي پائڻ ڪري ڳوٺائي وڏيرو ڪوٺيندا هئا. زمين جي ٽڪري کان علاوه، ڪجهه ڪلوميٽر پري شهر ۾ بابو سائين دوڪان هلائيندو هيو. بابو سائين پڙهيل ته ڪونه هيو، پر علم جي نور جي اهميت ۽ حيثيت کان واقف ضرور هيو. ان ڪري هن پنهنجي ٻارن کي علم جي نور سان نوازڻ جو موقعو ڏنو هو. ايتري قدر جو پرائمري پاس ڪرڻ کانپوءِ مڊل ۽ ساڳي طرح نائين درجي تائين رَسيس. ادي صابر سان روزانو گڏجي ٽانگي تي اسڪول ايندي، ويندي هيس. گهر ۾ ڪنهن به امير جي ٻار کان گهٽ ڪونه پاليائين. هر شيءِ مهيا هوندي هئي، چوڻ آکڻ جي دير هوندي هئي. خوشين ڀري هن گهر جي سڀ خوشي دشمن کان ڏٺي ۽ سَٺي ڪونه ٿي. انور_ منهنجي روزانو شهر اچ وڃ خلاف مائٽن مٽن کي ڀڙڪايو... ”ڪيئن ذات ۽ خانداني عزت شهري گهٽين ۾ ٿي رُلندي وتي... ننڍين ذاتين وارا پاڻ تي ٽوڪون ۽ چٿرون ٿا ڪن ته ڇوڪريءَ کي ٿا پڙهايو... ڪا خبر اٿو؟ پڙهڻ بهاني، ڪٿي ٿي رُلي ۽ گُهمي... ڪنهن کي پتو به آهي“. اتان جي سماج ۽ سوچ آهر انور جي اشاري ۽ ڳالهين ۾ وزن هو...!! سڀئي مٽ، عزيز بابي سائين وٽ مڙي آيا... بابي سائين سڀن کي واضع ڪري ٻڌايو ته ”اسان جي ذات ۽ خاندان ۾ واقعي ڪابه ڇوڪري ڪانه پڙهي آهي. پر اهڙي سوچ سڀني والدين جي بي جا ۽ اجائي آهي. عورت آخر ڇونه ٿي پڙهي سگهي؟ اڙي چريئو عورت نه هجي ها ته توهان جو نسل وڌي ۽ ويجهي نه سگهي ها! ڪجهه وقت اٿو، عورت جي حقن کي تسليم ڪريو. اها اڄ جي دور جي گهرج آهي. پاڻ ڪريم صه جن به پنهنجي حديث ۾ فرمايو آهي ته علم مرد ۽ عورت ٻنهي تي هڪ جيترو فرض آهي.“ سڀئي عزيز سندس ڳالهيون ٻڌي ڏمرجي ويا. شادي، غميءَ سميت ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۽ ٻيو اٿڻ ويهڻ بند ڪيائون. بابي سائين انهن جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي. اسان جي همٿ ۽ حوصلي ۾ اضافو آيو. صابر پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت سان نوجوانن ۽ ننڍڙن ۾ علم جي نور سان گڏ پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ جي ڳالهه، هر ماڻهوءَ جي ڪن تائين رَسائي. نتيجو خراب نه هو، پر ايڏو بهتر به ڪونه هيو. ٻي طرف مون وري عورتن جي مردن کان آزادي ۽ سندس جائز حقن لاءِ کين اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هڪ ٻن کانسواءِ سڀن کي ڊپ ٿيو ته ڪٿي سندن مڙس اهڙين ڳالهين ڪرڻ عيوض نه ماري وجهن يا پاڪ ۽ پوتر خاندان مٿان نه لهندڙ داغ چهٽي نه پون. صابر وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو. ماڻهن کي متاثر ڪرڻ پاڻ مڃرائڻ لاءِ سندن ننڍا، وڏا ڏک ۽ مسئلا شيئر ڪرڻ ۽ سندن پوري مدد ڪرڻ وارو نانءُ ڪم جو ٿيو. ڪافي تعداد ٿي ويو، جيڪي ادي جي سوچ کي حق ۽ سچ جي راهه ڪوٺڻ ۽ مڃڻ لڳا.
    ڳوٺ ۾ هڪ بري سوچ رکندڙ انور کي پنهنجو جڙتو مقام ڪرندو محسوس ٿيو. چڱ مڙسي لڏندي محسوس ڪندي. هن باقاعدي ادي صابر سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اندروني طرح ڪوششون ورتيون. پاٿاريدار هجڻ ڪري، هن پنهنجن لُچن ۽ لفنگن کي زور ڀريو ته هو انهي سلسلي ۾ ڪجهه ڪن. هڪ رات جي پهرين پهر لڪي رستي سان بي خيالو ۽ بي اونو ايندڙ صابر کي رت ۾ لال ڪيو ويو. هو صبح جو کٽ تي بي ساهو هجي ها. جيڪڏهن ماسات ظفر ڪراچيءَ کان ڳوٺ ڏي نه ايندو هجي ها! ماسي حياتان به بڇڙي ۽ مدي خارج رسم جو شڪار ٿي هئي. نانو ماسيءَ جو منهن نه پسڻ واري ضد سان سندس وهانءُ ڏيٺ واري هنڌ جو ڪري وريو هو ته وري نه ويو هو نه ئي ماسي کي اچڻ سٺائين، تان جو مري ويو. تنهن کانپوءِ ماسي ۽ سندس اولاد اچڻ شروع ڪيو هو. اڄ ظفراوچتو پنهنجي ذهانت ۽ علمي قابليت سان ادي جي زندگي بچائي ورتي هئي. وقت سر سندس خون بند ڪري اچي ڳوٺ رَسيو هو. ظفر جي لاءِ منهنجي اندر ۾ عزت ۽ مان مرتبو وڌي ويو. وري هن جي مٺڙن ٻولن ۽ سٺين مُرڪن جي ڪري دل ۾ محبت جو ٻوٽو نسرڻ لڳو. سندس سيرت ۽ صورت جي تعريف جا به ڪريان ۽ جيتري ڪريان گهٽ هوندي. مون لاءِ دنيا جي سڀ خوشي سندس مک کي ڏسڻ سان ٿيڻ لڳي. ان دؤران مونکي هڪ بي نام محبتي مواد مليو. جنهن ۾ لکيل هيو.
    منهنجي دل جي راڻي
    شاهده!
    سکي ۽ سلامت رهندينءَ. آمين
    مان تنهنجي حسين ادائن جو ديوانو ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري قلم ۽ ڪوري ڪاغذ جو سهارو وٺي ڪجهه ارمان ۽ ڪجهه آسون، اميدون اُڪري رهيو آهيان. زبان سان اظهار محبت ان لاءِ نه ٿو ڪري سگهان، جو شايد ايتري سگهه ڪانهي ۽ شايد مان بزدل به آهيان. هڪ ڀيرو وري لکان پيو ته توسان محبت آهي ۽ سچي محبت.
    تنهنجو اي. بي. سي
    چٺي دل ۾ سمائي ڇڏي. چٺي جو انداز ۽ آواز منهنجي دل جو آواز هيو. پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن جي ڪجهه ئي لمحن اندر چٺي وارو چور ظفر نظرون چورائيندي پڪڙجي پيو. اکين ئي اکين سان ديدار ٿيندا رهيا. زبانن مان واعدا ۽ وچن ٿي ويا. جيئڻ مرڻ جا قول ٿي ويا. اسان جي چوري اسان جي والدين کي به آئڙي، تڏهن ئي ته اسان جي جيون ساٿي ٿيڻ جون پچارون سندن زبان تي ڦرڻ لڳيون. ڪيترا خواب... حسرتون، اميدون ۽ آسون جڙيون. پر شايد قسمت کي وري ستم ئي آيو ڪرڻو هو. واعدن ۽ وچنن جو پورائو نه هو لکيل، منهنجون حسرتون، ظفر جون آسون ۽ سڀ سهانا سپنا روايتن جي وهڪري ۾ وهي ويا. اسان جي سک ۽ خوشين جي دشمن انور جي دل ۾ اسان جي گهر جون خوشيون ۽ حسرتون زهر ٿي پيون. صابر جي وڌندڙ عزت ۽ مقام ڪارڻ پنهنجي چڱ مڙسي ڊهندي، ڪرندي ڀانيائين. دشمني ۽ چالاڪي جي انتها ڪري، هن صابر کي پنهنجي زال حسنه سان بي ڏوهي ڪارو ڪيو. بي ڏوهي ۽ ناحق هڪ عورت ڪنهن شريف مرد جي زندگي بچائيندي مڙس جي بندوق مان نڪتل باهه جو شڪار ٿي وئي.
    ميڙيون... نياڻيون... سندن سيني سان قرآن ٻي ميڙ... جوان، ٽين ميڙ تي مس راضي ٿيا. بابو بي وس ۽ مجبور فيصلي ٻڌڻ جي انتظار ۾، انور جي حرفت ۽ چالاڪيءَ جو نئون وار ٿيو... فيصلو ٻڌي بابي جي پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي وئي. دشمنيءَ جو هي وار به ڌماڪو ڪري ويو. منهنجي ٻانهن صابر جي زندگيءَ جي قيمت بڻي. بي وس ۽ بي پهچ پيءُپٽ جي زندگيءَ لاءِ ڌيءَ جي سِرَ جي قرباني قبول ڪري آيو. ظفر مٿان قيامت ڪڙڪي پئي. بغاوت ڪرڻ لاءِ ڳالهائي ها پر کيس روڪيم؛ ”مقدر ۾ ملڻ نصيب نه هو. ملي نه سگهياسين ته ڇا ٿيو. جذبن ۽ خواهشن جي ارپنا به هڪ ميلاپ آهي نه کٽندڙ، نه ٽٽندڙ ميلاپ“- منهنجي ڳالهائڻ تي پاڻ جهليائين. منهنجي همٿ وڌائڻ لاءِ ڳوڙها وهائڻ بجاءِ پنهنجا ڳوڙها لڪائي ويو.
    منهنجو وهانءُ ڪيڏو نه عجيب وهانءُ هيو. نه ونواهه هيو - نه ڳيچ ۽ نه وري جهمر... نه هئي ڄڃ ۽ نه هيا ساٺ ۽ سنوڻ. بس ٻن پاتل ڪپڙن ۾ انور طرفان نياپي موڪليل شام پنهنجن کان جدا ڪئي ويس. ڪٿي اکيون آليون هيون. دل ۾ درد ۽ اندر ۾ دانهون هيون. جيجل امڙ جي حالت تمام خراب ٿي وئي. مضبوط دل وارو بابو سائين به اڄ ميڻ نظر ٿي آيو. واقعي اولاد والدين جي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي آهي. اکين مان ڳوڙها اُگهي آخري سمي ظفر ڏي نهاريم. وڏو جگر ۽ سمنڊ جيڏي دل هيس. مرڪي الوداع ڪري رهيو هو. اندر مان هڪ وڏي ڍنڍ ڪر نڪتي. موتين اکين ۾ ترورا آڻي ڇڏيا. مان جلديءَ ۾ هلي ڏنو. روئڻ ۽ سڏڪڻ جو آواز شروع ٿي ويو. پري ڪنهن هنڌان مائيءَ ڀاڳيءَ جو ڳايل گيت ڪنن تي پيو؛
    ”جيجل منهنجي قسمت
    ڪنڌ نوايو-
    لکيو لوهه قلم ۾!“
    پنهنجي لکئي کي ئي پنهنجون خوشيون ۽ حسرتون سمجهي جهوليءَ وٺي. انور جي ذهنيت کي بدلائڻ ۾ لڳي ويس. مار کائي، وڙهي، رسي ۽ پرچي ڪوششن ۾ ايترو ڪامياب ويس، جو هن جي سوچ بلڪل ٿڌي ۽ انسانيت پرست بڻجي وئي. پاٿاريداري ۽ جوئا وارو شوق به هلندو، هلندو زرينا جي ڄمڻ کانپوءِ ختم ٿي ويس. مان ڪامياب ٿي وئي هيس، هن کي مٽائي ڇڏيو هوم. پر پوءِ به ڪڏهن، ڪڏهن ساڳي رڳ تي ايندو هو ته ڪُٽي لاهيندو منهنجي چپن مان ملندڙ مار ڪري دانهون نڪرنديون هيون.
    ”ڪٿي آهين... مار پوئي... ڳاٽو ڀڄئي... ڪٿي آن...“
    انور جي ڪڙڪيدار هڪلن ماضيءَ مان حال ۾ اچي پهچايو.
    ”گلو ٿاڻي تان پئسا ڏئي جان ڇڏائي آيو آهي... تون ڪجهه زائفن سان قرآن کڻائي هل... ته مان سيد سڳوري کي اوطاق مان وٺي اچان... جلدي ڪر... !!!
    حڪم جي غلام عورت ۽ مڙس جي چوڻ سان تياري ورتم ٺاهه ۽ فيصلي لاءِ سيد سڳورو اڳ ۾... سندس پويان ڪجهه نياڻيون ۽ کين ساڻ قرآن شريف ۽ اسان جي پويان انور ۽ سندس خاندان وارا. چڱ مڙسي ۽ ڏاڍ مڙسي پر ڪري اُڏامي وئي هئس. بابي وانگر بي وس ۽ لاچار هيو. قسمت جي انهيءَ چڪر ۽ ڪرشمي کي ڏسي توبهه ڪرڻ لڳس. انور جو غرور ۽ تڪبر سڀ مٽيءَ ۾ مليل هئا. ڪيڏو ته مسڪين ۽ شريف ماڻهو پئي لڳو. ائين جيئن ڪجهه سال اڳ بابو سائين! پهرين ميڙ... ٻي ميڙ... ٽين ميڙ... مس وڃي راضي ٿيا. فيصلو ڳالهيون... مفاد... خواهشون... ارمان... ٺاهه ٿيو. جهڳڙو ٽريو، پر مونتي قسمت جو تکو وار ٿي وريو. منهنجي هڪ سال جي کير پياڪ زرينا ڪارنهن جي پورائي سڱ طور ۽ پيٽ جي باهه ڀرڻ لاءِ چاليهه هزار حرج پيو. هڪ دل چيو ته انهيءَ فيصلي تي رڙيون ڪري احتجاج ڪريان... دانهون ڪري انصاف گهران... پر هت سڀ مرد هئا. جيڪي مفادي هئا. جيڪي انڌا به هئا ته ٻوڙا به هيا. هي سماج ئي اهڙو هيو، جتي عورت ئي مرد جي تڪرار نبيرڻ لاءِ... شادي جي ضرورت لاءِ... مطلب هر قسم جي ضرورت لاءِ عورت ته پوءِ ضرورت وارين ٻين شين جيان کيس اهميت ۽ عزت ڇونه ٿي ڏني وڃي.......؟؟؟ انهن سوالن جو ڪوبه جواب ڪونه هيو. انور اڄ ٽُٽِي وِکري ويو هو. سندس ويجهو ويس ڪلهي تي هٿ رکيومانس ته روئي پيو، ٻارن جيئن ڳوڙها منهنجي اکين ۾ تري آيا. رشتن جي اهميت ۽ اولاد جي قربانيءَ جي احساس ۽ درد جي پروڙ پئي هئس. سَٽ ڏئي زرينا کسيائين ۽ ان کي ڀاڪر ۾ ڀري چمڻ لڳو ۽ گڏوگڏ ڍنڍڪر ڏئي روئڻ لڳو. منهنجي نظر نئين نسل ۽ نوجوانن طرف هئي، جيڪي علم جي نور سان روشن ٿي رهيا هئا. جن کي سڀاڻو سنڀالڻو هيو، جيڪي اڳتي هلي عورت کي سندس اصلي ۽ حقيقي روپ وٺي ڏيندا، جيئن ڪا عورت روايتن جي ڦاهيءَ تي نه چڙهي!!!
    ***


    چرياڻ

    ٽيهارو سال ئي ته عمر هئس، پر لڳندو چاليهن کان چڙهيل هيو، اڌ کان وَڌِ اڇا وارَ، مٿي ۾، ڏاڙهي ۾، زماني جي ظلمن، دلي صدمن ۽ ذهني پيڙائن، نرڙ تي ڪئي گهنج ڏئي ڇڏيا هئس. کاڏيءَ اندر لٿل ٻئي چُگہه جُهورَ پوڙهي جو چٽو نمونو ڀاسندا هئس. پوري زندگي، خوشين لاءِ سِڪيو هو، هر پاسي، ماڻهن جي روين ۽ عملن ڏکائي هانءُ هيڻو ڪري جيئڻ عجيب تر بڻائي ڇڏيو هوس. وڏي سهپ، وڏو حوصلو، سمنڊ جيڏي دل رکڻ وارو عباس! دنيا جي سڀني رنگن کي ڏسي ۽ پَسي چڪو هو. ڄاتائين حق ۽ ناحق کي، سڃاتائين سچ کي- ڪوڙ کي، پروڙيائين، نيڪي ۽ بَدي کي، سمجهيو هئائين پيار ۽ تڪرار کي_ پَسيائين، انسانيت کي ۽ شيطانيت کي! گڏوگڏ ريتن- رسمن، عزت، وقار، چمچاگيري، چاپلوسي، خواب، حقيقت، لالچ، لوڀ ڀي ڄاڻي ورتائين. اڌ کان گهڻا، شايد اڃان به گهڻا ظالم ۽ ظالمن جو پاسو هئا، جيڪي پوري معاشري تي ڇانئجي، جُڳاڙ ۽ بِگاڙ بڻائي، وقت کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائي رهيا هئا، پئسي جي زور تي، ذاتين جي ٽيڪ تي، ڀائرن جي آسري، زبان سان، هٿ سان، سوچ سان عمل سان، مفاد ۽ انا ساڻ ڪيون، ڪنهن ديوَ کان ڀي بدتر شڪل ٺاهيون، مظلومن ۽ هيڻن، غريبن، ۽ مسڪينن کي ڳِڙڪائڻ ۾ مشغول هئا. حساس ۽ ساڃاهه وند هجڻ ڪري زماني وارن جا سڀئي سور پنهنجا محسوس ڪندو هو. انفرادي ۽ اجتماعي طور ڪجهه سور پنهنجا ڀي هئس. انهن اَهنجن ۽ ايذائن جون خبرون ماڻهن کان ٻڌي، انسانيت تي ميار ڏيندي اهڙن ڪِريل عملن تي افسوس ڪندو هو. ٻين سان ٿيندڙ ناجائزين ۽ اُرهه زوراين تي ته چپ پر پاڻ سان ٿيندڙ ويڌنن ۽ ناانصافين تي به خاموش! ڏوهه ڏيندو هو علم ۽ شعور تي! اڪثر چوندو هو ”جهالت ئي سڀني براين جي جَڙَ آهي جنهنڪري معاشري جو توازن بگڙيل آهي“ اها ڳالهه چوندي گهري سوچ ۾ ٻڏي ويندو هو. ”هيءَ به ڪا زندگي آهي؟ هيءَ به ڪا انسانيت آهي؟ هيءَ به ڪا مسلماني آهي؟ هي به ڪو جيئڻ آهي؟؟“ انهن سوالن تي سوچيندي، اکيون آليون ٿي وينديون هئس. اڪيلو هو، ڪا طاقت، ڪو اختيار نه هئس، جو ظالم کي ظلم کان روڪي، مظلوم کي داد رسائي سگهي. مان وري سڀني ڳالهين جي اجائي ڇڪ ۽ بڪ کان ڀٽائي سرڪار جو هي بيت پڙهي ٻڌائيندو هيو مانس-
    ” جَووڙُ جُڙي جَن سين، سي وڙ سوئي ڪن..“
    سدائين منهنجي سوچ جي حمايت ڪرڻ وارو، چڙي پيو. جهڙو ڪر وڙهي پيو. ”زاهد! ظالم کي ظالم نه ٿو چئي سگهين ته نه چئه، پر هن کي ظالم ته سمجہه.“ مون کي به آيو غصو دير ئي نه ڪيم چيو مانس. ”وڏي ۾ وڏو ظالم ته اهو آهي، جيڪو پاڻ تي ظلم سهي ٿو“. ڌڪ لڳي ويس_ سدائين هارائڻ وارو اڄ پاڻ هارجي ويو هو. ان ڏينهن کان پوءِ ٻُڌل، پڙهيل ۽ اکين ڏٺل ناجائزيءَ تي کليل احتجاج شروع ڪيائين. حق کي حق، ظلم کي ظلم، گناهه کي گناهه، دوکي کي دوکو، غلط کي غلط، سچ کي سچ چيائين. اندر جي آهه، سوچ بڻجي زبان تي آيس ته ماڻهن تماشو ٺاهي ورتس. رونشو ٿيڻ لڳس. ڪيئي خطاب، ڪيئي لقب ڏنائونس. ڪنهن انسان ڪوٺيس، ڪنهن ڪامريڊ، ڪنهن مُلو ته ڪنهن دهريو، ڪنهن ايجنسين جو ماڻهو ته ڪنهن چرياڻ. مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون. عباس لاءِ ماڻهن جا لقب، ۽ خطاب واقعي مونکي به سچ سُهندا هئا، ڇو جو نشانيون ٻڌائي ۽ پاڻ پسائي رهيون هيون.
    ”انساني جيون انمول آهي. انهيءَ املهه جيون جو قدر ڪيو، هن جي قيمت، اهميت ۽ افاديت کي نه لڄايو. دهشت گرديءَ، قبائلي تڪرارن، ڪاروڪاريءَ جي واقعن، دشمنين ۾ انساني رت وهائي، انسان جي اشرف المخلوقات جي لقب کي نه لڄايو. انساني رت پيئندڙ زمين، توهان جي انسانيت تي ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪري ٿي. ان کان علاوه ٻي مخلوق به، انسان جي سڀني عملن جي نندا ڪري ٿي.“ چڱي خاصي مجموعي ۾ شهر جي وڏي چوڪ تي وڏي واڪي خطاب ڪري رهيو هو. ”محبت ڪريو، محبت ۾ ئي عزت، وقار، حق، سچ، انسانيت ۽ مسلماني آهي. محبت منزل مقصود آهي.“ ڪنهن ٽوڪيس ”محبت جي ڪڍ لڳاسين ته پوءِ پيٽ ڪيئن ڀرينداسين“ جذباتي ٿي ويو، چيائين ”هن دنيا جون سڀوئي برايون ۽ سموريون لڙايون هي طبقا، طبقاتي سوچ ۽ عمل پيٽ جا ئي پيدا ڪيل آهن. انهيءَ پيٽ ضرورتون ٺاهيون، ضرورت، دل دماغ ۽ هڏن سان، حيلا وسيلا ٺاهيا، ۽ تلاش ڪيا. تلاش ڪنهن کي حلال ۽ جائز پاسي ته ڪنهن کي حرام ۽ ناجائز پاسي گهلي وئي، حرام ۽ حلال، حق ۽ سچ، صحيح ۽ غلط جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ اسان وساري ويٺاسين، ته انساني معيار قدر ۽ ماپا ڇا ٿيندا آهن. ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ائٽمي قوت، چنڊ کي ۽ ٻين انيڪ منزلن کي ڇُهيوسين، پر پوئتي نظر نه ڪئي سون، اڳيان لڳا مصري، پويان ويا وسري ..“ گهڻو ڪجهه ڳالهائي ها! پر گشتي پوليس اچي وئي هئي، رونشائي مجموعو کسڪي ويو، پاڻ پڪڙجي پيو هو. ٻيو ڪوئي جڳ جهان ۾ نه هئس، مجبورن مونکي ئي وڃڻو پيو. پوليس چئي ”مَس هٿ لڳو آهي، وڏي وقت کان اسان کي ڳولا هئي. هي ته غير ملڪي جاسوس آهي“ ٻيوي چوي ”نه هي دهشت گرد آهي، شهر جا لساني فساد هن جا ڪرايل آهن.“ مطلب سڀني پنهنجي باهه ڪڍي. ڪنهن فرقيورانه فسادن ۾ ملوث ڪيس. ڪنهن ڪامريڊ ته ڪنهن ملڪ ٽوڙ باغي چيس، پر جڏهن منهنجي کيسي مان نڪتل 20 هزارن، بيگناهه ڪوٺيس ته پوءِ پوليس عزت ۽ احترام ڏئي، کيس باعزت طريقي سان آزاد ڪري ڇڏيو.
    ٿاڻي کان ايندي پورو ساهه ئي نه کنيائين ته، ٻُکين تي کڻي ڏنو مانس، ”ڏس عباس! پنهنجي سِر کان ڪَڪِ آهين ته پوءِ ٺيڪ آهي... پر خدا جي واسطي منهنجي عزت جو خيال ڪر، سڀني جون نظرون ۽ اشارا تنهنجي حوالي سان مون طرف آهن. هٿ ٿو ٻڌانءِ، چئين ته ڳاڙهي جو ديدار ڪرايانءِ... انسانيت جو واسطو ۽ ميڙ اٿئي مون تي رحم ڪر!“ چپ، چپ ۽ صفا چپ! ان ئي عادت ۽ خصالت جي ڪري ته وڻندو هو. ڪاوڙ کان ڳالهيانس، ڇنڊ پٽيانس اصل نه ڪچي نه ئي دَبِري- اهڙي حالت تي چنڊ لمحن کانپوءِ وڏي کان وڏي ڪاوڙ لهي ختم ٿي ويندي هئي ته هن تي احساس ۽ رحم ٿيڻ لڳندو هو، نه ته هو ڪيرُ ۽ مان ڪير..!! ٻن سالن جي مختصر عرصي واري ڪاليجي واقفيت جو ڪو واسطو هو جنهنجي تندُ، ساٿ ۽ سهارو بڻي، نه ته پنهنجن ته ڌاريو ۽ اڪيلو ڪري، وقت جي وار سان وار ڪري چڪناچور ڪيو هوس. پڻنس مئي، وڏيري ڪرم علي خان منڇي ڪري رکيس، پر وڏيري، ڪمدارن ۽ ڪاراون جي ڪڙمين سان ٿيندڙ ويڌنن ڪري گهڻو وقت رهي نه سگهيو، ننڌڻڪو ۽ ويچارو سمجهي، مڱ ۽ محبوبه سهڻي کي ٻي هنڌ پرڻايو ويس. هڪ دل باغي ٿيس. سهري، سهڻي ۽ سندس ور سميت سمورن رشتيدارن کي ماري، مات ڪري دلي سڪون حاصل ڪري، پر ظالم جو ڪردار بڻجڻ کان پاڻ هاري نڪري پيو، ڪٿي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري نوڪريون به ڪيائين. طبقاتي نظام، ٻيائي- ڪوڙ، فريب ۽ دوکي سان گڏ ڇا ڇا نه ڏٺائين. ظاهري حسين دنيا جي اندروني داغن کي پرکيندي مون وٽ آيو ۽ منهنجي روين ۽ ڪردار جي ڪري رَهي پيو، انهن شروعاتي ڏينهن دؤران هڪ ڏينهن چيومانس؛ ”عباس! تو جهڙي فرشتي لاءِ هيءَ دنيا، ٺيڪ ناهي، انهيءَ ڪري تون آسمان تي هليو وڃ. تنهنجي اصل ۽ بقا واري رهائش اُتي ئي آهي، سو تون سوير ئي مٿينءَ منزل جو سفر شروع ڪر..!!“ بنان رنڊ روڪ جي ڪڙڪ آواز ۾ چيو هئائين ”زاهد يار! تو انسان کي فرشتو بڻائي، انسان ۽ انسانيت جي گهٽتائي سان گڏ توهين به ڪئي آهي.. انسان ته اشرف المخلوقات آهي، رهي ڳالهه هن دنيا کي ڇڏڻ جي، سو يار توکي ٻڌايان ته مان اڃان هن جهان ۽ جهان وارن مان نا اُميد ناهيان ٿيو، تبديلي جي آسَ ۾ حياتي کي چنبڙي پيو آهيان“.
    جمع ڏينهن 8 وڳي آفيس کولي، ڇنڊ ڦوڪ ڪري مس ٿڌو ساهه کنيم ته آفيس ۾ گهڙي آيو. پاسي تي رکيل صوفي تي ويهندي ئي روئڻ ۾ شروع ٿي ويو ۽ روئيندو ئي رهيو. مان حيران هوندي به دَمَ دلاسا ڏيندو رهيومانس، ڪافي لمحن کانپوءِ ماٺ ڪري منهنجي اصرار تي ڳالهايائين. ”يار زاهد! اڄ پوري انسانيت دَم ڏئي ڇڏيو! هڪ مرد ٻي مرد سان نڪاح ڪري ورتو_ هاڻ سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ گهرجي، دنيا فنا ٿيڻ گهرجي، هاڻي قيامت اچڻ گهرجي.“ گهڙي کن لاءِ مان به ساڪت ۾ رهجي ويس. پر پاڻ سنڀالي، دلجاءِ ڏني مانس ”ڇڏي ڏي دنيا جون سڀئي ڳالهيون_ گهڻو ئي دنيا کي ٻاهران ڏسي ورتئي. هاڻي دنيا جي اندر يعني گهر اندر جنتن جو ڀي سير ڪرِ، سموريون بي جا گڏ ٿيل هوائون دماغ مان نڪري ويندئي..!! ايندڙ جمعي تي منهنجي شادي ۽ گهر وَسائڻ کانپوءِ تون به گهر وسائڻ جي تياري ڪرِ، سڀ ڪجهه منهنجي ذمي! تون ڪا دوشيزه پسند ڪر، باقي سڀ بندوبست منهنجي کاتي آهن!!“ ڪيترن لمحن لاءِ منهنجي اکين، عباس جي چهري تي اڀري آيل خوشين جي لهرن کي ڏٺو ۽ سڪون حاصل ڪيو.
    شادي ٿي، منهنجي زندگي خوشگوار گذرڻ لڳي، پر عباس نه آيو. مان حيران ۽ پريشان ٿيس، پر ثريا کي محسوس نه ڪرائڻ لاءِ سڀ خيال هٽائي، زندگيءَ جي حسين ۽ دلفريب رنگن ۾ وڃائجي ويس. پورن پندرهن ڏينهن کان پوءِ هُو گهر آيو، ساڳيائي حال هئس، ثريا سان تعارف ڪرايو مانس ته چهري تي ڪيئي رنگ آيس_ ويس، هن جي خاطر تواضح لاءِ ڪچن ۾ ثريا سان مدد ڪرائي، چند منٽن کان پوءِ وريس ته خالي صوفا کلي، چٿرون ڪري رهيا هئا. حيرت به ٿي ته ڪاوڙ ڀي آئي، هُو ائين گم ٿي ويو، جو ڳولا جي باوجود هٿ نه آيو- سڀئي ڪوششون ناڪام رهيون. پوري هڪ مهيني کانپوءِ هن جو خط پوسٽ ذريعي مليو. کولي پڙهڻ کانپوءِ پوري جسم ۾ بجليءَ جا شاڪ لڳي ويا. خط کي پرزا، پرزا ڪري ڦاڙي ڇڏيم. پنهنجي چونڊ ثريا تي ڀروسو ڪيان ها، يا ثريا جي مليل محبت تي، يا اعتبار ڪيان ها عباس تي، جنهن لاءِ مُلي کان وٺي چرياڻ جا خطاب هئا، چٺي ڦاڙڻ باوجود پني جا وکريل ٽڪرا به کلي، بڙڇيون ۽ ڀالا هڻي رهيا هئا، جنهن ۾ لکيل هو. ”زاهد! هڪ ڀيرو وري تو دوکو کاڌو، دنيا جي ظاهري حالت نه ڄاڻي سگهين، تون جنهن کي پنهنجي جنت ۽ محبت ٿو سمجهين، سا تنهنجي ئي شهر جي مشهور ڪال گرل رهي چڪي آهي!!“
    ***


    ماڻهپي جي سوڀ

    جڏهن هوش سنڀاليم ته سڄو گھر غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو هو، ڇو ته ان وقت بابو مزدوريءَ تان موٽندي هڪ خطرناڪ ايڪسيڊنٽ جو شڪار ٿي معذور بنجي ويو هو. وقت جي وهڪري گھر جو سڄو بار منھنجي نازڪ ڪلھن تي آڻي بيھاريو هو. گھر جي خراب حالتن ۽ بابي جي بيوسيءَ مان وهندڙ ڳوڙهن مون کي ان وقت کان، اڄ تائين مسئلن ۽ مونجھارن سان منھن ڏيڻ سيکاري ڇڏيو آهي. هوٽل جي بيراگيريءَ کان مون پنھنجي محنت سان جدوجھد شروع ڪئي ۽ اڄ هن ئي شھر جو سٺو ۽ مڃيل بورچي آهيان. ان عرصي دوران حالتن ۽ گھر جي خرچن جو پورائو ڪندي، علم جي اهميت کي سمجھندي انٽر تائين تعليم به حاصل ڪري ورتي هئم.
    حڪومت جي غلط پالسين جي ڪري، انٽر تائين نه ڄاڻ ڪھڙن ڏکن ۽ اڻانگن پيچرن مان گذريو هئس ۽ نوڪريءَ جي تلاش لاءِ وري ڪيترن ئي ڪامورن، وزيرن جي در در تي ڌڪا ٿاٻا کاڌا هئم پر بيروزگاريءَ جو شديد احساس، صوبيدار گامڻ خان جي گھر جو بورچي بڻجڻ کان پوءِ ٿورو دور ٿي ويو هو.
    ”اسلم تون هڪ خوبصورت نوجوان ۽ سيبتو بورچي آهين!“ صوبيدار گامڻ خان جي تعريفي جملن ڪري احساس ٿيو هو ته آئيني ۾ پاڻ کي چتائي ڏٺم ۽ پاڻمرادو چئي ويٺم ته ”يار واقعي مان خوبصورت به آهيان“ ۽ پوءِ اهو احساس وڪوڙي ويو ته مان به ڪا حيثيت رکان ٿو. سَرهائيءَ واري احساس ۾ ٿاڻي جي اولهندي پاسي ٻين ڪوارٽرن کان پري ۽ مختلف ڪوارٽر ۾ ڪم ڪري وڌيڪ سرهائي محسوس ڪري رهيو هئس. وڌيڪ اتي موجود گامڻ خان جي زال زينت ۽ ڌيءُ شھرِبانو طرفان ملندڙ خلوص - عزت ۽ ٻن ننڍن پٽن، شاهد ۽ زاهد جي پيار ۾ هيءُ گهر مون کي ڄڻ پنھنجو ئي گھر محسوس ٿيڻ لڳو. منھنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري اُهي ٻئي (مائر ڌيئر) گھور، گھور وڃڻ لڳيون، پر بعد ۾ خبر پئي ته اهو گھورجڻ به منھنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري گھٽ، پر منھنجي شڪل ۽ صورت جي موچاري هئڻ تي وڌيڪ هو. ٻنھي ڄڻن کان مليل خلوص ۽ عزت وگھي دل مستيءَ کان جھومڻ لڳي، ڇو ته شھربانو جي قيامت خيز وجود ۽ چال چلت من موهي وڌو هو. ان ڪري ٿاڻي تي ايندي، منھنجي دل کي ڪجھه سڪون حاصل ٿيو هو.
    منھنجي انھيءَ سڪون ۽ آرام ۾ تڏهن زلزلو ٿي آيو، جڏهن ٿاڻي جي حالتن ۽ واقعن طرف ڌيان ٿي ويو. روز جو معمول ۽ واسطو هئڻ ڪري ٿاڻي جي عملدارن ۽ اتي جي اچ وڃ ڪرڻ وارن ماڻھن بابت انڪشاف ٿيا ته دنيا ئي ٻي نظر اچڻ لڳي. جنھن دنيا جو ٻاهران ٺاٺ ۽ باٺ سٺو ۽ سھڻو هو، سا اندارن ناقص هئي. ٿاڻي تي سرڪاري ورديءَ جي عزت، مان ۽ مرتبو وِڃايو ويو هو. رشوت ۽ لالچ جي ڀرپور مارڌاڙ... مڪاري، فريبي... چغلي ۽ هُشي... انساني حقن جي لتاڙ... عورتن ۽ ڇورن سان رنگ رليون... ڪڪڙن، ڪتن جو شوق... شراب ۽ جوا جو کلي عام واهپو، مطلب ته معاشري جي هر برائي جو ٽوڙ ڪرڻ وارا خود ان برائيءَ کي واپرائي ۽ وڌائي ان جو ڦھلاءُ ڪري رهيا هئا.
    گامڻ خان جي ايندي ئي ٻين براين ۽ ظلمن کان علاوه چورن ۽ پاٿاريدارن جو راڄ به شروع ٿيو. گامڻ خان، جمعدار يوسف ۽ تر جي نامور پاٿاريدار شھباز خان جي ٻيگھيءَ جي ڪري، تَر جو مسڪين ۽ اٻوجھه عوام رهندو به دٻجي ۽ هيسجي ويو. ظلم ۽ ڏاڍ کان علاوه انساني حقن جي کلي عام لتاڙ ٿي، تَر جي چڱن مڙسن پنھنجي نيڪيءَ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ٽيليفون ڪيا. پر......! اعليٰ آفيسرن جي عاليشان بلڊنگن مان سندن حيثيت کي سمجھندي به جواب ”سوري“ جو آيو. ان وقت چڱن مڙسن کي احساس ٿي ويو ته گامڻ خان ڪيتري هلنديءَ پڄنديءَ وارو صوبيدار آهي ۽ پوءِ جڏهن هلندي وارو هلندو آهي ته هڪ الڳ تاريخ جوڙيندو آهي ۽ گامڻ خان به ظلم ۽ جبر جي تاريخ جوڙي رهيو هو.
    گامڻ خان جي ڪيس ۽ قھر جا ظالم ساٿاري، جمعدار يوسف ۽ پاٿاريدار شهباز خان ساڻس گڏ گڏ هئا. يوسف جيڪو گذريل ٻن سالن کان هن ئي ٿاڻي تي موجود آهي سو ٿاڻي جي حد جي ڏوهارين، پاٿاريدارن، شريف ۽ عزتدارن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي چُڪو هو. شھباز خان پراڻي وقت جو رهزن ڏوهاري هيو.
    سندن مسڪين ۽ اٻوجھه ماروئڙن مٿان جبر ۽ ڏاڍ ڏسي اکين رت روئي ڏنو ۽ مان اکين سان اهڙا عذاب ۽ اذيتون نه ڏسي سگهڻ ڪري واپس هوٽل تي (نوڪريءَ لاءِ) هليو آيس پر اتي به گامڻ خان جي ڊپ ۽ دهشت کان ڊڄي مالڪ مون کي هوٽل تي بيھارڻ کان نابري واري ڇڏي. گھر ويھڻ جو سوچيم ته گھر جون بکون، تنگيون منھنجي آڏو فلم وانگر ڦرڻ لڳيون. مجبور ۽ بيوس ڪردار وانگر مان ساڳي اذيت گاهه تي واپس پھچي ويس.
    صوبيدار گامڻ خان جمعدار يوسف ۽ شهباز خان جي ٻيگھيءَ جي ڪري راڄ ڪُٽجڻ لڳو. انھن، ڏوهي بي ڏوهي ۽ مظلوم ماڻهن کي ڪٽڻ لاءِ ٿاڻي جي سڀني عملدارن کي کلي عام ڇوٽ ڏني هئي، ڪيترائي ماڻھو ٿاڻي جي نالي کان ڪنبڻ لڳا پئسا ڪڍڻ لاءِ صوبيدار گامڻ خان نوان ۽ انوکا حُربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ورتا هئا. پھريون حُربو، ٿاڻي جي بلڪل سامھون واري کليل ميدان ۾ چار ڪلا هڻائڻ هو ۽ پوءِ واردات ڪرڻ دوران هٿ پير ڪلن سان ٻڌي، ننگو ڪري، سچو پترن سان، لٺين سان ۽ خطرناڪ طريقي سان مارڻ ۽ ڪٽڻ“_ هن حربي تحت ڪيترن ويچارن، پنھنجي جان عذابن کان ڇڏائڻ لاءِ اوڌر ورتي ۽ ڪيترن گهر کپايا.
    ٻيو حربو تمام خطرناڪ هو. ٻنھي هٿن ۾ هٿڪڙي هڻي، لاڪپ جي لوهي گيٽ ۾ زمين کان ٽي چار فوٽ مٿي ٽنگيندا هئا. انھيءَ عمل ۽ طريقي جي ڪري ته ڪيترائي همراهه بيھوش ٿي ويا هئا. حُربن جي هاڪ ڪيترن ئي ماڻھن کي ڇرڪائي وڌو ۽ هُو ٿاڻي ۽ پوليس جي نالي کان به ڪنبڻ ٿي لڳا.
    گامڻ خان جي ساٿاري ۽ ٻيگھيءَ جي ڪردار شھباز خان، پنھنجي پاٿاريءَ جي چورن ۽ ڇاڙتن کي کُلي عام موڪل ڏئي ڇڏي هئي. چورن ۽ لوفرن تَر جي مسڪين، مالوند ماڻھن جي راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. ڳوٺن ۾ چورين ۽ زورين جا ڪيترائي واقعا روز روز ٿيڻ لڳا. چوريءَ جي واردات جو پيرو سِڌو شھباز خان جي ٻُوڙن سان ڍڪيل اوڏڪي اوطاق تائين پهتو ٿي ته هرڪنهن پئي چيو”هاڻي سمجھو ته ڍور زمين ڳھي وئي، يا آسمان کائي ويو، ڪجھه نه ٿيندو، سٺو، اٿوَ ته ساجھر سويل پوئتي ورڻ جي ڪريو نه ته ڏاڍا بيعزتا ۽ بدنام ٿيندؤ“ اهڙي تلقين کانپوءِ به جڏهن ڪو اوطاق تائين ويندو هو ته کيس گارين ۽ موچڙن جو منھن ڏسڻو پوندو هو ۽ ڪيترائي مسڪين ۽ ابوجھه ماروئڙا پنھنجو سڳ موٽائڻ لاءِ شھباز خان وٽ قرآن شريف کڻي ويندا هئا، پر هي همراهه کين منھن ڏئي نه ڳالھائيندو هونِ ۽ چوندو هو ”اهو قرآن شريف لڀائيندوَ ابا......!“ پوءِ وري ٻي ڏينھن ڀُنگ تي ساڳيو ئي سڳ ان ئي واطاق تان ڀاڳيو ڪاهي ويندو هو.
    غريبن ۽ مسڪينن جي مجبوريءَ هٿان مليل پئسو صوبيدار گامڻ خان وٽ رهي نه سگهندو هو. ڇو ته گامڻ خان جا ڪيترائي شوق هئا. جن ۾ ڇوري بازي اهم شوق هوس. هو هاڻي هن ئي شھر جي ڪيترن ئي سھڻن پر بدچلن ۽ آواره ڇوڪرن کي ساڻ کڻي هلڻ لڳو ۽ گھر واريءَ جو حق....... هو ڪافي عرصي کان انھن ئي ڳالھين جو هيراڪ ۽ شوقين هو. شايد هن مون کي به اڇي چمڙيءَ جي ڪري ئي گھر جو بورچي بڻايو هو. هو منھنجي ڪڍ لڳو پر......! مان ته ان قسم جو عادي ۽ هن جي آرزوئن جو شوق نه هئس....... جنھن ڪري هن منھنجو پيڇو ڇڏيو ۽ منھنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري هن مونکي پنهنجي گھر جون سڀ ذميوايون ۽ سار سنڀالون سونپي ڇڏيون. جنھنڪري گھر ۾ رهندڙ سڀني انساني وجودن جي فطرتن ۽ عادتن کان واقف ڪار ٿي ويو هوس. اتي هڪ انڪشاف ٿيو ته بيگم صاحبا پنھنجي وَرَ جي گھر کان بي توجھيءَ ۽ پنھنجي حق نه ملڻ ڪري ٻين سان پيچ ۽ ناتا اڙائي ورتا هئا. هتي ايندي ئي هن جون پھريان نظرون مون ۾ هيون پر.......! مان پاڻ بچائي ويس جو هوءَ منھنجي امڙ جيڏي هئي ۽ کيس عزت به امڙ جيڏي ڏيڻ لڳو هئس ان کان علاوه هن جو وڏو پٽ شاهد به ته شھر جي بدچلن ڇوڪرن جيان ٻين (سپاهين، جمعدارن) جي سھاري پلبو هو ۽ عادت جو پورائو ڪندو هو. سڄو ٿاڻو ڄڻ انڪشافن جو گھر هو. ڪيترائي انوکا انڪشاف ۽ راز ڏسي ورتا هئم. انھن انڪشافن جي ڪري ذهني مريض مريض ٿي پوان ها....... جي شھربانو پنھنجي شرابي نيڻن سان منھنجي دل نه موهي وجھي ها.... مان هاڻِ ٻين مسئلن تي ٿورو سوچڻ لڳس ۽ شھربانو جي خوبصورت چھري کي هر وقت تصور ۾ آڻڻ لڳس...... هن جا گول گول ماس وارا ڳل....... هن جون ڪاريون ڪجليدار اکيون....... ڀرون جاڙا......... چپ ڳاڙهاڻ مائل ۽ هر وقت شرم ٻوٽيءَ جيان ڳاڙهو سندس چھرو. منھنجي اندر جي تھن ۾ لھي ويو. مان پنھنجي بيوسي (بورچي هجڻ) ڪري اظھار نه ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيس ۽ خاموشيءَ جا ڪڙا ڍڪ پيئڻ تي مجبور رهڻ لڳس.
    ان ڏينھن مان جيئن ئي سومھڻي ڌاري، ڪم ڪار کان جند ڇڏائي گھر واپسيءَ جي تياري ڪري ٻاهر نڪرڻ تي هئم ته بيگم صاحبا منھنجي آڏو چادر اوڙهي ٻاهر نڪري چُڪي هئي. مان حيرت جي نظرن سان کيس ڏسندو ۽ پويان لڪندو سندس ڪڍ لڳس. منھنجي حيرت گھڻي دير تائين برقرارنه رهي سگھي، پر وڌي ضرور وئي. ڇو ته بيگم صاحبا پنھنجي وجود کي وڪڻڻ لاءِ جنھن ڪوارٽر ۾ وئي هئي اهو ڪوارٽر جمعدار يوسف جو هو. باغي خيال ڪر کڻي اڀا ٿي ويا. آرزو ۽ تمنا جاڳي پئي ۽ شھربانو جي قيامت واري جسم جو هر انگ منھنجي آڏو نچڻ لڳو. مان جلديءَ ۾ شھربانو وٽ پھچي ويس. ان وقت مون کي ڪو به ڊپ، ڊاءُ نه هو. صرف هڪ خيال هو شھربانو کي حاصل ڪرڻ جو.......!
    مون کي پنھنجي مٿان اوچتو ڏسي شھربانو حيرت ۾ وڪوڙجي وئي. جنھن ۾ شرم ۽ حياءُ جو پھلو به نمايان هو. هن جي شرابي نيڻن ۾ نھاري مون پنھنجي اچڻ جو مقصد کيس اشاري ۾ ٻُڌائي ڇڏيو. هوءَ شرم ٻوٽيءَ جيان ڳاڙهي ٿي وئي ۽ اٿي بيھي رهي، گھڻي دير تائين ساڳي ڪيفيت ۾ محو هئي. ڪجھه دير کانپوءِ هن جي چھري تي ڪي خوشيءَ جا آثار اڀري آيا ۽ مون هن کي بي صبرو بڻجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. هن ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ منھنجي ڀاڪر ڍري ٿيڻ کانپوءِ هن چيو”اسلم تو نه ٿو ڄاڻين ته ڪيتري عرصي کان منھنجي من مندر ۾ به ڪنھن مرد جي مورتي بڻائي رکڻ جي آس هئي. پر هن بگھڙن واري ماحول ۾ مون کي ڪو به مرد (شريف) نظر نه آيو، سڀ ڪو بگھڙ هو، وحشي هو. سڀني جون نظرون منھن جي جسم تي کپنديون هُيون نه وري منھنجي نيڻن جي اشارن تي ۽ نه منھنجي مقصد (حقيقي زال مڙس واري رشتي) تي. هتي ايندي مون توکي ئي حقيقي مرد سمجھيو ۽ توکي ئي من مندر ۾ مورتي بنائي ڇڏيو، گذريل عرصو مان ڪيئن صبر ڪندي گھاريو آهي اهو مان ۽ منھنجو خدا ٿو ڄاڻي، ڪيتري نه اذيت ۽ پيڙا سٺي.“ هن وري چيو” اسلم خدا جي واسطي مون کي هن جھنم مان، هن بگھڙن جي ديس مان ڪڍي هل. مون کي ڀڄائي هل. مان تنھنجو سڀ ڪجھه مڃڻ لاءِ تيار آهيان، تون مرد آهين. مونکي هن باهه مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ تون ئي بھتر آهين. ڇو ته تنھنجي چھري ۽ نيڻن ۾ اها بگھڙن واري چمڪ نه آهي. پر منھنجي چھري ۽ نيڻن ۾ به بگھڙن وارا آثار اچي ويا هئا ۽ هڪ بيوس ۽ مجبور ڇوڪري پنھنجي آرزوئن ۽ تمنائن جي خاطر هڪ مرد جي شيطاني ضرورت جو شڪار ٿيڻ لاءِ راضي ٿي هئي. جسم تان ڪپڙا لھي ويا ۽....... ۽....... حاصلات وارو تجسس وڌي ويو....... جسم پاڻ ۾ ڀڪوڙجي هڪ ٿي ويا ۽ پوءِ ڪجھه پل دير....... آسمان ڦرڻ لڳو.
    هڪ ڏينهن ٿاڻي جي ٻاهران هڪ ڳوٺ جي رهندڙ نورل جي پٽ اختيار کي پوليس، شھباز خان جي هُشي تي گرفتار ڪري آئي. نورل ويھارو سال اڳ نامور رهزن ۽ چور هو پر حق ۽ ناحق جي تميز، قرآن شريف ۽ عورت (ست قرآن) جي عزت کان واقف هو. تر ۾ هو سٺو اثر رکڻ وارو هو. ان اثر دؤران هن ڪڌا ڪم ته ضرور ڪيا ۽ ڪرايا پر ڪڏهن به ڪنھن مسڪين کي خالي هٿين نه موٽايائين. قرآن شريف ڏسي کيس چنبڙي پوندو هو. وڏن جي عزت ڪندو هو ۽ ننڍن سان پيار ڪندو هو. اهو جذبو شايد ان ڪري هن ۾ موجود هوندو هو جو، هو خود پاڻ هڪ مسڪين ۽ همدرديءَ جي لائق هڪ ڪڙمي ۽ محنتي ماڻھو هو. پر تر جي هڪ چڱي مڙس گلڻ خان جي ظالم جو شڪار ٿيو هو. نورل جي گھر واري سڪينه هڪ حسين و جميل عورت هئي ۽ ان ئي سبب جي ڪري، گلڻ خان ٻين جي عزت (عورتن) سان کيڏڻ وارين عورتن مان هن کي سمجھيو هو، پر....... هو غلط هو. سڀ عورتون هڪ جھڙيون نه هونديون آهن. نورل کي جڏهن خبر پئي ته هو معاملي کي سمجھي گلڻ خان کان نفرت ڪرڻ لڳو. پر جلد ئي هو پاڻ گلڻ خان جي حسد ۽ نفرت جو شڪار ٿي لاڪپ پھچي ويو. گلڻ خان مائونٽ ايورسٽ جي چوٽيءَ تائين پھچڻ لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو هو. مائونٽ ايورسٽ پنھنجي توهين سمجھي کيس ڌڪا ڏئي بيعزتو ۽ خوار ڪيو ۽ جلد ئي هوءَ پيڪين هلي وئي، جنھن کي گلڻ خان ڳوٺاڻن ۾ غلط رنگ (ڀڄڻ) ڀرڻ جي به ڪوشش ڪئي. پر شايد هن جا ڏينھن خراب ٿيڻ وارا هئا جو نورل ٿاڻي مان ڇٽڻ کانپوءِ زال کي گھرايو ۽ کيس پنھنجو خواب ٻُڌايو ۽ ان خواب جي حقيقت جلد ئي سامھون اچڻ لڳي. گلڻ خان جي گھران چورين، زورين جون وارداتون معمول بڻجي ويون. جنھن جي ڪري هو ڪجھه ئي مھينن اندر انجام تائين پھچي، ڪنگال بڻجي ويو. ان وقت نورل جي ٽولي ۾ شھباز خان به شامل هو. هڪ ڏينھن پنھنجي ڪيل چوريءَ جي وڌيڪ حصو کڻڻ واري لالچ تي نورل هٿان مار کاڌي هئائين ۽ اها اڄ تائين ياد هئس. هو پنھنجي طاقت جي زور تي بدلو وٺڻ جو سوچي رهيو هو پر دل ٻڌي نه سگھيو هو ۽ آخر بدلي جي باهه وسائڻ لاءِ پوليس کي هُشي ڏئي نورل جي پٽ کي ٻُڌرائي ڇڏيائين.
    نورل تر جي چڱن مڙسن جي مدد سان پٽ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر...... هن کي پوليس آڏو پيش ٿيڻ جو شرط وڌو ويو. هن منھن (پاڻ) ته ڏنو. پر....... پُٽھنس اهو ئي قابو_ نه ڇڏيائونس، ان ڪري هن جا ڪجهه ڏينھن اندر فرسٽ ايئر جا امتحان شروع ٿيڻ وارا آهن. هن رڙيون ڪيون، ڪوڪون ڪري چيو خدا جي واسطي منھنجي پٽ کي ڇڏيو. هن جو قيمتي سال کري ويندو. پر ٻوڙن هن جي ڳالھه ڄڻ ٻُڌي ئي نه هئي. هن جي ذهن ۾ باغي ٿيڻ وارا خيال اچڻ لڳا. هن افسوس منجھان هٿ مھٽڻ شروع ڪيا. اولاد ڄمڻ کانپوءِ ۽ پنھنجي مقصد پوري ٿيڻ کان پوءِ به هو رهزن ۽ پاٿاريدار هجي ها ته شايد لاڪپ ۾ نه هجي ها ۽ جيڪڏهن هجي ها ته صوبيدار جي ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ويٺل هجي ها. ان ڏاڍ خلاف ڳوٺ جي هڪ اظھر جو نه رڳو پر ڪيترن ئي مظلومن جو آواز پڻ گڏ هو. حق ۽ انصاف لاءِ آواز....... پر امن ريلي....... انساني حقن جي ڪميشن کي ياداشت....... ۽ پريس ڪانفرنس.......
    پاڻي مٿي کان چڙهي ويو هو....... صبر جو پيالو ڇلڪي پيو هو....... ٿاڻي جي ٻيگھيءَ دارن انھي آواز (اظھر) کي به گرفتار ڪري ورتو. مظلومن جو آواز....... همدرد ۽ هڏ ڏوکي...... لاڪپ جي اذيتن ۾ گذارڻ لڳو. هڪ شام ڇڻڪار ڏنل ميدان ۾ اظھر. نورل ۽ اختيار کي آندو ويو ته هٿ ڪڙين ۾ جڪڙيل ٽنھي ڄڻن جي هٿن جون ويڻيون هٿڪڙيءَ جي سور ڪري ڏکڻ لڳيون...... خاص ڪري اختيار جي نازڪ ۽ خوبصورت هٿن مان ته رت وهڻ لڳو...... ان وقت منھنجي اکين مان ٻه کارا لڙڪ، منھنجي بيوسي ۽ مجبوريءَ تي کلندا ڳلن تي لڙي آيا ته اگھي ڇڏيم. معاشري جي همدرد ۽ هڏ ڏوکي ماڻھن کي هيٺ ويھڻ لاءِ چيو ويو. نابري وارڻ کانپوءِ صوبيدار گامڻ خان جي دهشت ناڪ هڪل کانپوءِ نيٽ جي لڪڻ اختيار کان تيز رڙ ڪڍائي ڇڏي. سڀ ويھي رهيا. ڪپڙن لاهڻ ۽ ننگو ٿيڻ وارو سوال اڀريو....... نابري ۽ انڪاري...... اختيار جو نازڪ ۽ ڪمزور وجود....... صفا ننگا....... اونڌو ليٽڻ تي مجبور....... ٽھڪڙن، ٽوڪن ۽ چٿرن جا ڪيترائي آواز....... خاموشي....... سچو پترن جو ويھڻ واري جاءِ تي لڳڻ....... آسمان جو ڦرڻ زمين جو لھي وڃڻ. هڪلون....... مظلوم جون رڙيون ۽ ڪوڪون....... نازڪ وجود جي نازڪ کل رت سان ڀرجي وئي....... هڪل سان گڏ ٻيا سچ پترا....... وڏي هانءَ ڦاڙ رڙ....... ۽ پوءِ بيھوشي....... هاڻ اهو دردناڪ منظر وڌيڪ تماشائي بڻجي ڏسي نه سگھيس ۽ ڪوارٽر تي هليو آيس.
    جنگيون منھنجي ننڍي ذهن ۾ڊوڙي آيون. هڪڙي جنگ انڌير نگريءَ جي ٿاڻيدارن جي ٻيگھيءَ واري ظلم ۽ جبر جي جنگ....... بيگناهه ٻن وجودن هڪ شاعر ۽ سوشل ورڪر کي سندس تنظيم طرفان ڪيل ڪوششن، اعليٰ آفيسرن ۽ ڪامورن جي ٽيليفونن تي سوالن ۽ پوليس طرفان انھن سڀني کي ڏوهي قرار ڏيڻ واري جوابن جي جنگ....... ٻي جنگ ۾ ڪو به تشدد يا ظلم نه هو. اها پيار جي جنگ هئي. حاصلات جي جنگ هئي....... شھربانو جي چھري تي هر وقت آرزو ۽ تمنا جا تاثر نمايان بکندا هئا....... پر منھنجي اندر م گامڻ خان لاءِ جا نفرت جُڙي چُڪي هئي. تنھن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ مان شھربانو جي حسرتن ۽ تمنائن سان کيڏي کيس آزادي ڏيڻ جا ڪوڙا وچن ڏئي هن جي کير جھڙي اڇي بدن سان کيڏندو هئس....... پوءِ احساس ٿي ويو ته، پڇتاءُ جو اڇلايل ڀتر منھنجي من دُٻي (پاڻي) ۾ ڇوليون پيدا ڪندو رهيو. مان هن کان دور ٿيڻ لڳس. پڇتاوَ جي احساس کان....... ڀائرن جي مستقبل جي ڪري....... يا گامڻ خان جي ڊپ کان.......!
    اخبارن ۾ خبرون، احتجاج ۽ ان کان علاوه صوبي جي گورنر صاحب جي هائوس مان به ٽيليفون آئي. گامڻ خان اظھر ۽ ان جي سماجي تنظيم جي طاقت کان خوفزده ٿي ويو ۽ اظھر واري سموري ڳالھه ۽ مسئلو، پنھنجي ڪنڌ ۾ پوندي محسوس ڪيو ۽ ان جا آثار به هئا......هن ڪميڻائپ جي ته حد ڪري ڇڏي هُئي. انڪوائري آفيسر (ايس ڊي ايم) جي آڏو پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ لاءِ هن ڪيترائي قسم کنيا، پر ايس ڊي ايم هن جا تارا ڦوٽرائي ڇڏيا ته ”گامڻ خان هاڻي تنهن چالاڪي وڌيڪ هلي نه سگھندي، تنھنجي پڄڻ جي ڀيڻي ڀر نه آهي....... تون ظلم، ڏاڍ ۽ سفاڪيءَ جي انتھا ڪري ڇڏي، تون نسورو ناحق ڪري مسڪينن ۽ شريف ماڻھن کي ڏاڍيون اذيتون ڏنيون ۽ ويل وهايا، تون انھن بي ڏوهي ماڻھن (اظھر، اختيار ۽ نورل) کان معافي وٺ، جيڪڏهن پاڻ کي بچائڻ گھرين ٿو ته....... نه ته انڪوائري جا ڪاغذ پٽ اعليٰ آفيسرن تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن.“
    گامڻ خان سڄي عمر ۾ هارائڻ ۽ شڪست کائڻ ته ٺھيو، پر ان لاءِ سوچيو به نه هو....... پر.......! وقت جي وهڪري جي ڪري مظلوم بڻيل هو ۽ رحم جوڳيءَ حالت ۾ هو. پڇتاءُ جي هڪ لھر....... هر عھد ٽٽي پرزا ٿي ويو....... هار مڃڻ تي مجبور ٿي پيو....... حق جي فتح ٿي....... ناحق هار کاڌي....... انڌيرو باک ۾ ٿبديل ٿي ويو....... اڄ گامڻ خان اڪيلو هو. تنھا هو، ساڻس گڏ شھباز خان هو. نه وري جمعدار يوسف. سڀ هن کي اڻانگي ۽ مشڪل وقت ۾ ڇڏي پري تماشائي بڻجي مڇون وٽيندا گھمندا ٿي رهيا. انسانيت جي ستل مرد ڪر کنيو ۽ تڙپي اٿيو. ڪيترن ئي ظلمن ۽ ڏاڍاين جا باب هن آڏو فلم وانگر ڦرڻ لڳا....... گامڻ خان دل جي سچائيءَ سان اظھر آڏو ليلائي رهيو هو. پيرن مُرشدن جا قسم ۽ واسطا وجھي رهيو هو. پر اظھر جا ته ڄڻ ڦٽ چُڪي پيا. هن گامڻ خان کي سزا ڀوڳيندي ڏسڻ چاهي، پر گامڻ خان قرآن شريف کڻڻ لاءِ اٿيو....... ته اظھر اختيار ۽ نورل کان پنھنجي مٿان سَٺل اذيتون ۽ وارداتون يڪدم وسري ويون، دل جي سٺائي ۽ انسانيت جي همدردي رکڻ واري مرد، هن جي سچائيءَ سان ظلم کان توبھه ڪرڻ تي کيس معاف ڪندي چيو ته ”مون لاءِ اها ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالھه آهي جو هڪ راهه ڀٽڪيل ماڻهو سڌي راهه تي اچي. مون توکي سچي دل سان معاف ڪيو گامڻ خان.“
    مون اظھر جي آزاديءَ تي کيس مبارڪون ڏنيون ته هن وراڻيو تو شايد ڌرتيءَ جي انقلابي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي غزل جا هي بند نه ٻڌا آهن.
    غريبن کي گھوگھا گھٽا ڪيستائين؟؟
    پيا ڏيندا، پٽڪي لٿا ڪيستائين!؟؟
    اونداهيءَ رات جو اٽڪل هڪ وڳي صوبيدار گامڻ خان، اظھر ۽ نورل کي سندن گھر ڇڏي اچي ٿاڻي تي پھتو ته هن کي گھڻو ڪجھه ياد آيو. هو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو پنھنجي ڪوارٽر طرف وڌي ويو. مان سندس ڪڍ هئس، در تي ايندي ئي جوڻس کيس ٻُڌايو ته ”صبح جي ويل شهربانو هن مھل تائين گھر نه پھتي آهي. الائي ڪاڏي وئي...؟“
    ”شھربانو الائي ڪاڏي وئي؟“ مان حيران ٿي ويس. مون کي ياد آيو ته هن چيو هو”اسلم خدا جي واسطي مون کي هن جھنم مان هن بگھڙن جي دنيا مان ڪڍي هل، مون کي ڀڄائي هل...!“
    آخر شھربانو ڪيڏانھن وڃي سگھي ٿي!؟“
    گامڻ خان سوچ ۾ ٻُڏي ويو، ”شھربانو ڀڄي وئي..!!!“ منھنجي دل ۾ چيل ڳالھه شايد هن ٻُڌي ورتي هن جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ هو بيھوش ٿي ڪِري پيو.
    ***


    پيار کانپوءِ

    تن من تي سوين مڻن جو بار ڀائيندو آهيان، ان ڏينھن جنھن ڏينھن اندر جي آنهُن کي لفظن جو روپ ڏئي زبان مان نه اُڪلايان، يا وري قلم جي نوڪ سان ڪوري ڪاغذ تي نه اچاريان ته جھڙوڪر من اندر ۾ سنڌوءَ جي موجن جيان اُٿل پُٿل پئي رهندي اٿم.
    اها حالت گذريل ٻن سالن جي اذيتناڪ ۽ ڊگھي وقت کان مسلسل هلندي پئي اچي، اجھو هينئر ته ڪنھن وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وئي اٿم. صائمه کي جڏهن کان ويجھو ۽ دل جي گھرائيءَ ۾ ڏٺو هوم ته هن جي جادوءَ جھڙن اثرن کان پنھنجي دل ڦرائي ويٺم. صائمه مامي گل محمد جي وڏي ۽ خوبصورت ڌيءُ هئي. ان کان علاوه مامي کي ٻه پٽ هئا. پر مان اهو ضرور چوندس ته مامي جي ٻين ٻارن ۾ وصف انگ ۽ اکرن جي حساب کان صائمه گوءِ کڻي وئي هئي، ان ۾ منھنجي ڪا به تعريف نه سمجھجو. ڇو ته هوءَ بنا تعريف جي هڪ وڻندڙ ۽ ڇُھندڙ هستيءَ جي مالڪ هئي ۽ ان کان وڌ ڳالھه ته هوءَ جوانيءَ ۾ هئي، جوڀن ۾ هئي ۽ مستيءَ ۾ هئي!
    ڪيئي ڀيرا اڳ به ته هن کي ڏٺو هوم، پر الائي ڇو ان ۾ ڪا خاص ڪشش واري ڳالھه نظر نه ايندي هئي. هنن جو اڪثر پنھنجي ننڍڙي خاندان سان شھر کان ڳوٺ طرف شادي غميءَ ۾ اچڻ پيو ٿيندو هو، ان وقت هوءَ مون کي به ڪنھن عام ۽ رواجي ڇوڪرين جيان لڳندي هئي.
    تازو جڏهن فضل وارن جي طھرن جي ڪانڍ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پنھنجي فيمليءَ سان آئي هئي، ته اصل قيامت لڳي هئي. هن جي هر عضوي ۽ هر ادا ۾ شور هو - طوفان هو ۽ مان پنھنجي دل ڦرائي ويٺو هوس. بھار جي موسم پنھنجي اوج تي هئي، جوڀن ۾ هئي مستي ۾ هئي ۽ مٿان وري هڪ حسين دوشيزه جا ناز. مان پاڻ هارائي ويٺو هوس، هن جي دوستيءَ جي رشتي سان گڏ ٻيو رشتو پيار ۽ عشق جو جڙي ويو هو.
    چيائين ”پنھنجون زمينون گھمائڻ هل“... وراڻيم ته ”اکين تي“... اندر جي ڳالھه زبان تي آڻڻ لاءِ هڪ موقعو ملي ويو. قسمت جي ديوي راضي هئي. ڀاڻس زبير به پويان لڳو. مون کي ڌڪ لڳو، پر اڳتي هلي ڄڻ درد ئي ڇڏي ويو، زبير منھنجي ٻنيءَ مٿان بيٺل مَڪئي ٻيرين طرف لڙي، اسان کي آزادي ڏئي ويو. چوڌاري ساوڪ هئي، سرسبزي هئي، شادابي هئي ۽ وري مٿان تيز هوا، جنھن ته مون کي هر هر ڏڪائي ٿي وڌو، هوا وجود سان ٽڪرجي سيئاٽو پيدا ڪندي منھنجي انگ انگ ۾ ڏڪڻي ٿي پيدا ڪئي. هوا جي زور جي ڪري ڪڻڪ ۽ سرنھن جي بيٺل فصل ۾ بي سڪوني به دل کي تسڪين پھچائي رهي هئي.
    چيو مانس، ”ڪٿي وڃائجي وئينءَ“ مون ڏانھن ڏٺائين، اکين ۾ سمنڊ جيان گھرائي هئس، شورسان گڏ بي سڪوني ڀريل هئس، اکين ۾ شور هئس ۽ هڪ قسم جو جادو هئس. هميشه جيان هن جي نظرن جي سحر کان نظرون هٽائي، نٽائي ويس، هرڀيري جيان، هن ڀيري به پنھنجي، بيوسي ۽ بي حسيءَ تي ڪاوڙ آئي، ڪجھه چوان يا وري ڪجھه ڪريان ئي ڪريان ته هن چيو، ”شھر جي آلودگي ۽ شور کان پاڪ فضا ۽ صاف ماحول جي انھن سرسبز ۽ شاداب منظرن کي نقش بڻائي هميشه جي لاءِ قيد ڪرڻ ٿي چاهيم“.
    ”صائمه هن موسم ۾ انسان جو وجود ته ڇا جانور به پنھنجي هوش حواس ۾ نه رهڻ ڪري، مدهوشيءَ ۾ هوندا آهن.“ ڳالھائيندي هٻڪندو رهيس، منھن ورائي ڏٺائين، ساڳيو ئي سحر ۽ نشو هئس، نه سمجھڻ واري انداز ۾ چيائين، ”شايد....“ ڪجھه وقت خاموش هلندا رهياسين، هلندي هلندي ڏٺائين، ڪا ڳالھه چپن ۾ جنبش بڻجي رهجي ويس. دل کي ڌڪ لڳو، ”مان ڊڄڻو آهيان - بزدل آهيان........!“ ڇو ته مان ڪيتري عرصي گذرڻ جي باوجود پرينءَ کي سامھون ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڏسي به پنھنجي پريت ۽ پنھنجي عشق جي درد جي دانھن به کيس ٻڌائي نه ٿو سگھان. آخر ڇو..... آخر.....!!
    ”ڪڏهن محبت ڪئي اٿئي؟“ اوچتي ڳالھه جي ڪري ڇرڪ نڪري ويو. ڪجھه دير بعد ۾ چيم، ”صائمه ازل کان وٺي انسان محبت سڪ ۽ عزت جو تلاشي رهندو آيو آهي، ان جي جسم ۾ ٻين مختلف عضُون کان علاوه حساس عضوو دل به هوندو آهي، جنھن ۾ پيار ۽ عزت جو جذبو سدائين رهندو آهي، پوءِ انھن چاهيندڙن مان ڪي سورهيه ته ڪي وري بزدل ۽ ڊڄڻا هوندا آهن، جيڪي پنھنجي محبت ۽ پنھنجي دنيا کي سامھون ڏسندي به پنھنجي محبت جوا اظھار نه ڪري سگهندا آهن.“ منھنجي نامڪمل تشبيھن تي سرسري سوچ ڪرڻ ۽ تنقيد ڪرڻ بجاءِ، منھنجا قھر ڀريا جملا ٻڌي هن کي مزو آيو ۽ چيائين، ”تون ڪھڙن ماڻهو آهين؟؟ وڇونءَ ڏنگي وڌم جھڙوڪر! ڇا جواب ڏيان، ڇا ڳالھايان، انتھا ٿي چڪي هئي، هن جي طرفان چاهت جي اشارن جي ۽ اظھار جي عمل کي ڏسي چيم، ”ڪجھه بزدل آهيان ۽ ڪجھه سورهيه.....“ وچ ۾ ٽوڪيندي چيائين:”اهو وري ڪيئن.....؟“
    ”جڏهن مان پنھنجي دل ۽ من جي راڻي کي پنھنجي محبت ۽ پنھنجي عاشقيءَ جو احوال لفظ به لفظ ڪري ٻڌائڻ ۽ پنھنجي منزل کي پائڻ لاءِ جبل جيڏو مضبوط ٿي ويندو آهيان پر جڏهن هن جي سامھون ويندو آهيان ته، ڪپھه کان به نرم ٿي ويندو آهيان.“
    ”معنيٰ ته تون بزدل آهين؟“ مختصر چيائين.
    مان ڪجھه چوان ئي چوان، جو هن ڏٺو، ڀانيم چوندي هجي، ”واقعي تون بزدل آهين ڊڄڻو آهين جو پنھنجي محبت ۽ پنھنجي چاهت کي سامھون ڏسندي به زبان نه ٿو کولي سگھين.“ هڪ پل لاءِ هن جي چھري تي مايوسيءَ جون لڪيرون اڀري آيون. پاڻ مٿان ڏاڍي ملامت ڪرڻ لڳس. موضوع مٽائيندي چيم، ”هوءَ سامھون اها ئي جاءِ اٿئي، جتي تون مونکي سرنھن جي پيلن گلن جي نازڪ حملي جي جواب ۾ سونهن جو ٿلھو ڳنر وهائي ڪڍيو هو. اکين ۾ هڪ قسم جي چمڪ اڀري آيس. ڪنڌ ڌوڻيندي هائو ڪار ڪيائين.
    ”پنھنجي زيادتيءَ جو اعتراف ٿي ڪرين.“
    ”ها! مون توسان ڏاڍي زياد ڪئي هئي رياض!“
    محسوس ڪيم ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا ۽ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئس، ڄڻ ڪي ڦٽ چڪي پيا هئس. ڪجھ دير خاموش هلندا رهياسين. ٿورو اڳتي هلي چيائين، ”هيءَ اها جاءِ آهي نه رياض! جتي تون ۽ مان مائيٽاڻين جي پٺيان لوسڻ لُڻائڻ هليا هئاسون، جو، هتي اقبال جوڳي جي مُرلي جي آواز کان مان ڊڄي ڀڳي هئس ۽ تون وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ ريڊيي جو آواز وڌائي ڪڍ ڊوڙيو هئين.“
    سڄي سرير ۾ خوشيءَ جي هڪ لھر ڊوڙي وئي هئي. هن کي مون سان ننڍپڻ واريون گھاريل گھڙيون به ياد هيون. هن منھنجي محبت جي اظھار جي لاءِ اشاري جو جواب اشاري سان ڏنو هو. ”مون کي هاڻي دير نه ڪرڻ گہرجي، ائين نه ٿئي ته ڪٿي، ڪو ٻيو.....؟ نه ..... نه مان هُن کي پنھنجي دل جي ڳالھه چئي ڏيندس، مان هُن کي کولي ٻڌائيندس ته توکي ڪافي عرصي کان دل جي گھراين سان چاهيان ٿو.“ سڄي وجود منجھه بيچينيءَ بجاءِ خوشيءَ جي لھر ڊوڙي وئي. منھنجو سڄو وجود سڪونيت ۾ اچي ويو. اوچتو صائمه هلڪي رڙ سان گڏ مون سان چنبڙي سيني سان اچي لڳي.....؟ اصل باهه لڳي وئي. سڄو وجود ڪنھن بٺيءَ جيان تپي ويو، محسوس ڪيم ته هن جو وجود به ان لمحي باهه جي کوري کان گھٽ نه هو. جذبن کي ڀڙڪو آيو، لڪل ۽ خاموش چاهت جاڳي پئي، محبت جي شدت وچان ڀاڪر ۾ ڀريومانس، روئي ڏنائين، اصل ڇڄي پئي- چيائين، سُڏڪن ۾ رياض ”آءِ لوَيو..... ري ئلي آءِ لوَيو“ وري به ڀاڪر ۾ ڀري ورتومانس، ڄڻ جذبن جي شدت ڪارڻ جھڙو ڪر هڪ قسم جو دؤرو اچي ويس، منھنجي منھن ۽ ڇاتيءَ تي چمين جي برسات لائي ڏنائين. ذهن سوچن مٿان ٻين سوچن ۽ خيالن غالب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اڳيان منھنجي چاهت هئي منھنجي دنيا ۽ منھنجو سڀ ڪجھه پڻ! بيڪار خيالن کي جھٽڪو ڏئي ذهن مان ڪڍي ڇڏيم. جذبن ۾ ماٺار آئي ته چيومانس. ”هيءَ اها جاءِ اٿئي، جت تو هڪ ڀيرو اڳ به ڏيڏر جي ڊپ کان منھنجي ڳلي لڳي هئينءَ.“ شرم و حياءَ جو مڪمل مجسمو بڻجي وئي، شرمائيندي ڪنڌ جھڪائي هائو ڪار ڪيائين. مون کان ٽھڪ نڪري ويو، هوءَ به دٻيل کل کلڻ لڳي. ٻانھن کان ڇڪيومانس. چيائين ”ظالم! جڏهن تو کي مون سان محبت به هئي، پوءِ باقي مونکي ڇو ٿي جلايئي، تون اشارو ڪرين ها ته مان اڏامي اچان ها!!“......
    مان به تنھنجي شمع بڻجي سڀ رنڊڪون ٽوڙي توسان ملان هان!“
    ”شرير ڪنھن جاءِ جا..... خاموش رهه ڊڄڻا.....!“ کلڻ سواءِ رهي نه سگھيس ۽ هوءَ به خوشيءَ مان کلڻ لڳي.
    اڳئين ڏينھن طھرن جي ڪانڍ هئي. اوري پري جي مھمانن دوستن ۽ رشتيدارن سان کلندي ڳالھائيندي ۽ هِنَ، هن کي ڀت وغيره کارائيندي پيئاريندي سڄو ڏينھن وهامي ويو، دوستن ۽ عزيزن جي خدمت چاڪريءَ منجھان سج لٿي مس وڃي واندو ٿيس، ٿڪجي پيو هوس، سڄي ڏينھن ۾ پيٽ جي بک به ماپي نه سگھيو هوس. سوچيم ٻه گراهه هڻان، ان ڪري فضل جي گھر جو رخ ڪيم. گھر ۾ اندر سھرن ۽ ڳيچن جي ڌوم متل هئي. دُهل ۽ شرناين جو سُريلو آواز نوجوان ۽ الھڙ ڇوڪرين جي رم جھم موهي وڌو. الھڙ ڇوڪرين جي وجود جون سڀئي مستيون ۽ تيور هنن جي هٿن ۽ پيرن جي اُڇل سان ڏسڻ وارا حيران هئا، وسري ويم ته هتي ماني کائڻ آيو هوس، کائڻ لاءِ سوچيم ئي پئي ته ٿڪ ڪري اکيون ٻوٽجڻ لڳيون، گھر اچي سُمھي پيس. ٻئي گھر گڏ هئا. گوڙ ۽ شور جي ڪري مٿي ۾ سور پوڻ لڳو. گھران ٻه رليون ۽ ويھاڻو کڻي پنھنجي ڪوٺي ۾ پٿاري آهلجي پيس ته ننڊ اچڻ لڳي. اڃا ويرم ئي ٿوري گذري هئي ته ڪنھن جوان وجود جي خوشبوءِ سان سڄو اندر سراپجي ويو. وجود ۾ سرور واري ڪيفيت طاري ٿي وئي، کڻي جو نهاريان ته صائمه مٿان چنچل نيڻن سان گھوري بيٺل هئي. ڪنڌ سان ويجھي اچڻ جو اشارو ڪيومانس ته ويجهو وڌي آئي. سڄي وجود مان سيسراٽيون نڪري ويون، وجود کي ٽامڻي جيان ڀانيم. ڪنڌ کڻي نشيلن نيڻن سان نھاري اصل ڪُھي وڌائين - ڇا ته ادا هئس ۽ ڇا ته ان جو اثر هو. ڀرسان آئي هن جي ساهن جو هٻڪار رڳ رڳ ۾ پکڙجي وئي. ڪنڌ مٿي کڻي اکيون اکين سان ملائي پھرين محبت جي هڪ ڊگھي چُمي ورتي مانس.
    هُن جو حسن جھڙو ڪر ٻري رهيو هو. گھرن گول لسن ڳلن تان روشني تر ڪندي جھلڪا ڏئي ڇرڪ پئي ڪڍيا. چيومانس، ”تون ته ڏاڍي خوبصورت آهين.“ وڏو ٽھڪ ڏنائين. ڪجھه پلن کانپوءِ اکين ۾ شيطانگري تري آيس. هن حسين ۽ پُرمسرت رات جي ڪا يادگار نشاني ڇڏيون.....“ نه سمجھندي هائو ڪار ڪيم ته بنا دير اچي سڄي ڳل تي اک جي هيٺان کڻي چڪ وڌائين. چڪ ڇا وڌائين اصل ظلم ڪري ڇڏيائين، ساهه ٻوساٽجي ويو. رڙ ڪرڻ کان بچڻ جي لاءِ کڻي وات ۾ هٿ وڌم. جڏهن چڪ ڪڍيائين ته ڳل جو اهو حصو سارو ٺري ويو. ڪجھه پلن بعد درد جُکڻ لڳو. چيومانس ”ٻيلي ظلم ڪري ڇڏيئي.....!!“
    چيائين،”ڪونه ظاهر ٿيندئي. اچ تون به ڪا نشاني ڪر“. پر ڳل تي اهو چَڪُ اڄ تائين داغ جي شڪل ۾ آهي، گڏوگڏ خوش به آهيان ڇو جو هڪ دلفريب ياد به آهي.
    سڄي ڳوٺ ۾ مان ۽ ظفر تمام سُٺا دوست ۽ ڀائر ڄاتا، ويندا هئاسين. هو ۽ مان ٻئي گھر جي مسئلن راز جهڙين ڳالھين ۽ ٻين معاشرتي مونجھارن جي حل لاءِ هڪ ٻئي کان صلاح وٺندا هئاسين. مونکي مونجھه ۽ مشڪل ان لاءِ پيش آئي، جو ابي ۽ مامي گل محمد جو پاڻ ۾ ٺاهه نه هو. انھيءَ ڪري ظفر کان صلاح مشورو وٺڻ چاهيم، سوچيم ته پنھنجي چاهت ۽ محبت جي باري ۾ سڀ ڪجھه ٻڌايانس، جيئن هو ڪا سٺي صلاح ڏئي. تنهن ڪري سندس گهر ويس پر گھر ٻاهران ننڍڙي ڀيڻس زرينا ٻڌايو ته ادا سوير گھر مان نڪري ويو آهي، واپس گھر آيس.
    صائمه وارا ٻين مھمانن جيان موڪلائڻ ۾ هئا. اندر ويس ته صائمه به ڪڍ لڳي آئي، اکين جا اشارا اثر ڇڏيندا ويا. وڌي وڃي ڀاڪر وڌو مانس ٻئي وجود دنيا و فيھا کان بي خبر... سوز ۽ سرور واري ڪيفيت ۾ محو هياسين. پيار جو ۽ سڪ جو اهو ڊگھو ڀاڪر، ڪنھن جي اچڻ جي ڊپ کان نه چاهيندي به ٽوڙڻو پيو. ڳالھائيندي ڳالھائيندي چاهت ۽ محبت جا واعدا ۽ وچن ورتائين، گڏوگڏ پاڻ به ڪري وئي.
    شام جو امڙ کي پنھنجي چاهت، عشق بابت سڀ ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ خوشامد ڪرڻ ۾ لڳي ويس. هوءَ به منھنجي نماڻي ۽ معصوماڻي انداز تي رڳو کلندي رهي، جھڙو ڪر سڀ ڪجھه سمجھي وئي. امڙ جو سٺو موڊ ڏسي، بنا هٻڪ ۽ جھجھڪ جي حقيقت ڪري ٻڌائي ڇڏيم. امڙ جي دل ۾ به صائمه کي پنھنجي نُنھن بڻائڻ جي خواهش هئي، پرابي ۽ مامي گل محمد جي وچم ۾ زميني تڪرار جو ضد هجڻ ڪري پنھنجي مجبوري ۽ بيوسي ظاهر ڪيائين
    ”امان! جيڪڏهن زمين وڪڻڻ وارو گهڻن پئسن تي زمين وڪڻي ٿو ته ان ۾ مامي گل محمد جو ته قصور نه ٿيو نه.....“
    ”پر پٽ پڻھين جو چوڻ آهي ته هُن ٻنيءَ وٺڻ تي چڙهت ڪئي آهي، ان ڪري هُن ساڻس برادري ٽوڙي، ان مسئلي کي پنھنجي عزت ۽ وقار جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي سو اهو ڪيئن لنگھي هلندو، مامنَھن کان سڱ گھرڻ جي لاءِ.....“ مسئلو واقعي مونجھاري وارو هو. ڇو ته ابا ان کي پنھنجي عزت ۽ انا بڻائي وڌو هو!!
    ان ڏينھن رات تائين ظفر جو اوسيئڙو ڪيم، پر الائي ڇو گھر نه موٽيو هو. بيچيني ۽ بيقراري ۾ وقت شام جي پاڇن جيان لڳو. انھيءَ حالت ۾ گھر اچي بنا کائڻ ۽ پيئڻ جي سمھي پيس. ڊپ پئي ٿيم ته ڪٿي ابو وڙهي نه پئي ۽ ان ڪري چپ چاپ ليٽيو رهيس، صبح جو جاڳيس ته ابو ڪنھن ڪم سانگي وڃي چُڪو هو. وهنجي سھنجي، ڪپڙا پائي ماني ٽڪر کائي گھران نڪري پيس. صائمه جي تات هئي، دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي، جيڪا حالت اڄ تائين ان کي ياد ڪرڻ سان مون سان لپٽيل آهي. ٻئي جي واتان هُن جو نالو ٻڌي، يا هن کي ياد ڪرڻ سان بيچيني ۽ بيقراري دل جي ڌڪ ڌڪ جيان وڌي ويندي آهي. مامي جي گھر وڃي پهتس. سڄي گھر جي ڀاتين تمام گھڻو خلوص ۽ پيار ڏنو. صائمه جو ته چھرو خوشيءَ مان ٻهڪي پيو. مامو به خوش ٿي پيو ۽ شايد هن جي نظرن ۾ هڪڙو سٺو تصور جُڙي پيو. ٻه ڏينھن ۽ ٻه راتيون انھڻ وٽ رهيس. سڄي گھر جي ڀاتين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، پيار ڪيو، خلوص ڏنو ۽ صائمه به محبت جي انتھا ڪري ڇڏي. ان گھر ۾ پنھنجي لاءِ محبت ۽ عزت خاطر بابي اڳيان باغي بڻجڻ لاءِ سوچيم، نافرماني جا لقب قبولڻ جو عھد ڪري ورتم.
    گھر ۾ ابي جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ چوٽيءَ تي پھتل هو. سموري حقيقت امڙ ٻُڌائي. بظاهر ته امڙ ابي جي ڳالھين جي ۽ فيصلي جي طرفدار پئي لڳي، پر هن جو اندر صاف ۽ شفاف هو، جنھن ۾ پنھنجي لاءِ محبت ۽ شفقت چٽي طرح بکي رهي هئي. ڳالھين دوران ائين به لڳو ڄڻ منھنجي خوشين ڪارڻ امڙ به هڪ عھد ڪيو هجي.
    ظفر سان مليس وڏيءُ خوشيءَ منجھان آڌر ڀاءُ ڪري مليو. هن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ واري ڳالھه تي، مون کان پنھنجو سڄو مسئلو مونجھارو وسري ويو. ٻنھي هٿن سان ڪنن کان وٺي کڏ تي ويھاري چيائين ”ڇا ته زندگي آهي!“ پڇيو مانس ”ڪنھن جي؟“ وراڻيائين ”اڙي يار! پنھنجي، ٻيو وري ڪنھن جي ٿي سگھي ٿي“ پڇيو مانس ڇا ڳالھه آهي، جو ايترو خوش پيو لڳين؟“ ٿوري دير بعد جيڪو ڪجھه چيائين، جھڙو ڪر قيامت ٽٽي پئي. هن، جي حسن ۽ محبت کان وڌيڪ سندس دولت کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اُها خواهش هئس ته هن حسين ۽ مھه جبين سان شادي ڪري پنھنجي زندگي عيش ۽ عشرت ۾ گھاري. صائمه هن جي سائوٽي سئوٽ هئي ۽ هن کيس حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. هڪ دل ٿي چيو ته هن ظالم سماج جي هڪ ڪردار ظفر جو ڳالھائڻ وارو مُنھن ئي ڀڃي ڇڏيان، جنھن جي وات مان منھنجي زندگي، منھنجي دنيا - منھنجي صائمه کي حاصل ڪرڻ لاءِ گندا لفظ نڪتا هئا. ظفر ڏي نھاريم هو انھي خوشيءَ ۾ مست لڳو پيو هو ۽ جھومي رهيو هو. هڪ طرف محبت هئي ته وري ٻئي طرف دوست جي خوشي ۽ خواهش. ڪيترائي سوال اڀريا، ڪيترائي جواب آيا ويا. آخر سوچيم محبت رڳو حاصلات جو نالو نه آهي. زندگي جو اصل مزوٻين کي کلائڻ ۽ خوشي ڏيڻ سان آهي. دل ۽ ان ۾ رهندڙ محبت جو پاسو هلڪو ٿي ويو. دوستيءَ جو پاسو کڻي ظفر جي لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيم ۽ دل جي لڳيءَ کي ڀلائڻ جي ڪوشش جو پھريون قدم کڻي ابتدا شروع ڪيم.
    گھر آيس ابي ۽ امڙ جو پاڻ ۾ جھڳڙو لڳو پيو هو. امڙ، ابي کي مڃائڻ جي ڪوشش ۽ منھنجي پھرين ۽ آخري خواهش پوري ڪرائڻ ۾ لڳل هئي؟ پر ابو به ضد جو پڪو هو، ضد ٻڌي بيٺو رهيو. وچ ۾ مداخلت ڪندي چيم، ”توهان ٻئي نه وڙهو، مان ان ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندس ۽ نه ئي هينئر شادي ڪرڻي اٿم.“ابي جي عزت ۽ انا کي ٿوڻي آئي- امان جو حيرت مان وات پٽجي ويو ۽ منھن جي دل ڀور ڀور ٿي پئي. ظفر جي مٿان پنھنجي چاهت جي قرباني ڏئي پڇتايو نه هيم، خوش هيم ته ڪنھن جي ڪم آيس، پر دل جي لڳيءَ جي زخم جو علاج ڪا به مرهم نه ڪري سگھي. يادون، هر لمحي ۽ هر وقت زخم کي چچلائينديون رهيون. سارڻ وسارڻ جي ڪوششن ۾ لڙائي هلندي رهي، پر اڪثر يادگيرين جو پاڇو ڳرو ٿي ويندو هو، تان جو ڪجھه ئي مھينن ۾ زخم، ناسور بڻجڻ شروع ٿي ويو. دل ۾ وسندڙ هن جي هر ياد دماغ تي اثر ڇڏيندي هئي، ۽ مان بيمار ٿي پيس. درد جي شدت ۽ دلي صدمي مون کي حساس بڻائي وڌو هو. اڪثر هن جي يادن ۾ گھاريل گھڙين کي لکڻين جي صورت ۾ ڊائريءَ جي ورقن ۾ قيد ڪري ڇڏيندو هوس. پوءِ جھڙوڪر دل دماغ جو غبار هلڪو ٿيڻ لڳندو هو.
    صائمه کان دور ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اتفاق سان سامھون اچڻو ٿي پيو. ظفر جي ڀاءُ قمر جي شادي هئي. پنھنجي ڀاءُ سان گڏجي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آئي هئي، پاڻ کان پري ۽ نٽائيندڙ سمجھي ميار ڏنائين ۽ ٽوڪيائين، مان پنھنجي دل جي هر درد کي پنھنجي خواهشن کي دٻائي خاموش رهيس. مون کي ڪاوڙيل سمجھيائين ۽ پيارن ۽ مٺڙن ٻولن سان پرچائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وئي. ڳالھائڻ لاءِ حيلا هلايائين. پر مان ڪُڇان جھڙي ڀت! محسوس ڪري ڇڏيم ته هوءَ به مون جيان محبت ۾ اڳتي اچي چُڪي هئي. هاڻي هن جو به پوئتي موٽڻ مشڪل لڳي رهيو هو. سڄي ڪانڍ ۾ شريڪ ماڻھو خوشيءَ ۾ مگن هئا ۽ مست هئا، پر نه هن کي آرام هو ۽ نه وري مونکي چين. توڙي جو هن کان دور ٿيڻ جي لاءِ دل نه پئي چاهيو، پوءِ به هن جي اڳيان نه ٿي آيس، هن تنھائيءَ ۾ ملڻ جي لاءِ ماڻھو موڪليا، پر مون انھن کي جواب ڏئي ڇڏيو. چوٿون ماڻھو هئي زهره، جيڪا منھنجي پراڻي ديواني ۽ چاهيندڙ هئي. دوستيءَ جي لاءِ اڳلي قرباني جو سوچي ڇڏيم، جيئن ظفر لاءِ رستو صاف ٿي پوي. هٿ ٻڌي عرض ڪيومانس، منھنجو هڪ ڪم ڪر، هن منھنجي مجبوري ۽ بيوسي مان فائدو ورتو هڪ شرط رکيائين جڪيو نه چاهيندي به قبول ڪري ورتم. زهره صائمه کي وڃي منھنجا ئي سمجھايل لفظه چيا ”اڙي صائمه تون جنھن ديواني لاءِ مري پئين، ان ته نه صرف مون سان عشق ڪيو آهي پر نه ڄاڻ ته مون جھڙين ڪيترين حسين ڇوڪرين جي جوڀن مان به مزو چکيو آهي“. پروگرام جيئن ٺاهيو ويو هو تھڙوئي ڪيامياب ويو. پنھنجي مٿان الزام ڏياريم، تهمت سر تي کنيم ۽ ان کان علاوه زهره جي شرط جي پورائي جھڙيون هانءُ ڦاڙ قربانيون ڏئي خوش هوس، مطمئن هوس، جو هوءَ مون کان نفرت ۽ ڌڪار اندر ۾ رکي چُڪي هئي ۽ پنھنجي دوست جي لاءِ هيءَ قرباني به ٻين قربانين جيان ڪامياب وئي. ائين ڪرڻ سان مان اندران بلڪل ڪورو ۽ مفلوج ٿي چڪو هوس. هن ڀيري به پنھنجي بدن جي خواهش کي دٻائي پنھنجي ڏنل قربانين تي سرسري نظر وڌم ته پاڻ کي پھاڙ هيٺان دٻجندي محسوس ڪيم. دل جي مٿان اهڙي ڪيس ۽ قھر تي اکين روئي ڏنو هو، پر مان ٻاڦ به ٻاهر نه اُڪلائي هئي ۽ نه وري اهڙي ڪوشش ڪئي. بس صرف لکندو رهيس، اندر جي اڌمن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندو.
    منھنجون ڪھاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي هر ننڍي توڙي وڏي رسالي ۽ ڊائجسٽ جي صفحن جي زينت بڻجڻ لڳيون. جنهن کان پوءِ شاعري به سرجيم، تان جو جلد ئي ڪجھه مشھور آوازن منھنجي سوز کي ساز سان جوڙي البم جي روپ ۾ پڌر نامو ڏنو. پوءِ اڪثر هر نڪرندڙ ڪيسٽن جي واليم ۾ منھنجو ڪلام هوندو هو.
    منھنجي حالت روز بروز بدتر ٿيندي پئي وئي. گھڻي سوچ ويچار ۽ دل جي درد پيڙاءَ ۽ ذهني مونجھاري جو شڪار ٿي پيس. اهڙن مسئلن جو هُجڻ يقيني به هو. مٿي کي ڪمزوريءَ سبب اڪثر ڦيراٽيون اچي وينديون هيون، دل جي روڳ ۽ ذهني هنگامن جي ڪري اڪثر بيمار رهيس ۽ ڪجھه ڏينھن ٽائفائيڊ جي زد ۾ رهيس. امڙ ۽ ابي کان علاوه دوست ۽ عزيز به منھنجي حالت تي حيران هئا. خود مامي گل محمد جي گھر به منھنجي حال تي ڳڻتي ڏيکاري افسوس ڪيو ويندو هو.
    توڙي جو مان صائمه جي سامھون نه ٿيڻ جو عھد ڪيو هو ۽ ڪيترو پاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، پر اندر جي ڪنھن ڪنڊ مان صائمه جو ديدار ڪرڻ لاءِ خواهش ۽ آس ڪر کڻي اڀرندي هئي. ان جي پورائي لاءِ اڪثر شھر ويندو هوس. تازو جڏهن شھر ويس سواءِ صائمه جي رسمي هٿ ڏيڻ جي، ٻين سڀني منھنجي شاعري جي تعريف ڪئي، اُتي ويٺي صائمه جي بي رُخي تي ويچاريم ئي پئي ته ڀاڻس زبير صائمه جي سھڻي ڊائري آڻي اڳيان رکي چيو ته، ”هن تي پنھنجي شاعري لکي ڏيو ادا“ چيم، ”ياد ڪونھي“ چيائين ٻئي ڪنھن جي ئي کڻي لکي ڏيو، مون کي وقتائتو ۽ ڪُھي وجھندڙ شعر ياد اچي ويو.
    وري، نه در تي اچئون پر سڄڻ سري ئي نه ٿي.
    اوهان جي بي رُخي دل تي اثر ڪري ئي نه ٿي.
    هن شيطان جي پيءُ هجڻ جي انتھا ڪئي. ڊائري کڻي سڌو ڀيڻ کي ڏيکاريائين. صائمه جي مُنهن مان شعلا ٿي نڪتا. محسوس ڪيم ته وڙهي پئي ها، جي گھر جا ٻيا ڀاتي گھر ۾ موجود نه هجن ها! واپس آيس ته ٽائفائيڊ جو ٻيھر حملو ٿيو. پندرنھن ڏينھن تائين بستري تي داخل ٿيس. ظفر ملڻ آيو چيائين رياض توکي ياد هوندو ته مون کان ته صائمه ننڍي هوندي کان ئي ڌڪار رکندي آهي. توکي اهو به ياد هوندو ته هڪ ڀيري هن جي اسڪول ويو هوس. اتي سڌيون ٻڌائڻ کانپوءِ گھر اچي ڏاڍي جُٺ ڪئي هئائين. مان سمجھيو هو ته هن پراڻا خيال (ڌڪار ۽ نفرت) ڪڍي ڇڏيا هوندا، پر اڄ به ساڳئي طرح مون کان ڌڪار ۽ نفرت ڪري ٿي. خير! وري ٻئي جڳھه تي جڳاڙ ٿي ويندو. هيءُ شڪار ويو ته ڇا ٿيو؟“ سڄو ٻري ويس. ڪاوڙ مان هڪ تيز ٿڦ وهائي ڪڍيمانس ۽ پوءِ سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو مانس ته، ”ظالم جيڪڏهن تنھنجي رڳو دولت حاصل ڪرڻ جي خواهش هئي ته کُلي ٻڌائين هان مان ته پنھنجي محبت ۽ صائمه جي جذبن ۽ اميدن کي قربان نه ڪريان ها. ظالم تو ٻن دلين جي مٿان ظلم ڪري ڇڏيو“...... هو روئي پيو، پيرن تي ڪرندي چيائين ”رياض تون عظيم آهين.... تون عظيم آهين“. ڪيتري دير تائين ٻئي روئيندا رهياسين. پوءِ ڳلي لڳايومانس.
    ٻئي ڏينھن هڪ چٺي آڻي ڏنائين لکيل هو!
    ”پيارا رياض اميد ته خوش و خرم هوندين آمين
    تنھنجي دوستيءَ مٿان محبت جي قرباني ڏاڍو پسند آئي، تنھنجي انھيءَ قربانين جي کنيل قدمن جو اندازو ته لڳائي سگھان ٿي، پر انھي قربانين جي پويان لڪل درد جو اندازو مون کان مٿي آهي. مان خوش آهيان جو منھنجا توتي مڙهيل الزام بي بنياد آهن. منھنجي چونڊ ۽ چاهت سچي نڪتي. خير! منھنجا والدين منهنجي لاءِ ساجد جو انتخاب ڪري چڪا آهن. انھن جي خوشين خاطر آئون به خوش آهيان باقي جيتري قدر پيار جي ڳالھه آهي، سو عورت پنھنجي زندگيءَ ۾ جنھن کي به هڪ ڀيرو چاهيندي آهي آخري پساهن تائين اُن جي دل اندر اهو ئي مرد وسيل هوندو آهي. پيارا پيار کانپوءِ ضروري ناهي ته ميلاپ به ٿئي ميلاپ کان پوءِ پيار ناهي بچندو، تون زندگي جي سماجي ڪارج ۾ لڳي وڃ ۽ خوش رهڻ سکي وٺُ!
    فقط تنھنجي پنھنجي
    صائمه
    ***


    مجبور

    سھڻي ۽ من موهڻي صورت ۽ خوش اخلاقيءَ جو هڪ لاجواب مجسمو هئي زرينا، سھڻو سڊَول جسم، ڪارا وار چيلھه تائين لٽڪندڙ، جھڙوڪر ڏنگيندڙ هئا، نانگن جيان! ڀوريون ناسي اکڙيون کڻي جڏهن ناز سان نھاريندي هئي ته ڏسندڙن جون دليون ڦاٽي ڦاڪون ٿي پونديون هيون. شڪارپور شھر جي مشھور واپاري سچل خان جي ڌيءُ هئي. زرينا، والدين جي لاڏلي اکين جو ٺار، ٻئي اولاد کان وڌيڪ پياري.....
    ننڍي هوندي کان وٺي سندس هر خواهش ۽ ضد جلديءَ ۾ پورو ڪيو ويندو هو، پر زرينا جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي ته وڏي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو سچل خان، زرينا ڪاليج ۾ پڙهڻ جو شوق ڏيکاري ضد ڪيو. هوڏانھن وري سچل خان کي سندس ڀائرن سڌو سنئون روڪيو هو نياڻيءَ کي پڙهائڻ کان، ۽ اعتراض واريو هئائون. سچل خان گھٻرائجي ويو هو، پريشان ٿي ويو هو ته هو ڇا ڪري ۽ ڇا نه ڪري؟ منجھي پيو هو_ هُڪ طرف ڌيءُ جو شوق ۽ ضد، علم وارو، جيڪو جنون جي حد تائين پھتل هو ۽ ٻي طرف ڀائرن جون روايت پسند سوچون ڳوٺ واري زمين جو ته کيس ڀئه نه هو ته ڪا ڀائر سندس زمين نه ڏيندا، ڊپ ان ڳالھه جو هو ته ڀائر برادري ۽ رشتيدار منھن نه مٽي وڃن. ٻن تڪليفن ۾ گھاري رهيو هو. ڀائرن ڏي لنگھي ويو. نياڻيءَ جي شوق خاطر وس ڪيائين، حيلا هلايائين، پر ڪجھه نه وريو. مجبور ٿي پيو هو، ڀائرن کان منھن موڙي ڌيءُ کي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيائين.
    والد جي فيصلي کانپوءِ ته زرينا جا رنگ ۽ ڍنگ ئي بدلجي ويا هئا. هن جي سوچن ۽ جذبن ۾ نوان رخ آيا هئا. سھيلين سان ڪچھري ڪندي ۽ بحث ڪندي ٿڪبي نه هئي، هو ڏانھن وري جوانيءَ دل جي پاسي کان وڃي پھتي هئي، بسنت بھار ۾. ڪاليج ايندي ويندي چاچي رفيق جي ٽانگي تي ڏسندي هئي، رستن تي ورن وڪڙن ۽ ڪاليج واري چؤڪ تي ڀيڙ ۽ رش، رؤنشيبازن ۽ شودن ڇوڪرن جي! جيڪي اڇا اڇا ڪپڙا پائي قميصن آڏو رکندا هئا ساوا ۽ ڳاڙها نوٽ_ مختلف حرڪتون ڪري هر وقت پوز هڻندا هئا، پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. انھيءَ ڳالھه تي زرينا کي نه رڳو بُڇان وٺندي هئي، پر اچرج ۽ حيرت به ٿيندي هئي. آخر سڀئي مرد ائين ڇو ٿا عورتن کي گُھوري ۽ کائڻ وارين نظرن سان ڏسن؟ چاچي رفيق ٻُڌايو هئس اهي خونخوار نظرن وارا مرد ڀُلائي ٿا ويھن ته هنن جون به ڪي ڀينر آهن، ڀائيٽيون آهن ۽ سؤٽيون ۽ ماساتيون به آهن جيڪي به ڪنھن مجبوريءَ کان يا خريدو فروخت لاءِ نڪرنديون آهن، گھٽين ۾ يا بازارن ۾! جيڪڏهن اها پرک هميشه هو پاڻ سان، پنھنجي سوچ سان ساڻ رکن ته جيڪر اهڙا واقعا ئي ڪو نه ٿين. پر ڪاليج جي زولاجي ڊپارٽمينٽ جي مسزعنايت عليءَ مطابق ته ”هر مرد ۽ عورت هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم ٿيندا آهن، جنھن ڪري ٻنھي جنسن وچ ۾ ڪشش يا حوس حائل رهندي آهي ۽ ان کان علاوه اهو به واضح ڪيائين ته عورت ۾ چاليھه ڀيرا وڌيڪ ڪشش يا ڇڪ هوندي آهي، هڪ مرد جي بنسبت! عورتون تنھن هوندي به روڪن ٿيون پنھنجن جذبن کي ۽ اُڌمن کي! جنھن کان مرد ويچارا بيوس هوندا آهن.“ طنز ڪندي چوندي هئي. زرينا اڪثر انھيءَ واقعن تي سوچيندي نڪري ويندي هئي پري، پوءِ هر مرد لاءِ هن جي تن ۽ من ۾ نفرت پيدا ٿيندي هُئي. نفرت ۽ ڌڪار، بدظن ٿي پوندي هئي، ڪاليج وڃڻ کان پر مجبوري هئس، هن کي علم پرائڻ جو شوق هو، بس پوءِ اندر ئي اندر زهر جا ڪڙا ڍُڪ پي خاموش ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاوڙ مان انھن اهڙن مردن کي دل جو دل ۾ گاريون ڏئي سور ماريندي هئي.
    حُسنِ اتفاق سان هڪ اهڙي ئي مرد (ڇوڪري) لاءِ هن جي دل ميڻ بنجي وئي، جيڪو پڻ ٻين جيان هن کي گُھوري رهيو هو. پر هُن ان جي نظر کي بُرو محسوس نه ڪيو هو ۽ نه وري نظر آئي هئس حوس، هن جي گُھورڻ ۾! خوبصورت شڪل جو سھڻو ۽ سيبتو جوان، اڻڄاتل هو ۽ پرديسي هو. جنھن جي هڪ ئي گُھور ڪُھي وڌو هئس ۽ تن من ۾ آنڌمانڌ جا طوفان ڏئي هليو ويو هئس. ڪير هو؟ ڪٿان جو هو؟ هن کي خبر ئي نه پئي ۽ نه وري ڪو پتو ان نوجوان کي وسارڻ ۽ ذهن تان لاهڻ چاهيائين پر ڪجھه نه ڪري سگھي ۽ اڃا به هن جي پريم ۾ جڪڙجي وئي. نوجوان جي نشيلن نيڻن ۽ اندازن ايڏا ته هوش ڇڏايس جو علم وارو جنون ختم ٿي ويس، وسري ويس کائڻ پيئڻ، ڪجھه ڍنگ سان پائڻ ۽ ان کان به وڌيڪ معاشري ۽ مردن لاءِ نفرت ڌڪار ختم ٿي وئي هئس. مسزعنايت عليءَ جو مؤقف سچو لڳس ته ”مرد ۽ عورت هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هوندا آهن.“
    سڄو گھر پريشان ۽ سھيليون حيران، ڇوڪريءَ کي اوچتو ڇا ٿو ويو؟ ڪھڙو واءُ گھليو جيڪو اُڏاري ويو هن جي باغي سوچن ۽ چلولائين کي! زرينا هرهڪ سوالي نظر آڏو خاموش ته هئي، پر ان خاموشيءَ ۾ به ديدار محبوب سندس ذهن جي اسڪرين تي هلندو رهندو هو. سچل خان حيلا هلايا پر ان جي ڊپريشن ختم نه ٿي سگھي. ڌيءُ جي طبيعت مٽائڻ خاطر آبھوا جي لاءِ ڳوٺ جو خيال آيس ۽ پوءِ سڀ ڳالھيون ڀلائي رکيائين رخ ڳوٺ جو، جتي پنهنجا هئس، رت هئس.
    هوءَ ڳوٺ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي هئي، جتي هوءَ ٽن سالن کانپوءِ وڃي رهي هئي، اتي مسڪين ماروئڙن ۽ پورهيتن جا ڪچا گھر ۽ جايون به هيون اتي امن هئو، شانتي هئي ۽ ميٺ محبت هئي. پر وري چاچن وارين ڳالھين کيس غمگين ڪري ڇڏيو هو. سڀ غمگينيون دل ۾ رکي هوءِ پيءُ سان گڏ ڳوٺ جي راهي ٿي پئي، هن کي خبر ئي نه رهي ته ڪو سندس خوابن جو شھزادو، هنن جي گاڏيءَ کان پوئتي موٽر سائيڪل تي ڪراس ڪري ويو. خير سان هي ڳوٺ پهتا، شھرين تڏي تي لنگھي اچي ڀائرن کي ڀاءُ ڪيو هو ۽ پنھنجو ڪيو هو، پراڻي تلخ ڳالھين کي ڀلايو هو ۽ ڀلائين به ڇو نه ها ڇو ته سچل خان جو وڏو ڀاءُ بچل خان ته وري تصور ۾ ئي زرينا ۽ پنھنجي پٽ سعيد کي ڏسي ورتو هو ڪنوار ۽ گھوٽ جي روپ ۾! جيڪو جوان پاڻ به دل هارائي ويٺو هو زرينا جي خوبصورتيءَ تي ۽ هن سادگيءَ تي... زرينا پاڻ به محسوس ڪيو هو هن جورويو ۽ ڳالھه ٻولھه پر هوءَ ته مجبور هئي، ڇو ته هوءَ پاڻ ڪنھن جي پريم ۾ ڦاٿل هئي.
    مٽرن جون ڦريون پٽيندي پٽيندي هڪ آواز ٻُڌائين جيڪو نه رڳو سُريلو هو پر ڪافي ڪشش وارو به هو.
    ”اڄ ته آهيون ورونهن ڪر مونسان، مان سڀاڻي متان هجان نه هجان!“
    زرينا آواز طرف متوجھه ٿي، ٻيون سھيليون به ان طرف ئي گُھوري رهيون هيون. هڪڙيءَ سھيليءَ چيو” آيو اَٿوَ مجنون! پوءِ به الائي ڇو وٺ ئي نه ٿو ڏي! ٻيءَ چيو، ”غرور آهي جاني!...... غرور جيڪو ازل کان ٿيندو آهي حسن کي ۽ اميريءَ کي!“ هن ڏسي ورتو هو اهو مغرور جوان، جيڪو سڃاتائين. دل کي ڪوڙڪيءَ ۾ پاتائين ۽ پاڻ کان بي قابو سمجهيائين. اهو ئي ته اڻڄاڻ هو، جيڪو هن جو چين ڦري ويو هو، چين ۽ سڪون باهه ڏني هيائين! هوءَ گُھوريندي رهجي وئي هئي، اهي واٽون جنھن کان جوان اوجھل ٿي ويو هو.”ڀيڻ زرينا! اهو سوفراز اٿئي! ٻن سالن کان هتي اچي لڏي ويٺا آهن. باقي سندن ڪجھه عزيز ڏوڪريءَ جي پاسي اڃان تائين آباد آهن. ڪافي دولت وارا ۽ امير آهن. هڪڙي ڳالھه ضرور ٻُڌايانءِ ته الائي ڪيترين ڇوڪرين جي دلين تي ڌاڙو هڻي، هنن کان سڪون ۽ چين کسيو آهي ۽ پاڻ وائکو گھمندو ٿو وتي“.
    ”صرف اهي درديلا ٻول چوڻ! هجنس ۽ پرايون دليون جلائڻيون هجنس.“
    زرينا هر ڳالھه کان بي خبر ۽ بي نياز هئي. هن ته پنھنجي ننڊ کسڻ واري کي سڃاتو هو، جھڙوڪر پاتو هو. هن کي ته قدرت واري جي ان ڪرشمي تي يقين نه ٿي آيو ته، هو ڪو هن جي ايترو ويجھو ۽ ڳوٺاڻو به نڪرندو.
    پنھنجي محبت کي ويجھو ڏسي هوءَ مجبور ٿي پئي، لنگھي اچي سرفراز جي دل جو در کڙڪايائين. هن به مھمان نواز ٿي آڌر ڀاءُ ڪيس ۽ پنهنجي دل جا سمورا در دريون کولي ڇڏيون. ڪجھه ملاقاتن ۾ برهه جون باتيون ڪيائون. ڪافي واعدا ۽ وچن ڪيائون، درديلن ٻولن لاءِ پڇيائين. سرفراز چيو ته،”شاعر حقيقت چئي آهي جيڪي به ڳالھيون ۽ ڪچھريون ڪرڻيون اٿوَ ته ڪري وٺو نه ته سڀاڻي توهان هليا ويندؤ ۽ توهان کي هليو ئي وڃڻو آهي.“
    هڪ طرف محبت جو ٻوٽو پروان چڙهي چڪو هو ته ٻئي طرف سعيد اظھار عشق ڪيو ته هن کي انڪار کان علاوه ڪافي بڇڙو به ٿيڻو پيو هو. هن هڪڙو عھد ڪيو جنھن ۾ پھرين وار هن پنھنجي پيءُ کي زرينا جي سڱ لاءِ سچل خان ڏي موڪليو. ڀائرن جو ڳنڍجڻ سٺو سنؤڻ هو پر شھري ماحول جي تقاضا ڳڻيندي، سچل خان چيو ته،”ڀاءُ اڄوڪي دؤر جي ڪجھه تقاضا آهي ته زندگين جي فيصلن ۾ انھن گھارڻ وارن سان به صلاح مشورو لازمي آهي، سو مان ان بابت ٿورو زرينا کان به پڇڻ گھرندس.“ ڀاءُ کي ٽاري ڇڏيائين، پر گھر ايندي سچل خان سعيد جي رشتي جو اظھار اشاري طور ڪري ڇڏيو، سواءِ زرينا جي سڀني جواب ۾ هائو ڪار ۽ راضپو ڏيکاريو. زرينا جي سوچ ته”مون کي شادي ڪرڻي نه آهي، شادي ڪري هينئر ئي قيد ۾ گھارڻ مون کي پسند نه آهي. آئون آزاد رهڻ چاهيان ٿي، سو براءِ مھرباني شاديءَ جي ڳالھه نه کوليندا ڪريو.“ اڳئين ڏينھن وري سرفراز جي لاءِ سندس ڀاءُ قربان جڏهن سڱ جي لاءِ آيو ته زرينا ٻھڪي رهي هئي. سرفراز جو اخلاق ته سچل خان کي ڪافي وڻيو هو، پر پوءِ به سندس سوچ مطابق سعيد جو پاسو ڳرو هو ڇو جو هو سندس ڀائٽيو هو. گھر ۾ وري سرفراز جو ذڪر نڪتو ته زرينا ڪنڌ جھڪائي خاموشيءَ سا دٻيل مرڪ مرڪندي رهي. سچل خان ويچار ۾ پئجي ويو ۽ سڄي گھر وارن جون اکيون حيرت کان کُلي ويون. ڳالھه جي پروڙ لاءِ هو ڳوٺ تائين پھتو، کوڙ ساريون سر گوشيون سندس ڪن کائي ويون، باقي ڪم ۽ ٻيو وار سعيد ڪيو. ڳالھه اينگھائي ڇڏيائين، شفقت ۽ محبت جو ميڻ جيان سچل خان ڌيءُ لاءِ رُڪ کان مضبوط بڻجي بيٺو. ڀاءُ کي راضي ڪيائين. اڳئين ڏينھن مڱڻيءَ جي مٺائي ۽ ڪپڙو سعيد جي پاران شادماني جي انتظامن سان در کڙڪايو. هڪ طرف خوشيون ۽ شادمانا هئا ته ٻئي طرف حيرت جي درياءَ ۾ بي يقينيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ ويٺل زرينا، جنھن کي پيءُ جي ان تڪڙي قدم تي يقين ئي نه ٿي آيو. هن جي تن ۽ من مان پيءُ لاءِ عزت ۽ وقار جو ديوتا جيڏو بُت واريءَ جي ديوار جيان ڊهندو رهيو ۽ نيٺ زبون ٿي ويو ۽ هوءَ خاموش گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. اوچتي ۽ تڪڙي فيصلي هن جي ذهن کي ڦيراٽيون ۽ گھوماٽيون کارائي ڇڏيون، ڇو ته چاهت جي پروان چڙهي ويندڙ گل کي روايت پسنديءَ جي هٿان مروڙيو ويو هو، ٽوڙيو ويو هو. هنن جي خوابن ۽ حسرتن کي ڪنھن شيشي جيان... زرينا سان حالت به هئي، پر سرفراز پاڻ کي اندران ڳرندو ڀانئين رهيو هو. درد جي شدت وقت سان وڌندي رهي. ڪجھه سوال ۽ ميارون ساڻ ڪري پھتو زرينا وٽ، جتي نه رڳو زرينا جي بيوسيءَ کي پر کيائين، پر چاهت جو کُليو امتحان به ڏسي ورتائين. هن ليلائڻ چاهيو، محبت جي لاءِ پنڻ چاهيو پر جلدئي ساههُ رڪجندو محسوس ڪيائين. سچل خان هن کي نه رڳو روڪيو هو پر ڪچين گارين سان به نوازيو هو. هن ته ڪڏهن به سوچيو نه هو ته سچل خان ايڏو اڳتي نڪري سگھي ٿو. درد جي شدت کان علاوه سچل خان جي ڪريل حرڪت ڪري سوچيندي، سوچيندي سرفراز جي اندر درد روڳ بڻجڻ شروع ڪيو هو. هو هڪ جواريءَ جيان آخري داءُ به هارائي چُڪو هو. هن جي اميدن ۽ ارمانن جو قتل ڪيو ويو هو. هن جو جيئڻ وِههُ ٿي ويو هو. زندگي بار ڀانيائين. خود ڪشي ڪري زندگيءَ کان جان ڇڏائڻ چاهيائين پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل باشعور ڇوڪري کان اها ڳالھه چڙهيل هئي، ڇو جو مذهب جي لحاظ کان به خود ڪشي حرام آهي.
    جدائي ۽ درد دل کان ذهني ۽ اندروني طور ختم ٿيندو رهيو. سوچي سوچي ساڻو ٿي پوندو هو. گھروارا هن جي حالت تي پريشان هوندي به هن کي سمجھائيندا همٿائيندا هئا پر ڪجھه نه ورندو هو. ڪجھه ڏينھن اندر اميدن جي ڪرڻي اندر ۾ جھلڪو ڏنو. زرينا پنھنجي قيد واري حالت تي ماءُ کي ليلايو ۽ ستم ظريفين تي روئي ڏنو. ماءُ جي دل پٿر هوندي به ميڻ بڻجي پئي ۽ پنھنجي وس آهر ڌيءُ جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيائين، پوءِ ته اهو ڪجھه ٿي ويو جنھن تي خوني تڪرار ٿي ويندا آهن، ڪيترائي خاندان ڪَسي ويندا آهن. سرفراز ۽ زرينا ڪورٽ تي وڃي پھتا، ڪورٽ سڳوريءَ سندن جائز قانوني ۽ اصولي مدد ته ڪئي پر هيءُ فيصلو ڏنائين ته نڪاح ڪريو پر رخصتي زرينا جي عمر جي لحاظ کان پنج مھينا دير ٿيندي ڇو ته زرينا جي عمر اڃان 18 سال نه ٿي هئي، سچل خان ۽ بچل خان ڪجھه ڪن ها! پر سرفراز وارن جو هڪ عزيز وڏي عھدي تي پوليس آفيسر هو، جنھن ڪري هو ڊپ کان جوابي ڪاروائي نه ڪري سگھيا. سچل خان هارائجي ويو هو، هن کي هارائڻو ئي هيو حق جي ڳالھه کان وڌيڪ ڪجھه نه ڪري سگھيو پر سڄي حياتي پنھنجي گھر جو در هميشه جي لاءِ ڌيءُ لاءِ بند ڪري ڇڏيائين.
    مجبوريءَ کان کنيل قدم (اُٻھريءَ) کڻندڙ زرينا گھڻو ڪجھه وڃائيندي به ڏاڍو خوش هئي. هن کي پنھنجو حق ملي ويو هو. هن جي جذبن ۽ احساسن کي مان ملي چُڪو هو. سرفراز ۽ زرينا خوش هئا، ڇو ته هنن جي آرزوئن ۽ امنگن کي ٽوڙڻ وارن جي مات ٿي هئي. اها خوشي جھڙوڪر سرفراز کي راس نه آئي هئي. هو اڪثر بيمار رهڻ لڳو. هن کي علاج لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ جي اسپتالن ۾ ڏيکاريو ويو، پر هر ڊاڪٽر هن جي بيماري کي سمجھي نه سگھيو ۽ چيائون ته اسان کي بيماريءَ جي خبر نه ٿي پوي. سڄي گھر جي فردن ۽ ڳوٺ جي همدردن جا هٿ بارگاهه خدا تعاليٰ طرف هر وقت هوندا هئا شڪل و صورت ۾ ته هو بلڪل تندرست هو پر اندران ختم ٿي چُڪو هو. ماضيءَ جي اوچن صدمن ۽ ڏکن کيس ساڙي ڇڏيو هو. زرينا به ان ڏينھن کان سرفراز جي بيماريءَ جو سبب پاڻ کي. سمجھندي هئي. ذهن تي سدائين بار هئس، ڇو ته ڳالھين ڳالھين ۾ اشاري طور هڪ زائفان اها ڳالھه چئي هئي ته ميلاپ ۽ جدائي جي مرحلن هن کي ڳاريو آهي، جيڪا زرينا جي ڪري ئي ٿي آهي، هوءَ ان ڏينهن ڏاڍو رُني هئي. سرفراز سان ڳالھه ڪيائين ته هن کيس دلداري ڏني هئي ۽ انھن ڳالھين تي ڌيان نه ڪرڻ جو چيو هيائينس. ماڻھن جي چوڻ تي پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن تي نيازيون ۽ کوڙ ساريون باسون باسيائون، ڪجھه چاڙهو نه ٿيو. خدا جي گھر آڏو خير خيراتون ڪيائون، نظر نيازنگر ڏنائون پر ڪو فرق نه پيو. ٻنھي پريمين جو جلد لايو سجايو ڪرڻ لاءِ تاريخ طئي ڪئي وئي، تاريخ ويجھو ايندي، خوشيون ٻھڪي اٿيون هيون. جذبن ۽ ڪوششن جو پورائو ٿيڻ وارو هو، پر وري قدرت جو چرخو ڦري ويو. خوشيون ۽ مسرتون ڳوڙها بڻجي اکين مان وهڻ لڳيون. زرينا سوير کان آس لڳايون ويٺي هر هر نگاهون کڻي ان ڪچن رستن طرف ٿي نھاريو، جتان گاڏيءَ کي اچڻو هو. گاڏي ڏسندي ئي سندس من جھومي اٿيو. سرفراز جي استقبال لاءِ پاڻ سينگارڻ چاهيائين ته ڪنن تي روئڻ جو آواز ٻڌائين، کڄندڙ پير رڪجي ويس، جھڙوڪر زنجير لڳي ويا هجنس. روڄ جو آواز گاڏيءَ جي آواز سان وڌندو رهيو، هوءَ پٿر بڻجي چڪي هئي. هن جي ڇھين حس خطري جو الارم وڄائڻ شروع ڪيو، پوءِ ٿيو به ائين جيئن هن جي اندر ۾ انديشو اچي ويٺو هو. ڪجھه پلن کانپوءِ سرفراز جو مرڪندڙ ۽ مھڪندڙ وجود لاش جي صورت ۾ اڱڻ تي هو. زرينا هن جي مٿان آئي ۽ آلين اکين سان هن جي پيشاني تي هڪ ڊگھي چُمي ڏنائين. هن جي ذهن ۾ ماضيءَ جا پل ۽ واقعا واچوڙو بڻجي ڦرڻ لڳا. هن جا سڀ رستا ۽ گس بند ٿي چُڪا هئا هن پنهنجي ٻانهنِ ۾ پِيل چوڙيون ڀڃي ڀور ڀور ڪري ڇڏيون ۽ چپن تي لڳل سُرخي به مٽائين ڇڏيائين، درد هُن جي دل ۾ ڪنهن پکيءَ وانگر آکيرا ٺاهڻ لڳو، هُن جو ساهه منجهڻ لڳو، سرفراز سان گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا واعدا ياد اچڻ لڳس ته رڙيون ڪرڻ لڳي، ”نه نه... ائين نه ٿيندو، مان توکان سواءِ نه جيئندس“، هوءَ چپن ئي چپن ۾ ڀُڻڪي ۽ واعدو نڀائڻ خاطر اندر ڪمري ۾ وئي ۽ ريوالور جي ساندهه فائرن سان پاڻ کي ختم ڪري وڃي سرفراز سان ملي.
    ***


    سجني

    ڇٺيءَ جو نالو ته سائره هيس، پر پنهنجا گهر ڀاتي، اوڙي پاڙي وارا سَني ڪري سڏيندا هيس، مان اڪيلو هيس، جيڪو وري سائره کي سَني نه پر سجني ڪري سڏيندو هيس. ننڍپڻ کان جواني رَسندي سجنيءَ جي سڀني نازن نخرن کان متاثر ٿي، پاڻُ هاري ويٺس، ۽ وساري ويٺس ڏينهن جو چين، رات جو سڪون، لمحن جو قرار!! اٿندي به سجني ته ويهندي به سجني. گهمندي، ڦرندي، کائيندي، پيئندي، ڏک ۾، سک ۾ ۽ ساهه پساهه ۾ صرف سجني! دل جي ڌڙڪن سجني! ڏينهن سجني، رات سجني، هفتا ۽ مهينا سجني. سجنيءَ جو سمورو عڪس فلم جيئن سامهون، گول گول لَسا ۽ ميرا ڳل، گلاب جي گل جي پنکڙين جيئن لال چپ. وشال آسمان مٿان جهرمِري ستارن جهڙا ڏند، ڀورا ناسي وار، چيلهه جو چوٽو، قد بت وچولو ۽ ٺاهوڪو، صفا من موهيندڙ! لوڏ هرڻيءَ جهڙي، اکيون، وڏيون، سُرمائي ۽ ڪجليدار اکيون، جنهن طرف اُٿن، اصل ڪُهي، ڍير ڪري ڇڏين، ان کان علاوه سجني ڳالهائي ته چَڙو- اسڪول جو گِهنڊُ هئي، گهنڊ!
    پنهنجي سڄي گهر جي سڀني سانورن ڀاتين ۾ ڀوري رنگت رکندڙ، سجني! لاڏ ڪوڏ سان پلجڻ، نپجڻ ڪري، کِلمُک وات کُلي ۽ چنچل بڻجي پئي هئي، خوبصورتيءَ تي فخر هيس ته غرور به! بهرحال سڀ حقيقتون سامهون هيون، لاڏلي به هئي ته حسين و جميل به، قدرت واري وڏي فرصت ۾ ٺاهيو هوس، هوءَ به سجني هئي ته مان ڀي ساجن هيس، گهر ڀاتين، سنگتين، ساٿين، اوڙي پاڙي وارن، ننڍن، وڏن سان کُلي ڳالهائڻ وارو، پر پوءِ به الائي ڇو هن جي آڏو هوش، حواس خطا ٿي ويندا هئا، سڀ عقل ڦرجي ويندو هيو، اڻ ڄاڻ، سادو، سودو ۽ ڪورو بڻجي ويندو هوس. سٺي روانيءَ ۾ حوالن سان ڳالهائڻ، ٻولهائڻ وارو، هن جي عام جملن ۽ سوالن جوابن ۾ مُنجهي، ڊڄي، هٻڪي ۽ ڳيتون ڏيندي رهجي ويندو هوس. هن جي حرڪتن کان ڪن هڻندو هوس. چوان ”خدا ڪري سجني سامهون وري نه اچي“ ۽ هوءَ پَري وڃي ته وري، پنهنجي سوچ، پنهنجي خيال يا پنهنجي چوڻ تي چڙ ۽ ڪاوڙ اچيو وڃي، پوءِ پريشاني يا اُڻ تڻ وري تڏهن ٽٽي، جڏهن سامهون اچي، ديدار ٿي ته سڪ لهيو وڃي. اهڙو جذبو ۽ احساس، پيار جي سڀني رنگن سان من مندر ۾ واسجي چڪو هو.
    پنهنجي هڪ طرفي اُڃايل، سڪايل ۽ ڏکايل چاهت کي رنگين ۽ زندگيءَ کي حسين بنائڻ لاءِ، سجنيءَ سان اظهار جي ضرورت هئي. ڊڄندي، ڊڄندي همت ۽ حوصلو جوڙيندي، ٽوڙيندي، زبان جي اشارن ۽ مختلف نمونن ۽ حُربن سان اڳتي وڌڻ چاهيندي به خاموش هيس ۽ پوئتي هيس. ڪڏهن ڪڏهن هن جي رويي، ناز ۽ انداز مان شڪ اندر ۾ ويهجي ويندو هو ته هڪ دل، هڪ لمحي هن سان کلي عام اظهار ڪرڻ جو پروگرام جوڙي وٺندي هئي، پر ٻي دل ٻي لمحي ڀاڙي ٿي پوندي هئي. مطلب پل ۾ سير ته پل ۾ ماسو. رُسي وڃڻ ۾ دير نه ڪري، پوءِ چند لمحن گذرندي، اڳرائيءَ تي معافي وٺيو پرچائي وجهندي هئي، سٺو ڳالهائي ته موهي، مَٺو ڳالهائي ته ڏکائي ۽ تڙپائي. کِلي ته خوب وڻي، ڪَرڙي يا اک ٽيٽ ڪري ته هيسجي وڃڻ کان رهي نه سگهان.
    تنهن ڏينهن گهر آئي، صفا چپ ۽ صفا خاموش، ڪجهه لمحن کانپوءِ پڇيومانس ”سجني! ڇا ڳالهه آهي... خير ته آهي... ڪوئي مسئلو آهي ڇا.......؟؟؟“ ڪونه ڏسيائين. ڪجهه نه اُڪليائين. مان به چپ رهڻ مناسب سمجهيو، چپ ئي رهيس. ڪمري ۾ مسلسل سانت رهي ته کن پل کانپوءِ پاڻ ئي ڳالهائڻ شروع ٿي وئي. هي اَنڌ، هو پنڌ، هيءَ ڳالهه، هوءَ ٻولهه، هِتان کان هُتي، سمجهي نه سگهيس ته هوءَ بلا ڪهڙي آهي؟ ڳالهائيندي رهي، پوري پاڙي جا حال احوال، هيڏانهن، هوڏانهن جون خبرون چارون، ملڻ، ٽٽڻ جون ڳالهيون. وفا، جفا جون وارتائون، زال مڙس جا مسئلا، ماءُ، ڌيءَ جو جهڳڙو، پيءُ پٽ جو فساد، سڀ ڪجهه سُڻائي، نيساهي ٿي ته خودبخود چپ ٿي وئي. مونکي چپ ڏسي شروع ٿي وئي تپائڻ، نئون رنگ، نئون نمونو سامهون آيس، کلڻ لڳي، کلندي، کلندي کيري ٿي پئي ۽ نيٺ ڪمري مان نڪري وئي. مان خاموش، تماشو ڏسندو رهجي ويس. سورپي، ٿڌو ساهه کڻي، وڏو دم هنيم. ڪنڌ هيٺ هُيو، سوچي رهيو هيس ته موٽي آئي. در مان مُنهن ٽپائي ششڪر ڏنائين، هلڪو ڇرڪ ڀري تَڪيومانس ته ويچارو ڪڍي، کلندي هلي وئي. مان سوچيندو رهجي ويس ”عجيب ڇوڪري آهي... اُف خدايا رحم ڪر“.
    اڳلي شام وري آئي. ان سُهانيءَ شام سجنيءَ سان پنهنجي منجهيل محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ تياري ڪيم پر سموري سوچ، سمورو خيال پاڻيءَ ۾ ملي ويو. هن جي سنجيده وقت غيرسنجيدگي ۽ غيرسنجيده وقت سنجيدگيءَ واري عمل کان هارجي، پروگرام ختم ڪري ڇڏيم. انهيءَ وقت احساس ڪمتري ورائي وئي. ٿڪاوٽ ۽ ذهني ٻوجهه کان اوٻاسيون، اوٻاسين مٿان ڏيندي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. الائي ڪهڙي مهل کان تاڙ ۾ هئي، آرس ڀڃي اوٻاسي ڏنم ته هڪل ڏئي چيائين ”بند ڪر... بند ڪر... اهو در... ڪٿي مَڇَرُ اندر نه هليو وڃئي...!!“ نه چاهيندي به ٽهڪ نڪري ويو، هوءَ کِلي ويٺي ۽ پوءِ ڪيترو وقت ٻئي گڏجي کلندا رهياسين. هن جي کلڻ تي، هن جي موتين جهڙن ڏندن جُهلڪا ڏنا، دل جي هورا کورا وڌي، چهرن تي تاثر آندا، جلد ئي سانت ٿي وياسين، چند لمحن کانپوءِ مڙي، مڙي تڪيندي بنان ڳالهائڻ جي هلي ڏنائين.
    مزي جي ڳالهين تي مان به هن سان گڏ کلندو هوس، خوش به ٿيندو هوس. پر جڏهن نه بنان ڪنهن ڳالهه جي، سنجيده وقت اچي کلندي هئي، سوبه منجهيل ٽهڪ ڏئي، ته غصو ڀڙڪي پوندو هو. منهن ڳاڙهو لال ڏسي پاڻ ئي سمجهي يا خاموش ٿي سنجيده ٿي ويندي هئي، ڳالهيون، يا موضوع مٽائي رُسامو ٽوڙائي چوندي هئي ”غصو نه ڪر منهنجا ساجن! تون ته منهنجو ساجن آهين ۽ مان تنهنجي سجني.“ غصو ڇا- ڪاوڙ ڇا، سڀ ختم! رهندو سوال اچي واسو ڪندا هئا ته ان سمي پوري دنيا ۾ پاڻ کي ڀاڳوند ۽ خوشنصيب سمجهڻ لڳندو هوس. دل جي فرياد کي، داد ملي پوندو هو. پهرين ڀيري ائين ئي چيو هئائين، ته جهومي، نعرو هڻي جُهمر هڻڻ شروع ٿي ويو هيس، ته موٽي آئي هئي. خوشيءَ کان مست ڏسي، توجهه ڇڪائيندي هڪل ڪيائين ”اي ڀوڪ بصر! ڀوڳ، ڀوڳ ئي هوندو آهي، نه ڪي سچ يا حقيقت“. سڀ ڪجهه ٽُٽي ڀور، ڀور ٿي پيو هو، پر هاڻ ته معمول بڻجي پيو هو، عجيب قسم جي مخلوق هئي، کِلُ ته چڙي، چڙ ته سنجيده، سنجيده ته کلي، مذاق ڪر ته رُسي، رُس ته پرچائي. ڇوڪري هئي يا مصيبت! سوچيندو ئي رهندو هوس.
    پنهنجي دل جي دٻيل دانهن، گہرن احساسن ۽ سجنيءَ جي لاپرواهي جي سڀني عملن حساس بڻائي، ليکڪ ڪري ڇڏيو هو. روڳي من کي قرار ڏيڻ ۽ دماغ کي ڪجهه آٿت ڏيڻ لاءِ ڪتابي دوستن جو سهارو ورتم ته شوق ۽ زور لکڻ لاءِ اُتساهيو، ڪجهه لکيم ته ڇپائڻ جي آرزو وڌي، لکڻي شايع ٿي وئي ته ذوق ۽ شوق اڃان وڌي. همٿ افزائي ٿي، ته لکندو ويس. اندر جي آواز کي حالتن ۽ واقعن جي سهاري هلائي، سٺو نالو، سٺي شهرت مِلي، منهنجي هنن ڪاميابين تي ڪڏهن به مبارڪ نه ڏنائين نه ئي ڪڏهن موضوع ڇيڙي تعريف يا تنقيد ڪيائين. اها ڳالهه، اها حالت سمجهه کان چڙهي وئي. هر ڪم، هر عمل ۾ مداخلت ڪري نقص يا تعريف ڪرڻ واري هن تبديليءَ ۽ هن ڪاميابيءَ تي نه سَرهي هئي نه اَرهي. حيران هيس.
    ٽيپهريءَ ڌاران لکي رهيو هوس ته هوءَ آئي. چپ چُپات ۾ ڊائري کڻي ورتائين. پڙهندي ئي لال ٿي وئي ڳاڙهي مرچ جيان، ڊائري تي ڪجهه يادون، ڪجهه خيال، ڪجهه سوچون لاحاصل محبتن ۽ رولاڪ روح جون رڙيون اُڪريل هيون. غصي کان باهه هئي ”هونهه!... جيڪو ٿو رُسي، سو شاعر! منهنجي نه حڪومت هجي ته، ڪوڙ لکڻ ۽ وڌائي، چڙهائي لکڻ وارن کي سرِعام گشت ڪرايان، سَونِ جي سلامي ڪرايان“. سجنيءَ تي پهريون ڀيرو حد کان وڌيڪ غصو آيو هو. بي عزتي ڪري روح کي مجروح ڪيائين ته هلڪي ٿڦ وهائي ڪڍي مانس.
    ”سجني! ڊائريءَ تي لکيل سڀ ڪجهه سچ ۽ حقيقت آهي، مونکي توسان محبت آهي... ڊائريءَ تي اُڪريل هڪ حرف ڀي وڌاءُ ناهي، سڀ حقيقت آهي....“ مان پنهنجي سوچ کي عملي جامو پهرايان، تنهن کان اڳ ئي هوءَ هلي وئي.
    اهو ڏينهن، اها رات، وَرندو ڏينهن، وَرندي رات، پورو هفتو گذري ويو، ڪونه آئي. ڪاوڙ لهي، بيقرار بڻجي پئي، وڃي ٿو معافي وٺانس. ملڻ جو ارادو ڪيم پر اِرادو، ارادو ئي رهجي ويو. ان واقعي جي ٻي هفتي هن جو مڱڻو عارف سان ٿي ويو. چپ چپات ۾ ۽ اوچتو، پتو ئي نه پيو. هاڻ ته دانهن ۽ ڪوڪ ڪرڻ، واويلا ڪرڻ اجائي ۽ بي سود هئي. پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب سمجهي ڪري چپ ٿي ويس. دقيانوسي سماج ۾ رهندي چپ ئي ڪرڻي هئي. مڱڻي جي ٻئي ڏينهن تي آئي هئي، شايد حالت ڏسڻ آئي هئي. عجيب نظرن سان عجيب شيءِ کي ڏسندو رهيس، هوءَ ڳالهائيندي رهي ”شاعر صاحب! جنهن ڇوڪريءَ لاءِ لکين ٿو، اها ڇوڪري پڪ ته نڪ ڦٿل هوندي، جي نه ته ٽيڏي ته هوندي ئي هوندي. ائين به نه ته پوءِ پڪ سان لولي - لنگڙي يا ڪالي ڪلوٽي ته ضرور هوندي، ڇو جو جهڙو سودو تهڙي بَها ته هوندي آهي نه...!!“ حد ٿي چڪي هئي، چپ رهڻ ڳاري، ماري وجهي ها، وڌي وڃي ٻنهي هٿن سان، ٻنهي ڳلن کي زور سان پڪڙيومانس ۽ اکيون اکين سان ملائي چيومانس ”سجني! بس ڪر بس... منهنجو توکانسواءِ ٻيو ڪنهن سان پيار ناهي. منهنجي دل جي دنيا ۾ صرف تون آهين. تو سِوا ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ لاءِ سوچڻ، پاپ برابر سمجهندو آهيان“.
    قيامت ٽٽي هئي ڌماڪو ٿيو هو. ڪافي لمحن تائين ساڪت ٿي هڪ ٻي کي تڪيندا رهياسون پر پوءِ نظرون چورائيندا لڪندا رهياسون. نيٺ هن ئي ڳالهايو. پهريون ڀيرو سنجيده وقت سنجيده لڳي، اکين ۾ سنڌوءَ جون ڌارائون اچي ويون هيس. ”ساجن! منهنجو ته شروع کان توسان ئي چاهه هيو، توکي پٽائڻ ۽ تنگ ڪرڻ ۾ انهيءَ لاءِ سڪون ايندو هو ته من توکي چيڙائي، توکي ڀڙڪائي، ڪجهه ڳالهرائي وٺان، ڀل جان نفرت ئي سهي، ڳالهه دٻيل کلي ته وڃي ها. مان عورت هيس، جهڙوڪر بي زبان ۽ شرم حياءَ جو مجسمو! تون ته مرد هئين، هونئن اظهار ته ڪرين ها، اظهار ته پري پر منهنجي ڪاوڙ ۽ غصي تي به تون خاموش رهين، نه ڳالهائي سگهين، منهنجي خوف، منهنجين مذاقن ۽ منهنجين حرڪتن توکي حساس ليکڪ بڻائي ڇڏيو. اهڙي توقع نه هئي. تنهنجي لکڻين ۾ درد ۽ دانهن پڙهي آهي...“
    سڏڪو اُڀريس، ڳالهائيندي، رُڪجي وئي. سُڏڪندي، روئيندي ڳالهايائين ”ساجن! تنهنجي خاموشي، تنهنجي ماٺ، منهنجي محبت کي، منهنجي اندر مان تڙي ڪڍڻ بجاءِ وڌائيندي رهي، ايتري قدر جو هاڻِ ته هر ساهه، هر ڌڙڪن ۾ تون ئي تون آهين... توسان ازلي ناتي هجڻ جو يقين دل ۾ ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن ناتي ۾ ميلاپ جي مزي کان وڇوڙي جو ذائقو وڌيڪ مزيدار هوندو آهي جڏهن تو پيار، درد ۽ وڇوڙي کان علاوه هن معاشري جي مدي خارج ريتن، رسمن خلاف، ظلمن، ڪِيسن خلاف، مسڪين ۽ اٻوجهه ماروئڙن جي ڀوڳنائن ۽ وارتائن تي قلم کنيو، ته مان خواهشي آسرو ڀي پلي ڇڏيو، جيڪو ڪڏهن، ڪڏهن جاڳي پوندو هو. پوءِ اهو فيصلو ڪيم، هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي، کارا لُڙڪ اُگهي ڊڪندي نڪري وئي.
    ڪي سوال، ڪا مونجهه، ڪائي ڳالهه منجهيل، سُلجهائڻ لاءِ ٽاڪ منجهند جو هن وٽ ويس. ته هوءَ وَنواهه ۾ ويٺل هئي. پنهنجي اچڻ واري مقصد کان آگاهه ڪيومانس ته چيائين ”ساجن! هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي آهي، دير جيڪڏهن نه به ٿئي ها، تڏهن به تنهنجي صلاح، تنهنجي سوچ جي ڪڏهن به حامي نه ٿيان ها! منهنجي لاءِ منهنجين خواهشن کان وڌ منهنجي والدين جي عزت ۽ وقار آهي. ”ڀڄي هلون“ واري تنهنجي سوچ تو وٽ هجي، باقي توکي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان... ته ساجن! سجني ڪالهه به تنهنجي هئي، آهي ۽ رهندي. منهنجو ساجن به مون سان گڏ آهي. منهنجو تن ڀلجان ڪنهن ٻئي جو ٿي وڃي، پر من جو مالڪ منهنجو ساجن ئي رهندو. پيار ته هڪ پاڪ جذبو آهي، جيڪو پاڪائي ۽ ناپاڪائيءَ جي سرحدن کان به اڳتي نون جلون، نين راحتن جي آس ۽ نراس جو پيوندڪار آهي. پاڻ چاهت جي هن ملڻ ۽ وڇڙڻ جي گاڏڙ ساڏڙ درد ۽ خوشيءَ جو هڪ نئون مثال ٿينداسون... ساجن! تون منهنجي ماروئڙن لاءِ لک، هنن جي خوبين ۽ خامين تي لک، هنن ۾ سجاڳي پيدا ڪر، هنن جي مئل سوچ ۾ نئون روح ڦوڪ، هنن کي آزاديءَ سان جيئڻ جو گس ڏيکار، منهنجو من، منهنجي دل ڪروڙين دعائن سميت توسان ساٿ ۾ آهي... مان تنهنجي عزت ۽ تنهنجو شان ڏسڻ چاهيان ٿي... اميد ته تون منهنجي خواهشن جو مان ۽ لڄ رکندين.“ اهو چئي چُپ ٿي وئي.
    سجنيءَ جي شاديءَ جو ڏينهن آيو. هر پاسي خوشي هئي. صبح کان شام تائين، ڪئي ڪم ڪري ٿڪجڻ سبب، رات جو نڪاح وقت اٿي وڃڻ چاهيم، پر پڪڙيو ويس. گهوٽ ڪنوار جي گڏيل قبوليت لاءِ وڪيل طورَ!! ڪمري اندر ويس ڳاڙهي جوڙي ۾ ملبوس سجني زائفن جي جهرمٽ ۾ غضب لڳي رهي هئي. کن پل لاءِ دل ڌڙڪڻ ڇڏي وئي. دل ته پويان پير ڪيا، پر دماغ بيهاري وڌو. سائره کان عارف جي جيون ساٿي طور، قبوليت وٺندي ڪا به رنڊ روڪ نه ٿي، ڇو جو اها سائره جي ته قبوليت هئي، پر سجني جي نه! سجني ته ڪافي عرصي کان منهنجي ٿي چڪي هئي.
    ***


    محبتن جو سفر

    گرمين واريون موڪلون پوريون ٿيون ته سڀئي اسڪول کلي ويا. اسڪول کلڻ سان منھنجي لاءِ مصيبت اچي وئي، گھر کان منوڪلوميٽر پنڌ ڪري، تتيءَ ٿڌيءَ پنڌ ئي پنڌ اسڪول وڃڻو پوندو هو. پنڌ ڪرڻ به هڪ معمول بڻجي چڪو هو، پر اسڪول اچ وڃ وقت رڪشن، موٽر سائيڪلن، چنگچين، سوزوڪين جو زهريلو دونھون ساهه منجهائي ڇڏيندو هو. انھيءَ جو به علاج ٿي ويندو هو، منھن ۽ نڪ تي رومال ڏيندو هئس. توبھه، اصل زاري، سواري گڏهه گاڏي جي، ڪڏهن ۽ ڪٿان اوچتو ئي اوچتو ظاهر ٿيندا، جو حواس خطا ٿي ويندا هئا. انھن گاڏن وارن کان وڏو ظلم يعني ڪئي ڀيرا ڪارو گريس نون ۽ اجرن ڪپڙن تي لڳرائي، سھي وڃڻ جھڙو هو، سھڻ جوڳو نه هو ته اهو ظلم نه هو، جيڪو ڪلاس فيلو، سنگتي ساٿي ۽ اوڙي پاڙي جي شاگردن جو پنھنجي پنھنجي سواريءَ تي نه رڳو اچڻ وڃڻ پر ٽوڪون ۽ چٿرون ڪرڻ هو، اندر جلي پچي خاڪ ٿي ويندو هو. گرمي ڀي پنھنجي اوج تي هئي، مٿان اوٺي ڪپڙن بجاءِ نيري پينٽ ۽ سرمئي شرٽ يونيفارم جي صورت ۾ عذاب ٿي لڳي. بابي سائينءَ کي پگھار ملي، نماڻو عرض ڪيومانس.
    ”بابا سائين! سڀئي دوست ۽ ڪلاسي شاگرد اسڪول کان جڏهن گھر پنھنجن پنھنجن سوارين تي واپس ٿيندا آهن، تڏهن مون کي پنھنجي سواري نه هجڻ جو احساس ٿيندو آهي، جيڪڏهن منھنجو هي نماڻو عرض يا سوال مڃو ته مھرباني ٿيندي؟“
    بابا سائين هميشه جيان کليو، ڏڍ ڏيندي چيائين ”پٽ! سڀ ضرورتون ۽ سڀ واعدا پورا ڪرڻ، هر انسان جي وس ۾ نه هوندا آهن، مان نه چاهيندو هوندس، ته منھنجو به اولاد ٻين جيان موج ۽ مستيون ڪري، پر چند مجبوريون آهن جيڪي...“
    ”بابا سائين! اوهان جي انھيءَ جملي ”چند مجبوريون“ سڀني گھر ڀاتين کي اصل منجھائي ماريوآهي... اهي ”چند مجبوريون“ اسان جي زندگيءَ مان ڪڏهن وينديون؟ وينديون به يا چنبڙيل ئي رهنديون؟“ جملو اڌ ۾ ڪٽي وڌو مانس.
    بابا جي چھري تي ڪئي رنگ آيا ۽ ويا، وري کليو، ڏڍ ڏنائين،
    ”پٽ! مجبوريون چند يا زياده شڪل ۾ نه هونديون آهن، اصل ۾ مجبوريون مجبوريون هونديون آهن. بھرحال پٽ مان هن وقت تو کي ايترو ئي ٻڌائي ۽ سمجھائي سگھان ٿو، تون به هن عمر ۾ ايندين، ته توکي به چند مجبورين جي اصلي ۽ صحيح معنيٰ ۽ مفھوم جي خبر پوندي!“
    بابا سائينءَ جون ڳالھيون وقتي طور منجھائي ۽ مڃائي ته وٺنديون هيون، پر ظالم زمانو، زماني جون کوڙ ساريون ضرورتون، معيار ۽ حيثيت، اٿڻي ويھڻي جا نت نوان سوال، سوال مٿان سوال ڪاريھر بڻجي ڏنگڻ ايندا هئا. چڱو کائي نه سگھون، سٺو پائي نه سگھون، اوڙي پاڙي سان، سنگتين، ساٿين سان، مٽن مائٽن سان شادي، غميءَ ۾ اٿي ويھي نه سگھون. اهڙي بي حال جيون مان تنگ ته هئاسين ئي. مٿان بابي سائينءَ جي هم عمر، هم پيشه، استاد رجب علي جي وڏي ڌيءَ آپا زاهده بي ايد ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کان شھر آئي هئي. ڏاڍي ڪاوڙ آئي، گذارو ڪيئن ٿيندو؟ خوشي به ٿي ته مھمان رحمت هوندو آهي، پاڻ کي هر ڀيري جيان پنھنجن سوالن جو پاڻ جواب ڏئي ماٺ ڪئي.
    بابو سائين، جيجل امڙ، ٻه ننڍڙا ڀائر، عارف ۽ ڪاشف، ٻه ڀيڻون شازيه ۽ ماريا ۽ مان، ڪل ست ڀاتي. اڪي کي ٻڌي ڪرڻ لاءِ آپا زاهده اچي وئي هئي.
    آپا زاهده جي ايندي ساري گھر ۾ خوشيون ٻيڻيون ٿي پيون هيون. پاڻ کي پنھنجي سوال جو جواب ڏئي ماٺ ڪرائڻ، هڪ ٻئي کان نظرون چورائي لڪڻ وارا کلڻ ۽ ٻھڪڻ لڳاسين، هر وقت کل خوشي. رونشو، مذاق، چڙڻ ۽ پرچڻ، مطلب ته زندگي جاڳي پئي هئي. اسان جو اندازو غلط ثابت ٿيو، ته مھمان اچڻ سان مسئلا وڌندا، پر ڪنهن چواڻي مھمان پنھنجو رزق پاڻ سان ساڻ کنيون ايندو آهي. بابا سائينءَ جي ٽن سالن کان ڦاٿل ڊفرنس پي ملي وئي، مالڪ لڄ رکي، خوددار ۽ انسان دوست گھر مالڪ بابي سائين جمعي نماز ۾ نمازين کي شڪراني ۾ ديڳ ڀت جي کارائي.
    گھر جي سٺي حالت منھنجي لاءِ ٿورا مسئلا پيدا ڪيا. اسڪول کان واپسي وقت شھر کان ٻاهر باءِ پاس تي بي ايڊ ڪاليج مان آپا زاهده کي وٺڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. پوڻا 2 ڪلوميٽر پنڌ، منھنجي ٽنگن مان ٺڪاو نڪرندا هئا. واپسيءَ وقت ٻئي رڪشي تي گڏ ايندا هئاسين. سج لٿي مھل کان ٿورو اڳ گھر موٽندي لالاڻ ۽ پيلاڻ واري ماحول ۾ ڏاڍو سٺو لڳندو هو، ان کان وڌيڪ سٺي لڳندي هئي، رڪشي جي سواري، مان بي انت کِلندو هئس، رعب تعب ڪندو هئس، هر ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ تي! اڪثر پاڻ سان کلي پوندو هئس. هڪ ڏينھن آپا پڇيو:”اظھر! خير ته آهي نه!... پنھنجو پاڻ سان کلندو آهين؟!“ بي تڪلف ۽ پنھنجائپ وارو اسان جو پھريون بحث هو. مان بنا ڪنھن جہجھڪ جي ساڻس ڳالھائڻ لڳس. هوءَ عمر ۾ مون کان 10 سال وڏي هئي، پر مون سان ڳالھائڻ، ٻولھائڻ وقت منھنجي عمر جي يا مان سندس عمر جو ٿي ويندو هئس.
    ” آپا! ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ئي چند مجبوريون زندگيءَ مان غائب ٿي وڃن ۽ ضرورتون پوريون ٿي، خواهشون حقيقت ماڻي وٺن ته پوءِ ائين ئي کلڻو پوندو آهي.“
    ” اظھر! مون سمجھيو ڪونه؟!“
    ”آپا! اسڪول ايندي ويندي سڀني هم ڪلاسين ۽ اوڙي پاڙي جي شاگردن کي پنھنجين سوارين ۾ سفر ڪندي ڏسندو هئس ته، ڪئي آسون جنم وٺي مري دفن ٿي وينديون هيون، هاڻي توهان سان رڪشي تي سفر ڪندي، ساڳي ئي نموني سان، رعب تعب سان، داٻي سان ڏسڻ وارن کي جلائي پلاند ڪندو آهيان“ منھنجي ڳالھه تي آپا واهه جا ٽھڪ ڏنا، سندس کليل ۽ هيڪاندا ٽھڪ ٻڌي دل ۽ اکيون ڀرجي آيون. ڇو جو سندس ٽھڪ ڏيڻ وقت انداز ۽ آواز هوبھو پاڙيسرياڻي ريشمان جهڙو بيهندو هو. جنھن لاءِ پھريون ڀيرو منھنجي دل تيز، تيز ڌڙڪي هئي، مان ان ماهه لقا، ماهه جبين جا اهي ٽھڪ ٻڌي ۽ سندس سھاني شڪل ڏسي نه سگھيس، ڇو جو هُوءَ بجليءَ جي شاڪ لڳڻ سبب گذاري چڪي هئي. مان خيالن ۾ هئس، آپا ڳالھايو،
    ”اظھر! تون ايترو گھرائيءَ سان هن عمر ۾ ڳالھائڻ ڪٿان سکئين؟!“
    اکين ۾ آلاڻ لڪائڻ جو موقعو ملي ويو هو. مون چيو: ”آپا! جيڪي ماڻھو اڪثر ”چند مجبورين“ ۾ پنھنجو جيون گذاريندا آهن، سي باقي ڪجھه ته حاصل نه ڪري سگھندا آهن پر سٺو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ضرور ڄاڻندا آهن“ مان ٻٽو ڏکي پيو هئس. آپا ڏڍ ڏيڻ لاءِ سري ويجھو هلي آئي، مان سندس ٻانھن جي هلڪي جڪڙ ۾ تسلي ٻڌندو رهيس، پر منھنجو من، منھنجي دل، منھنجو دماغ دنيا کان نڪري ويو. ڪافي لمحن تائين منھنجا سڏڪا هلندا رهيا، نيٺ گھر اچي وڃڻ جو دڙڪو ڏئي آپا ڇرڪ ڪڍرايو. مان جلدي حواسن ۾ آيس، اکين مان آلاڻ اگھي ورتي. آپا جو کاٻو هٿ پوءِ ڀي ڪافي لمحن تائين منھنجي بيقرار من کي ٿڦڪيون ڏيندو رهيو.
    ائين اسڪول اچڻ وڃڻ، شام جو آپا کي واپس وٺي اچڻ، گھر ۾ ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ٽيوشن وٺڻ، ڳالھيون ٻڌڻ، ڪچھريون ڪرڻ، بحث مباحثا ڪرڻ، سياسي، سماجي، ادبي ۽ قومي مسئلن تي ڳالھائڻ، سوال ڪرڻ، جواب ٻڌڻ، مطلب ته مونکي وندر جو سٺو موقعو مليو هو. گھر جي رونق پوريءَ طرح سان اجڙي ويندي هئي، جڏهن آپا ڇنڇر شام چاچي رجب علي سان پنھنجي ڳوٺ هلي ويندي هئي. شروع ۾ سندس وڃڻ جو ڏک ٿيڻ لڳندو هو، پر پوءِ آهستي آهستي سندس واپسيءَ جي خيال سان خال ڀرجي ويندو هو. دستور مطابق ڇنڇر جي شام جو هوءَ کلندي کلائيندي مو ڪلائي وئي، سومر جي صبح تي واپس آئي ته آپا آپا نه رهي هئي، ڪا اوپري، زاهده اسان سان ملي هئي، گھر ڀاتي حيران ٿي وياسين، کيس ڏڍ ڏنوسين، پر سندس زبان نه کلي، مان سمجھي ويس ته ڪو مسئلو ضرور آهي، ان لاءِ سڀني کي کِلائي، ٽارڻ لاءِ ڪوڙي ڳالھه جوڙي ٻڌايم، چيم:” هڪ ڏينھن ڪنھن ڪم سانگي تڪڙو تڪڙو گھر کان دڪان تي ويس پئي، اوچتو هڪ در سامھون پردي کان اندران ڪتو ٻاهر نڪتو، مان ڪتي کي ڏسي ڇرڪي ويس، ڪتو مون کي ڏسي دهلجي ويو، مان ته هليو ويس، پر ڪتو بيھي رهيو، واپس ايندي مون کان معافي وٺي پوءِ اندر ويو“ سڀ کلي پيا، کلي کلي کيرا ٿي پيا. هوءَ به کلي، سڀني سان خوب کلي، ايترو کلي جو روئي پئي ۽ روئندي رهي، اسان کيس رلجي دلاسا ڏنا ۽ پرچايو ته مس وڃي ٺيڪ ٿي.
    ڪاليج کان هڪ شام واپس ايندي ڏٺوسين، سگنل چوڪ وٽ ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو ويو هو. ڪامريڊن جي اهڙن ڪمن تي مون کي بڇان ۽ چڙ ايندي هئي، آپا منع ڪئي”عقل ڪر اظھر! عقل ڪر...! ڪنھن کي به گھٽ وڌ ناهي ڳالھائبو، تون ننڍڙو آهين، في الحال ڪامريڊن جي ڪمن ۽ عملن کي سمجھي نه سگھندين، پر ڪاليج پھچندي سڀ پروڙي وٺندين“
    ”پر آپا! ضروري ناهي ته ڪنھن ڀي مسئلي جي حل نه ٿيڻ لاءِ روڊ بلاڪ ڪجي ۽ هر ايندي ويندي کي به مصيبت ۾ وجھجي....؟!“
    ”اظھر! هي پاڻيءَ لاءِ روڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ پاڻي گھرڻ لاءِ روڊ بلاڪ ڪرڻ، رڳو ڪامريڊن جو مسئلو ناهي، پر اسان سڀني جو اجتماعي ۽ پھريون مسئلو آهي.“
    ”پر آپا! ڳالھيون ته ڳالھائڻ وارن سان ڪبيون آهن، ڀلا آپا! اهي ڪامريڊ پنھنجي ڪم سان سچا آهن؟!“
    ”شايد هاٰ! شايد نه !.... پوءِ ڀي ضروري آهي واويلا ڪرڻ، واويلا سان ٿورا ڪي گھڻا مسئلا حل ٿين ٿا، حق ملن ٿا“
    ” آپا! تون ڪامريڊن واريون ڳالھيون نه ٿي ڪرين؟!“
    ”اظھر! سڀاڻي تون پاڻ ڀي اهڙيون ڳالھيون ڪندين!“
    ”مان ته صرف محبتن جون ڳالھيون ڪندس.“
    ”محبت! سور ته ڏئي سگھي ٿي پر بنيادي حق ڏيارائي نه ٿي سگھي.“ آپا ٺهه پهه وراڻيو ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين.
    ”آپا! تو ڪڏهن ڪنھن سان محبت ڪئي؟!“ آپا منهنجي سوال تي هن جھان مان خلا ۾ وڃائجي وئي. ڪجھه گھڙين کانپوءِ چيائين: ”اظھر! تنھنجي شڪل وارو ته نه پر تنھنجي هوبھو، قد بت ۽ بيھڪ وارو نوجوان منھنجو پنھنجو ڳوٺائي، منظور منھنجي پھرين ۽ آخري محبت هو، اسان جي محبت ٻه طرفي ۽ گھري محبت هئي، ٻنھي جي والدين جي راضپي سان اسان جو مڱڻو ٿيو، خوابن جي حسين دنيا، حقيقت جا سڀئي رنگ پسيا، اڳتي اميدون ۽ آسون منزل تي رسن، تنھن کان اڳ کيس ماستري ملي، استاد ٿيندي ئي مون سان گڏ گڏ يا شايد مون کان به وڌ اهميت، عزت ۽ وقت سماجي ڪمن کي ڏيڻ لڳو. منھنجي ڪا به ميار، ڪا به شڪايت اثر ڪري نه سگھي. مظلوم سان هر پل ساٿ ۽ سھڪار، ظالم ۽ هر ظلم سان کلي عام مزاحمت ڪري، ٿوري ئي وقت ۾ ڪافي سارو نانءُ، عزت ۽ شھرت ملي ويس. ماڻھو ساڻس محبت ۽ عقيدت ڀي ڪرڻ لڳا. هڪ مڪمل مقصد ”ماروئڙن لاءِ جيئڻ“ سندن ڪم ڪرڻ، کين خوش رکڻ ۽ ڏسڻ زندگيءَ جو پھريون پھريون ڪم هو. دل اندر ٻه وڏا ڪم رهندا هئس. جيڪي هن مڪمل ڪيا هئا. ڳوٺ ٻاهران خشڪ ۽ بنجر زمين جي آبادي ۽ سرسبزيءَ لاءِ پڪو واٽر ڪورس ۽ صحت مرڪز قائم ڪرائي ورتائين. انھيءَ ڪم سان هزارين ماروئڙن جا مسئلا حل ٿي پيا، انھيءَ وڏي ۽ اهم ڪم ڪرڻ کانپوءِ تنھائيءَ ۾ مليو، ڪيتريون ميارون ۽ شڪايتون ڪٺيون ڪري چوڻ واري هئس، جو منھنجو ارادو سمجھي ويو، راضي ڪرڻ لاءِ کلي اڇلون ڏئي منھنجي ماستريءَ جو آرڊر ڏنائين، مان خوشيءَ کان ٻھڪي پيس، ان خوشيءَ کان وڏي خوشي ڀرسان ايندي ڪنن ۾ سُس پُس ڪيائين”زندگي آهي ته، سماجي ڪم ٿيندا رهندا، پاڻ جلد شادي ڪنداسين، صرف آخري ڪم آهي شھر کان ڳوٺ تائين پڪي روڊ- جو پوءِ تون، مان ۽ محبتون، محبت جو حسين سفر...!“
    شھر کان ڳوٺ تائين روڊ به ٺھي ويو، شاديءَ جي تاريخ ٻڌجي وئي، مان خوش خوش، پوري تر ۾ وڏي ناليواري سماج سڌارڪ جي ڪنوار ٿي رهي هئس، پر شايد قدرت وري ڪجھه ٻيو سوچي ورتو هو، شاديءَ کان ٺيڪ ٽي ڏينھن اڳ هڪ رات واپسيءَ دوران محبتن جي راهه جي مسافر منھنجي دنيا، منھنجي سڀ ڪجھه، منظور کي سماج بگاڙ رهزنن ڌڪي ڪري وڌو، ڪافي دير تائين هو بي حس ماڻھن جي بي حس احساسن تي تڙپندو رهيو، همت ڪري، پويان پساهه ساڻ ڪري مون وٽ آيو، آخري لمحن ۾ منھنجن ٻانھن ۾ هو، روح پرواز ڪري ويس، هڪ گھري ۽ سواليه حسرت ڇڏي ويو، منھنجو سڀ ڪجھه لٽجي چڪو...“ آپا ايترو چوندي پاڻ روڪي نه سگھي، زور سان روئڻ لڳي. ان وقت منھنجي ننڍڙين ٻانھن جو ٻک هئس، پاڻ لڪائڻ ۽ ريجھائڻ جي ڪوشش ڪيائين، تمام ويجھو هئاسين، حد کان وڌيڪ. هوش ۽ حواس تڏهن بحال ٿيا، جڏهن چانڊوڪي ڪڪرن جي زد ۾ اچي وئي، پوري ماحول تي اونداهي ڇائنجي وئي، آپا وري ڳالھايو
    ”اظھر منھنجي سموري جيون تي ائين ئي اونداهه ڇانيل آهي“
    ”آپا هر اونداهه کانپوءِ هڪ نئون سويرو به ضرور هوندو آهي.“ مون ڳالهايو.
    ”ها! پر سڀ سويرا هڪ جھڙا اجرا ۽ سڀاويڪ به نه هوندا آهن“
    ”اک، اک جو به فرق ٿي سگھي ٿو؟“
    ”جيون جي اونداهه کي اجرو ڪرڻ لاءِ ڪنھن به سويري جي پرک ۽ پروڙ دل کانسواءِ ڪو به عضوو ٺيڪ طرح سان نه ٿو ڪري سگھي.“
    ”دل کي واقعي ايتري پرک ۽ پروڙ جي ڄاڻ آهي ته اوسي پاسي ڪنھن ڪرڻي کي ڀي محسوس ڪري وٺندي هوندي؟“
    ”پر ڪو به ڪرڻو، ڪنھن به اجري ۽ قھري سويري جي جاءِ نه ٿو ڀري سگھي.....!! بھرحال انھيءَ ننڍڙي ڪرڻي جي جذبن جو، احساسن جو احترام آهي، پر مان منظور جي ڇڏيل وک وڌائي پوري تر ۾ روشني ڦھلائي محبتن جو سفر عام ڪرڻ ٿي چاهيان، جيئن ڪو به منظور ڪا به زاهده هڪ ٻئي کان جدا نه ٿين... اظھر! تون به پنھنجي ڪنھن صحيح مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي وڃ، ڪنھن سٺي مقصد جي حاصلات يا ان راهه ۾ ڪنھن رهزن هٿان شھيد ٿي امر بڻجي نالو پيدا ڪرڻ ۾ جيڪو مزو ۽ سڪون آهي، سو شايد ئي ڪنھن ٻئي ڪم يا ٻئي ڪنھن مقصد ۾...!“ هن بس ڪئي - هڪ لڪل قوت منھنجي اندر ۾ ڦوڪجي وئي، پاڻمرادو لفظ نڪري ويا،
    ”مان محبتن خاطر جيئندس... محبتن جو ئي سفر منھنجو مقصد هوندو.“
    آپا چيو ”اظھر! مون کي اميد آهي ته تون پنھنجي نيڪ مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندين.“ هڪ جوش هڪ ولولو، هڪ اميد، ۽ انھيءَ جي منزل جھومائي وڌو، اسان جا هٿ ملي ويا ۽ اکيون پھڻ بڻجي ويون.
    انھيءَ کانپوءِ اسان کلي عام ڪنھن به موضوع يا مسئلي تي ڳالھائي نه سگھياسين، واسطو ۽ رابطو ته رهيو، پر ڪشش هوندي ڀي سرحدن کي ڇھي نه سگھياسين. آپا اٺن مھينن کانپوءِ بي ايڊ ڪري جو وئي ته وري نه موٽي.
    زندگيءَ پنھنجي اثرن کي ڏينھن، هفتن، مھينن ۽ سالن جي صورت ۾ سامھون آندو. بابو سائين جھان ڇڏي ويو، سگھو ئي امڙ به موڪلائي وئي. ڀيڻ ۽ ڀائرن جو پالڻھار بڻجي پنھنجي خوشي ۽ خواهش وساري سندن لاءِ جيئڻ لڳس، بابي جي پينشن مان پرائيويٽ اسڪول کوليم، علم جي روشن لاٽ سان گڏجي محبتن جي سفر جو راهي بڻجي ويس. ٻئي ڀائر يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لڳا، ڀيڻن مان هڪ جي شادي بئنڪ آفيسر سان ۽ ننڍيءَ لاءِ رشتو ڊاڪٽر جو آيو هو، جيڪو قبول ڪري آجو ٿي ويهڻ کان پوءِ بور ٿي پيو هوس، انھيءَ ڪري اڪثر اسڪول ۾ رهندو هئس. فارغ وقت ۾ لطيف جي نگريءَ مٿان رهندڙ پنھنجن مٺڙن ماروئڙن جي لاءِ محبت جا پيغام کڻي رٺلن کي پرچائڻ، وڇڙيلن کي ملائڻ لاءِ سڀئي فرق پري رکي، هر ذات پات، قبيلي، سوچ، فرقي، ڪردار ۽ عمل کان بالاتر رهي ڪم ڪرڻ لڳس. هڪ ڏينهن پنھنجي پرائيويٽ اسڪول جي خوبصورت ۽ خوب سيرت ٽيچر مس صدف محبتن لاءِ ٻانھون وڌايون، اسان جي عمر ۾ 12 سالن جو فرق وچ تي هو، ڪافي سمجھائڻ، باوجود مس صدف سمجھي نه سگھي، چيومانس، ”مس صدف! مان اهو ڏيئو آهيان، جيڪو ٻين لاءِ ته سويرو ڪندو آهي پر پاڻ اونداهه ۾ رهندو آهي“
    ”سر! مان وري اها شمع آهيان، جنھن جا سڀ ڪرڻا اوهان جي طرف ئي هجن ٿا“ هن مرڪي جواب ڏنو.
    ”سڀ ڪرڻا روشن ڪرڻا ڀي نه هوندا آهن؟“
    ” مان گھٽ ۾ گھٽ روشن ڪرڻو آهيان“
    ٻئي ڪجھه دير لاءِ چپ رهياسين، چيائين ”سر! مان توهان جو سھارو بڻجڻ ٿي چاهيان.“
    ”مون کي ڪو اعتراض ناهي ... اسان جو ساٿ ۽ سھارو پوري ديس لاءِ روشني ۽ محبت ثابت ٿيندو.“
    ”سر! مان جيون سھاري جي ڳالھه ڪئي آهي“
    ”مس صدف! مان تنھنجي جذبن جو احترام ڪيان ٿو، مون کي تنھنجن احساسن جو به قدر آهي، پر هڪ فرق عمر جو، ٻيو ذات جو، ٽيون حيثيت جو....“ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي وڌائين. چيائين: ”سر! عمر جو فرق خاص ناهي، ذات پات جي قائل ناهيان، حيثيت توهان جي به گھٽ ناهي. کوڙ ساري عزت ۽ نانءُ اٿو، منھنجو ساٿ قبول ڪيو.“
    ٿڌو ساهه ڀري ها ڪيم، پر پنهنجي گھر وارن ڪئي سوال ڪيس، سمجھايس، پر هوءَ گھر ڇڏي ڪورٽ ميرج لاءِ ضد ٻڌي بيهي رهي. مان صفا پڙ ڪڍي بيٺس، جواب ڏنومانس، ”مس صدف! منھنجي محبتن جو سفر بي داغ آهي، انھيءَ تي آڱريون کڻائڻ نه ٿو. ڃاهيان، ان ڪري منھنجي محبت خاطر گھر واپس هلي وڃ، ضروري ناهي ته هر ڪنھن کي محبت ملي وڃي ۽ جيڪو چاهجي اهو حاصل ٿي وڃي، تون وڃ محبتن جي سفر ۾ روشني ۽ ساڃاهه ڦھلاءِ ته جيئن ڪو به محبت جو پانڌيئڙو لاحاصلات جي ڪَڙاڻِ، نه چکي.“ هن لڙڪ اگھيا. منھنجن هٿن کي وٺي درد کان وڏو سڏڪو ڀريندي چيائين.
    ”سر! نه ڄاڻ ته هي محبتن جا سفر ڪيستائين جاري رهندا؟“ هوءَ هلي وئي. ٻه کارا لڙڪ اکين کان ڳلن تي لهي آيا.
    ***


    دنيا دُرنگي

    نوي واري ڏهاڪي جي شروعاتي سال جا شروع وارا ڏينهن هئا. مان هڪ استاد هئس. ۽ حسب دستور تيز وکون کڻندو ڪلاس اندر مس داخل ٿيس ته، وڏي شاندار نموني سان ڪورس جي صورت ۾ آواز ٻڌم ۽ گڏوگڏ تاڙين جي ميلاپ سميت کلڻ ۽ ٽهڪڻ مونکي کن پل لاءِ ششدر ڪري ڇڏيو. ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو - هيپي برٿ ڊي ٽو يوسر!“ هڪدم پروڙي ويس ته 1 مئي جو ڏينهن آهي ۽ دنيا ۾ مزدورن جي حقن جي حاصلات/ قرباني طور ملهائجندڙ هي ڏينهن منهنجي لاءِ به اهم ئي هو. ڇو جو منهنجو جنم ڏڻ ڀي اهو ئي هو. مان اسٽوڊنٽس جي سڪ اڪير ۽ چاهت ڏسي فخر مان نڙيءَ تائين ڀرجي ويس. تيز وکون يا بي ترتيب وکون. شانائتي، وزنائتي ۽ مانائتي نموني کڄڻ شروع ٿي ويون. مان ڪلاس جي اڇي بورڊ ڀرسان رکيل ننڍي ٽيبل تي آيس، تقريبن ٻن پائونڊن جي رنگ برنگي نمونن سان ڪيڪ تي نظر پئي. ڪيڪ جي وچ ۾ 21 جو انگ جهومي منهنجي عمر جو پڪو ثبوت ڏئي رهيو هو. جنم ڏڻ جي واڌاين جو آواز سنڌي، اردو ۽ انگلش ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي صورت ۾ ويجهو ايندو ويو. مان بنا دير سندن شڪريو ادا ڪرڻ جي تاثرن، ادائن سميت کلي ۽ ٽلي مهرباني، ٿينڪ يو ۽ شڪريا چوندو رهيس. تنهن بعد وري مبارڪون مبارڪون، جي آوازن جي گونجندي پاڻ تي فخر اچڻ لڳو. پاڻ جيترن ڪيترن ئي ڇوڪرن يا ڇوڪرين ۾ ايترو ته اهم يا اعليٰ هئس جو سڀني جي توجهه سوچ يا سمجهه جو سمورو مرڪز آئون هئس، اوچتو آس اڀري آئي ته ڪاش! هي منظر منهنجو ابو سائين ڏسي ها! جنهن مون کي نڪمي، بي ڪار، نڀاڳي ۽ فضول انسان جهڙي زندگي گهارڻ جا ايڊوانس خطاب يا وري پاراتا عطا ڪري ڇڏيا هئا. اهو سڀ ڪجهه صرف ۽ صرف ان ڪري ئي هو ته مان ابي ۽ امان جي طلاق ٿيڻ بعد امان سان ئي رهڻ جو رٿيو هو.
    ابو رنج ڇا باهه لڳو وتندو هو، انهي لاءِ نه ته مان سندس پٽاڻو اولاد، امان کي ڏنل سندس طلاق کانپوءِ ساڻس گڏ ڇو نه ٿو رهان. نه بلڪل نه! صرف انهيءَ لاءِ هن پاڻ وٽ رهائڻ پئي چاهيو ته جيئن هو امان جي خانداني ملڪيت (جيڪا ناني سائينءَ طرفان امان کي مليل هئي) کي حاصل ڪري مون کي پاڻ وٽ رهائي سندس آخري سهارو به کسي وٺي ها، پر منهنجي فيصلي ابي جي نيت کي سبوتاز ڪري ڇڏيو. امان کي ۽ سندس ملڪيت کي ابي کان ته مان جهڙو ڪر بچائي ويس، پر مامن چڪر ئي ٻيو ڪيو، ملڪيت ۽ ڪاروبار جي فائدن جون ڳالهيون ڪري امان کي اڦٽ سڃو ڪري ڇڏيائون، پوءِ وري مامن مامين، ماروٽن ۽ ماروٽين کي بڇي، ڪجهه ڏينهن ۾ اسان کي گهر ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو. ڪنگالي ٿي پويان آسرو پلي اسان وڌندا رهياسين. هڪ مسواڙ جي گهر کان پنهنجي گهر تي پهتاسين. سڀ پنهنجن گڏيل محنتن جي ڪري امان سانئڻ، ڪپڙا سبڻ، ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندي هئي ۽ آئون ڇولن کان چاٽ کپائڻ، تنهن بعد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جهڙو بڻيس ته، پرائيويٽ اسڪول ۾ استاد ٿيس ۽ ٽيوشن سينٽر سنڀاليندڙ جي حيثيت سان وڏو مرتبو ٺهندو ويو. ماضي حال ۽ مستقبل جا واچوڙي جهڙا وراڪا رکندڙ سنگين عڪس جاري هئا ۽ ٿوري دير اڳ واري شوريا گوڙ واري ماحول کان ڪنن جا زوزاٽ مس ختم ٿيا هئا، ته ڪنهن وجود کي خالي ڪلاس روم ۾ پاڻ ڏانهن ايندي ڀانيم. مان ڏسان، تنهن کان اڳ ان وجود جي چپن تي هيپي برٿ ڊي ٽو يو، اچي ويو. هوءَ ڪومل هئي. سونهن ۽ سوڀيا جا سمورا رنگ قدرت واري سوئي سموئي پويا هئس. ڊگهي قد ۽ ماسيري بت واري ڪومل، سڊول جسم جي ڏيک ڏيندي ڪنهن اپسرا جهڙي لڳندي هئي. ڪومل غضب جهڙي مرڪ سان موتين جهڙي مهڪار ڪري پورو روم معطر ڪري ڇڏيو. هن پهرين گلاب جي گلن جي خوشبو وارو گلدستو پيش ڪيو. تنهن بعد ٻه عدد پيڪٽ تحفا مون تحفا پاسي تي رکي کيس ڪيڪ کائڻ جي آڇ ڪرڻ بجاءِ ڪيڪ ڪٽي سندس منهن تائين آندو. هن منهنجي هٿ کي پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ آهستگيءَ سان ورتو ته مون سندس جهانورين اکين ۾ گهوريو. انيڪ محبتن جو سلسلو جهلڪا ڏيندو لڙڪن جي صورت وٺي ويو. منهنجي دل کي ڌڪ لڳو. سڄي جسم مان سيئاٽو نڪري ويو. سڄو ساڪت ٿي ويس. سرت آئي ته ٻنهي پاڻ سنڀاليو. محبتن، جو سفر جاري رکندي، مرڪندي کيس ڪيڪ کارايم. پوءِ ڪافي وقت تائين کلندا ۽ ٽهڪندا رهياسين.
    ڪومل جي ويندي، سندس آندل تحفي کي کولي ڏٺم، شيشي جو تاج محل هو ۽ هڪ چٺي به هُئي.
    ”جانو! مڃان ٿي تنهنجي زندگي ڏکن، ڏولاون م گذري آهي. خوشين ۽ مسرتن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙڻ ڪو توکان سکي، پر تون سڀ ڪجهه پنهنجي مدد پاڻ تحت حاصل ڪرڻ جو قائل آهين، مان به تنهنجي آهيان ۽ تون مون کي پنهنجو سمجهي، هن چٺيءَ کي مان ڏئي هٺ تان لهي، صرف بابا وٽ لنگهي ايندين ته تنهنجي عقلمندي چئبي. ڇو ته بابي سائينءَ توکي گهڻو ڪجهه سمجهي ساٿ ۽ سهڪار جي پڪي دلجاءِ ڏني آهي، سو تنهنجي هوشياري يا ڏاهپ ۽ بابي سائينءَ جي سفارش ۽ ڪوشش، رلجي ڪاميابي جا سوين ڏاڪا اُڪري سگهن ٿيون. جانو! ضد نه ڪجانءِ ملڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. جيون سٺو گذرندو ته پاڻ سکيا ۽ اولاد به سکيو ستابو رهندو. تنهنجي ۽ فقط تنهنجي ڪومل.“
    مان ان ڏينهن ته ڇا پر پورا ڏهه سال ڪومل جي بابي سائينءَ وٽ نه ويس. ڇو ته سندس سوچ ۽ لوچ اڳ ئي پروڙيل هئي. منهنجي ۽ ڪومل وچ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هو. پر هڪ شرط پٽاندڙ هن جو شرط هو ته مان مذهبي ماڻهو ٿيان_ مسلمان ته هئس، پر سندس حساب ڪتاب سان اهو ڪجهه ڪافي نه هو. الله هڪ، رسول هڪ ۽ قرآن هڪ واري سوچ ڪافي نه هئي، پر عملن کي وڌائڻو، ويجهائڻو هو ۽ ثابت به ڪرڻو هو ته پوري سماج ۾ مان سندس نياڻو هوندي، سندس راهه جو راهي ۽ پڪو صفا پڪو مسلمان آهيان، پر مان ڪومل جي سخت سوچ رکندڙ پيءَ جي چئي نه هليس ۽ سڀ ڪجهه کسجي ويو. دل جي دنيا ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي وئي. ان رات ته ايترو رنس جو حد ئي نه هئي. هن جي هڪ اهڙي ئي ماڻهو سان شادي ٿي وئي جيڪو سندس پيءَ چواڻي مڪمل طور تي پڪو صفا پڪو مسلمان هو. مان نه رڳو ڪچي مسلمان جي حيثيت ۾ رهجي ويس، پر اڌورو، بنهه اڌورو رهجي ويس، سڀ ڪجهه وسري ۽ وکري ويو. دوستن، دشمنن، پنهنجن، پراون، مٽن مائٽن، گهڻو ڪجهه سمجهايو، پر ڪجهه نه ٿيو، پڙهائڻ، پڙهڻ، سوچڻ، سمجهائڻ سڀ هليو ويو. دنيا جي آخري ۽ مٺي سهاري امڙ منهنجي دل ٽٽڻ کي پنهنجي ذهن تي ايترو رکيو، جو منهنجو اهو سور پنهنجي دل ۾ سانڍي هن جهان مان هلي وئي ۽ مان ننڌڻڪو رهجي ويس!!
    ***


    سوليءَ وڌ سزا

    انسان جي اندر ۾ هزارين حسرتون ۽ اميدون وسيل رهنديون آهن. هن جو تازو توانو ذهن، سڀني ارمانن جي ڪوششن واري سفر کي عبادت جي درجي کان گھٽ درجو نه ڏيندو آهي. ڪڏهن اهڙين محبتن مٿان ڪنھن ظالم ۽ وقت جي ويري جي ڪري پاڻي ڦري ويندو آهي ته وري ڪڏهن انھن ڪوششن کي منزل ملي ويندي آهي. لاحاصلات واري جدوجھد ۾ الڳ سُرور آهي ته وري ڪاميابيءَ جو ٻيو سرور ۽ نشو آهي. سرسبز ۽ شاداب زمينن جي وچ ۾ آباد هڪ اهڙي ئي ڳوٺ جو رهاڪو سارنگ به اهڙي ئي پوزيشن ۾ آس ۽ نراس جي ٻه واٽي تي بيٺل هو. هن جو من اندر سلميٰ جي چاهت جي روشنيءَ سان پُرنور هو، عزيزن جي محبتن جو ڍايل هيو ئي، پر پنھنجي هٿ ۽ وس ڪجهه نه هوس جو پنھنجي خواهشن جو پورائو ڪري سگھي، خوابن کي حقيقت جو روپ بڻائي سگهي. هن جون اميدون ڪرپٽ حڪمرانن ۽ طبقاتي نظام جي صليب تي لٽڪيل هيون. ڪير هو؟ جيڪو سارنگ جي نوڪريءَ جو ڪم ڪرائي سگھي ها !.... ڪرائڻ وارا هئا بلڪل هئا، پر کيس ايتري سگھه نه هئي جو ڪامورن ۽ بيورو ڪريٽس جي چيلن جي گھرج پوري ڪري سگھي ها. باقي هونئن ته سارنگ جون جتيون گسي ويون هيون. اهڙن ڪامورن، وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس جي گھرن، آفيسن جا چڪر ڪاٽيندي! سڀ ڪنھن جو ڏوهه هيو. هن جي غربت ۽ مسڪينيءَ جو. هن جي قسمت جو، وقت جي بي رحم حالتن جو يا هن سماج جي طبقاتي نظام جو، ڪنھن جو ته ڏوهه هيو، تڏهن ته هڪ مسڪين ۽ آسوند انسان جي ارمانن کي گنجرايو ۽ ڦاسايو ويو هو. سارنگ اهڙين حالتن ۾ گھٽ گنجريل هو جو مٿان وري سندس محبت، سندس دنيا جھان سلميٰ جي ڀيڻ عاصمه هن کي وڌيڪ تنگ ڪري وڌو هو. عاصمه عمر جي ننڍي ضرور هئي پر مھانڊن ۾ سلميٰ جھڙي ئي هئي. فرق هو ته سلميٰ سنجيده ۽ حقيقت پسند هئي، جڏهن ته هيءَ عمر جي لحاظ کان اڃا ٻار هوندي، چنچل، کلڻي، ۽ هر ڪنھن سان پنھنجائپ ۽ گھاٽائپ ڏيکارڻ واري! هوءَ ڪالھه کان سارنگ جي هم عمر ڀيڻ رضيه سان گڏ شھر کان ڳوٺ گھمڻ آئي هئي. سياري جي وئڪيشن ملي هئي. پاڻ اٺون درجو پڙهندي هئي. ان ئي لحاظ کان سندس عمر ته تيرهن چوڏهن سالن جي لڳ ڀڳ هيس، پر لڳندي جوڀن جي اوج تي هئي. هن جي حرڪتن، ڊوڙڻ، اٿڻ، ويھڻ واري عمل ۾ سلميٰ نه هئي- جنگ هئي جنھن ڪري سارنگ کي گھڙيءَ گھڙيءَ سلميٰ جو خيال ٿي آيو، جنھن خود هن وقت تائين سلميٰ جي قيامت خيز وجود ۽ بدن جي سڊولائپ کي پري کان ڏٺو هو. پنھنجي محبت جي جدوجھد ۾ جي ڪجھه پسيو هئائين سا ته فقط زباني فتح ۽ نظرن جي ڪرم نوازي هئي. باقي سڀ هن لاءِ خواب هئا جنھن جي ساڀيا هن جي نوڪري ۽ پاڻ ڀري ٿيڻ سان سلھاڙيل هئي. عاصمه ۽ سلميٰ کان علاوه بئنڪ جي مئنيجر ارشد کي عامر نالي ننڍڙو فرزند هو، جيڪو پڻ علم جي حاصلات پويان لڳل هو. هيڏانھن وڏو سارنگ ۽ سندس ننڍي ڀيڻ رضيه ٻيو سڀ خير!
    هي منھنجي مٺڙي ۽ پياري ڌرتي، سائي ۽ سرسبز ڌرتي، شاهه، سچل، سامي، اياز ۽ استاد جي ڌرتي، جنھن مٿان نه ڄاڻ ڪيترن ظالمن ۽ آمرن پنھنجا ڪيس ڪيا، جبل ڪيريا، جنھن جا زخم وقت جي ويرن جي اثر کان گھٽجي چٽي تاريخ بڻجي ويا، پر موجود هاڻوڪن زخمن کي ڪھڙي مرهم لڳائجي، ڪير ڳوڙها اگھي، خوشين ۽ مسرتن جا جھول ڀري پريت ۽ پاٻوهه کي منزلون ملي سگھن ها. جنھن سھڻي سنڌڙيءَ مٿان ارغونن، ترخانن جي ڪيسن کان وڌيڪ ظلم ۽ جبر ٿيندا هجن. جنهن جي مٿان قبائلي رتوڇاڻ ڪرائي هن مٿان مدي خارج رسم ڪارو ڪاريءَ کي هٿي وٺرائي هزارين نوجوانن ۽ نينگرين کي ڪٺو وڃي يا پوليس جي ورديءَ ۾ لڪل ڌاڙيلن يا ڌاڙيلن جي روپ ۾ قانون وارن جي ڳالھه ڪئي وڃي؟؟
    هو سوچن ۾ گم هو ته اوچتو عاصمه اچي پھتس، هن کي خيالن ۾ غرق ڏسي کيس يڪ ٽڪ ڏسڻ سان گڏ ڪائي حرڪت سوچڻ لڳي، سوچيائين تاڙي وڄائي ڇرڪ ڪڍايانس يا ڪتي جي ڀونڪ ڪري، پر وري آخري خيال آيس ته اکيون ٻوٽي اڳتي وڌي. ڪوٺيءَ اندر اوندهه هئي. صرف بادبانن جي روشني هئي سا به نالي ماتر ۽ سارنگ سوچ ۾ ٻڏل. هوءَ در کان لنگھندي سڌو رخ سارنگ جي سامھون نتيجي کان لاپرواهه ۽ بي غرض ٿي اندر ايندي رهي، تان جو اچي کٽ تي خيالن ۾ ٻڏل سارنگ جي مٿان بلڪل وڇائجي وئي. سارنگ سوچن ۾ لڙهڻ کان پوءِ عجيب صور تحال کي پرکڻ جي ڪئي، پر حقيقت سمجھڻ کان قاصر ٿي ويو. ڇا هو ۽ ڇو هيو؟ اهو سڀ ڪجھه مٿان وڇائجي وڃڻ واري صورتحال نه سمجھندي فوري طور هن عاصمه کي ڪلھن کان وٺي مٿي ڪيو ۽ پوءِ جھڙوڪر فوري طور عاصمه کي هوش اچي ويو. بي خيالي ٿيندي چيائين، ”او سوري! مان توهان مٿان ڪري هئس شايد...!“ شايد يا يقينن اهڙو سوال سارنگ جي زبان تي آيو، مگر هڪ رشتو هن کي روڪي رهيو هو، انھيءَ ڇوڪريءَ جي اهڙي عمل هن کي گنجرائي وڌو. هڪ طرف سندس محبت سلميٰ هئي ته ٻي طرف عاصمه ۽ عاصمه جي حرڪتن ان رشتي کي لُٽي ٿي وڌو. آخر گھڻي سوچ کان پوءِ هن جي ذهن زوري اها ڳالھه ٻولي ورتي ته اڻڄاڻ ٿي ڪري حرڪت کي حقيقت ڪئي وئي هئي، هوءَ ٻار هئي. ننڍي هئي. دل ۾ وري طوفان هئس ته سلميٰ جي مھانڊي هوبھو، هن جي چاهت ۽ هن جو سڀ ڪجھه هن جي جھولي ۾ هيو ۽ هن انھيءَ جي ضرورت هوندي به ڪجھه به نه ڪيو. هن جي اندر ۾ رشتي، حقيقت ۽ اندر جي اڃ وارا ڦيراڪا شروع ڪري ڏنا.
    ”ڀائو! ڇا پيا سوچيو؟“ اڻڄاڻ ٿي وئي.
    ”هي ... هي ... سڀ ڇا هو ....!“
    ”ڪھڙو؟“
    ”خير! ڇڏ انھيءَ ڳالھه کي، ٻڌاءِ ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ “
    ”ڀائو! ڪھڙي دنيا ۾ غرق آهيو؟ ٻي هنڌ به ڪجھه آهي، رڳو ڪمري جي تنھائي ۾ ڪجھه ناهي؟“ ڇرڪ نڪري ويس. هي اشارو ڇا لاءِ هو. غلط فھميءَ کي جھٽڪو ڏئي ڪڍي ورتائين. ڇوڪريءَ کي ريجھائڻ لاءِ ۽ موضوع مٽائڻ لاءِ پاڻ ڳالھايائين.
    ”زماني جون ستم ظريفيون وڌي وڻ ٿي ويون آهن. ڇا ڪجي انھن ڳالھين ڪري پريشان آهيان.“
    ”زماني جون يا وري ... منھنجي والدين جون...“
    ”اهو وري ڪيئن؟ “
    ”اهو وري ائين جو هن ئي حالت ۾ ادي بخشي ڇڏني ته شايد ائين گوندرن ۾ غرق ڪو نه رهين ۽ نه وري ڪنھن ڊپريشن جو شڪار!!“
    ڪافي سارو شرمائجي ويو ڳٽول ٽماٽي جيان.
    ”هڪ ته ڳوٺن ۾ شرمائجي وڃڻ واري وڏي خراب روايت آهي. عورتون ته عورتون پر مرد ۽ ڇوڪرا به شرميلا...“
    ڇرڪ ڀري ڏٺائين. عجيب قسم جي اکين ۾ چمڪ هئس، هو ڳالھائي ۽ جواب ڏئي ان کان اڳ هن ئي چيس، ”ڀائو! ڇا ٿا ڏسو؟ شھري ڇوڪري آهيان، رنگ جي ڀوري ۽ ٿوري گھڻي شرارتي آهيان. نالو عاصمه آهي ۽ توهان جي ٿيڻ واري سالي آهيان ... وغيره وغيره.“ ساهه پٽيائين، ”سُڃاتُوَ مون کي، ساڳي آهيان. مٽيل ناهيان.“ هن جي تيز ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي ڳالھائڻ تي يڪ ٽڪ ڏسندو رهيو. هو ڪجهه ڳالهائي ها، پر ٻاهران رضيه سڏ ڪيس ”اڙي اچ ته مٺڙي ٻير جا ٻير کائي اچون.“ پوءِ هو پاڻ خلا ۾ گھوريندو ئي رهجي ويو هوءَ ڇا هئي؟ ڪيئن هئي؟ انھن سوالن جا جواب پنھنجي اثر سان هن کي ڏنگيندا رهيا. حرڪتون عجيب کان عجيب تر هئس.
    ٻاهر نڪتو، دوستن سان ملان، پر وري موڊ مٽجي ويس. لڙي آيو ٻيرين طرف جتي هوءَ نِوِڙِي ٻير ميڙي رهي هئي. هو نه چاهيندي به هن جي ڀرسان اچي پھتو. هوءَ رضيه سان ٻيرن جي وزن ڪري لڙڪيل لامن مان ٻير پٽي ۽ ڪڏهن ڌوڻي ڏيڻ ۾ مشغول هئي. ان گهڙيءَ رضيه کي گھر مان سڏ ٿيو ته هوءَ جلدي پٽيل، ميڙيل ٻيرن جي جھولي لاهي گھر ڊوڙي هلي وئي. عاصمه رضيه کي ڪجھه برو ڀلو ڳالھائيندي ٻير ميڙڻ لڳي ۽ هو هڪ ٻير جي ٿڙ سان ٽيڪ لڳائي ويھي رهيو. اوسي پاسي ٻين کي ڏسي پڪ ڪيائين. ڪنھن خوف کان بغير قاتل ڪپڙن ۾ لپٽيل قھري وجود جي اٿل پٿل کي گھوريندو رهجي ويو. ٻنھي حساس وارن اڀارن جي وچ ۾ ڦيراڪ جو نڪتل ليڪي دامن تائين اچي قيامت برپا ڪئي پئي. اهو سڀ ڪجھه هن جي اکين جي گھرج ۽ ضرورت نه هئي پر هن جي نظرن جي مجبوري هئي. اها هڪ حقيقت هئي جيڪا هن جي سامھون هئي. کير جھڙي اڇي اجري بدن جي مالڪ عاصمه اوڪڙو گوڏا پوئتي ڪري هٿ وڌائي رضيه جا هاريل ٻير ميڙيندي به رهي ته ناراضگي مان کيس ڳالھائيندي به رهي. هن جي نوڙڻ واري حالت مان سامھون ويٺل سارنگ سڀ ڪجھه پسي رهيو هو. هن جي جھول ۾ ٻيرن پوڻ ڪري وزن ۽ نوڙڻ ڪري سيني جو اندريون ڏيک صاف ۽ چٽو هو، جنهن کي ڏسندي هو پاڻ وڃائي هن ڏانهن گهورڻ لڳو. هڪ طوفان ۽ زلزلو آيو، جنھن هن جي اجري من اندر ميراڻ ڀري ڇڏي. رشتي جي عزت، مھمان نوازيءَ جي قدر کي ڀلائي بس هو کيس تڪيندو ئي رهيو- لالچي ۽ وحشي مرد جيان... آدم خور جيان... ان کان اڳ جو سڀ ڪجھه وڌي وڃي هوءَ ٻير ميڙي چڪي هئي اٿي بيٺي ۽ هن کي ڏسي مرڪي هن طرف وڌي آئي چيائين، ”جھول جھل“ ڇرڪي جھول جھليائين هن هلندي اچي وري ويٺل سارنگ طرف ٿورو جھڪي آهستي پنھنجي جھول مان ٻير لاهڻ شروع ڪيا. سارنگ هن جي چولي اندر سموري قيامت کي پسي ورتو، هن جي اکين اڳيان ترورا نچڻ لڳا. انھيءَ پوزيشن ڪري هو گگ ڳاڙيندو رهجي ويو.
    شام پنهنجي وجود کي وڃائي ڳاڙهي ڪنوار جي روپ کي اختيار ڪري ڪاري چادر اوڍي پنهنجي فنا جو احساس ڏياري ورتو. ڪاري اماس جي رات - اوچتو گھر جي لالٽين جو تيل ختم ٿي ويو. ان گهڙي الائي ڪنهن اچي هي نياپو پڄايو ته ”سارنگ جي ماسيءَ کي وڇونءَ ڏنگي وڌو آهي.“ جلدي ۾ ماڻس ۽ پڻس روانا ٿيا ۽ رضيه به عاصمه کان بغير موڪلائڻ جي رواني ٿي وئي. باقي گھر ۾ سارنگ ۽ عاصمه اڪيلا تنھا، ويڳاڻا رهجي ويا. ڀرسان واري گھر جي هنن جي گھر کي پٺي هئي، تنھنڪري چڱي ڀلي آواز ۽ هڪل کان پوءِ ڪنائڻو پوندو هون.
    اڪيلائي ۽ تنھائيءَ جي احساس کان وڌ شام کان اڳ وارا سڀ پيش آيل منظر هڪ هڪ ڪري فلمي سينن وانگر هلندا رهيس. ڪيڏا حسين پل ۽ عڪس هئا انھن ٻيرن واري منظرن جا. وري احساس رشتيداريءَ کان ضمير جي چھنڊيءَ تائين پڄايس، چيائين، ”دڪان تان تيل وٺي اچان“. دريءَ طرف وڌيو، جيڪا اندرين ڪمري ۾ هئي. اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻڻ لڳو ته اوچتو ۽ تيزائي سان عاصمه رڙ ڪري هن سان ويڙهجي وئي، ”ڀائو! خوف ٿو ٿئي...“ پر هاڻي ڀائوءَ جو لفظ سارنگ جي ڪنن ۾ بي معنيٰ هو، هن جي تن من ۾ بس شيطاني سوچ جو اثر اچي ويو هو. وحشت ۽ حيوانگيءَ هڪ معصوم وجود کي جھٽي ورتو. حالتن ۽ اثر کان واقف نازڪ انداز کان رڙيون نڪرڻ کان دٻجي ويون ۽ ائين پوءِ هن اڳيان زمين آسمان ڦرڻ لڳا ۽ ڦرندائي رهجي ويا.
    ظلم ۽ جبر جي احساس کان واقف ٿيندي سارنگ پنھنجو پاڻ کي وڙهڻ ۽ ڌڪ هڻڻ لڳو، پر سڀ ڪجھه وقت جي وهڪري جيان وهي چڪو هو. ڪجھه به هٿ وس نه هوس سواءِ پڇتاءُ جي- چنچل ۽ کلڻي معصوم ڇوڪري خاموشي ۾ انھيءَ گھر جي عزت ۽ لڄ رکندي اٿي کڙي ٿي ۽ سڀڪجھه سَهي ماٺ رهي پر اندر ئي اندر ڀڄي ڀور ٿي پئي هئي، ٽٽي وکري گھر وارن جي عزت کي داغدار ڪرڻ کان ڪنارو ڪندي سڀ حقيقتون ۽ حالتون مٽائي درد لڪائي ڳجھه رکي واپس ايندڙ گھر وارن سان ملي وئي، جيڪي هن ڇوڪريءَ جي اوچتي جوان ٿيڻ کان واقف ٿي، کيس چنجھين ۽ عجيب نظرن سان ڏسندي رهجي ويا. سوال سوال رهيل هئا. اڳلي ڏينھن عاصمه واپس شھر وڃي چڪي هئي.
    شھر ويندي گھر وارن خاص ڪري سلميٰ، جيڪا سندس وڏي ڀيڻ ۽ سھيلي هئي هن جي اوچتو واري تبديليءَ جا کانئس ڪارڻ پڇيا. کانئس آڏا سوال وغيره ڪيا. پر هوءَ خاموش ۽ ڦڪي کل کلندي رهي. رت جا ڍڪ، زهر جا پيالا اندر ئي اندر اوتيندي رهي. ڀيڻ جي گھڻي زور ڀرڻ تي ايترو ئي چيائين، ”ادي تنھنجي ئي ڪري هي حالت آهي.“ انھيءَ کان وڌ هن جي زبان تي تالو هو.
    انھيءَ ڏينھن ۾ سارنگ جنھن پريشاني ۽ پڇتاءَ جي احساس کان گذري رهيو هو. هر هر انھيءَ خيال ايندي وحشيانه لمحن جي سموري ماجرا اکين اڳيان ڦري ايندي هئس: ڪيئن ڪريان. انھيءَ جرم ڪرڻ کان پوءِ مان هڪ پياري رشتي کي ڏنڀي رکيو اٿم... ڪيئن انھيءَ رشتي سان حقيقتي ۽ ظاهري طور ملندس. جنھن رشتي ۾ هوءَ اچڻ واري هئي. هن جي محبوبه سان ميل واري حقيقي سفر شروع ٿيڻ کان پوءِ هوءَ سندس سالي ۽ جهڙوڪر هڪ ٻي ڀيڻ هئي. هڪ ڀيڻ سان اها ناجائز حرڪت ڪري هن خوب پڇتايو هو. ڪيئن ايندس انھيءَ جو سامهون... انھيءَ کي ڀيڻ چئي سگھندس؟ مان ڪيڏو وحشي ۽ سفاڪ آهيان جو هڪ ريشم جهڙي وجود کي ڏنگيو اٿم.“
    نيٺ هڪ ڏينھن پيءُ ماءُ جي زور ڀرڻ تي تاريخ ٻڌڻ کان اڳ انھن ڏانهن ويو هڪ هڪ وک مڻ جي هئس. دل جي ڌڪ ڌڪ وڌيل هئس ته ڪڏهن رڪجي ساهه منجھائي رهي هئس. ڪيئن سامھون ٿيندس. هٿ ڏيڻ آئي ته ڏيندس؟“ اتي پھتو سڀ ساڳي سڪ ۽ حب سان مليا. انھيءَ خوف کان سندس جان آجي ٿي وئي.
    عاصمه آئي، مليس، مٽيل هئي، مختلف هئي، مليس ته ”ڀائو“ ڪونه چيائينس. ”ڀلي آئين.“ ۽ بس الجھيل الجھيل هن جو خوف ۽ حراس ختم ٿي ويو. وجود ۾ اضافو ڪو نه هو. انھيءَ جي پرک ۽ پروڙ هن جي وجود مان پئجي ويس. البته هوءَ الجھن واري صورتحال ۾ ڪو به فيصلو ڪري سگھي پئي. کول ڪري پئي سگھي. ان کان علاوه سموري عزت مان ۽ سندس مرتبو ختم ڪري خاڪ بسر ڪري سگھي پئي. وقت جي وهڪري ۾ هلندي ڳالھيون چرڻ لڳيون، ان ڏينھن سارنگ، ماڻس، پڻس ۽ ڀيڻس موجود هيا. ٻي طرف سلميٰ جا سڀ گھر ڀاتي موجود هئا. بس عاصمه ڪو نه هئي. کيس انھيءَ ڳالھه تي حيرت به ٿي ته ڪاوڙ به آئي. ڳالھيون پويون هيون من جون مرادون پوريون ٿيڻ واريون هيون. انھيءَ ڪري سڀ ڳالھه کي رفع دفع ڪري ڇڏيائين.
    سارنگ ۽ سلميٰ ٻئي تنھا ڪمري ۾ اندر ئي اندر مستقبل جي پروگرامن کي طئه ڪرڻ جي خاموشيءَ ۾ موجود هئا. هُو هن جھان ۾ پاڻ کي خوشنصييب سمجھي رهيا هئا. جڏهن ته اڪيلي ڪمري ۾ تنھا عاصمه پنھنجي اندر ۾ ڪڙهي رهي هئي. انھن لمحن کي پٽي ۽ پاراتا ڏئي رهي هئي، جن نڀاڳن لمحن ۾ هن وحشي سندس رت ۽ ست چوسي کانئس مٺڙي دنيا کسي کيس سوچن جي اڀاڳي حالت تي رسايو هو. اهو ئي درندو ڪجھه ڏينھن کان پوءِ سندس ڀيڻ کي ماڻي رهيو هو. هن مرد کي عورت جي طرف کان انھيءَ ناجائزي جي ڪا به سزا نه ملي. سندس من موجن ۾ هو تن خوشين ۽ مسرتن ۾ هيو. هن جي اندر جي خاموش ۽ ستل عورت ڪر کنيو ۽ هن پنھنجي زيادتيءَ جي حساب ڪتاب لاءِ آواز اٿاري، هن وحشيءَ وجود کي خوار ڪرڻ لاءِ پورو پورو عھد ڪيو. پوءِ هوءَ سڏڪن کي بند ڪري پنھنجا ڳوڙها خشڪ ڪري بند ڪمري جي لاڪ کولي اندر ڪاهي آئي. اندران ٻئي وجود ساڪت ٿي ويا. حيرت جي حد ئي نه رهي. در جي ڪنڊي لڳائي ڇڏيائين. اندران هلچل مچي وئي. هنن ڳالھائڻ جي ڪئي، مگر هن ڪنھن شينهڻ جھڙي راڙ ڪري هڪل ڪئي، ”پنھنجي ڳالھائڻ بجاءِ منھنجي ٻڌو.“ هن جي هدايت تي حيران ۽ ڪاوڙ ۾ سلميٰ چپ ٿي وئي، جڏهن ته سارنگ ھن تيز نظرن جي اثر کي پروڙي ورتو، راز کلڻ وارو هو. حقيقت کلڻ واري هئي، جو خوف تلوار جيان سندس سسيءَ مٿان لٽڪي پيو. سوچيائين ”زمين جاءِ ڏي لھي وڃان.“ پر زمين ته اڳين ظلم ۽ ڏاڍ تي نه ڦاٽي ته هن ڳالهه تي ڪيئن ٿي ڦاٽي سگھي.
    ”ادي! تون هن وحشيءَ سان شادي ڪندينءَ... اونداهي رات ۾ اڪيلو ڏسي مون سان منھنجي نازڪ نفيس وجود سان جنهن ڪيس ڪيو؟ حشر ڪيو؟ هن کان پڇ ته منھنجن نرم پشم جھڙن ارهن کي چيڀاٽي، چٿي ۽ چڪي هن ڇو منھنجي جسم جي گل کي مروڙي پنھنجي خواهش کي پورو ڪيو. هن کان پڇ ته منھنجي پاڪ ۽ صاف دامن ۽ جسم کي داغدار ڇو ڪيائين؟ ڪمري ۾ صفا قيامت جھڙو منظر هو. سڀني جي اندر ۾ ڪئي قيامتون گذري رهيون هيون. الزام ۽ حقيقت اڳيان ضمير جي لوڙ ۽ زور اڳيان سارنگ سر نوايو، گناهه جو قبولدار بڻجي اکيون بند ڪري پنھنجي سزا ٻڌڻ جي انتظار ۾ هو، سندس محبت، سندس دنيا سلميٰ چيو، ”تون ته عزت وارو ناهين. باقي اسان عزت وارا ضرور آهيون، ان ڪري سٺو آهي ته تون هتان هينئر ۽ هن وقت ئي سموري خاندان سميت نڪري وڃ. مان اُنَ وحشي سان شادي جو سوچي به نه ٿي سگھان. جنھن منھنجي معصوم ۽ نازڪ ڀيڻ جي وجود کي چيڀاٽي مروڙي وڌو آهي.“ هوءَ جذباتي ٿي وئي. سارنگ هارايل جواريءَ جيان خالي هٿين ۽ خالي جھول سان واپس در تي پھتو ته پويان هڪل ٿيس ”بيھ“ هي مُڙيو عاصمه جي نظر ڀيڻ طرف هئي. چيائين، ”ادي! تون ڀل هن سان شادي نه ڪر... پر مان هن وحشيءَ سان شادي ڪنديس.“ هڪ وڌيڪ ڌماڪو ڪمري ۾ سڀني جي دلين تي ٿيو. خاموش حيران نظرن لامارا هڻڻ شروع ڪيا.
    ”ادي! هاڻي منھنجي دامن تي داغ لڳڻ ڪري مون کي ڪو به قبول ڪونه ڪندو. انھيءَ ڪري پنھنجي داغ کي هنن جي خاندان اڳيان نروار ڪرڻ لاءِ هن کي، هن جي ضمير کي ڏوهي ۽ قيدي بڻائي سزا ڏيڻ لاءِ مان هن سان شادي ڪنديس. هن سان شادي ڪرڻ کان پوءِ هر ويلي هر سمي هن کي پنھنجن انھن لمحن جي اذيت ياد ڏياريندس- اٿندي ويھندي، هن جي وجود، دل ۽ دماغ کي انھيءَ ظلم جي سزا ڏيڻ لاءِ منھنجي زبان ۽ پنھنجي نظرن جي ڌڪار جي سولي هن لاءِ تيار ڪئي اٿم. جنھن جي اثر کان هي زنده ته هوندو پر لاش جي صورت ۾ ... ۽ بس!“ هوءَ نڪري وئي. سارنگ به سلميٰ جي نڪري وڃڻ کان پوءِ اڪيلو رهجي ويو، سوچيائين، منھنجي ظلم ۽ زيادتيءَ جي سزا سوليءَ واري ٻڌائي تو منھنجو بار هلڪو ڪيو آهي عاصمه - تنھنجي سزا ناڪافي آهي. ڇو جو منھنجو گناهه وڏو ۽ هيءَ سزا تمام ٿورڙي آهي، جيڪا مون کي قبول آهي...!“
    ***


    سوڍل سائين

    سوڍل سائين کي تَرَ جو ڪير نه سڃاڻي، نامي گرامي خاندان جو چشم و چراغ! ننڍو هجي يا وڏو، زائفان هجي يا مرد، مير هجي يا فقير، ايرو هجي يا غيرو، مطلب ته هر قسم، هر نموني جا ماڻهو سائينءَ کي سلامي! سوڍل سائين به ته سَتَ پيڙهيو ڪاني ڪماني هُيو. ڏاڏهنس، جمال سائين بيٺل ڀت، هَڪَل سان ۽ حڪم سان هلائي، پڻس وڏل سائين! هڪ وڏو ناظرو سيد، جنهن کي نظر لڳيس، اُڦٽ ماريس، اصل دير ئي نه ڪريس، ڪيئي سهڻا، سيبتا جانور ساهه هاري ويا، هڪ خوبصورت نينگر به ڦٿڪي، ڦٿڪي دم ڏنو. تڏهن ئي ته سڀ ئي ماڻهو، هر سهڻي ۽ سيبتي شيءِ کڻي، يا وٺي سائينءَ کان نظر لهرائڻ ايندا هئا. وڏل سائين به اهڙي نظر لاهيندو هُين جو سڄي عمر جي لاءِ گارنٽي! ننڍن ٻارن ۽ جوان عورتن ۾ اهو مرض، مِڙوئي سرس رهندو هو. هر ڪم جو ڀاڳيو هيو، سڀئي آڱريون گيهه ۾ هيس. مال ئي مال هيس، نذر، نياءَ سان سرشار ۽ ٽمٽار هيو. قدرت جي ڪمال سان، زندگيءَ جي پوين پساهن دؤران به، نظرو ٽوڙڻ جون فرمائشون ڪندو هو ۽ ائين نظر ٽوڙيندي ئي مالڪِ حقيقي ڏي وڃي پويان پنهنجو جانشين سوڍل سائين ڇڏي ويو هو، جنهن جي حويليءَ پاسي ٺهيل خانداني ۽ شاندار بنگلي اڳيان، بنگلي اندر زائفن ۽ ٻارڙن جا انبوهه لڳل هئا. اڄ جمعي جو ڏينهن هُيو ماهه پهريون جمعو....!
    ”سوڍل سائين! جيئين سدائين، ڇوڪريءَ کي اڌ مٿي جو سور ڇڏي ئي ڪونه ٿو...“ جهوني جاني هٿ جوڙيندي سائينءَ آڏو ليلايو.
    ”سائين! منهنجي ننهن! منهنجي عزت ڪونه ٿي ڪري، ڪوئي اکر اُڪري ڏيو ته سدا سلامي رهي...!!“ ٻڍڙيءَ دانهن ڪئي.
    ”سرڪار! مونکي منهنجي ڌيءَ جو عيوضو، پٽ لاءِ وٺرائي ڏي... تنهنجو در نه ڇڏينديس، سرڪار! منهنجو عرض اگهاءِ ته ڇوريءَ سوڌي سلامي نه ڏنم ته منهنجو نالو مائي حور مٽائي، ڪاري ڪتيءَ تي رکجان...!!“
    سوڍل سائين، جي اندر جي ملال کي جلال آيو، وڏو آرس ڀڳائين، اکين ۾ ڪئي پوپٽ رنگ لهي آيس.
    ”سوڍل سائين! سوالي نه خالي. ڪجهه پسڻ ڪريو، ڪائي مِهرَ ڌريو ته، جوان جماڻ ڇوريءَ جي شادي ڪرائي، بار لاهي ڇڏيان“ سوالڻ جا هٿ جوڙيل پوتي ڪنڌ ۾ هئي. سوڍل سائينءَ ڪنڌ لوڏيو.
    ويهن_ ايڪيهن سالن جي سانوري رنگ واري مريم وڌي آئي.
    ”سائين! منهنجي ڀٽاري، ڪالهاڪون مِڙڻ بند ڪري وئي آهي... ڪائي مدد ڪريو... توهان در دانهن آهي... ٻي ڪا واهه ناهي...“
    سوڍل سائين جي اندر باهه ڀڙڪو کاڌو، بند اکيون کوليائين، وري ٻوٽي جلال مان رڙ ڪيائين ۽ ساڳي سمي، سيد سڳوري جو ساڄو ۽ ڪرامتي هٿ، سوالڻ جي مُنهن تي پهتو، سائين اُٿيو، اکيون لال هئس، سَٽ ڏئي مريم جي ڄنڊن ۾ هٿ وِڌائين. ٻه چار مڪون پٺيءَ ۽ ڪُکِ واريون لڳڻ سان سوالڻ جي رڙ ئي دٻجي وئي. ساهه ٻوساٽجي ويس، سڄي زندگي اهڙو ڌڪ، محسوس نه ڪيو هئائين، ڌڪن سان گڏ ڪچيون گاريون جاري، ساري هيون: ”تنهنجي ماءُ... تنهنجي ڀيڻ... تنهنجي ڪچي... تنهنجي پڪي...! مونکان!... مونکان ڍورن لاءِ تعويذ لکائڻ آئي آهين... ڪرامتي سيد اڄ اچي اتي پهتا آهن، جو ڍورن لاءِ پنهنجي ڪرامت ضايع ڪن...“ پوري هال ۾ سانت، سڀئي حراسيل، جهڙوڪه موت وارو، وَرايو هو. سوڍل سائين شينهن وانگر پئي گجيو. اوچتو اهو گجڻ بند ٿي ويس. سوالڻ، مريم تي نظر پئي هيس، سڀ ختم ٿي ويس. مريم جي منهان رت وهي رهيو هو. بي هوش و حواس هئي، سوڍل سائينءَ کان جان مان رت ڇڏائي وئي. دل ۾ چيائين ”مائي! شايد مري وئي“. پنهنجي پاران جِند ڇڏائڻ ۽ ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪري، اکيون بند ڪيائين.
    ”سڀني ضرورت مندن، ۽ حاجتمندن، پنهنجا سوال ڪري مدد حاصل ڪري ورتي آهي... سڀاڻي صبوح سان پنهنجا، پنهنجا تعويذ کڻي وڃجو“. پوري هال ۾ يڪ ٽڪ مبارڪ، مبارڪ جا آواز گونجي اُٿيا، ڪئي ڄڻيون وڌي آيون، پنهنجي عرض اگهامڻ کان پوءِ عقيدت مان هٿ چمڻ لاءِ، پر سوڍل سائين، سندن خواهشن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ٿوري دير بعد سائينءَ ڳالهايو:
    ” اڄ هن مائيءَ اسان وٽ اچي، اسانجي خانداني ڪرامت کي للڪاريو آهي، ڪاوڙ ۽ غصو ته ڏاڍو آهي، پر هي در ڏيڻ لاءِ سدائين سخي رهيو آهي، انهيءَ ڪري مائيءَ جي سوال کي به پورو ڪبو!“ سوڍل سائينءَ جي ڳالهائڻ دؤران مريم چُرڻ، پُرڻ کان پوءِ اُٿي کڙي ٿي، اکين ۾ خوشي ۽ سور جون گاڏڙ، ساڏڙ لهرون هيس، اُٿي اچي صوفي تي ويٺل سوڍل سائينءَ کي پيرن تي هٿ رکي سڏڪڻ لڳي. بيچيني واري ڪيفيت ۾ گهمندي ڦرندي سوڍل سائين جون نظرون مريم جي کاٻي ڳل تي پئجي ويون. سوڍل سائين کان ڇرڪ نڪري ويو. سامهون کاٻي ڳل تي، ساڳيو ئي تر هئس، جهڙو تر سائين وڏي جي کاٻي ڳل تي هيو. آنڌ مانڌ شروع ٿي ويس، تڙ تڪڙ ڪري، مريم جي مٿي تي هٿ رکي حاويليءَ ۾ هليو ويو.
    40 سالن جو سوڍل سائين! رنگ جو ڀورو، قدر آور، ڏاڙهي ڪوڙ، وڏيون مُڇون وڪڙ سان، وڏي جاهه، ۽ جمال وارو لڳندو هو. مريدن ۽ عقيدت مندن جي اَگهائيءَ سِوا ٻيا به شوق هئس. تترن جو شوق، سٺا تتر، ڪارڙا، بگڙا ۽ ايراني نسل جا تتر، ڪڪڙن جا ذوق، ڀلي ۾ ڀلا نسل، جاوا، ڳاڙها، پِيلا، خاڪي ۽ جہرا ڪڪڙ، ڪئي ڪامورا، ڪئي رئيس، ۽ ڪيئي سردار، سائينءَ جي شوق، سائينءَ جي ذوق جا سمورا رنگ پسڻ لاءِ ڪوههَ لتاڙي اچي پُڄندا هئا ۽ سڀئي شوق ڪرڻ ايندا هئا. شڪار لاءِ ڀلا اچن به ڇونه، جوءِ به جام ته جهنگ به گهڻو، مال متاع ته چرڻ اچي ئي اچي. تيتري تترن لاءِ، ڪوڪڙي، ڪڪڙن لاءِ، گوئر ڏاندن لاءِ_ پياسا پياس وسائڻ لاءِ، سوالي، جوابن لاءِ، ايندا ۽ ويندا هئا.
    هر فن مولا سوڍل سائين انهيءَ کان علاوه ٻن، ٻين شوقن جو پورائو به ڪندو هو، جيڪي شوق صوبيدار سخي بيگ ۽ سوڍل سائينءَ جا گڏيل شوق هئا، انهن کي ئي پروڙ هئي، ڇا ته شوق هين.
    ”واهه، واهه! سائين! پنهنجو شوق به زبردست شوق آهي“. صوبيدار کلندي چيو :
    ”شوق، صرف شوق!“ سوڍل سائين ٽهڪ ڏيندي چيو ”اڙي سخي بيگ! عشق آهي عشق موج ۽ مزو آسمان جو سير آهي“.
    ”سائين! سائيءَ جي جوش ۽ خروش ته سڀ پاسا ساوا ۽ سرسبز ڪري ڇڏيا آهن“.
    ”سخي بيگ! رڳو ساوا ۽ سرسبز“ سوڍل سائين شيطاني کل کليو.
    ”سمورا حواس جنت جو سير ڪري رهيا آهن“. جنت سان ياد اچي ويس بنان رُڪجڻ جي ڳالهايائين ”يار! اڄ ڇا ته شوق ڪرايو اٿئي، سڄي عمر آئي، اهڙو ڇورو- ڇوري جو حسن نه ڏٺو نه وائٺوم!!!“. سائين چپ ٿي ويو.
    ”سائين! رڳو حسن“ صوبيدار سخي بيگ شروع ٿي ويو. ”قدرت جو حسين خزانو هيو، خزانو...”
    ”ميان سخي بيگ! ڇڏ خزاني کي“. سوڍل سائين ڳالهه ڪٽي ورتس ”ڇوري جي جاهه ۽ جوانيءَ بابت ڳالهاءِ؟“.
    ”سائين! عمر جا ڀاڳيا توهان“ صوبيدار سخي بيگ ٿڌو ساهه کنيو.
    ”اسان ته سائي، سوائيءَ ۾ پورا هياسين، بس اهو ئي ڄاتوسين ته اڄ شوق مِڙوئي سرس ٿيو آهي، وڌيڪ ته توهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا، ڇو جو الا توهار توهان ڪئي هئي، اسان جي ڀاڳ ۾ ته سدائين ڀاڇل ايندي آ!!“
    ”اڙي سخي بادشاهه!“ سوڍل سائين دلجاءِ ڏيڻ جي ڪيس ”ڇڏ انهن ڳالهين کي، ڪي ٻيون ڳالهيون ڪر...“.
    ”بس سائين! ڇڏيو ٻين ڳالهين کي ڀي“. سخي بيگ به ڪڪ ٿي چيو؛ ”ڪجهه آرام جي سوچيو، مونکي ته صبح سان ايس پي صاحب سان به ملڻو آهي“.
    ”چڱو صبح سان ملبو...“. سائين ٿڪاوٽ ۽ موڪلائڻ جي حالت کان پاسو ورايو.
    سوڍل سائين تَرَ جي ڄاتل، سڃاتل شخصيت ان عمر تائين شادي ئي نه ٿي ڪيائين، شادي ڪري به ها ته ڇو، شاديءَ وارا سڀ شوق پورا ته ٿيندا هيس. پوءِ به نسل وڌائڻ ۽ خاندان پيدا ڪرڻ لاءِ، جيجل چئي ڪيترين ڇوڪرين مان هڪ ڇوڪريءَ سان جيءَ جوڙي وِڌو هئائين، جنهن سان ٽي مهينا اڳ شادي ڪري کيس حويليءَ وٺي آيو هو، شاديءَ رات سرجهُڪايل، اڃايل ۽ بکايل سانئڻ مومل ايترو ته پيار ڏنس جو، هو مدهوش رهجي ويو. انهيءَ مدهوشيءَ ۾ نيٺ هوش آيس، عادت مجبور ڪيس، حق کان ناحق طرف سُريو، ته رُڪڻو پيس، سامهون رڪاوٽ، مضبوط جبل جيڏي ۽ ارادي ۾ سمنڊ جيڏي گهرائپ هئي، اڻ ٽٽ ۽ ڏاڍي مڙس سوڍل سائين! پنهنجي عزت ۽ وقار جي توهين کان، جنگ ۾ فاتح بڻجڻ لاءِ پاڻ روڪي ڇڏيو. اڄوڪو ڏينهن ٻه مهينا پورا ڪرڻ وارو هوس. مومل کي مرڪي نه ڏٺو هئائين، ڪم سان ڪم رکي، گهڻو تڻو بنگلي تي رهي پنهنجا ذوق ۽ شوق پورا ڪندو هو.
    حالتن ۽ واقعن آنڌ مانڌ وڌايس، بي چيني، بي قراري حال ۾ آندس، چؤڦير نظر ڊوڙايائين. صوبيدار سخي بيگ کونگهرن ۾ هو. اوسي پاسي هڏيون، چڻن ۽ مڱن جي دال، خالي گلاس ۽ بوتلون، لُڏندي، لمندي نظر آيس، بدبوءِ وڪوڙي ويس، الائي ڇو پهريون ڀيرو ڪمري مان، سامان مان، صوبيدار سخي بيگ مان ۽ پاڻ مان بدبوءِ اچڻ لڳس. ساهه اڌ کان موٽڻ لڳس. پکي جي اسپڊ ته وڌايائين مگر بوءِ پوءِ به پنهنجو اثر قائم رکيو. پکي جي اسپيڊ ۽ آواز سان پنهنجا خيال، ڦرڻ لڳس، پاڻ کان نفرت وٺي ويس، ڪرڀ ٿيڻ لڳس. سڀ عمل، سڀ ڪردار آڏو آيس ته ڇرڪ نڪري ويس، سانئڻ مومل ياد آيس ته ڀڙڪي سان اُٿي ويو.
    سوچي ورتائين، ”ويچاريءَ سان ظلم ڪيو آهي، هڪ عورت جي عظمت کي داغدار ڪيو آهي، مومل جي پيار ۽ احساس جو قتلام ڪيو آهي... مان معافي وٺندس، پيرين پوندس... آهون نيزاريون ڪندس، سڀ ظلم، ڪيس ۽ ناحق ڇڏي حق ۽ سچ طرف ايندس“.
    سڀئي پڇتاءَ بنگلي تي ڇڏي، مومل جي محبت ۽ قرب حاصل ڪرڻ لاءِ حويليءَ جو رخ ڪري، چپ چپات ۾ مومل کي سرپرائيز ڏيڻ لاءِ، پنهنجي ڪمري جو در کوليائين، ته در کولڻ سان سرپرائيز ملي ويس، تيز بلب جي تيز روشني ۾ نظر پئجي چڪي هيس، بيڊ تي سانئڻ مومل ننڊ ۾ ستل هئي، ۽ ساڻس گڏ، سندن ذاتي ڊرائيور خدن ڀي ننڊ ۾ ستل هيو!!
    ***


    ڀــاڙي

    سڪندر جڏهن کان هوش سنڀاليو هو، تڏهن کان هن پنهنجي اٻوجهه ۽ مسڪين ماروئڙن کي مدي خارج ريتن ۽ رواجن جي سِنگهرن ۾ جڪڙيل ڏٺو هو. ظلم ۽ جبر جي علامت بنيل رئيس سهڻي خان، پنهنجي نالي جي ابتڙ، بدصورتيءَ، چالاڪي ۽ حرفتن جي انتها ڪري ڇڏي هئي. پورو ڳوٺ سندس قول ۽ فعل سان ٻڌل هيو. ڪير ڪُڇي، ڪير چِنگهي، ننڍا، وڏا بار ۽ تڪليفون سڀني کي سَهڻيون پيون، نه سَهڻ وارو ويتر عذابن ۽ ايذائن کان ٽپي سڀئي مظلوميت جون حدون اُڪري ويندو هو. تعليمي قابليت جي بنياد ۽ انهيءَ جي اثر سبب سڪندر ظلم کان بچي ويو. پنهنجي انفرادي بچاءَ کي اجتمائي طور ڦهلائڻ ۽ خوف هٽائڻ لاءِ هن اعلانِ جنگ ڪري ڇڏي. رئيس سهڻي خان جي چيلن ۽ چمچن جا بي جا ۽ فضول ڏاڍ مڙسيءَ جا سڀ ڪم ۽ سڀ عمل بند ٿي ويا. ڪيترن سالن کان، ظلم ۽ ڏاڍ جي ڏهڪاءَ کان رُسي ويل سڪون واپس اچي ويو. پوري تر جا ناجائز ۽ ڏاڍ جا ڪم ختم ٿي ويا. سڀني ذاتين جي فردن پنهنجي مٿان داٻي کي، ٽٽندي، ڀور، ڀور ٿيندي ڏٺو. رئيس جي ”ها“ تي، نَهَه، ۽ نهه تي ها ڪرڻ وارو ڄمي چڪو هو، مزاحمت جي انهيءَ سَرڪردي نوجوان سڪندر جو نانءُ سِگهو ئي ساري تر جي زائفن، مردن، ٻارن، ٻڍن ۽ سڀني جي زبان تي اچي ويو هو. هن نئين دم، نئين مجال، غلط ڪم جي مخالفت، جائز جي حمايت، وڏي عرصي جي دهشت ۽ داٻي کي ٽوڙي مروڙي، حق کي حق، ناحق کي ناحق طور نروار ڪري ڇڏيو. رئيس سهڻو خان وقت جي واءُ کي سمجهي ئي سمجهي، تيستائين هڪ وڌيڪ وارُ سَهڻو پيس، پنهنجو خاص ماڻهو نورل، پنهنجي مائٽ رمضان سان اُرهه زورائي جي جواب ۾، سڪندر جي ڪوشش سان لاڪپ تائين پهچي ويو. رئيس سهڻو خان نورل جي سالن جي وفاداري ۽ ڳوٺائي طاقت مان، نورل سان نڀاءَ جي چونڊ ڪري، پوليس معرفت سڪندر کي هيٺ ڪرڻ جي به نيت ڪئي، پر قدرت سندس بي جا ڏاڍ جي تسلسل کي ٽوڙڻ ۽ شيطاني عملن کي نروار ڪرڻ لاءِ سڪندر کي موڪليو هيو. جنهن مزاحمت ڪري پاڻ مڃايو هو.
    رئيس سهڻو خان، حد جي ٿاڻيدار ڏي ڪهي ويو. ٿاڻيدار سندس پڳ مٽ يار هيو. ڇوڪري سان زوريءَ جو ڪيس هيو، تنهنکي، کنگهي به نه ها، رئيس راضي ڪري ها! پر سڪندر سامهون هيس. انڌ ۽ ڏاڍ اڳيان، مظلومن، ظلمَ سهي، سهي باغي بڻجي، سينو تاڻيو هو. ڏاڍ ۽ جبر جي للڪار تي خونخوار شير ڇرڪي ۽ جاڳي پيو. جهور پوڙهي رمضان ۽ نوجوان سڪندر کي ڪوبه خوف نه هيو. رئيس سهڻي خان، پنهنجو رعب بحال رکڻ لاءِ ڳالهايو ”صوبيدار صاحب! ڊيگهه ناهي، ڳالهه ٿوري، نورل بيڏوهه آهي، ڪراڙي رمضان الائي ڇو پنهنجي پٽ سان ڇيڙڇاڙ جو ڪوڙو الزام هڻي، پنهنجي ڪُذات هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، ۽ اهڙي الزام کي ٿاڻي تائين رسائڻ ۾ نوجوان سڪندر جو ئي هٿ آهي. اسان پنهنجي بدناميءَ جو سور پي سگهون ٿا، پر ان شرط تي ته رمضان ۽ سڪندر ڪيس تان هٿ کڻي معافي وٺڻ لاءِ تڏي ميڙ کڻي اچن....“. صوبيدار، رمضان ۽ سڪندر کي ڏٺو، سڪندر کي غصو وٺي ويو، پاڻ سنڀالي، سِرَ جو جواب پٿر سان ڏيڻ لاءِ هن ڳالهايو ”... صوبيدار صاحب! تَنهن جي معنيٰ اُلٽو چور، ڪوٽوال کي ڊيڄاري.... رئيس گهڻا ڏينهن، پنهنجي ڏاڍ، پنهنجي ڏهڪاءَ جي ڪمائي کاڌي آهي، هاڻي سموري کاڌل ڪمائي، وياج سميت ادا ڪرڻي پوندس“. رئيس کي پيرن کان وٺي مٿي تائين باهه وٺي وئي. صوبيدار به ڇرڪي پيو، اکيون کليل رهجي ويس. صوبيدار ته ماٺ رهيو پر رئيس پاڻُ روڪي نه سگهيو... ”سڪندر! نانگن جي ٻِرَ ۾ هٿ وجهندين ته ڏنگجي، ختم ٿي ويندين.... نئون رَتُ اٿئي، ويرُ نه وجهه، متان پڇتائڻو پوئي....“.
    ”رئيس! باهه سان کيڏڻ وارن کي سڙڻ جو فڪر نه هوندو آهي“. سڪندر سنجيده ٿي وار ڪيس.
    رئيس سهڻي خان سمجهي اڻ سمجهيو ڪري چيو ”سڪندر! تنهنجي نيت ڇاهي...؟“
    ”رئيس سهڻا خان! عزت ڏي عزت وٺ، محبت ڏي محبت وٺ، هٿ ڏئي هٿ وٺ، نه ڪي، ظلم ڪري ظلم وٺجان، ذلت ڏئي، ذلت ڏسجان، ۽ نه ئي سر هڻي پٿر جهلجان...“. رئيس جا چمچا اُلري آيا. پر ٿاڻي جي خيال، رئيس جي هڪل ۽ سڪندر جي ساٿين آڏو ٺري ويا. سهڻي خان ڪاريهر جهڙا وٽ کاڌا، چيائين ”بس ڙي وات ڳاڙها، ڪالهوڪا ڇورا!... تنهنجي ايڏي مجال جو...“. ”رئيس! پيئي نه ملڪ جهان جي خبر“. سڪندر ڪٽي وڌس. رئيس به ڳالهائي ها، پر صوبيدار وچ ۾ ڳالهايو ”توهان بس ڪريو مسئلو حل ڪرڻ ڏيو“. ان کانپوءِ ڏاڍ ۽ جبر جي ارڏائي، مظلوم ۽ بيوس ماڻهن جي سچائي جو، مقابلو دوبدو شروع ٿيو، ڇڪ ڇڪان شروع ٿي وئي. صوبيدار لاٿِ ڪري پنهنجي تجربي جو وارُ ڪيو، ٺاهڻ جي ڪئي، راءِ ڏني، قانوني عڪس ڪڍيو، رئيس به حامي ڀري، ڏاڍ وري ٽٽي پيو، پر ڏاڍ ۽ ظلم جي بدنامي، ۽ رُسوائي خاطر حق جو آواز بلند ڪرڻ ۽ ناجائزيءَ ڪندڙ کي سزا ڏيارڻ لاءِ، رمضان ۽ سڪندر ڪيس تان هٿ نه کنيو ۽ ڪيس، چالان ٿي ويو.
    پوري تَرَ جي مظلوم ماڻهن واهه، واهه ڪري، سڪندر جي قابليت ۽ سندس ڪاميابيءَ تي کيس مبارڪون ڏنيون. چند ماڻهو اڃان به سهڻي خان جي دهشت ۽ داٻي ۾ آيل هئا، تن ڀي اندر ئي اندر ۾ سڪندر کي داد ڏئي دعائون پئي ڏنيون، هن جي جيون لاءِ، ۽ جياپي لاءِ! ڪافي وقت تائين ڏاڍ ۽ جبر جو سرچشمو، حرفتن ۽ چالاڪين جي مسند تي ويهي آمرانه حڪومت ڪندڙ سهڻو خان، سامهون نه اچڻ باوجود، اشاري سان پنهنجن پاليل ماڻهن هٿاران سڪندر کي ڪجهه به ڪرائي سگهيو پئي ۽ هن گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ ڪرايو به، پر جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي، سهڻي خان ڪيتريون ئي سازشون جوڙي به، مرد مجاهد جو وار ونگو نه ڪري سگهيو. سڪندر جي همت، ۽ حوصلو اڃان وڌيو. جوش ۽ خروش تڏهن آيس، جڏهن سهڻي خان جو پراڻو ساٿي، نادر سندس عمل ۽ ڪردار کان متاثر ٿي، هن جي بغاوت ۽ جدوجهد ۾ شامل ٿيو. نادر اهو ماڻہو هو جنهن ماضيءَ ۾ رئيس جي چئي لڳي، سندس ساٿ ۽ سهاري سان ڪئي گهر ويران ڪيا، ڪيتريون خوشيون ماتم بڻائي ڇڏيون هيون، ڪٿان به مزاحمت نه ٿي هئس، وڏو ڏَرُ هيس، سڀ ئي ٽهندا ۽ خوف کائيندا هيس، رڳو دل ئي دل ۾ پِٽون، پاراتا ڏيندا هئس. انهن پٽن ۽ پاراتن کانئس سڀ ڪجهه ڦري ورتو هو. هڪ رات چوري ڪندي، ڀاڳئي کي سجاڳ ٿيندي، بندوق هڻي ڪڍي هئائين ته گهر ۾ 10 سالن جو سهڻو سيبتو پٽ، پيٽ جي سور کان تڙپي، تڙپي دم ڏئي چڪو هوس، انهيءَ وڏي واقعي، نادر کي وري انسان بڻايو هو، هن توبهه ڪري، رٺل پرچائي معافيون ورتيون هيون، ۽ خدائي عذاب کان ڊڄندي ناحق جو مخالف بڻجي، سڪندر جي پاسي ٿي بيٺو هو. سڪندر جي حق، سچ جي آواز ۾ آواز ڏئي، امن ۽ آجپي جو پڙلاءُ پيدا ڪري سهڻي خان جي هانءَ تي مُڱ ڏرڻ شروع ڪيا.
    نادر خوش هيو، جو هن سڪندر جهڙي بي بها موتيءَ جو ساٿ ڏنو هو. هن انڌاري دنيا مان نڪري، روشن ڏيهه ايندي انسانيت جي اصولن، حق ۽ سچ، پيار ۽ محبت، عزت ۽ اصلي حيثيت کي پرکيو ۽ پروڙيو هو. هن جي مدي خارج دل ۽ دماغ مان سموري انا، سمورو زنگ لهي صاف ٿي چڪو هو. هن سڪندر سان رهي معاشري جون تلخ ۽ ڪڙيون، حقيقي ڳالهيون ٻڌي ۽ سمجهي ورتيون هيون ۽ گڏ گڏ رهندي، هن، سڪندر جي اندر ۾ هڪ ڪومل ۽ نازڪ سڪندر به ڳولي لڌو هو. سڪندر جي اندر ۽ من مندر ۾ ڪيترن جذبن، اُمنگن ۽ احساسن جو وجود قائم ۽ دائم هيو. سڪندر پنهنجي دل جي راڻي، احساسن جي ملڪه ۽ من جي محبوبه رابعه کي دل جي گهراين سان چاهيو ۽ پوڄيو هو. رابعه جيڪا سندس سڳي سئوٽ به هئي. ايترن گهاٽن رشتن ۽ ناتن باوجود سڪندر رابعه سان اظهار محبت نه ڪري سگهيو هو. هن کي ڪاليج تائين پڙهائڻ ۾ سندس ئي هٿ هيو ته مدد به! رابعه ننڍي هوندي کان وڏڙن جي زباني ، سندس نانءِ ٿيل هئي، پر هن ڪٽرپڻو نه ڌاريو هو. رابعه کي پنهنجي زندگي، پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ جا سڀ اختيار ڏئي پاڻ اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندو، ڪنهن کٽڪي کان خاموش محبت ۽ وفا جو پتلو بڻجي جلندو هو.
    رابعه سڪندر کي ڀائيندي ته هئي، پر چاهيندين ڪونه هئي. تڏهن هن جي سماجي ڪمن کان کيس چڙ رهندي هئي. هن جون سوچون ڳوٺاڻي ماحول کان پري شهر جي تيز ۽ هُل هنگامي واري دنيا وسائي چڪيون هيون. رابعه سڪندر جي ئي سهاري آزادي حاصل ڪئي هئي. جنهن آزاديءَ جو ڳوٺ جي مسڪين ماروئڙن کي ڪو حق نه هو.، هن پنهنجي مطلب دنيا جي سفر لاءِ آزاد ٻيڙيءَ تي سواري چاهي، نه ڪي اهڙي ٻيڙيءَ ۾ سفر جو سوچيو“ جنهن ۾ وقت ۽ حالتن جا ڪيترا لوڏا لما هئا. غريبن ۽ اٻوجهن جا غم ۽ ڏک به هئا ته ڪيتريون اميدون ۽ حسرتون به! ائين سفر ورهائجي ويو، منزل الڳ ٿي وئي.
    سڪندر ڪو رئيس، وڏيرو يا زميندار نه هو، ڪنهن غيباتي قوت، مدد ۽ سهارو بڻجي، ڪئي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرايس، هن جي انفرادي ۽ اجتماعي ڪمن کي ڏسي، سڀ ڪو دنگ رهجي ويو. ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي اسڪول جي پڪي بلڊنگ وٺي اُن جو درجو به وڌرائي، مڊل تائين ڪرايائين، نياڻين جو اسڪول منظور ڪرائي کولرايائين، مين روڊ کان ڳوٺ تائين لنڪ روڊ ٺهرايائين، بجلي لڳرايائين، واٽرسپلاءِ حاصل ڪري، صحت جي حوالي سان ڊسپينسري جو بنياد وجهرايو هئائين. اهڙين گهرجن ۽ ضرورتن جي پورائي سان، سڄي ڳوٺ واسين جي زندگيءَ ۾ نئون موڙ اچي ويو هو. سڀني واتان سڪندر لاءِ لکين دعائون ٿينديون رهيون، سڪندر واقعي به ڌرتي ڄائي جو حقي قرض ادا ڪيو هو. هن پنهنجي لاءِ محبتي ماڻهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو. سهڻي خان پنهنجي سڀني شرارتن، ناجائزين کي روڪي، پنهنجي حيثيت برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي، گڏوگڏ وقت جي انتظار ۾ پلاند ڪڍڻ لاءِ موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو.
    سنڌ، سونهن، ۽ سچائيءَ جي پرچاري سڪندر جو روح ۽ رڳ رڳ، خوش و خرم هئي، هن جي سوچ ۽ خيال کي عملي جامو اچي ويو هو. پر اوچتو رستي روڪ کڙي ٿي پئي، منزلن جي حاصلات جي سرواڻ سڪندر کي ڪافي ڪجهه قربان ڪرڻو پيو. سڀني ناڪامين ۽ پلاندن جي زهر سان ٽمٽار رئيس سهڻي خان، پنهنجي پاليل نانگن هٿان، محفلن جي مور حق ۽ سچ جي پوئلڳ، پيار ۽ پريت جي پرچاري سڪندر کي رات جي اونداهي ۾ مرکي ڪرائي ڇڏيو، ته سڪندر جي جيجل امڙ کان اُڀ ڏاريندڙ دانهن نڪري وئي ۽ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي. هن جي دانهن ۽ رڙين تي ڪيئي همدرد ۽ ڪيئي چاهيندڙ، پيرين ۽ مٿي اُگهاڙي اچي پهتا. پنهنجي محسن کي رت ۾ لت پت ڏسي، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا. درد جي شدت ته نادر جي دل ۾ به گهٽ نه هئي، پر وقت وڃائڻ بجاءِ چستيءَ سان وهندڙ رت کي ڪپڙي سان مضبوط بند ڪري. وڏي اسپتال پهچايو ۽ ڊاڪٽرن کان مدد وٺي هن پنهنجو فرض پورو ڪيو. ڊاڪٽرن فوري طور طبعي امداد ڏئي، خاطري ڪرائي ته خطري جي ڳالهه ناهي، سڀني آيلن مالڪ جو ٿورو مڃيو.
    سڪندر کي ڌڪ ڪافي تعداد ۾ هئا، پر سڀني کان وڌيڪ نقصانڪار ڌڪ گوڏي وارو هيو جيڪو ڪافي ڏينهن علاج ٿيڻ باوجود نه پئي ڇُٽو، ڊاڪٽرن گڏجاڻي ڪري، پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو ته ڦٽ جي ناسور ٿيڻ کان بچڻ لاءِ، ٽنگ کي ڪٽڻ جو پروگرام ڪيو آهي. نادر سميت ڪئي، دکي پنهنجي حالت کي سنڀالي نيم بيهوش ٿي ويا. جيجل امڙ سڪتي ۾ اچي وئي، پر اهڙين حالتن سان ڪجهه به نه ورڻو هو. ڊاڪٽرن پنهنجو فرض پورو ڪري سڪندر جي ٽنگ ڪٽي سندس صحت ۽ زندگي بچائي ورتي.
    سڪندر جي قسمت شايد کائنس ناراض ٿي هئي، جسماني طور تي معذور ٿيڻ سبب سڪندر سورن ۽ صدمن جي ور چڙهي ويو. سندس دل جي دنيا، رابعه، سندس ئي دوست جبار سان مڱڻو ڪري ڇڏيو. جيجل امڙ صدمن ۽ حالتن کان پاڻ بچائي نه سگهي ۽ اصلي ڏيهه تي رواني ٿي وئي. نادر کي وهم ۽ خدشو ورائي ويو ته ايترن سارن واقعن ۽ حادثن کان پوءِ سڪندر جي دل نه ٽُٽي پئي ۽ هو..........! انهيءَ کان اڳتي هو سوچي نه سگهيو.
    سڪندر جيجل امڙ جو سور، قسمت جو فيصلو سمجهي قبولي ورتو ۽ پاڻ کي معذور بڻائڻ وارن کي قرآن شريف کڻي اچڻ ۽ نياڻيون ميڙ ڪري لنگهي اچڻ تي، معاف ڪيو. رابعه جي خوشي کي پنهنجي خوشي سمجهي قبولي ورتو. نادر پوين ٻنهي ڳالهين جي فيصلن تي سڪندر کان رنج ٿيو. سڪندر کلندي سمجهايس ”نادر! ڪڏهن، ڪڏهن ٿورو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪجهه وڃائڻو پوندو آهي، ۽ ڪڏهن وري ڪافي ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ٿوري ٿَڪي قرباني ڏيڻ بهتر آهي. منهنجي معذوري، پوري تر جي آزاديءَ، امن ۽ ميٺ، محبت کان مٿي ناهي. رهي ڳالهه پلاند جي، سو پلاند کان معاف ڪرڻ بهتر آهي... ڳالهه رابعه جي ڪئي اٿئي ته هوءَ جڏهن منهنجي مڪمل هجڻ وقت منهنجي نه ٿي سگهي ته پوءِ منهنجي معذور ٿيندي، ڪيئن قبول ڪري ها! ۽ مان به ائين نه ڪريان ها!...“. نادر لاجواب ٿي چڪو هو. پر اندر ۾ باهه ٿي ٻريَس، ظالمن جي ظلم تي ۽ رابعه جي ڌارين ۾ رشتي ٿيڻ تي. نادر چيو ”سڪندر تون ڀاڙي آهين... ڀاڙي“. نادر ٻاهر نڪري ويو ۽ سڪندر کلندو رهجي ويو!!.
    ***


    گوري

    بيروزگاريءَ جي ڏينھن دوران ڏاڍو تنھائي پسند هوندو هو، انھيءَ تنھائي ۾ وري سانت ئي چاهيندو هو، جيڪا سڪون ۽ آرام جيان وڻندي هيس. دنياوي گوڙ ۽ گھمسان، دلي پيڙائون ۽ ذهني اذيتون ڪنھن درد کان گھٽ نه لڳنديون هئس. ان کان علاوه، ٻارن جو رونشو، زائفن جو لڙ ۽ مردن جو فساد، عام يا خاص موقعن تي به نه آئڙندو هوس. مال متاع جون رنڀون، پکي پکڻ جون ٻوليون، بي سڪوني ۽ بيقراري ڏينديون تڙپائينديون هيس.
    پنھنجي وس ئي نه هيو. انھيءَ ڪري گھڻن کان ته ڇا سڀني کان مختلف هو. تڏهن ته سندس گھڻگھرا، عزيز ۽ مائٽ کيس مذاق ۾ ”ڪنڊ جو ڪوئو“ چوندا هئا. سڀني ڏچن کان دور دل سان ڳالھيون ٻولھيون ڪري پنھنجي اندر جي آهه، اڃ اجھائي من جي خوشي حاصل ڪندو هو. اَجن واري کوهه کان اولھه پاسي وشال آسمان مٿان بادلن واري هڪ شام آڀوئن (ڪڻڪ جي سنگن) کي سرنھن جي ڦرٽ مٿان رکي ڇڪي مروڙي سروڙي ڦوڪي صاف ڪري کائڻ واري مرحلي ۾ هو ته کوهه تي پاڻي ڀرڻ لاءِ آيل ڳوٺاڻي ناري صدوري کيس سڏيو. سڏ ۾ جيڪو رڌم جيڪو سوز سمايل هوس، تنھن جسم جي رڳ رڳ وڃي ورتس. وڌي وڃي پھتس. صدوري نماڻيون ۽ سوالي نظرون کڻي مدد گھري ورتس. هڪڙو دلو کڻي ورتائين. نِوڙڻ سمي هن جي دل مٿان، نظرن جي نھار کان جسم جي وار وار تائين هڪ قيامت گذري وئي. مٿي تي آندل انھيءَ دلي اڇل کاڌي ته ڪافي پاڻيءَ سونھري بدن تي اڇي چولي کي آلو ڪري ڇڏيس. حراسيل هرڻيءَ جھڙي تڙپ ۽ لھر جسم تي اٿي آيس. صدوريءَ جي انھن ادائن، خلائن ۾ کڻي پهچايس انھن خلائن کان واپس وري صدوريءَ ئي آندس، ”دلو ته چيلهه تي رکراءِ ڇوڪرا“هن وڌي ۽ ويجھو اچي چيلھه تي دلو رکيو ته هڪ مٺي خوشبو، هڪ مزيدار واس. روح ۾ پيھي مدهوش ڪري ڇڏيس. نشي ۾ ئي هو ته صدوري لڏندي لمندي گذري اکين کان اوجھل ٿي وئي. ان ئي ڏينھن. عھد ڪيائين. صدوريءَ سان لائون لھي زندگي گڏ گذارڻ وارو خواب لڌائين. پران خواب جي تعبير ڪافي ڀيانڪ نڪتي، صدوريءَ سان شادي نه ٿيس. ارمان، حسرتون اندر کي وڍي ويس. جن ويراڳي ڪري، حسين زندگيءَ کي اوپرو بڻائي تنھا ۽ سانت پسند بڻائي ڇڏيس. ڪا رڙ، ڪا ڪوڪ، ڪوئي احتجاج نه ڪري سگھيو، جنھن تي ڪو افسوس هئس، ته نه به هئس. ڇو جو سماجي قدرن کان بي خبر ماڻهن آڏو دانھڻ، واڪا ڪرڻ، بي جا. فضول ئي هئا. بس اندر ئي اندر مدي خاري سماج کان باغي بڻجي ڪڙهندو ۽ پڄرندو رهيو ۽ دنيا کان دوري ڪري، جھنگ وسايو هئائين. اتي ئي رهندي ڪئي حقيقتون ڌرتي تي رهندڙ ماڻھن جي روين، عملن ۽ ڪردارن، کي پروڙيائين. حق ۽ ناحق ڄاتائين، ظلم ۽ زيادتي کي سڃاتائين. ان ئي ڪشمڪش دوران مٿس حملن مٿان هڪ وڌيڪ ۽ زوردار حملو ٿيو، والدين ڪئي ارمان کڻي، آسون ۽ اميدون رکي شفقتن ۽ پالنائن جو قرض چڪائڻ وارو عرض ڪيو. فرمانبردار رهي باغي سوچ سوئي سموئي اندر ئي اندر دٻائي شاديءَ لاءِ هائو ڪار ڪيائين. والدين جي خواهش تي ڀيڻ عيوض ورتل بدي واري ناري ”گوريءَ“ سان لانئون لڌائين.
    زندگي هڪ نئين رنگ سان رخ سان ۽ ڍنگ سان اچي ويئي هئس. سڀ ڪجھه دل ۽ دماغ جي هڪ پاسي رکي، نئين ڪنوار جي گوري وجود ۾ وڃائجي. صدوريءَ جي روح کي ڳولي لڌائين. گوري ڀي اڃايل ۽ ستايل مڙس کي محبتن ۽ چاهتن جا سڀ رنگ پسايا. جيون بھترين کان بھترين بڻائڻ لاءِ جيون ساٿي سان ڏک ۽ سک شيئر ڪري سوچ خيال ۽ حقيقت. حق ۽ ناحق. غلط ۽ صحيح سان گڏ. پيار ۽ پريت جي ڳالھين ٻولھين کي هينئين سان لائي سانڍي ڇڏيو. اڻ پڙهي گوري، پڙهڻ شروع ڪيو، اندر ۾ علم جي اپٽار ٿيندي هڪ عورت پڙهي ورتو. هڪ روشن گھر اوندهه اڪري نئين وجود ۾ اچي ويو.
    سلجھيل گوري پنھنجي مڙس جي مدد سان قابليت کي نکار ڏيڻ لاءِ سس ۽ ننھن جي، ڏير جي سھري جي رشتي کي سنڀالي علم ۽ عمل کي زور سان ڪنٽرول ڪري هڪ مثال بڻايو. پنھنجي زبان جي مٺاس سان روين سان ڏکيائن کي پار ڪيو. پوري ڳوٺ ۾ گوري هڪ سٺي نالي طور اڀري آئي ته مڙسهنس خوش ٿي سک جو ساهه کنيو. جيئڻ جو اتساهه ملي ويس. سانت ۽ تنھائي ڀلائي گوڙ ۽ گھمسان ۾ وڃائجي وڃڻ تي دل چوندي هئس. انھيءَ گوڙ ۾ ئي زندگي محسوس ٿيندي هئس. انھيءَ زندگي جي حاصلات لاءِ شادين، غمين ۾ شرڪت ڪرڻ فطري بڻجي ويس. کل کلان کان چڙندڙ سدائين مسڪرائيندو رهيو. کلندو رهيو، کلائيندو رهيو. ان ئي خوشيءَ واري وقت گاديءَ واري خوبصورت شهر ۾ نوڪري جو آرڊر مليس. گھرواريءَ ۽ گھر وارن جي محبت ساڻ ڪري خوبصورت شھر پھچي ويو.
    اَڄُ حج واري عيد ملھائڻ لاءِ ڳوٺ پئي آيو. ڏينھن جو سفر. شام تائين ڊيگھه ڪندو رات تي وڃي پڳو هُو پنھنجي ڳوٺ ٻاهران هيو جو تاريخ جي روشن رات موت محسوس ٿيس. ڇو جو سانت هئي ۽ سانت موت ڀاسندي هئس. ان ئي سانت ڏکائي ۽ تڙپائي وڌو هيس. پوءِ ڀي ڪوشش ڪري وکون کڻندو ڳوٺ ڀرسان ٿيندو ويو ۽ پوءِ سانت قبرستان بڻجي خوف ڏياري، ڏڪائي وڌس. دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي ويس. ساهه جو سرشتو بي ترتيب ٿي ويس. هڪ اڻ تڻ هڪ خدشو. ڇھين حس سامھون آندس. دم دلاسا ڏئي پاڻ گھليندو گھر آيو، خدشو ۽ خطرو سامھون هيس. قيامت جو منظر سامھون هيس. دنيا ۾ جئڻ جواتساهه ڏيندڙ هر دل عزيز جيون ساٿي گوري. مدي خارج روايت ڪارو ڪاريءَ جو شڪار ٿيل هئس. ٺپ ٺري ويس لڱ ساڪت ٿي ويا هئس. ڀاڻس جي مفاد کانئس دنيا ۾ عزيز هستي کسي ورتي هئي. گوري رت ۾ لال هئي. جسم جا ڪئي حصا ڪھاڙيءَ جي وارن سان وکريل هئس. وکريل حصن ۾ هٿ، آڱريون ۽ سسي هئي. هن جي دنيا کي ڳڀا. ڳڀا ڪيو ويو هو. هو وڌي اچي ڪپيل حصن کي ڇھڻ لڳو. سانت ۽ خاموشي سان ڪا حرارت پيدا نه ٿيس. پوري جسم کي ڏسي، گوريءَ جي گوري بدن تي سندس موڪليل اڇا اجرا ڀرت ڀريل ڪپڙا هئا، گوريءَ جي گورين ٻانھن ۾ هن جا ئي موڪليل ڪنگڻ پيل هئا. هن نظر ڊوڙائي گوريءَ جي سنھڙن ۽ سھڻن ڪنن ۾ ڀي سندس ئي موڪليل ايرنگ پاتل هئا. ڏسندي رڙ نڪري ويس. ڇو جو گوريءَ جي ڏٺل ۽ چميل مک جي سڃاڻپ ختم ڪئي وئي هئي. هو غصي کان غيرتي ڀاءُ تي الر ڪري آيو. ان کان اڳ ڀاڻس ڳالھايو ”بڇڙي ڪنھن جاءِ جي... سينگار ۽ سنوار ڪري... يار جو انتظار ڪري رهي هئي... غيرت ڀڙڪو ڏنو ٽڪرا، ٽڪرا ڪري ڇڏيومانس...!“ ان کان اڳتي هن کي ڳالھائڻ نه ڏنائين، گوريءَ جي رت سان سڻڀي ٿيل ڪھاڙي کڻي سندس سسيءَ کي رات جي سانت ۾ اُڏائي ڇڏيائين، روئاڄ پوئتي ڇڏي. هو واپس وريو هو. اڳتي اڳتي وکون کڻي ٿاڻي تي اچي پهتو. هن چيو ”صوبيدار صاحب هڪ ڪوڙي غيرتيءَ ڀاءُ کي پلاند ۾ ختم ڪري مدي خارج روايت ”ڪارو ڪاري“ جو منھن ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري آيو آهيان...“ صوبيدار ڪافي سالن کان سردار جي آشيرواد ڪري ٿاڻي تي رهيل هو. هن جون اکيون ۽ وات کليل رهجي ويا. ڀاءُ پاران ڀاءُ کي مارڻ تي کيس حيرت ورتو هو ته، ڊيوٽيءَ دوران ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ڪري ڪيس لوڙهي ويٺو هو. هن ڪيس لاءِ ڪھڙا ۽ ڪيترا قلم تيار ڪيا...؟!! هن جي ڊيوٽيءَ جو اُهو پهريون انوکو ۽ مثالي ڪيس هيو، جنھن لاءِ هن وٽ صحيح قلم ڪو نه هو.
    ***


    ڪوهيڙو

    تنھن ڏينھن سڄي وايو منڊل تي اڇو ۽ دونھين جيان ڪوهيڙو ڇانيل هو. پنھنجي وجود کانسواءِ باقي سڀ ڪجھه ڌنڌلو ڌنڌلو پئي لڳو، نه رڳو ڪوهيڙو هو، پر انھيءَ سان گڏ سيءُ به ڪوسيءُ هو، هٿن پيرن، منھن ۽ ڪنن جي پاپڙين تي ته جهڙو ڪر برف پئي ڪري، جيڪو به ڪنھن چلھه يا ڪنھن سوڙ جي ويجھو هو، تنھن کان سردي دور هئي. ڳوٺ جي کليل ۽ وائکي علائقي مان ٿيندو، هو جيئن ئي شھر طرف وڌندو ٿي رهيو، تيئن هن کي ڀاسي رهيو هو ته سيءُ پنھنجي اثر کي اڃا وڌائي رهيو آهي، ان کان علاوه وڻن جي ٿڙن ۽ پنن به انھيءَ سمي خوفائتي شڪل جوڙي ورتي هئي، جن جي اوچتي نروار ٿيڻ سان هن جي دل دهڪي ۽ ساهه سڪي ٿي ويو. هن کي اوچتو ظاهر ٿيندڙ ماڻهن کان ته ڊپ ڪو نه ٿي ٿيو، جو اهي به هن جيان اوچتي ظاهر ٿيڻ ڪري ٿورو پريشان ۽ گھٻرائجي پئي ويا، هو نه انھن کان خوف سبب رنگ هارجي ٿي ويو، نه ئي ڪا دل ۾ هٽ کٽ هئس جو سندس نه ڪو دشمن هو ۽ نه ئي هي ڪنھن سان وير پائڻ وارن مان هو. هي هڪ پڙهيل، لکيل، ڳوٺائي ۽ روايتي ماحول کان الڳ ٿلڳ هڪ جدا نمونو ۽ انداز رکندڙ نوجوان هو، هن علم کي نور سمجھي اندر روشن ڪيو هو، ڪتابن مان انساني عزت، اهميت ۽ عظمت جي سڀني قدرن کي ڄاتو هو، استادن جي رهبري، دوستن جي پنھنجائپ، پرائي جِي پروڙ جو شعور ڏنو هئس.
    هن پاتو هو انھيءَ پيار کي، جنھن کي کيڏندي، ڪڏندي، کلندي، ڳالھائيندي، بھار جي مست، الست موسم ۾ ساوڪ ۽ سرسبزيءَ جي رت ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هئائين، ٻڌو هئائين ۽ محسوس ڪيو هئائين، تنهن پل دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي هئس، پاڻ تي بي قابو هجڻ ڪري سري وڃي، سلامي ۽ ڪوشش ڪري ڪلامي ٿيو هو. هوڏانھن سائره به پنھنجي دل هارائي ويٺي، هو هن جي بيھڪ، لهجي ۽ انداز مان چڱي ريت ڄاڻي وئي هئي، تنھنڪري جلدي فيصلو ڪري هن جي اظھار محبت تي اقرار محبت ڪري ويٺي. ائين زمينن جي سرسبزي ۽ شادابي منجھه ٿيل اهڙي واقعي، هڪ حادثي جي صورت اختيار ڪري ورتي، ڌاري هجڻ ڪري سڱ وٺڻ جي ڪوشش هڪ پيٽ ۽ ڪافي ساري ڏاج جي صورت ۾ ملڪيت ڏئي پنھنجي دل جي دنيا کي حاصل ڪري ورتائين. مٽ مائٽ عزيز ڪاوڙجي ويا.
    ”اسان هھڙا جوان، اسان هيڏا قنڌار، انھن کان مفت ۾ به سڱ ڪو نه وٺون ها! تون آهين جو پيٽ به قبولي آيو آهين.“
    ”ڪوئي به وڏو ننڍو ناهي، امير ۽ غريب جو مقام به منھنجي لاءِ اهميت نه ٿو رکي، سڀ هڪ جھڙا، بس انسان آهيون، آدم جو اولاد آهيون....“ اهي ڳالھيون جن کان هو سڀ سڙندا هئا، جلندا هئا، ڪرڻ جو هاڻي وارو مليو هيو، انھيءَ ڪري هن کان لاتعلقي جو ٻول ٻولي، قول، اقرار ڪري ڀت برادري مرڻي پرڻي واسطو ڪٽي ڇڏيائون، هنکي به ڪنھن جي پرواهه نه هئي، هو روايتن خلاف هو، جيڪي مدي خارج هيون، ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون هيون. چاچھنس به ٿورو خفا هئس ته هن منھنجي ڌيءَ هوندي ڌارين مان ٻي شادي ڇو ڪئي؟! چاچي جي در لنگھي ويو، پنھنجي ڪافي ساري ڪيل ڪچھري ۾ واضح ڪري ٻڌايائين ته منھنجي هن فيصلي سان توهان جي ڌيءَ کي ڪو نقصان ڪو نه ٿيندو. نه ئي هن سان منھنجي قربت ۽ چاهت ۾ تبديلي ايندي. مان هي شادي پنھنجي دل جي هٿان مجبور ٿي نه ڪئي آهي پر انھن ٻن شاديون ڪندڙ مردن لاءِ هڪ سبق ڏيڻ خاطر هڪ راهه ڏيکارڻ لاءِ به ڪئي آهي، جيڪي هڪ زال کي دل ته ٻي کي ٻير جو ڪنڊو سمجھندا آهن انھيءَ کان وڌ انھن لاءِ به ته مثال ٿيندو جيڪي پنھنجي خانداني اوچائي. ذاتي وڏائيءَ سبب ننڍين ۽ ٻين ذاتين مان شاديءَ کي پنھنجي بي عزتي سمجھندا آهن پر انھن سان ناجائز واسطن کي صحيح سمجھندا آهن جڏهن ته جائز رشتي کي ناجائز ۽ غلط ڪوٺيندا آهن.
    پوءِ سڀني ڳوٺاڻين عورتن توڙي مردن ڏٺو.پر کيو ۽ مڃيو ته واقعي جيڪڏهن ڪا انسانيت آهي. ڪا شناسائي آهي ته دلشاد ۾ آهي، هن پنھنجي قول، فعل ۾ ڪوئي تضاد نه ڏيکاريو نه محسوس ڪرايو آهي، هن مٽن مائٽن جي غلط روايتن خاطر غلط ۽ بي جا کنيل اٻھرن قدمن کي ننديو ۽ ڪوڙو ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو آهي اوڙي پاڙي جي ٿيل واقعن مان ....!
    آهستي آهستي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻھن هن جي قابليت مان پرايو ۽ فائدو ورتو. سازشي. حرام پائين سان ٽمٽار سوچ ۽ ذهنيت رکندڙ ڪجھه فرد هن کان نفرت ڪرڻ لڳا، هن کان پنھنجي روايتن جي نيست ۽ نابودي جو پلاند وٺڻ لاءِ موقعي جِي تاڙ ۾ رهيا. شھر پھتو هو، تڏهن به ڪوهيڙي پنھنجي واپسي ڪو نه ڪئي هئي، ڪڏهن چڙهي ٿي ويو ته وري ڪنھن سمي لهي ٿي آيو، ڪوهيڙي جي زور شور اڳيان سج ڪيڏو نه بيوس ۽ لاچار ڏسجي رهيو هو. سيءَ ۽ ڪوهيڙي ۾ ڪيڏي نه تڪليف ڪري شھر پھتو هو، هڪ پرائيويٽ نوڪري جي انٽرويو لاءِ، جيڪا نوڪري انٽرويو کان اڳ سفارش تي ڀرجي وئي هئي. همٿ ۽ مردانگيءَ جا سبق ڏيندڙ شخص اهڙي بي اصوليءَ تي روئي پيو هو... بس ۾ چڙهندي خيالن جي گھرائي ۾ هو ته ڪنھن مسافر جي پير تي لت اچي ويس، ته جلدي پنھنجي فطرت ۽ انساني همدردي ڪري مھذب هجڻ جو ثبوت ڏئي همراهه کان معافي ورتائين، پوءِ به ڪافي سارا ڳالھاوَ کاڌائين. گھٽ وڌ ٻڌي ڪافي سارو شڪي ۽ لڄي ٿيو، سھي ويو پر اهو ڪجھه نه سھي سگھيو، جيڪو ان پل ڪجھه چورن، پاٿاريدارن ۽ روايت پرستيءَ جي نانڙي ”قادوءَ “ کيس چيو ۽ ٽوڪيو هو: اها ٿي نه عزت هن معاشري ۾، ڳالھيون ۽ گيت ڪيڏا نه ڳائيندو آهين، پنھنجي شرافت جا، لياقت جا، انسانيت جا، ڇا مليئي، ڇاٿو ملي ۽ ڇا ملندئي...؟؟؟ ڪيڏا نه سبق ڏيندو آهين سک جا، ساڃاهه جا، سڪ ۽ پريت جا...! مون ساڻ نه جيڪڏهن منھنجي ناجائزي هوندي به ڪوئي تکو ڳالھائي ها ته ڪاڪڙي منجھان زبان پٽي ڪڍانس ها! ۽ ٻيو ڪافي ڪجھه جيڪو هن ڪن لاٽار ڪري ٻڌڻ جي ڪو نه ڪئي. خيالن خيالن ۾ ايندي خيال ئي نه رهيس ته بشني پنھنجو وارو وڄائي پئسا ڪڍي ويو آهي، انھيءَ مھل خبر پيس جڏهن منشي ڪرايو گھريس، هٿ هنيائين ته ڪاريءَ وارا ڪک! منشيءَ کي پنھنجي حالت بابت آگاهه ڪيائين، کيسو ڪٽيل ڏيکاريائين ته به ويساهه ڪو نه ڪيائين، جملن ۽ لفظن جا ڏاڍا گھاءَ سٺائين، اتي به اهو قادو سندس ويچارگيءَ تي کليو هو، ڊرائيور اهڙي زيادتي جو نوٽيس وٺي معاملو ختم ڪري ڇڏيو پر هو آخري وقت تائين لھندي به هن جي تيز ۽ کائيندڙ نظرن جي گھيري ۾ رهيو، اڄ زماني وارن هن کي محبتن ۽ ڪوششن جي عيوض گٿا جملا ٻڌڻ لاءِ ڏنا هئا. انساني همدردي مھذب پڻي جي پرچار جي ڳالھين، عملن جي موٽ، تنقيد، ٽوڪ، کل، مذاق ۽ چٿر ڏٺي ۽ محسوس ڪئي هئائين. ڇا پئي ڪري سگھيو، ماڻھن جو ڪم هو ٽوڪڻ، چٿر ڪرڻ، پنھنجي هر خراب ۽ واهيات ڪم کي صحيح سمجهڻ، پر ٻي جو صحيح شرافت ۽ انسانيت وارو ڪم هوندو ته به ٽوڪ، تنقيد جو نشانو ضرور بڻجندو، انھن حالتن ۾ هنن سڀني جو ڪو ڏوهه ڪو نه هو، ڏوهه هنن جي فطرت جو هو، اثر رسوخ ۽ ارهه زوراين سان پيدا ڪيل معاشرتي جوڙجڪ جو هو، سماجي ناهموارين جو هو، غريب ۽ امير وچ ۾ پيدا ڪيل اهميت ۽ عزت جي فرق جو هو، اقتصادي تنگي ۽ ڦير گھير جو هو...! سڀني قدرن ۽ حالتن کي وساري پنھنجي مفادن خاطر، ٻين جي حقن کي کائڻ، لتاڙڻ ڪري هي معاشرو مٽجي ويو هو، ڪتن، ٻلن ۽ ٻين جانورن جي ته ڳالھه پري پر انساني حياتي به اهميت وڃائي ويٺي هئي. ڪارو ڪاري، قبلائي جھڳڙن، دشمنين، دهشتگردي ۽ روڊ حادثي ۾ انساني وجود جي ڪا اهميت ڪانه رهي هئي. سڀني ڳالھين، رلجي هن کي روئاري وڌو، تڙپائي وڌو هو. ڪوشش جي باوجود به دل جي درد کي ۽ سور جي سڌ کي روڪي نه سگھيو، اکين ۾ آب لھي آيس، گھر تائين ٿڙندو ٿاٻڙندو پھتو هو.
    سنڌي ناٽڪ رنگ ڏسڻ لاءِ گھر جي آڳنڌ تي ڳوٺائي ننڍڙا ٻار ڪجھه عورتون، مرد موجود هئا، انھن جي گوڙ، شور ويتر ئي ذهني اذيت ڏنس، وڏي گھرواريءَ جي پٽھنس روئڻ شروع ڪيو ته ننڍي زال کي کڻڻ لاءِ هڪل ڪيائين. جوڻهنس شوخائيءَ مان ٻوڙ مھٽيندي جواب ڏنس، ”ٻوڙ ٿو سڙي، مون کي واند ناهي“ سدائين سڀني تيز جملن ۽ لفظن جي جواب ۾ خاموش رهندڙ اڄ ڪاوڙ دٻائي نه سگھيو، جلدبازي مان ڀرسان پيل سروٽو کڻي، ٺڪاءُ ڪرايائينس، سروٽو سڌو وڃي مٿي ۾ لڳڻ ڪري رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو، جوڻهنس تڙپڻ لڳي، موجود ماڻھن مٿان جھڙوڪر راڪاس گھمي ويو هو، هوءَ ساڪت ٿي ويو، هن جي هٿان انساني وجود ڌڪ کائي رتورت ٿيوهو، سڄي ڪمائي لڙهي وئي هئس، هڪ اٻھرائي ڪري، هڪ ٿوري غلطي ڪري، خبر جھنگ ۾ باهه جيان پکڙي وئي، مردن، عورتن ۽ ٻارن سان آڳنڌ، کچا کچ ڀرجي ويو هو، قادوءَ اچي پاسو ورتس.
    ”جلدي ڪر، پرائي ڇوري، مري، الائي بچي!! ڪنھن سان الزام ڏئي ”ڪاري“ ڪرينس، ڳھو به تري ويندئي“ انھيءَ کان وڌيڪ ڳالھائڻ نه ڏنائينس، هڪ تيز ٿڦ منھن ۾ هنيائينس ته هلڪي رڙ سان هو ٿِڙي پري وڃي ڪِريو.
    ”ڪمينا! تر ۾ جنھن ماڻهو غلط ۽ ڪوڙين ريتن، رسمن کان بغاوت ڪري سچائي ۽ انساني علمبرداريءَ جو ساٿ ڏنو، تون انھيءَ کي راهه تان ٿيڙي ساڳي ڪوڙي ۽ مدي خارج سوچ جي ڌٻڻ ۾ پيو ڌڪين، هوءَ شريف هئي - شريف آهي، منھنجي اٻھرائي ۽ جلدبازيءَ جو شڪار ٿي آهي ته مان انھيءَ جي سزا ضرور ڀوڳيندس.“ جلديءَ ۾ هن زال کي گڏهه گاڏي ۾ کڻايو ۽ رت وهڻ کان بچاءَ لاءِ ڪپڙي جو سھارو ورتو، گڏهه گاڏو ڳوٺ کان دور ٿي رهيو هو، سج لھي ويو هو، اماس رات ڪوهيڙي ۾ وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي هئي، هن جي سوچ اها هئي ته هوءَ ضرور بچي ويندي، منھنجي محبت ضرور بچي ويندي.
    ***


    سانورو

    سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ سبب پنھنجي وجود کي کٽ تي اڃان پٿاريو ئي ڪونه هوم ته مٿان مٺل اچي ويو. تڪڙو تڪڙو آيو، هيسيل ۽ پيلو پيلو لڳي رهيو هو. جلد بازيءَ مان اصل مٿان چڙهي آيو نه ڳالھايانس ها ته شايد اٻھرائي مان لتاڙي وڃي ها ”مٺل خان! هن پاسي ويھجانءِ آهستي آرام سان ڪٿي پنھنجي وزني بدن جي زور سان هڻي منھنجي هيڻي هاٺيءَ کي نقصان نه رسائي ويھين.“ هٿ کان وٺي پيرانديءَ کان ويھاريو مانس، پاڻ به سري ويومانس. ساهه اڌ کان ٿي موٽيس. انھيءَ ۾ به جلد بازيءَ جو جوش سرس هوس، پر وجود پگھريل هوس- ڪپڙا به آلا هئس، ڄڻ ڪنھن زوريءَ وهنجاريو هجيس. بلب جي روشنيءَ ۾ ننڍي چڻي جيترا پگھر ڦڙا - جھڙوڪر آسمان تي تارن جي جھرمر هئي....!
    ”ڍولڻ! خير - آهي نه...؟“ ڪڏهن ڪڏهن قرب مان ڍولڻ به ڪوٺيندو آهيانس. مان اهو ڳالھائي سگھيس. ان کان اڳ جو وڌيڪ سوالن جي بوڇاڙ ڪيان هُو سمجھي ويو ان ڪري پاڻ ئي شروع ٿي ويو. ”يار! خير وري ڪھڙو ٿو پڇين....اصل مئو بچيو آهيان.... سمجھه ته نئون ڄائو آهيان...!!!“ مان هينئر واقعي به حيران ٿي ويس. سمجهيم متان مصيبت ڪڍ لڳل هجيس. جنھن مان جان ڇڏائي ڀڳو هجي. ڳالھه نروار ڪرڻ لاءِ چيو مانس. ”مٺل خان! خير آهي... اهي تڪليفون ۽ ايذاءَ به ڪي جوان ئي سھندا آهن. ڀاڙين ۽ بي همٿن لاءِ ننڍو پٿر به راهه جي رڪاوٽ هوندو آهي. تفصيل ٻڌاءِ خير ته آهي نه؟؟“ همراهه پھرين ٿڌو ساهه کڻي پنهنجو اندر ٺاريو، ڪافي لمحن جي انتظار کانپوءِ هن نرڙ جي کلندڙ ۽ ٺھڪندڙ پگھر جي ڦڙن کي هٽائيندي چيو. ”خير ڪھڙو ٿو پڇين.....ڀاءُ اختر!..... شروع کان وٺي هينئر تائين جڏهن ڀي پنھنجي پروگرام مطابق ٺھي سنڀري ٿو نڪران پنھنجي محبت راحيلا سان اظھار محبت ڪرڻ لاءِ تنھنجا سڀ ڪرتب ۽ ڪرشما ساڻ کڻي، تڏهن ڪونه ڪو مسئلو يا تڪليف ضرور پيش ايندي آهي. يار! اها به ڪا زندگي آهي، جنھن ۾ هي معاشرو ۽ انھيءَ ۾ رهڻ وارا ڪنھن کي چاهڻ نه ڏين، محبت ڪرڻ وارن کي نه سھن.... مثال طور تنھنجي ڏسيل سبقن مان راحيلا سان اظھار چاهت ڪرڻ لاءِ هن پويان، سٺا ۽ سھڻا پوز هڻي، هن جي ڪاليج اچڻ وڃڻ وارن چوراهن وٽ بيھي نقلي ريبن جو چشمو پائي، فلمي هيرن جيان وارن کي هيڏي هوڏي لوڏڻ... گانا ڳائڻ ۽ انھن سان ئي پنھنجي اندر جي باهه وسائڻ....! يا پنھنجي دل جي درد جي قصن سميت چٺي ڏيڻ ۽ معصوم منھن بڻائڻ جھڙا ڪرتب ڪرڻ سمي مون سان جا گذري آهي اها خدا وٽ ئي لکيل آهي. مون سان جٺيون ٿيون آهن. شھر جي رولو ڪتن ڪڏهن خوب ڊوڙايو آهي ته ڪڏهن ڍڪڻ لٿل گٽرن جي ور چڙهيو آهيان، پنھنجي محروميءَ ۽ بيوسيءَ تي ماتم ڪندو آهيان. وڏو صدمو ته مونکي انھيءَ ڳالھه رسايو آهي ته مٿين سڀني عملن ۽ روين کي مان سھي ويس، پر پنھنجن جي ظلم ۽ زيادتي تڙپائي وڌو آهي. راحيلا جوپيءُ صاحب موصوف جڏهن به پنھنجي ڪم لاءِ مختلف چوراهن يا گھٽين مان گذرندي ڏسي ٿو ته پوءِ منھنجي پيرن ۽ ٽنگن لاءِ مصيبت شروع ٿي وڃي ۽ منھنجا ارمان ۽ احساس هن جي ڪمن جي پوري ڪرڻ ۾ لٽجي وڃن ٿا، هو چوندو آهي ته ڇورا! ڪپڙا ته ٺاهوڪا پاتا اٿئي، وارو ته ڪر منھنجو هي فلاڻو ڪم ته ڪر... شاهي بازار مان خضاب جو پتو آڻي ڏي... مٺل ڏاڍو سٺو ٿو لڳين... هي پئسا وٺ ۽ بجليءَ جو بل جمع ڪرائي اچ... سريلو ڇوڪرو آهين، انھيءَ ڪري توکي ئي تڪليف ڏيندو آهيان. گھر جو سودو کٽي ويو آهي، يوٽيلٽي اسٽور تان ڪجھه ۽ باقي وڏي بازار مان رعايت سان ملندئي وٺي اچ. مطلب جي ڳالھه ملندو ته ڪم لاءِ زبان ضرور اڪلندس. ڪم نه ڪرڻ يا چيو نه وٺڻ به ته ڪنھن ظلم يا ويل کي دعوت ڏيڻ برابر آهي نه...“ مٺل جي عشق جي ايڏي ڊگھي ۽ ورن وڪڙن واري داستان کي اصل نه ٻڌان ها پر هن جي انھن ڪوششن کي شاباس نه ڏيڻ ناواجبي ٿيندي. ”مان ته صفا ان کان به چٽ آهيان“ دل ۾ سوچيم. ماحول جائتو ٿيو، هو مون ڏي ۽ مان هن طرف تڪڻ لڳس. اندر ئي اندر هن جي سڀ عمل ۽ ڪوشش کي ساراهڻ لڳس ته ڪيئنءَ نه هن منهنجي ڏسيل سبقن تي عمل ڪري پنھنجي چاهت سان اظھار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. پوءِ ڀلي ان ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي ۽ مان آهيان جو ٻين کي ته ڏس ڏيان ٿو پر پنھنجي ساهه کان وڌيڪ پياري، عائشه سان ٻه ٻول پنھنجي ارمانن ۽ احساسن بابت ڳالھائي نه سگھيو آهيان. اها به ڪا چاهت آهي....؟“
    ”ڪاڏي گم ٿي وئين...؟“ مٺل مونکي خلائن مان واپس آندو. ٿڌو ساه ڀريم ”بس يار ائين ئي پنھنجي دنيا ۾ هليو ويو هوس.“
    ”پوءِ ڀي ڪجھه ته پنھنجي حال غم کان آگاهه ڪر.... پنھنجن کان ڳجھه نه رکبو آهي.“
    ”ڪجھه پنھنجي دنيا طرف سُري سوچن جي اٿاهه گھرائين ۾ ٽٻيون هڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئم. انھن گھرائين ۾ عائشه کي ڳولھڻ لڳو هوس ۽ پنھنجي آشياني کي به جنهن ۾ منھنجي سجني، سٺي ۽ سيبتي ويس سان موجود دري کوليون منھنجي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ اکيون وڇائي ويٺي آهي ...“
    اڃان ڳالھائڻ ٿي چاهيم ته هن وچ ۾ ڳالھايو. ”يار! سچ پڇين ته تنھنجي انھيءَ فلسفي سان ٽمٽار لفظن ۽ ٻولن کي جيڪڏهن نه منھنجو اندر ۽ منھنجي زبان پنھنجو بڻائي وٺي ته جيڪر آئون ڪامياب ٿي وڃان. منزلن جي بھارن ۾ جھومندو پنھنجي راحيلا لاءِ گيت ۽ غزل لکندو وتان.“
    ”مٺل خان! منھنجي تعريف ڪرڻ وقت پنھنجي اندر به جھاتي پائي ڏسندو ڪر ته تون پاڻ به چوويھن ڪلاڪن جي فلم لڳندو آهين.“ هو ٽڙي پيو ناڙي جي اڇي گل جيان....!
    ”تنھنجون ئي ڪرم نوازيون آهن سُهڻا تڏهن ته ڏينھن رات جي فلم بڻجي ويو آهيان“
    ”واهه ڙي جوان! تنھنجي ٿورو اڳ تنهن جي خوب تشبيھه هئي. تو چيو ته منزلن جي بھارن ۾ جھومندو پنھنجي پياري لاءِ گيت ۽ غزل لکندو وتان .... سو ڍولڻ هڪ ڳالھه ٻي به کولي ٻڌ ته جڏهن وڇوڙي جي اذيتن کي ڀوڳي ڪشالا ڪڍي منزلن کي رسبو آهي، تڏهن تن ۽ من شاد ۽ آباد رهندو آهي. جڏهن زندگي شاد ۽ آباد گذرڻ لڳندي آهي، تڏهن ڪو به شاعر، ڪھاڻيڪار يا ليکڪ ڪونه لکي سگهندو آهي. هي دنيا جا سڀ اديب ۽ ليکڪ پنھنجي من اندر جي روڳ کي ريجهائڻ لاءِ لکندا آهن. محبوب کان دور رهڻ واري مجبوري ئي کانئن زوري لکائڻ جو ڪم وٺندي آهي. سو ڀوڪ بصر ٿورو سوچي سمجھي فلسفو ڳالھائيندو ڪر...“
    ڏاڍو ڦڪو ٿيو. سرنھن جي پيلن گلن جيان!
    ”بس يار! سکندي، سکندي، سکي وٺندس تنھنجي اثر ۾ ... !“
    ڪجھه لمحن لاءِ ٻئي خاموش رهياسين .
    ”ان جي معنيٰ اڄ وري به ناڪام موٽيو آهين ....“
    ڪنڌ هائو ڪار ۾ لوڏيائين. مان سوچڻ لڳس ته هو تارا ڦوٽاري مونکي گھورڻ لڳو. پاڻ ڏي گھوريندو ڏسي ڇڙٻ ڏني مانس. ”چريا! ڪرين ڇا ٿو؟ جلدي پاڻي پيار ته ڪجھه حل ڳولي وٺان“ هو پاڻي ڀرڻ لاءِ اٿيو ته مان وري سوچڻ لڳس. ٿوري ئي لمحي کانپوءِ دلي جي ٽٽڻ ۽ پاڻي جي هارجي وڃڻ سان ئي حال ۾ موٽي آيس. ”نڀاڳا! ڪنھن جاءِ جا اڳ ئي بيروزگارن لاءِ پئسو مصيبت بڻيل آهي، ۽ تون ويتر گهر جو زيان ڪري مونکي وڏي اذيت ۾ گھيرڻ ٿو چاهين... شرافت سان 30 رپيا هلاءِ ته امان نه اچئي ۽ هڻي نه ٻنھي کي موچڙا...“ کيسي ۾ هٿ هڻي 30 رپيا ڪڍي ڏنائين. باقي 10 جو سائو نوٽ مونکي کُکي ويو چيومانس ”اهو به ڏئي ڇڏ ڪم پڪو ٿي ويو سمجهه!“
    ”اهو وري ڇا لاءِ؟“
    ”پڻھين لاءِ! ٻيو ڪنھن لاءِ! هي جو دماغ ٿو هڻان تنھنجي لاءِ ته 10 رپيا به نه لھڻيم؟ ڪو چانھه پيئان، ڪيڪ پيس سميت، پڻھين ايترو صدورو ته ڪونھي جو هوٽل کان بنان پئسا ڏيڻ جي اٿڻ ڏي.“ هن کلي ڏنو ۽ مان نوٽ وٺي کيسي ۾ رکي ٻاهران کيسي کي بٽڻ لڳائي ڇڏيو، جھڙوڪر هو نوٽ مونکان ڦري وٺندو!
    ”اچي وئي.....!“
    ”ڪير؟؟“ پھرين حيران ٿيس، ۽ پوءِ کل ۾ ٻڏي ويس.
    ”ميان مٺل! آئيڊيا دماغ ۾ آئي آهي. سمجھه ته آخري حل آيو آهي ۽ آخري به ڪامياب حل تون سنئون سڌو بنا ڪنھن خوف، ڊپ ۽ گھٻراهٽ جي. کلم کلا، انھيءَ ڇوڪريءَ سان پنھنجي چاهت جو اعلان اظھار ڪري ڇڏ! جي ائين ڪري نه سگھين ته پنھنجي گھران شرافت سان ۽ عزت سان پيءُ ماءُ کي پاڻ واري راحيلا جي والدين طرف سڱ گھرڻ لاءِ موڪل، بس اهوئي آخري ڪامياب حل اٿئي، زندگيءَ ۾ ساٿيءَ کي حاصل ڪرڻ جو......!“
    ”ڀلا ڳالھه ته ٻڌ ......“.
    ”مان ڪجھه به نه ٻڌندس، جيئنءَ چيومانءِ، وڃي تيئنءَ ڪر، شرافت سان ڪم هلي ته سٺو، پاڙو به راضي، مالڪ به خوش، جانو به پرتل ...... !!!“ ۽ پوءِ مٺل ويندو ئي رهيو. موڪلائيندي پھر مان هن جي ناسي ڪارين ننڍڙين اکين ۾ هڪ قسم جي عھد ۽ مضبوط يقين جي چمڪ ڏسي ورتي هئي جيڪا، هر ڪامياب عاشق جي اکين ۾ جوت جيان جرڪندي رهندي آهي. مان اتان اٿي وڃي دالي جي ديوار ۾ لڙڪيل آئيني کي هڪ ئي حرڪت سان کڻي ورتم. پاڻ کي پسي پرکي ويم، هي منھنجو وڏو ڪو دشمن آهي، جڏهن به پنھنجي پيار جو اظھار ڪرڻ لاءِ عائشه جي گھر ڏي راهي ٿيندو آهيان، تڏهن هو کلڻ لڳندو آهي ڄڻ هو چوندو هجي؛ ”جوانڙا تون ڀلي ڪاٽن جا ڪپڙا، ويڪرا پانچان، قميص تي ڪلھن کان گھنج ڪرائي، ٻانھن کي ٻه ٻه بٽڻ هڻائي، ڪنڌ آسمان ۾ ڪري لئي مان نئون سروس جو چمڪدار بوٽ پائي، ڪيتريون به آسون ساڻ ڪري دل جي دروازي جو ڪڙو کولي هلين، پر جي هُنَ سجنيءَ تنھنجي دل جي دروازي ٽپڻ کان اڳ ئي تو کي اهو چئي وڌو ته ”هل سانورا، ڪاراڪنا، مان توسان پيار ڪريان! قيامت ٿي اچي ڇا!“ پوءِ ڇا رهندئي مان ۽ ايمان ۾! آئيني ۾ اها هڪ خامي آهي مونکي ڪارو ڪوجھو چئي ڇڏيندو آهي. يا اها حقيقت مونکي ٻڌائيندو آهي!؟ منھنجي چمڙي واقعي ڪاري آهي. پوءِ ته سمورا ارمان، دل ۾ سانڍي دفن ڪري، رت جا ڍڪ پيئڻ لاءِ مجبور ٿي واپس هارايل جواريءَ جيان قدمن ۾ ٿڪاوٽ محسوس ڪري، موٽندو آهيان.
    شام جي سھاني وقت گھر جي آڳنڌ تي ڪرسيءَ تي ويھي سوچن ۾ گم هوس ته مٺل وري آيو چيائين ”مبارڪون ڏي مان ڪامياب ٿي ويس، تنھنجي ڏسيل ٻنھي حربن مونکي منھنجي محبوبه سان ملايو، مان ڏاڍو خوش آهيان.... تنھنجي مٺائي ٿي! مان هلان ٿو. امڙ ۽ ابو راحيلا وارن جي گھر ويل آهن.“ هو تڪڙو تڪڙو نڪري ويو.
    ڏاڍو صدمو رسيو، پر مٺل جي ڪاميابيءَ تي ٿورو خوش به هوس. ڇو ته هن جي ڪاميابيءَ پويان منھنجي صلاح هئي. پر مان هوس اُتي جو اُتي! منزلن جا ڏس ڏيندڙ پاڻ راهن ۾ رُليل مسافر جيان ڀٽڪي رهيو هوس. ڪرڀ ۽ درد جي اثر کان سيسراٽي نڪري وئي. اکين مان ڳوڙها وهي هليا. ڪافي لمحن تائين ساڪت ۾ رهيس... ۽ پوءِ ڀڙڪو ڏئي اُٿيس، وهنجي سهنجي ڪپڙن کي سينٽ جا ڦوهارا ڪري اهو سوچي ته اڄ هوءَ اظهار ڪرڻ تي اٽڪي پئي ته به ڀل اٽڪي! ڀلا ساري عمر اظهار نه ڪرڻ جي پيڙا ۾ ته نه گذارڻي آ نه! مان اڄ پنهنجي ۽ دل جي مقصد ۾ ڪامياب ويندس. منهنجي پڪي ارادي کي ڏسي سموري جاءِ مبارڪون ڏنيون ۽ هو هڪ آئينو هو، جو ٽوڪي رهيو هو. وڏو دشمن (آئينو) به مونکي گہڙي کن لاءِ ٿيڙي نه سگهيو هو. ڇو جو منهنجو خيال ۽ ارادو هن جي ٽوڪڻ تي اڃان پختو ٿي ويو هو. اڄ عائشه سان محبت جو اظهار ضرور ڪندس. پوءِ سٽ ڏيئي پنهنجي وڏي دشمن آئيني کي زمين تي اڇلايو هيم ۽ پاڻ بنا خوف ۽ گهٻراهٽ جي عائشه جي گهر ڏي وڌندي دل مڃڻ لڳي هئي ته عائشه انڪار نه ڪندي...!!
    ***


    قادو ڪبوتري

    پوري تر ۾ صرف قادو ڪبوتري ئي هڪ نالي وارو ڪبوتر باز هو. شوق ڇا هوس، عشق هيس عشق! اهي آسماني ڪبوتر، اهي پاريھر اهي ڏوٽر، اهي لسا، اهي ڪٽا، جھرڪٻرا ڪبوتر! مطلب ته ڪيترن ئي رنگن نسلن ۽ نمونن جا ڪبوتر جيڪي سڄي ترجي ويھارو کن ڳوٺن ۾ صرف هن وٽ ئي هئا. ڪبوترن جا ڪئي شوقين، ڪئي عاشق ڪبوتري، پيرين پنڌ، گڏهه گاڏن، سائيڪلن تي، ڪوهه ۽ ڪلوميٽر اڪاري قادو جي ڳوٺ ايندا ويندا هئا. اچ وڃ ۾ ڪنھن شوقين، ڪنھن عاشق کي گھاٽو ته ڪنھن کي فائدو، ڪڏهن سندس مور ته ڪڏهن موڙي به چٽ! قادو ڪبوتري سڄي ترجي شوقين ڪبوتر بازن جو چڱو مڙس ۽ فيصلا ڪندڙ هو، ڪبوترين لاءِ ڪئي قانون جوڙيائين ۽ ڪيترن قانونن ۾ ترميمون ڪيائين. مثال طور ورتل ڪبوتر، جيڪڏهن وري واپس اڏري مالڪ وٽ اچي لَهي. مھيني ٻي، ٽين يا سال ۾ ته نه ڪبوتر ۽ نه ئي پئسا واپس ٿيندا. ڪو به پنھنجي منھن آيل ڪبوتر ڦاسائي ته اهو سندس ملڪيت هوندو. مرضي ٿئيس ته واپس ڪري يا نه ڪري. قادوءَ جي قانون موجب ڪوئي شوقين، ڪو به ڪبوتر ڪنھن به حالت ۾ ڪھي نه کائيندو. هن جي خيال مطابق ڪبوتر اوليائن ۽ بزر گن جي مزارن جا خادم ۽ انھن جي در جا غلام آهن. انھن کي ڪھڻ ناواجبي ٿيندي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي حق پاڻ وٽ رکيائين. جيڪي وقت آهر ڪم آڻڻ جي خيال کان قابو ڪيائين. انڪار ۽ اعتراض رکڻ ۽ ڪرڻ تي شوقين ڪبوترين لاءِ پنھنجو يا پنھنجي گروپ جي ڪبوتر بازن جو واپار، اٿڻ ويھڻ بند ڪري ڇڏڻ وارو شرط ۽ ٻول ڪيائين.
    ڪبوتري ٿيندي ايتري عزت، ايترو مان ملندس، ان بابت ته سوچيو ئي نه هئائين، پر ماڻس به اهڙي عزت ۽ شان وارو خواب ڪونه لڌو هو ايتري عزت، راڄ، ڀاڳ ۾، پنھنجن پراون ۾، اوڙي ۾ پاڙي ۾، ننڍن، وڏن ۾ قادوءَ جو اٿڻ، ويھڻ، ڳالھائڻ، ٻولھائڻ، سڀ لاءِ مٺڙو، کارو ته دشمن لاءِ به نه ٻوليندو هو. انھيءَ کي به پنھنجي ڳالھين، ٻولھين ۾ قائل ڪري پنھنجو ڪري وٺندو هو. ڪنھنکي به پنھنجي خلاف سوچڻ، ۽ عمل ڪرڻ جو موقعو نه ڏيندو هو. وقت ۽ حالت کي پنھنجي سوچ، پنھنجي عمل مطابق هلائڻ، جا سڀئي گر، زماني جي گردشن سيکاري ڇڏيا هيس.
    ڄائو هو ته پڻس، قادر بخش نالو رکي راهه رباني ٿيڻ کان پاڻ بچائي نه سگھيو، قدرت واري سانوڻ رُت جي تيز ڏينھن جي تپش ذريعي موت جو شڪار بڻائي ڇڏيس. قادر بخش ننڌڻڪو ۽ ڇورو ڇنو بڻجي قادر بخش مان، قادو بڻجي پيو. ٻن چاچن صرف چئن ڏينھن پڄاڻان ئي منھن مٽي، وڌيڪ ننڌڻڪو بڻائي ڇڏيس. سڀ واسطا، رشتا ٽوڙي پاڻ روڪي ۽ سندس سھارو ختم ڪري ڇڏيائون ۽ پوءِ سڀ رهيل باقي رشتيدار ۽ عزيز به بندي ۽ ڌنڌي ۾ لڳي ويا، مامي سائينءَ سھارو ڏيڻ لاءِ هٿ وڌائڻ جي ڪئي ته جوڻس روڪي وڌس ته رڪجي ويو. اڪيلي ۽ بي سھارا ماءُ پنھنجي لاڏلي کي ساهه جو سھارو بڻجي پاليو، تاتيو ۽ جوان ڪيو. هاڻي نوجوان قادو ڪبوتري ئي هڪ نالي وارو ڪبوتر باز هو. نالو هيس، عزت به ته شان به! ڪيترائي محتاج هئس ته، ڪيترا مخالف ۽ جڪ کائڻ وارا به!!
    7 سالن جي عمر ۾ قادوءَ کي ڪبوترن جو شوق سامھون واري گھر مالڪ شريف جي ڪبوترن کي گھر مٿان، وڻن تي کُڏَ مٿان لھندي ۽ چڙهندي ڏسي ٿيو هو. خوشيءَ مان، محنت ڪري ستن ڏينھن ۾، چڱڙو موچارو کڏ ٺاهي ورتائين. ماءُ کي ايلاز منٿ ڪيائين، ته بيوس ۽ لاچار ماءُ وڃي شريف جي اڳيان جھولي جھلي شريف کان ٻه ڪبوتر وٺي آئي، پر چھرو زرد هيس، پر ننڍڙو قادو انھيءَ حالت کان بي خبر جوڙي ڪبوترن جي کُڏ ۾ ڇڏي، سارو ڏينھن انھن جي ٽنڊواليءَ ۾ لڳي ويو. ڪبوتر وڌڻ ۽ ويجھڻ لڳا. قسمت ساٿ ڏنس، ڀاڳ وريس، کُڏُ ڀرجي ويس. پنھنجي وس ۽ وت آهر ترقي ڪيائين، ٻڪري، پوءِ انھن سالن ۾ ڳئون ڌاري ڪافي ڍور بڻايائين. انھن جي هوندي به پنھنجو شوق نه ڇڏيائين. سلسلو جاري رکيائين. شوق پوري نموني سان عشق بڻجي چڪو هيس. ڪبوترن تي ايذاءُ ۽ رحم ڪوئي هن کان سکي. ڪبوترن جي کڏن اندر ٻاهر، ڪئي نانگ، ٻليون ۽ ڪتا پنھنجي بک اجھائڻ لاءِ آيا، وارو وٺي ويا. ڪبوتر ڳھي ويا. انھن جي ڳھجڻ ۽ کائجڻ جو ڏک نه سھي، نانگ، ٻليون ۽ ڪتا ماريائين. نانگ، ڪنھنجي مالڪي ۾ نه هئا. باقي ٻلين ۽ ڪتن جي موت تي پاڙي وارن سان ڪافي ڪجھه لُڙ، فساد ۽ جڳھڙو ٿيس، جڳھڙن ۾ ٻنھي ڌرين کي ڌڪ لڳندا هئا. ڳالھيون ٿاڻي ۽ ٿاڻي کان پوءِ اوطاقن ۾ اينديون هيون ڳالھيون ٿيون فيصلا ٿيا ته فائدو قادوءَ کي ئي ٿيندو هو. پوءِ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون. جڏهن کان قادوءَ عقل ۽ سھپ کان، پنھنجي مفاد، انا لاءِ خواهش لاءِ ڪم ورتو، اهي ڏچا به ختم ٿي ويا.
    قادوءَ کي ڪجھه نه سمجھندڙ مامي سائينءَ سڏي ڌيءَ جو سگ ڏنو. واهه ڙي ڀاڳ! واهه ڙي قسمت! پنھنجي ضرورت، پنھنجي مفاد لاءِ، ڪئي معصوم ۽ وڏڙا شوقين مجبور ڏسي شڪار ڪيائين جنھن عمل تي ڪو به پڇتاءُ ڪونه هيس. ڪنھن زبان کولي هڪ ڏينھن ائين چيس ته ”قادو! پنھنجو مُور ٿو موٽائي....!“ انھيءَ ويل اها زبان ڪٽڻ ۽ منھن ڀڃڻ چاهيائين. پر پنھنجي سھپ ۽ مفاد لاءِ ماٺ رهيو، اندر جو سور پي ويو. پر هڪ اونڌاهيءَ ويل جهڙو رهندڙ کٽڪو اندر ۾ هر سمي رهڻ لڳس. جنھن جو ٽوڙ صرف پلاند ئي سوچيائين ۽ پلاند ڪندو رهيو. جيڪا وري عادت پئجي ويس.
    تنھن ڏينھن اڪيلو گھر ۾ ستو پيو هو ته، مرحوم شريف جي گھر واري ميران مٿان آيس، پنھنجي پٽ جي لاءِ ڪبوترن جي جوڙي وٺڻ. قادو مفت جو مال ته جانورن کي ئي نه سھندو هو ته ڪنھن ماڻھو کي ڪيئن سھي ها! سو پنھنجي عادت، فطرت، وقت ۽ حالت کان مجبور هيو. مجبور ۽ بيوس ميران پنھنجي عزت عيوض جوڙي ڪبوترن جي ساڻ ڪيون سندن گهر جو در ٽپي ئي رهي هئي جو قادوءَ جي ماءُ ملي ويس، جوڙي ڪبوترن جي هن جي هٿن ۾ ڏسي چيائين، ”ادي! ميران مونکي پنھنجي پٽ تي يقين هيو، جو هن تو کي ڪبوترن کان نه موٽايو. آخر هن کي کنيل قرض به ته واپس ڪرڻو هيو نه ....!“ ماءُ جي انھن جملن کان پوءِ وڌيڪ ڪجھه ڀي ٻڌي نه سگھيو. ڇو جو قادو ڪبوتري سڀ ڪجھه سمجھي چڪو هيو ......!!!
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 906595
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 306608
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ