ڪتاب جو نالو: اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو
مصنف: مهراڻ ڌامراهو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 19 سيپٽمبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 683 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 177 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مهراڻ ڌامراهو جي شاعريءَ ۾ سادگي، سچائي ۽ زميني صحيفن جا اهڃاڻ جابجا جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس شاعريءَ ۾ انفراديت جا رنگ ان ڪري به نمايان محسوس ٿيندا جو مهراڻ لفاظيءَ جي پاڇي کان پرڀرو ٿي پنهنجو رستو جوڙي بغير هام جي مسلسل لکندو رهي ٿو. ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ مهراڻ جي انهن خوابن جو مجموعو آهي جيڪي خواب ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي عشق مهراڻ کي ڏيکاريا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب نمبر 69
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • مهراڻ، هڪ سٻاجهڙو شاعر
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • اوھان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوھان لاءِ پيار بي معنيٰ!
  • مون ۾ به آ، جدا به آ.
  • ڏاند گاڏيون، مٽيءَ جا رانديڪا
  • ھــڪڙا ماري کلندا ماڻهو.
  • رات جو ھنڌ ۾، ياد تنھنجي پرين.
  • مان ئي چيو هو ٺاهه مونکي
  • اسان جي پيار جا قصا اڻپورا اڌورا ها.
  • ڇو مٽيل آ مٺا، تون لڳين ئي نه ٿو،
  • اوھــــان جو وڇــوڙو، وڏو حادثو.
  • ڌنڌلو هـر مـنـظر آ.
  • دل جي ڌڙڪڻ جو، ڪو ته سبب ھــوندو.
  • سپنا اکين ۾ ڪنھنجا اچن ٿا.
  • ڇڻڪار ڪيـا، ٿم آءُ راڻا.
  • جـڏھن من ھي ڪنھن کي به چاھڻ گُھري ٿو.
  • جنھن سان منھنجو وير آ.
  • جاڳ کٽي آ، ننڊ اچي ٿِي.
  • ٽور تنھنجي پرين ٿي وڻي واھه تي.
  • توسـان ھـجي ڪا رات ڪٿي.
  • جئين ساهه جي لئه هوا لازمي آ.
  • ڀلي وڃو، رلايـو نه.
  • ڀرجي آيـو نيڻين پـاڻي.
  • جي بيٺا ھُياسـين ته ميلا ھياسين.
  • سڄي زندگي جيئن مـرضيءَ جيـئو.
  • مڃو ڪين ٿا پر پڪا ٿي ويا ھو.
  • ڪيڏو به ڪنھن کي چاھيون اسان.
  • رازق، رب، رحمان پرتو.
  • ائين زنــدگيءَ مان هو نڪري وئـي آ.
  • زندگيءَ کي گيت سمجھي گنگناءِ.
  • شھر نـنڊ پـيو آ، بحر ننڊ پـيو آ.
  • فقير آ، طبيعتن.
  • ڪن ۾ والي ، پينگهه لــڏي ٿي.
  • گم ٿي ويو ھان گھر ۾ ھوندي.
  • سڳنڌون هوا ۾ ڀريندي رھي ھوءَ.
  • ‘‘مھراڻ’’ جي طبيعت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.
  • ھـر رنگ ۾ جيـئو ته مان مڃان مڃان مڃان.
  • تنهنجي پاسي ڀيرا ڇا جا!
  • اوهان کان او جانان جو وڇڙي وياسين.
  • دوست هيو پر دشمن جھڙو.
  • وکريل ماڻھو ڳولي ڇا ڇا؟
  • ھير گھلي ته سڪون ملي پيو.
  • وري شام ورندي، وري باک ڦٽندي.
  • ٻـاھر عـاليشان ھُيو ھُو.
  • ٻول ته تنـھنجي ذات خبر پئي.
  • پن ڇڻن ۽ لـڙڪ ڪرن ٿا.
  • تنھنجي جڏهن ڀي پار ۾ آھيان.
  • توکي روزو، نـماز جي آهي.
  • ڪڏھن تـو ۾ ‘‘مھراڻ’’ تبديلي ايندي.
  • جيڪو آھي تنھنجو آھـي.
  • ڪڪر ڀي ڪري ڇــــانو گذري ويو.
  • ڪوئي وٺي مان دل ٿو کپايان.
  • ڪـي ڪـي ماڻھو ويندي ويندي ڌوڙ اڏائي ويندا ھنِ.
  • پائي جــهاتيون لــڪي ويون.
  • اوهان سان ملياسين وڌيا حوصلا.
  • هرڪــو هن تي فدا هيو.
  • اڃــان ياد آهـــن تباهيءَ جا منظر.
  • مُلهه مـنهنجو ڪٿي نه هو؟
  • درد جــي ســٽ، سهي نه سگهنداسي.
  • ڪيڏو ڪوئي ھيکل ھيکل.
  • منهنجي من کي پچاءِ ڪنڀر.
  • ھاڻـي ڪنھن سان نه واسطو آھي.
  • يـاد هن جي وڏي وندر آھـي.
  • ھر خوشي وينـــدي ڏسي، زندگي روئندي رھي.
  • ويـــٺي ويــٺي وڃائجي ٿا وڃون.
  • ٿورو چپ ڪر خيال سوچيندا.
  • دل جي دروازي تي آهي دسـتڪ اڃان.
  • مڙِي آيو آ جهڙ نيڻين لڳي ٿو مينهن وسڻو آ.
  • جڏهن تنهنجي يادن ۾ پاتي مون جهاتي.
  • مٽيءَ کي مٽيءَ سان گڏيندو هـــجان.
  • ائيـــن اڄ ڏسين ٿو رليا ڄڻ نه آهيون.
  • بــي قراري وڌي رهي آهي.
  • اسان ۽ اوهان ۾، وٿيون ڪيتريون هن.
  • هيڏي هــن دل پــار او سائين.
  • جنهن کي آهي سو ٿو ڳاهي.
  • حياتيءَ ۾ بڻجي ڪوئي ڀرجــهلو.
  • مينهن وسن، مــــال چرن ، سنڌ سـڄي ۾.
  • تنها تنها ڇاهي مــاڻهو؟
  • باهه جـو هي مچ ڇـــاهي؟
  • موٽي ڀل جوُ هلڻو ناهي،
  • تمـــاشي تي تاڙي نه ٿي.
  • شھر نـنڊ پـيو آ، بحر ننڊ پـيو آ.
  • چـــئبو منـــهن تــــي ســـچ ســٿي.
  • ماڻهن جو محلاتون ملڪيت.
  • درد ڏيـــــو ڀــــل لاهــــي پاهــــي.
  • مــٿي اڀ ڪـــڪرن ۾ روئــي ڏنــو آ.
  • خـــواهشــون دل ۾ ويهاري.
  • وياسين ته پنهنجا نه هوندا نشانا،
  • سونهن جا پاڻ يار ٿي وياسين.
  • هـــوائن ۾ خوشبوءِ گهولي وڃو.
  • اسان ۽ اوھان ۾ وڏو فرق آھي.
  • اوھان کي ڏسڻ سان اکيون بند ٿي ويون.
  • جڏهن ڀي جتي ڀي چاهيوسي اسان
  • جنهن وٽ سڪ جو سٽ ناهي
  • خودڪشيءَ جو خيال آيو آ
  • ڪـنهن کي ايڏو ياد نه ڪر.
  • وايون

  • چنڊ اچي ڀل جھول ڪري ،
  • تون ته نه ٿي اوپرو،
  • توسان منھنجي ملڻ جو،
  • مٺي سڀ مٺيون،
  • روشنين جي پٺيان،
  • اونداھين راتين کان،
  • زندگيءَ کان سٺي،
  • سپنن ۾ ھا تو سان پرچي.
  • سکڻو اجرڪُ نه چـهءُ،
  • مونکي ايندي ڏسي

  • ڪتاب نمبر 69

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو
    موضوع: شاعري
    شاعر: مهراڻ ڌامراهو
    ڇاپو پهريون: سيٽمبر 2017ع
    ٽائيٽل؛ نظير شيخ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 200 روپيا


    Awhan cha payr man jhano
    (Poetry)
    By: Mahran Dhamrho
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:

    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر. مدني بڪ اسٽور، دادو


    ارپنا

    پنهنجِي پيار جو هي
    پهريون پُورهيو
    امان ۽ بابا جي نانءُ
    جن جي وجود جو
    حصوآهيان.


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر مهراڻ ڌامراهو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    مهراڻ ڌامراهو جي شاعريءَ ۾ سادگي، سچائي ۽ زميني صحيفن جا اهڃاڻ جابجا جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس شاعريءَ ۾ انفراديت جا رنگ ان ڪري به نمايان محسوس ٿيندا جو مهراڻ لفاظيءَ جي پاڇي کان پرڀرو ٿي پنهنجو رستو جوڙي بغير هام جي مسلسل لکندو رهي ٿو. ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ مهراڻ جي انهن خوابن جو مجموعو آهي جيڪي خواب ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي عشق مهراڻ کي ڏيکاريا آهن.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مهراڻ ڌامراهو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، مهربانيون پياري ساجد سنڌيءَ جون جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    ڏٺو وڃي ته مهين جي دڙي جي مٽيءَ جي مهڪ سان واسيل تخليقڪارن جي تخليق ۾ انفراديت جا رنگ نکرڻ ۾ به ويرم ئي ناهي لڳندي، لاڙڪاڻي جي تاريخي شهر ڌامراهه ۾ جنم وٺندڙ مهراڻ ڌامراهو جي شاعريءَ ۾ پڻ سادگي، سچائي ۽ زميني صحيفن جا اهڃاڻ جابجا جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس شاعريءَ ۾ انفراديت جا رنگ ان ڪري به نمايان محسوس ٿيندا جو مهراڻ لفاظيءَ جي پاڇي کان پرڀرو ٿي پنهنجو رستو جوڙي بغير هام جي مسلسل لکندو رهي ٿو، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪافي شاعرن جي سڃاڻپ بڻجندڙ سندن هڪ تخليق به کين هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيندي آهي، پوءِ اها ڪنهن به فنون لطيفي جي صنف سان سلهاڙيل ڇونه هجي.
    مهراڻ ڌامراهو جي به اها خوشقسمتي چئجي جو سندس سليم رضا جي آواز ۾ڳايل پهرين غزل‘‘اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو’’ کي ايتري پذيرائي ملي جو سندس نانءُ سڄاڻ ڌرين توڙي عام ماڻهن لاءِ اوپرو نه رهيو ۽ اهائي هڪ سٺي تخليقڪار يا گائڪ جي ڪاميابي آهي جو کيس پنهنجي تخليق آڌار انفرادي طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي. مهراڻ ڌامراهو پنهنجي ڪوتائن جيان پنهنجي شخصيت ۾ به ساڳي سادگي، پيار ۽ پنهنجائپ جي مايا کي پاڻ کان الڳ ٿيڻ ناهي ڏنو.اميد ته سمبارا پبليڪيشن پاران ‘‘اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو’’ جي سوکڙيءَ کي پيار جو تحفو سمجهي هيئين سان هنڊايو ويندو.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    مهاڳ

    اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو
    انسان هر دور ۾ ان ڳالهه جو قائل رهيوآهي ته هو پنهنجي علم ۽ عقل جي بنيادن تي دنيا بدلائي سگهي ٿو، ڇو ته هن وٽ تخليقي سگهه آهي جيڪا سگهه پڻ کيس ٻين مخلوقات کان منفرد ڪري ٿي. انسان تخليقڪار آهي ان ڪري وٽس جڏهن علم جو حصول ڪجهه سرس ٿئي ٿو ته سندس عقل کيس تخليق سان روشناس ڪرائي ٿو ۽ جنهن کي اها ڳالهه، اهو فلسفو سمجهه ۾ اچي وڃي ته پوءِ هو تخليق جي دڳن جو مسافر بڻجي ٿو، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انهن دڳن جي مسافرن کي ڪو من چاهيو ماڳ به ملندو آهي؟ ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جي سماج ۾ تخليق جيترا ڏنڀ ڏئي ٿي اوترا لاڀ نٿي ڏئي، پوءِ به ماڻهو تخليقڪار ڇوٿو بڻجي؟ اهو هڪ وڏو اهم سوال آهي جنهن جي جواب جي سڀني کي خبر به آهي ۽ هر ڪو اڻڄاڻ پڻ آهي. اسان جي سماج جو تمام وڏو الميو اهو به آهي ته هتي فنڪار ڀوڳي ٿو، فنڪارن ۾ وري ليکڪ ڪجهه سرس ٿو ڀوڳي، ليکڪن ۾ وري شاعر جون ڀوڳنائون ڪجھه وڌيڪ آهن ڇو ته شاعر نه صرف سماجي حالتن کي ڀوڳي ٿو پر هو پنهنجي ئي گروھ يعني شاعرن جي روين جي نٽهڻ اس ۾ به هر وقت سڙندو رهي ٿو. هڪڙو سوال اهو به آڏو اڀو ٿئي ٿو ته ان جي باوجود هڪ شاعر شاعري ڇوٿو ڪري؟ شايد انڪري جو شاعر پنهنجي اندر جي ڀڃ ڊاھ، محسوسات، جذبات ۽ خوشيءَ توڙي ڏک کي اظهارڻ جو هڪ خوبصورت دڳ ڳولي لهي ٿو، هڪ اهڙو پيچرو جيڪو نه صرف شاعر کي پنهنجي ان اڻانگي پنڌ جون تسڪين جي روپ ۾ سڦلتائون ارپي ٿو پر هو عام ماڻهن لاءِ پڻ روح جي راحت جي سامان جو وسيلو بڻجي ٿو. شاعري وسيلي ماڻهو پنهنجي من جي مانڌاڻ کي لفظن ۾ پروئي پڌرو ڪري ٿو، اندر ۾ اڀرندڙ جذبا جڏهن اٻڙڪا ڏئي ٻاهر اچن ٿا ته انهن کي لفظن جو روپ مليو پوي ٿو ۽ شاعري جهرڻن وانگر ڦٽڻ لڳي ٿي. واقعي به زندگي خواب جو ٻيو نانءُ آهي, اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ماڻهو جاڳندي به سپنا ڏسندا آهن. ننڊ ۾ ڏٺل خوابن کي ثبات ناهي هوندي، اک کلي ته خواب اڏامي ويندا آهن. هليا ويندا آهن، اسان کان پرانهان، ڄڻ اسان جا هئا ئي ڪين، پر جاڳ جا سپنا ڏسندڙن انسان عام ناهن هوندا انهن جا خواب تيستائين جيئرا رهندا جيستائين هن دنيا جو وجود آهي. اهڙن ماڻهن جا خواب ٻين ماڻهن لاءِ خواب ڏسڻ جو وسيلو بڻجي ويندا آهن. اسان جو دوست مهراڻ ڌامراهو پڻ اهڙن شاعرن منجهان آهي جنهن اهڙا ڪيترا ئي خواب ڏٺا آهن، پر هن پنهنجي خوابن لاءِ راهون ۽ انهن جا ماڳ پنهنجي سماج، پنهنجي ماڻهن جي من ۾ جهاتيون پائي ڳولي ورتا آهن، اوهان جي هٿن ۾ موجود ڪتاب ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ مهراڻ جي انهن خوابن جو مجموعو آهي جيڪي خواب ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي عشق مهراڻ کي ڏيکاريا آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل مهراڻ جي هڪ غزل جي سِٽ آهي جيڪو غزل اڄ به سڄي سنڌ ۾ محبتن ۾ نارسايون ماڻيندڙ عاشقن جي زبان جو ترانو بڻيل آهي ۽ جيڪو مهراڻ جي سڃاڻپ ۽ مقبوليت جو ڪارڻ بڻيل آهي:

    اوھان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوھان لاءِ پيار بي معني!
    اسان ھاڻي ڇڏيو ڄاڻي اوھــان جي ســـار بي معني!

    اکين ۾ لڙڪ ڦٿڪن ٿا، اسـان جو چين تڙپي ٿو،
    سندءِ ڳالھيون ڪجن ڪنھن سان، ٿيواظھار بي معني!

    اجايو ٿـو تڪين سھڻا وڇائي نيڻ راھن ۾،
    اجائي سينڌ شرمايئه، اڱڻ ڇڻڪار بي معني!

    قدر ناھي ھـتي ڪنھن کي جھونگارين ڇا ٿو صحرا ۾،
    اجايو گيـت ڇيڙين ٿـو، اهي سر تار بي معني!

    وفا ڪاڏي وئي آھي، پڇي ڪوئي نه ٿو ڪنھن کان،
    دنيا ۾ ڪجھه رهيو نــاھي، سڄو سنسار بي معني!

    ورھايون ٿا اسان ھتڙي، جفا جي موٽ ۾ “مھراڻ”،
    لکن جـو پيـار ھو جيڪو، سو اڄ بيڪار بي معني!

    مهراڻ جا اهي خواب سندس شاعريءَ جي ڪينواس تي مينهن رنگيءَ جي رنگن جيان نکري بيٺا آهن، انهن رنگن مان هر رنگ جي ڀر ۾ ڌرتيءَ جو رنگ به بيٺو آهي جنهن کي جڏهن به ڏسبو، سوچ جي آڱرين سان ڇهبو ته ان مان مٽيءَ جي خوشبو ايندي محسوس ٿيندي، اهو هڳاءُ پنهنجو پاڻ سان وٺي هلي ٿو انهن جهانن جا سير ڪرائڻ جيڪي جهان مهراڻ ڌامراهي پنهنجي شاعريءُ ۾ جوڙيا آهن، جيڪي نج پج هن جا پنهنجا آهن ۽ جن منجهان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبو محسوس ڪري سگهجي ٿي.
    مينهن وسن، مــــال چرن ، سنڌ ســـڄي ۾.
    گل ٽڙن گاھ ڦـــٽن، سنڌ ســڄي ۾.
    ساڳ، پليون، ڦوٽا ڦريون، ڪڻڪ ۽ ٻاجهر،
    ماکي مکڻ، کير پيئن، سنڌ سڄي ۾.
    مهراڻ پنهجي شاعريءَ اندر ڌرتيءَ جي رنگن کي نه صرف هئيتي ڪينواسن ۾ چٽي انهن کي جلا بخشي آهي پر هن اهي رنگ پنهنجي هستيءَ تي به رڱيا آهن، هن پنهنجي آتما سان گڏ پنهنجي وجود کي به انهن رنگن سان رڱيو آهي، جيڪا شاعريءَ جي ميدان تي سندس سوڀ ليکبي. مهراڻ جو هي شعر ڏسو جنهن ۾ هن فخريه انداز ۾ سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي مهانتا کي هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پيش ڪيو آهي:
    سکڻو اجرڪُ نه چـهءُ،
    سکــڻيِ ٽوپي نه چـهءُ،
    ســنڌ ٿو پائي گھمان،
    سنڌ ٿو ويڙھي گھمان.
    اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جو ذڪر ته سنڌ جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو ٻڌو ۽ پڙهيو آهي پر انهن کي سنڌ سان تشبيه ڏئي پنهنجي وجود تي اوڍڻ واري ترڪيب بنهه نئين، منفرد ۽ دلفريب آهي. مهراڻ جي خوابن ۾ پنهان خواهشن ۾ پنهنجي امڙ سنڌ جي خوشحالي ۽ ان جي ويرين جي برباديءَ جون خواهشون پڻ عيان آهن.
    ٿورو چپ ڪر خيال سوچيندا.
    زندگـــيءَ جا سوال سوچيندا.
    تو ڪئي خوب توکي بخشيو سين،
    تـرس هاڻي بيحال سوچيندا.
    جي چڙهي ويا عروج جون چوٽيون،
    هاڻ تن لئه زوال سـوچيندا.
    يا
    جنھن سان منھنجو وير آ.
    تنھن سان تنھنـجو خير آ.
    تنهنجي چال ڏَسي پئي،
    تنھنجي مـن ۾ مير آ.

    مهراڻ جي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جي ڇولين جهڙا آواز آهن، اهي آواز شور ڪرڻ ۽ واڪا ڪرڻ بجاءِ اسان جي ڪنن ۾ سرگوشيون ڪندا اسان جي اندر ۾ لهي ٿا وڃن. پنهنجي اندر جي ڪيفيت ۽ معاشري سان سلهاڙيل خارجي ڪيفيتن جي گاڏڙ احوالن، انومانن ۽ الڪن سان ڀريل سندس آواز انتهائي متوازن انداز ۾ نه صرف سماجي اڻبرابريءَ جا اشارا ٿا ڏين پر براين جي نشاندهي به ڪن ٿا. ۽ عشق جي راهن تي نوان پير کڻندڙ نوجوان عاشقن کي زندگي، محبت ۽ جمالياتي حس جا هنر پڻ سيکارن ٿا.... ۽ ڏکن جي موسمن ۾ مايوس ٿيڻ بجاءِ اميدن ۽ حوصلي سان زندگي گهارڻ جا گُر سيکارن ٿا. تنهن کي پيار اڏي ٿو ٻيهر، جيون مان جو نراس هجي. عشق ۽ انقلاب مهراڻ جي شاعريءَ ۾ گڏ هلن ٿا...... ڄڻ هڪ نديءَ جا ٻه ڪنارا هجن، جتي هو محبوب جي رنج، رسامن، نازن نخرن جون ڳالهيون ڪري ٿو اتي ئي ڌرتي جي ڳالهه به ڪري ٿو...... ان کان علاوه وٽس خارجي ڪيفيتن سان ٽٻٽار خيال پڻ آهن ڇو ته هن جي نظر سماج جي ڪارنهوار تي به گهري آهي، هو سماج جي پيڙهيل طبقي جي به ڳالهه ڪري ٿو..... غريبن ۽ غربت جي ڳالهه به ڪري ٿو.......

    زندگيءَ کي گيت سمجھي گنگناءِ.
    درد پيا ايندا ۽ ويندا، دل نه لاءِ.
    خيرآ جي ناھي ڪوئي ڀرجھلو،
    نفرتن کي سيني لائي مسڪراءِ.
    مهراڻ ڌامراهو نج پج سادي طبيعت جو مالڪ، سٻاجهڙو ۽ محبتي ماڻهو آهي، کيس هروڀرو منظر تي رهڻ جو شوق بنه ناهي، هو ته گمناميءَ ۾ رهي پنهنجي اندر جي اور کي شاعريءَ جو روپ ڏيندو رهيو آهي..... ۽ ڪاڳر تي اتاريندو رهيو آهي.... سندس ان گمناميءَ تي سوچي ذهن ۾ اهو خيال بارها تري ٿو اچي ته هُو اهو درويش صفت شاعر آهي جيڪو هونءَ ته هر وقت ماڻهن جي ميڙ ۾ رهي ٿو پر پنهنجي اندر ۾ ڏاڍو گوشانشين آهي، سندس فقرائي طبيعت جو ذڪر هن پنهنجي شاعريءَ اندر به انتهائي خوبصورت انداز ۾ اظهاريو آهي:
    فقير آ، طبيعتن.
    اسان جو من حقيقتن.
    نه هاڻ بس رنجائجو،
    چؤ نوَ ٿا نصيحتن.
    سندس ان شاعريءَ واري گوشانشينيءَ کان بغاوت ڪري پاڻ هي ڪتاب ته عام آڏو آندو اٿائين پر ان ڪتاب ۾ موجود جاڳ جي سپنن کي اهي ماڳ، اهي ماڻهو ڪيئن، ڪيترا ۽ ڪٿي ٿا ملن....؟ ان ڳالهه جو فيصلو وقت ڪندو.... هتي مان سندس شاعريءَ جي سحر جون ڳالهيون ڪندي قصي کي اڳتي وٺي هلڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو:
    ، بحر ننڊ پـيو آ.
    ٿي جاڳي ضعيفي، قھر ننڊ پيو آ.
    ڪري ڪير قائل سگھيو آھي ڪنھن کي،
    چپن تي اچي ڇو زھر ننڊ پيو آ.
    جڏھن وار کولـيا اوھان پنھنجا ڪارا،
    تڏھن کان گهٽا جو سحر ننڊ پيو آ.

    مهراڻ ڌامراهي جي شاعريءَ اندر عشق جون سموريون منزلون موجود آهن، وٽس داخلي ڪيفيتن جو هڪ بي ڪنار سمنڊ آهي جنهن جو ڪو انت نه پار آهي. سندس هن ڪتاب ۾ موجود هي غزل اوهان سان ضرور ونڊ ڪرڻ چاهيندس جنهن ۾ مهراڻ جون اهي داخلي گهرايون ۽ خارجي اوچايون پسي سگهجن ٿيون جيڪي ڪنهن اٿاھ ساگر وٽ هونديون آهن ۽ ان ساگر مان ئي جنم وٺندڙ ڪڪرن کي نصيب ٿينديون آهن. شاعراڻي اسلوب سان سينگاريل مهراڻ جو هي گيڙو ويس غزل پڙهون ٿا:
    مون ۾ به آ، جدا به آ.
    محبوب آ، خدا به آ.
    ڏِسجي نه ٿو هو روبرو،
    ڏِسجي ته چؤڏسا به آ.
    آ جُون جيئن تکو گهڻو،
    ۽ ڏاکڻي ھوا به آ.
    منهنجي خطا به پاڻ هُو،
    منصف به آ سزا به آ.
    باعث بڻيو آ درد جو،
    ها پر سندم دوا به آ.

    مهراڻ جي هن عشقيه غزل کي گيڙو ويس غزل ان ڪري ڪوٺيو آهي جو ان کي تصوف جو به تڙڪو ڏنل آهي، ها تصوف جنهن کي مهراڻ رسمن، شعورن يا ضرورتن پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي پر تصوف ته سندس ذات جو اهو پاڇائون آهي جيڪو هر وقت سندس وجود سان سلهاڙيل رهي ٿو. ڏيکاءَ واري تصوف کان گهڻو پراهون، پنهنجي ئي رنگ سان رڱيل، ڏات جيان سندس حصي ۾ آيل تصوف جو رنگ جيئن ڪڏهن ڪڏهن سندس ڳالهين ۽ عملن مان جهلڪندو رهندو آهي تيئن ئي سندس شاعريءَ منجهان به بي ساختا عيان ٿي بيهي ٿو ۽ هو خود ساخته لکي ويهي ٿو ته:
    ‘‘مھراڻ’’ جي طبيعت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.
    ھن حال جي حقيقت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.
    بيحال ٿي ويا ھـو، منھنجي وئي پڄاڻان،
    منھنجو ھجڻ غنيمت ، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.

    مهراڻ جي شاعريءَ جي ٻولي توڙي جو سادڙي آهي پر ان منجهه خيالن جي نواڻ ۽ نيون ترڪيبون بنهه وڻندڙ آهن، وٽس شاعراڻو اسلوب موجود آهي جنهن سبب ڪٿي ڪٿي ته سندس خيال ڇرڪايو ٿا ڇڏين. سندس هن شعر ۾ ڏسو ڪيڏي نه خوبصورت ۽ ڇرڪائيندڙ ترڪيب استعمال ڪئي اٿائين:
    ھي ڪيڏو غضب جـــو نظارو ڏٺو سين،
    گلن کي گلن سان پٽيندي رھي ھوءَ.
    محبوبه جي هٿن کي گلن سان تشبيه ڏئي گلن سان گل پٽڻ واري ترڪيب ڪمال جي آهي، سندس ان شعر تي کيس داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. اهي ۽ اهڙيون ٻيون به کوڙ سارين ترڪيبن، تشبيهن ۽ استعارن سان مهراڻ جي شاعري سينگاري پئي آهي. سندس هن خيال کي ڏسو ڪيڏي نه نفاست آهي..... هي شعر ڄڻ ته مهراڻ جي طبيعت ۽ سندس اندر جي هوبهو عڪاسي ڪري رهيو آهي..... دنيا تارڪ ڪندڙ ماڻهو ڪي عام ماڻهو ناهن هوندا.... اهي ته پنهنجي اندر ۾ اهي درويش هوندا آهن جيڪي زماني جي رهزنيءَ تي ڪڙهي، پچي ۽ پڄري دنيا ئي ڇڏي ڏيندا آهن..... گوشانشيني اختيار ڪري وٺندا آهن..... يا وري الفي پائي صوفي يا جوڳي بڻجي ويندا آهن......
    گم ٿي ويو ھان گھر ۾ ھوندي.
    تنھنجي گھر جي ڀر ۾ ھوندي.
    پوءِ به ڇا لئه اڃ مرون ٿا!
    پنھنجون پاڙون جر ۾ ھوندي.
    الائي ڇو هر شاعر جي مقدر ۾ رولاڪي به هوندي آهي، هڪ شاعر هجي، مٿان وري عشق جو نزول ٿئي ته پوءِ لطيف سرڪار جي هن بيت جي ڪيفيت جو طاري ٿيڻ ته اوس ٿي وڃي ٿو:
    جاءِ نه سڄو ڏينهن،هينئڙو اوٺي وڳ جيئن،
    مون پريان سين نينهن،ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو.
    ايئن ئي مهراڻ پڻ جيئن پنهنجو پاڻ کي رولاڪين کان بچائي ناهي سگهيو تيئن سندس اندر جو عاشق شاعر به ڪيترا ئي داخلي جهان جهاڳي اچي کيس هنن خيالن جون مالهائون پارائي ٿو:
    وکريل ماڻھو ڳولي ڇا ڇا؟
    وڇڙيل ماڻھو ڳولي ڇا ڇا؟
    سمنڊ آ، ڪائي ڍنڍ ته ناھي،
    ڀٽڪيل مـاڻھو ڳولھي ڇا ڇا؟
    ڪنهن جي وصال جي خواهش، پاڻ پتوڙڻ، جهنگ جهاڳڻ ، الفي پائي رولاڪيون ڪرڻ ۽ دنيا تياڳڻ تي مجبور ڪري ٿي.... تڏهن ڪنهن موڙ تي دل مان ويڻ به نڪري اچن ٿا.... بي اختيار چئي ڏجي ٿو ته:
    مڃو ڪين ٿا پر پڪا ٿي ويا ھو.
    اچڻ ۽ وڃڻ کان جھڪا ٿي ويا ھو.
    مڙئي بس کلو ٿا، مڙئي بس ملو ٿا،
    سچي جي پڇو ٿا، رکا ٿي ويا ھو.
    کليا سين، رناسين، نه ماڻا نه منٿون،
    ملڻ کان اڳي ئي جدا ٿي ويا ھو.
    ذاتي وارتائون هجن يا اجتماعي مسئلا... مهراڻ جي دردشناسي هر حوالي کان نروار بيٺي آهي....هو پنهنجي شاعريءَ اندر جديد خيالن ۽ نئين اسلوب کان واقف آهي.... سندس ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ مون ڄاتو آهي ته مهراڻ ۾ هڪ اهڙي انفراديت ضرور آهي جيڪا پنهنجي سڃاڻپ جي لاءِ وقت جي آويءَ مان پچي راس ٿي نڪرڻ جو حوصلو رکي ٿي:
    مون کي پٺتي ڇڏي کلڻ وارا،
    مون کي پرواز باز جي آهي.
    توکي ڏيکاءَ تي ڀروسو آ،
    مونکي محبت ۾ راز جي آهي.
    مهراڻ جي شاعريءَ جي هن پهرئين پورهيي ۾ موجود سندس خوبصورت غزلن جو ساٿ سندس ڪجهه وايون به ڏئي رهيون آهن. مهراڻ جي واين جي سادگي بذات خود پنهنجي اندر خوبصورتين جا نوان جهان جوڙيون بيٺي آهي. سندس واين جو مزاج نج پج رومانوي آهي ۽ منجهن خيال قدرِ سادا پر وڻندڙ ۽ پر اثر آهن. واين ۾ موسيقيت به موجود آهي ته شاعراڻو تاثر پڻ خوب سمايل آهي:
    روشنين جي پٺيان،
    رات ڀر شھر ۾،
    ڪير رلندو رھيو.
    ناوَ ساڙي ڪٿي،
    ھيڏي ھن بحر ۾،
    ڪير رلندو رھيو.
    مهراڻ ڌامراهي جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ دوران جڏهن سندس شاعريءَ کي مختلف رخن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي سندس شاعريءَ ۾ عوامي رنگ ۾ اظهاريل رومانوي خيال بار بار اهو سوچڻ تي مجبور ڪري رهي هئا ته مهراڻ وٽ جيڪو رومانوي تصور آهي ان جو انداز ٺيٺ سنڌي آهي، اسان جو پنهنجو آهي. هن وٽ پنهنجي جذبن ۽ اندر جي اور اورڻ جو شاعراڻو فن آهي جيڪو سندس پيغام کي عام ماڻهوءَ تائين به سولائيءَ سان پهچائڻ ۽ سمجهڻ ۾ انتهائي ڪارائتو آهي. مهراڻ جي شاعري رومانس جي دائري اندر ته گردش ڪري ئي ٿي پر وٽس نراسائي، لاحاصل، ويراڳ جا وڍ، هجر، درد ۽ محبتن جي پيڙائن جا احساس سندس سمورن احساسن تي ڀاري نظر اچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جي سُر ‘‘رپ’’ وارو درد به آهي ته سُر ‘‘سامونڊيءَ’’ واري وڇوڙي جا اولڙا ۽ ايذائيندڙ احساس پڻ موجود آهن. دعا آهي ته سندس تخليق جو هي سلسلو اڳتي اڃان به اڳتي وڌندو هلندو، سندس شاعريءَ جي ۽ پيار جي هن پهرئين پورهيي جي عام آڏو اچڻ کان پوءِ پنهنجون ٻيون تخليقون به پڌريون ڪري عام آڏو رکڻ ۾ ايتري دير نه ڪندو جيتري دير هن پنهنجي پهريٽي ڪتاب ڇپائڻ ۾ ڪئي آهي. مان پنهنجي هن مهاڳ جي پڄاڻي مهراڻ جي هڪ اهڙي ئي تاثر ڇڏيندڙ شعر تي ڪندس:
    الائي ته هُن در بنديو هو سنجهي سان،
    الائي اسان ئي اويلا ھياسين؟

    علي زاهد


    مهراڻ، هڪ سٻاجهڙو شاعر

    خبر ناهي ڀائو مهراڻ کي مون کان ڪتاب سو به شاعريءَ جو تي “ٻه لفظ ” لکرائڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ ڇو ته آءُ بنيادي طور تي نه تو ڪو شاعر آهيان نه اديب، بس صرف هڪ پڙهندڙ آهيان پر ڀائو مهراڻ شايد اها به هڪ نئين روايت وجهڻ پيو چاهي ته “ منهنجيءَ شاعريءَ کي پڙهندڙ ڪيئن ٿو ڏسي. هونئن ته اڄڪلهه رواج آهي ته ڪتاب تي لازمي ڪنهن وڏي اديب ۽ اڪابر کان لکرائجي نه ته ڪتاب جي صحت تي اثر پوي ٿو ۽ مون ڏٺو آهي ته وڏن ليکڪن وٽ وري سالن جا سال ڪتابن جا مسودا پيا هجن ٿا ۽ پوءِ رولڙي جو شڪار ٿيو وڃن پر روايتون !! اهي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيون اڻانگيون ۽ ڏکيون هونديون آهن جن کي ٽُوڙڻ به هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو، جيڪو ڪريڊٽ ڀي حقيقت ۾ ڀائو مهراڻ ڏانهن وڃي ٿو.
    آءُ جڏهن ادب سان نئون نئون شناس پئي ٿيس ته سنگت ۾ اهو سوال اٿندو هيو ته نثر کي وڌيڪ پسند ٿا ڪيو يا نظم (شاعريءَ) کي منهنجو تڏهن به جواب اهو ئي هوندو هيو ته جيڪا به چڱي شيءِ آهي اها پاڻ وڻائي ويندي آهي ۽ اڄ به ان ساڳئي خيال جو آهيان پر هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آ ته هن جديد دور ۾ ريڊرس وٽ پنهنجا معيار ۽ ماپا آهن ۽ هڻ وٺ جو جهان ٺهي ويو آهي ، ادب ۾ نثر ۾ خاص ڪري ڪهاڻيءَ ۾ جيڪا عاليشان، عالمي ليول تي ٿورڙي سنڌ ليول تي جيڪا Short Story جدت ۾ آئي آهي جنهن جي تعريف ۽ واکاڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي، جنهن جي حوالي طور تي منهنجا پسنديده ليکڪ جيڪي آهن انهن ۾ زاهد ميراڻي، انور شيخ ۽ ٻيا ڪجهه دوست آهن هونئن ته مونکي ڪهاڻيءَ ۾ جمال ابڙو ۽ نسيم کرل جو ڪو مٽ ڪو نه لڳندو آهي . شاعرن ۾ مان وري هڪ مغالطي ۾ هيس ، شروعاتي دور ۾ لطيف سائين، شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان پوءِ دنگ ٿي ويو پر مان اڄ جڏهن عمر جو ڪافي حصو اڌ کان وڌيڪ ڪراس ڪري چڪو آهيان ۽ مسلسل پڙهندو رهندو آهيان ته ڪافي خيال هيٺ مٿي رهندا آيا آهن ۽ آءُ قبول ڪندو رهيو آهيان، هونئن به فطري طور تي خيال هڪ هنڌ ٽڪڻو ئي ناهي ! پر ذهن کي ڇهندڙ ، دل کي وڻندڙ هر شيءِ سچ به نه هوندي آهي انڪري سڀ کان supreme سچ جي ڪسوٽي رکي سون ۽ پرک به اها ئي ڪئي سين ته انسانيت سڀني شين نظرين، فلسفن کان سپريم آهي پر ان ۾ ڀي سچا کرا ۽ کوٽا ۽ ڪسا آهن ان جي لاءِ سچ ئي سڀ تي هاوي آهي ۽ رهڻ گهرجي، منهنجي خيال ۾. اهڙي سچ جي ساٿاري جيڪو سونهن ۽ سرتيءَ ۾ به سچ ۽ انسانيت کي ترجيح ٿو ڏئي جنهن جي خيال جي اڏام ۾ اڄ جي هيءَ مادي دنيا ڪي به سنگهر نه وجهي سگهي آهي ۽ هو پنهنجي آزاديءَ تي compromise به نه ٿوڪري ۽ هو پنهنجي تيز فهم ۽ ذهن سان نه رڳو پاڻ جيون ۽ جيئڻ جو جواز سمجهي وٺي ٿو پر اسان جهڙن لاءِ پنهنجي شاعريءَ ۾ رهنما اصول طئه ڪندو ۽ آڇيندو رهي ٿو. اهڙي ئي هڪ سچ ۽ پيار جو پانڌيئڙو آهي اسان جو مهراڻ ڌامراهو جنهن جو تعارف سنڌيانا انسائڪلوپيڊيا جي جلد 05 تي به ڏنل آهي. مهراڻ ڌامراهو سان منهنجي واقفيت محمد يوسف پنهور جي ڪري ٿي ،جيتوڻيڪ اسان جي سڪ جو سلسلو گهڻو وقت اڳ جو ناهي پر هن سان ويجهڙائي اهڙي ته ٿي وئي ڄڻ ڪا پراڻي پنهنجائپ آهي ان جا ڪي به سبب دنيا داريءَ تي مدارڪ ڪونه ٿا رکن، سچ اهو آهي ته هو ڀي ساڳئي منزل جو راهي يعني ‘‘سچ ۽ سونهن’’ جو ساٿاري آهي. مهراڻ ڌامراهو جي شخصي سادگي ڏاڍي وڻندي اٿم پر هن جي شاعري ڀي ڇو ته ان جو تناظر به چٽو پٽو آهي جيئن سندس جي هن شعر ۾ جهلڪي ٿو ۽ آسانيءَ سان پسي سگهجي ٿو،
    مون حق جو علم آ بلند ڪيو
    اڄ کانپوءِ بس سچ جيئي
    هن واڪي جي ورلاپي ۾
    جو مچڻو آ سو مچ جيئي

    يا
    نه ڌڻ کپي نه ڌنوان کپي،
    بس امن پسند انسان کپي.

    يا
    ٿورا چاهيندا خير ماڻهو
    هت ڊاهڻ وارا ڍير ماڻهو

    ۽ اهڙا ٻيا ڪافي مهراڻ ڌامراهو جا شعر آهن جن مان انسانيات ۽ سچ جي پرک ڪري سگهجي ٿي.
    نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي قطار ۾ مهراڻ نمايان نظر اچي رهيو آهي. هيءَ شاعرن جي اها قطار آهي جيڪا اسان پڙهندڙن کي موهي ٿي، وڻي ٿي ۽ مونجهارا ختم ٿي ڪري ، همٿ ٻڌرائي اتساه ۽ جيئڻ جي لاءِ جلاءُ ۽ حوصلا بخشي ٿي. منهنجي لاءِ هڪ ٻيو نقطو / خيال ڀي اهم رهيو آهي هونئن دنيا ۾ جيڪا آرٽ کي پذيرائي ملي آهي اوتري سائنس کي نه ملي آهي ڪنهن کي ملڻ گهرجي ڪنهن کي نه اهو ڊسڪس ڪنهن ٻئي ڀيري پر هتي آءُ مختصر ترين اهو چوندس ته آرٽ هجي يا سائنس ان کان اتم آهي انسانيت ۽ سچ، جيڪي ٻئي ملي ڪري هڪ حقيقي ڪردار جوڙين ٿا جن جي اسان جي سوسائٽي کي هنن حالتن ۾ وڌيڪ ضرورت آهي،چوڻ جو مقصد شاعر، اديب، وڪيل، ڊاڪٽر، جج، يا سائنسدان کپن ٿا / گهربل آهن. سماج اڏڻ ۾ انهن جو وڏو ڪردار آهي پر سڀ کان پهريائين اهو به ڏسڻ گهرجي ته اهي پنهنجي ڪردار ۾ ڪيئن آهن، قول فعل ۾ ڪيتري هم آهنگي اٿن يا رڳي ڊاڙون ۽ خبرون هنِ. هيءَ ڪسوٽيءَ جيڪا منهنجي ٺاهيل ناهي پر هڪuniversal logic آهي هن ڪسوٽيءَ تي جيڪي کرا آهن سچ پچ ته اهي ڪردار ئي مانوارا ۽ پيار ڪرڻ جي لائق آهن . اسان جو دوست مهراڻ ڌامراهو ان ڪسوٽيءَ تي بلڪل پورو آهي “ماڻهوءَ ۾ اڳ ۾ ماڻهپو هجي”پوءِ فن ۽ ٻيو ڪجهه. مهراڻ ڌامراهو هڪ مڻيادار معتبر ماڻهو آهي سندس جي سادگي ، پيار ۽ سلڇڻائپ جو ڪو ملهه ۽ مٽ ناهي اهڙي ئي جهلڪ سندس شاعريءَ مان ملي ٿي جيڪا اسان جي سوسائٽيءَ کي گهڻو ڪجهه ارپي ٿي. مان ايئن چوندس ته هيٺيون سٽون لطيف سائين ڄڻ ته منهنجي پياري دوست مهراڻ ڌامراهي جي لاءِ لکيون آهن...
    هنجن سين هيڪار ، جي ڳڻ ڪري نهاريئين،
    ته ٻگهن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن .


    روشن علي ٻگهيو- ميهڙ


    پنهنجي پاران

    شروعاتي دور ۾ مونکي ياد آ ته مان شاعري لکي ڦاڙي ڇڏيندو هيس چوندو هيس ته مان وري ڪهڙو شاعر ٿيندس سنڌ ۾ شاعر کوڙ آهن. پر اندر ۾ لڪل جڏڙو شاعر هميشه ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لاءِ مجبور ڪندو رهندو هو، ياد آ مان اڪثر وڏن ۽ سٺن شاعرن ( اياز گل، مختيار ملڪ، سعيد ميمڻ ۽ ٻيا ڪافي دوست شاعر) کي پڙهي دل ۾ چوندو هيس ته يار مهراڻ شاعري ته هن کي چئبو آهي باقي تون ته الائي ڇا پيو لکين...! پر دل جهلي ڪچو پڪو لکندو رهيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن دوست کي ٻڌائيندو ڀي رهندو هيس، منهنجيءَ شاعريءَ جو سفر بس ايئن شروع ٿيو.
    هڪ پاسي اگر مان پنهنجي زندگيءَ جو مشاهدو ڪيان ته ايئن لڳندو ته مان هميشه ڄڻ ته خوشين جي بارڊر تي هن پار بيٺل ڪو سڪڻو ٻار هجان، جيڪو اسٽيل جي نوڪدار تارن جي پويان بيهي خوشين ۽ مستين کي حسرتن جي نگاهن سان ڏسندو هجي ۽ پوءِ شام ٿي ويندي هجي ۽ غم جو سج پنهنجي ئي وجود اندرلهندي محسوس ڪندو هجان...
    هميشه پيار، سڪ ۽ پنهنجائپ ڄڻ ته اڌوري اڌوري ملي، اسان جهول ڀري پيار ورهايو سي پر موٽ ۾ نراسائي نصيب ٿي. ڪافي سالن کانپوءِ واقعيءَ ۾ ڪجهه دوست اهڙا مليا جن مهراڻ کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن جي پرک ۽ پيار جي ڪري مان سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان، خوشيءَ ۽ تشڪر جي ابدي ڪيفيت ۾ آهيان ته مان ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهيان. انهن سڀني دوستن جا لک قرب جن مون کي نه رڳو ميڙڻ ۾ مدد ڪئي پر ڀري ٻڌائي ماڳ به رسايو.
    ٻي پاسي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته منهنجو ڪو به وجود ناهي مان ڄڻ آهيان ئي نه... توڙي جي اهو احساس ڪجهه پل هلندو آ پر ساهه ڪڍي وجهندو آهي.حقيقت ۾ مان هاڻي ڄاڻي ورتو آ ته اها ڪيفيت ئي آهي جيڪا هڪ شاعر کي شاعر بڻائي ٿي ، شاعر جي اندر جي ڀڃ ڊاهه جو رد عمل شاعري آهي ۽ منهنجي اندر هميشه اهڙي قسم جي ڀڃ ڊاهه ٿيندي رهندي آهي. مون کي گلزار جي هيءَ سٽ ڏاڍي وڻندي آهي “ کتنے امن سے ميں، اپنے گھر میں اداس رہتا هوں) مان به پنهنجي اندر جي اڪيلائي ۾ ڏاڍو امن پسند انسان رهيو آهيان.
    ادبي يا عام گروهه بنديءَ واريءَ بيماريءَ کان هميشه شفا گهرندو رهيو آهيان دل نه چوندي آ ته جنهن دوست کي ڪجهه پل اڳ پيار ۽ پاٻوهه سان مليو هجان ۽ هن پل ان مان ويهي عيب ڪڍان، ٻيو ڪوئي ان جي باري ۾ ذاتي راءِ رکي طنز يا ٺٺول ڪري مان ڀي ان سان همنوا ٿي پوان، نه بابا ڪڏهن به نه.
    سڀني دوستن سان دل سان محبت ڪندو رهندو آهيان ڀلي ڪو گهٽ ڀائيندو آ پر منهنجو پيار گهٽ ناهي ٿيندو. مان سڀني انهن دوستن کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته يار مون سان رنج نه رهجو، مان ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر ياوڏو ماڻهو نه سڏيو آ، وڏا شاعر به اوهان آهيو سڀ لقب به اوهان کي، مان تمام ننڍڙو انسان ۽ بنهه ننڍڙو شاعر آهيان ۽ پاڻ کان ننڍڙن سان ساڙ نه بلڪه پيار ڪبو آ. زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي مهراڻ اوهان کي ڪڏهن به وڏائيءَ ۽ تڪبر ۾ مبتلا نظر ايندي نه ايندو. ادب جو سمنڊ تمام اونهو ۽ وشال آ، ان ۾ مهراڻ هڪ بوند جي هڪ حصي جيترو به ناهي.
    علم ۽ ادب سان جيڪي دوست واڳيل آهن اهي گهڻو ڪري استاد، ريڊيو يا ڪنهن سماجي پيشي يا ڪجهه دوست سياسي تنظيمن سان تعلق رکن ٿا مان آفيس ۽ گهر جي حدن تائين محدود رهندڙ ماڻهو آهيان پوءِ جڏهن ڀي وڏن شاعرن ۽ اديبن جي پروگرامن ۾ ويندو آهيان ته دل زور سان ڌڙڪڻ ۽ ڄنگهون ڏڪڻ لڳنديو آهن زوريءَ دل کي دهمان ڪري ڪنهن مشاعري يا پروگرام ۾ بيهاري سگهندو آهيان پر اگر جي ڪنهن ڪجهه لفظ ڳالهائڻ جي لاءِ چيو ته سمجهه ماري وڌائين، مان نثر جو ڏاڍو ڪچو آهيان. لفظ ڀرسان اچي لال ڦيري ڏئي الائي ڪاڏي گم ٿي ويندا آهن هٿ ئي نه ايندا آهن جو پڪڙي زبان جي ور چاڙهي ڪجهه ڳالهائي سگهان مطلب ته مونکي ڳالهائڻ جو هنر نه ايندو آ. جيئن ڪافي دوست ڳالهائڻ جا اهڙا ڀڙ جو جيئن الفاظ انهن جي آڏو ٻانهون ٻڌي جهڙوڪ قطار ٺاهي بيٺا رهن ته اسان کي ڳالهاءِ، شال اهڙا دوست هميشه جڙيا رهن.
    پنهنجي پاران لکندو هلان، پنهنجي شريڪ حيات جو ذڪر نه ڪيان ته نا انصافي ٿيندي، شاهده منهنجي سؤٽ آهي گرلس ڪاليج ۾ باٽني جي پروفيسر آهي ،اسان جي شادي ارينج ميرج هئي پر هاڻي لو ميرج بڻجي وئي آهي، شروعاتي ڏينهن کان شاهده کي پيار منجهان اڃان تائين آنءُ شاهه ئي ڪوٺيندو آهيان جيڪا بي سوچ ۾ عام عورتن جهڙي هئي پر هن (مهراڻ) کي جلد سمجهي ۽ پرکي ورتو ۽ منهنجي ايترو خيال رکيائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڪوئي ڪاليج ۾ پڇندو هيس ته توهان کي گهڻا ٻار آهن ته هوءَ چوندي هئي ته مون کي پنج ٻار آهن چار پٽ پنجون منهنجو مڙس. منهنجو هميشه اهو اصول رهيو آهي ته زندگي ننڍ وڏائي جي بنياد تي نه پر understanding جي بنياد تي گذاريو.
    جنهن سان اوهان محبت ڪيو ٿا ان کي واڪا ڪري وڏي آواز ۾ ٻڌايو ته مان توهان سان محبت ڪندو آهيان، هميشه پيار جي احساس ۾ رهو. مان به ايئن ڪندو آهيان جنهن سان پيار ڪندو آهيان ان کي ڏاڍو دل سان ۽ کليل انداز سان اظهاريندو آهيان. مان ‘‘شاه’’ جي ڏنل پيار جو نهايت دلي ٿورائتو آهيان هوءَ نه هجي ها ته شايد هي مهراڻ مڪمل نه هجي ها. مان دل جي حضور سان سندس جو احسان مند آهيان. منهنجا سٻاجهڙا پٽ زين، جواد، احسن ۽ علي مصطفى هميشه منهنجي آٿت ۽ طاقت بڻيارهيا آهن.
    عمر جي هن حصي ۾ سوين اهڙا سٺا دوست آهن جن جي لاءِ هميشه سڪ زور ڪري اظهارڻ جي لاءِ سٽُون ڏيندي آهي، مان ڪنهن جا نالا کڻي نالا کڻان هر دوست املهه ۽ مانائتو آ.
    مان تهه دل سان ٿورائتو آهيان سنڌ جي ڀلوڙ شاعر پياري علي زاهد جو جنهن نه رڳو ههڙو سهڻو مهاڳ لکي ڏنو پر منهنجيءَ ٽٽل ڦٽل شاعريءَ کي حجت ڪري گهڙي جڙي نکاري ڇڏيو. مان انهن سڀني دوستن، پڙهندڙن، ٻڌندڙن جو نهايت تهه دل سان شڪرگذار آهيان جن مون کي ايڏو پيار ڏنو جو مان اڄ ان لائق ٿيو آهيان جو پنهنجو ڪتاب آڻي رهيو آهيان.
    مان بنيادي طور تي ڏاڍي سادي طبيعت جو انسان آهيان ننڍين ننڍين ڳالهين تي به ايترو خوش ٿي ويندو آهيان جو سمجهندو آهيان ته جڳ جهان منهنجي جهول ۾ اچي ويو آهي ڪتاب جي ڇپجڻ جي خوشي ته تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي .
    خالد ۽ ساجد چانڊئي ٻنهي ڀائرن جا لک ٿورا جن نه رڳو مونکي برداشت ڪيو پر منهنجيءَ شاعريءَ ۾ رهنمائي ڪندا رهيا.
    پبلشر دوست ساجد سنڌيءَ جا لک قرب جيڪو منهنجي حال تي هليو. پياري دوست روشن علي ٻگهيو جا به لک قرب جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي ڪتاب جي لاءِ ٻه لفظ لکيا، ڀائو روشن جو طرز زندگي ڏاڍو مصروف آ هن جي نوڪري ئي اهڙي نوعيت جي آ پر پوءِ ڀي لک شابس هجيس جو مونکي سنڀالي ياد ڪندو آ.سهڻي شاعر شهمير سومرو جا به قرب جنهن ٻه لفظ لکي ڏنا. سنڌ جي سهڻي ۽ ورسٽائيل آرٽسٽ نظير شيخ جا لک قرب جنهن منهنجي ڪتاب جي لاءِ اهڙو سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو.
    ڀائو اياز گل جيڪو منهنجو نه رڳو محسن آ پر منهنجي شعور جي پهرين جهاتِ جو روشن سج ۽ منهنجي اتساه جي علامت پڻ آهي،اياز گل اهو شاعر آ جن کي پڙهي اسان لکڻ سکيو سي . تنهن جا به ڪروڙين قرب جنهن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. ڀائو اياز گل منهنجي زندگيءَ جي انهن ماڻهن مان آهي جن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ دل سڪندي رهندي آهي.تمام ٿورا سينيئر شاعر هوندا جيڪي نون شاعرن کي اتساهيندا ۽ همٿائيندا آهن انهن مان اياز گل ڀي نمايان آهي.
    آخر ۾ دوستن ۽ پڙهندڙن کي عرض رکندس ته اگر اهي مهراڻ کي محبت جي اک سان پڙهندا ۽ پرکيندا ته مهراڻ دل ۾ سانڍي رکڻ جهڙو آ، اگر سرسري اک سان پرکيندا ته مهراڻ ڪجهه ڀي ناهي.
    اسان جي زندگي ائين اسان جي بندگي ائين
    مليو ڪو سک خوشي مليو جي ڏک قبوليو


    ساٿ سلامت
    مهراڻ ڌامراهو
    03337542836


    غزل

    اوھان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوھان لاءِ پيار بي معنيٰ!

    اوھان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوھان لاءِ پيار بي معنيٰ!
    اسان ھاڻي ڇڏيو ڄاڻي، اوھــان جي ســـار بي معنيٰ!

    اکين ۾ لڙڪ ڦٿڪن ٿا، اسـان جو چين تڙپي ٿو،
    تنھنجون ڳالھيون ڪجن ڪنھن سان، ٿيواظھار بي معنيٰ!

    اجايو ٿـو تڪين سھڻا وڇائي نيڻ راھن ۾،
    اجائي سينڌ شرمايئه، اڱڻ ڇڻڪار بي معنيٰ!

    قدر ناھي ھـتي ڪنھن کي جھونگارين ڇا ٿو صحرا ۾،
    اجايو گيـت ڇيڙين ٿـو، اهي سر تار بي معنيٰ!

    وفا ڪاڏي وئي آھي، پڇي ڪوئي نه ٿو ڪنھن کان،
    دنيا ۾ ڪجھه رهيو نــاھي، سڄو سنسار بي معنيٰ!

    ورھايون ٿا اسان ھتڙي، جفا جي موٽ ۾ ”مھراڻ“،
    لکن جـو پيـار ھو جيڪو، ٿيو بيڪار بي معنيٰ!


    مون ۾ به آ، جدا به آ.

    مون ۾ به آ، جدا به آ.
    محبوب آ، خدا به آ.

    ڏِسجي نه ٿو هو روبرو،
    ڏِسجي ته چؤڏسا به آ.

    آ جُون جيئن تکو گهڻو،
    ۽ ڏاکڻي ھوا به آ.

    منهنجي خطا به پاڻ هُو،
    منصف به آ سزا به آ.

    باعث بڻيو آ درد جو،
    ها پر سندم دوا به آ.


    ڏاند گاڏيون، مٽيءَ جا رانديڪا

    ڏاند گاڏيون، مٽيءَ جا رانديڪا
    کوڙ ياديون، مٽيءَ جا رانديڪا

    روز ساجهر اٿي هو جوٽي ٿو
    ٻانگ، باکون، مٽيءَ جا رانديڪا

    ميٽ، فرحي، سليٽ ڪاري ۽
    ڏور، لاٽون، مٽيءَ جا رانديڪا

    جن، پريون، امان جون آکاڻيون
    سرد راتيون، مٽيءَ جا رانديڪا

    ٻير ڌوڻا، لڪي لڪي چوريون
    ڪاڪي گاريون، مٽيءَ جا رانديڪا


    ھــڪڙا ماري کلندا ماڻهو.

    ھــڪڙا ماري کلندا ماڻهو.
    ھڪڙا جياري کلندا ماڻهو.

    ھــڪڙا پاڻي باھ تي ھاري،
    ھــڪڙا ٻاري کلندا ماڻهو.

    ھــڪڙا ياد ڪري روئيندا،
    ھڪڙا ساري کلندا ماڻهو.

    ھڪڙا چوندا آءُ اسان ڏي،
    ھـــڪڙا ٽاري کلندا ماڻهو.


    رات جو ھنڌ ۾، ياد تنھنجي پرين.

    رات جو ھنڌ ۾، ياد تنھنجي پرين.
    ڏينھن جـو پنـڌ ۾، ياد تنھنجي پرين.

    تنهنجو احساس ڪمري جي هر شي ۾ آ،
    مهڪي آڳنڌ ۾، ياد تنهنجي پرين.

    آ سمايل هي رابيلَ خوشـبو جيان،
    منھنجي سَنڌ سَنڌ ۾ ، ياد تنھنجي پرين.

    ٿي نه کن پل ڇڏي ھيءَ ”مھراڻ“ کي،
    قيد ۽ بند ۾، ياد تنھنجي پرين.


    مان ئي چيو هو ٺاهه مونکي

    مان ئي چيو هو ٺاهه مونکي
    مان ئي چوانءِ ٿو ڊاهه مونکي

    مان ئي هڪڙي سنگ ۾ هيس
    مان ئي چوانءِ ٿو ڳاهه مونکي

    مان ئي مٿي پاڻ آيو هيس
    مان ئي چوانءِ ٿو لاهه مونکي

    مان ئي ويجهو آيس تنهنجي
    مان ئي چوانءِ ٿو ٽاهه مونکي

    مان ئي لفظ ۽ آواز آهيان
    مان ئي چوانءِ ٿوڳاءِ مونکي

    مان ئي مٽي ڳوهي پنهنجي
    مان ئي چوانءِ ٿوپچاءِ مونکي


    اسان جي پيار جا قصا اڻپورا اڌورا ها.

    اسان جي پيار جا قصا اڻپورا اڌورا ها.
    اوهان جي سار جا قصا اڻپورا اڌورا ها.

    اباڻي ڳوٺ جون ڳالهيون، ڀڳل مٽيءَ جا رانديڪا،
    ننڍڙي ٻار جا قصا اڻپورا اڌورا ها.

    وڻن جي وچ وارو رستو اڳيان مسجد کڏي واري،
    گلن هٻڪار جا قصا اڻپورا اڌورا ها.

    الائي ڪيئن اڀريو هو اڀاڳو سج نفرت جو،
    اڀا تڪرار جا قصا اڻپورا اڌورا ها.

    جيئڻ توسان مرڻ توسان،کلڻ تو سان روئڻ توسان،
    ڪنهنجي اقرار جا قصا اڻپورا اڌورا ها.


    ڇو مٽيل آ مٺا، تون لڳين ئي نه ٿو،

    ڇو مٽيل آ مٺا، تون لڳين ئي نه ٿو،
    تون ته بلڪل صفا، تون لڳين ئي نه ٿو.

    ڪنهنجو الڪو اندر ۾ رهيو ٿي سدا،
    ڪهڙي ڪئي ٿي خطا، تون لڳين ئي نه ٿو.

    پيار پهريون ئي پنهنجو رهيو آخري،
    لفط چيا سي چٽا، تون لڳين ئي نه ٿو.

    هو جو منهنجي روئڻ تي مون سان گڏ رنو،
    تون ته ساڳيو خدا، تون لڳين ئي نه ٿو.

    تون جڏهن ڀي ملين مونسان مرڪي ملين،
    نه اها ڪا ادا، تون لڳين ئي نه ٿو.

    ڪلهه جو موجن ڀريو ”مهراڻ“ هو
    اڄ اهو هر ڏسا، تون لڳين ئي نه ٿو.


    اوھــــان جو وڇــوڙو، وڏو حادثو.

    اوھــــان جو وڇــوڙو، وڏو حادثو.
    آ چھري تـــي چھـرو، وڏو حادثو.

    اسان تي آ بـندش مڙئي خير آ،
    محبت تي پھرو، وڏو حادثو.

    چوڻ ۾ عمل ۾ وڏو فرق آ،
    ڪو وعدو اٻهرو، وڏو حادثو.

    چيم آءُ ‘‘مھراڻ’’ آهيان مگر،
    پڇيو تو ته ڪھڙو؟ وڏو حادثو.


    ڌنڌلو هـر مـنـظر آ.

    ڌنڌلو هـر مـنـظر آ.
    ڪوھـيڙي جـو سفر آ.

    ھـر ماڻھو موهي ٿو،
    تنھنجو هيءُ اثر آ.

    سمجهه ۾ ڪو نه اچي ٿو،
    ڪھڙو هيءُ اکر آ؟

    هر ڪو پيڙائن ۾،
    تنهنجو ڇا ته شھر آ.

    ‘‘مھراڻ’’ به رول بڻيو،
    جئن هُو رول ڪڪر آ.


    دل جي ڌڙڪڻ جو، ڪو ته سبب ھــوندو.

    دل جي ڌڙڪڻ جو، ڪو ته سبب ھــوندو.
    اک جي ڦــڙڪڻ جو، ڪو ته سبب ھوندو.

    واءُ گهلي ناهي، اچڻو به نه آهي ڪو،
    در جي کڙڪڻ جو، ڪو ته سبب ھــوندو.

    ھيـڏا پنڌ ڪري، پهتين يار مگر،
    پٺتي ڀرڪڻ جـو، ڪو ته سبب ھوندو.

    ڪيڏي ماٺ هيئي، ڪيڏو چُپِ هئين!
    ھــوريان مرڪڻ جو، ڪو ته سبب ھوندو.


    سپنا اکين ۾ ڪنھنجا اچن ٿا.

    سپنا اکين ۾ ڪنھنجا اچن ٿا.
    ڳوڙھـــا اچن ٿا ڳوڙھا وڃن ٿا.

    ڌنڌلا تصور ڪنهنجا اچن ٿــا،
    چھرا الائي ڪھڙا ڦرن ٿا؟

    ڪنھنجي ڪناري ٻيڙي ٻـــڏي ٿي،
    ماڻھو تماشو بيھي ڏسن ٿا.

    تنھنجي ھٿن تي مـيندي آئي،
    سھرن سان گڏ دھل وڄن ٿا.

    ڪيئن ‘‘مھراڻ’’ دل جي پڌر تي،
    ھڪڙا وڃن ٿا ھڪڙا اچن ٿا.


    ڇڻڪار ڪيـا، ٿم آءُ راڻا.

    ڇڻڪار ڪيـا، ٿم آءُ راڻا.
    سينـگار ڪيا، ٿم آءُ راڻا.

    جنھن جنهن توکي ڪوڙو ڪوٺيو،
    تڪرار ڪيـا، ٿم آءُ راڻا.

    اچ ڪاڪ مــحل تي گدَ مڙيا،
    ڪوڪار ڪيا، ٿـم آءُ راڻا.

    ‘‘مھراڻ’’ صـــدين کان درشن لئه،
    انتظار ڪيا، ٿـم آءُ راڻا.


    جـڏھن من ھي ڪنھن کي به چاھڻ گُھري ٿو.

    جـڏھن من ھي ڪنھن کي به چاھڻ گُھري ٿو.
    لڳي ٿو وري ڄڻ رلائڻ گُھري ٿو.

    رڳو پيار ۾ يار ڌوڪا مليا ھن،
    ڇو هر ڪو ڌوڪو هي کائڻ گھُري ٿو.

    ويا چاھ، جذبا انھن جـي اندر مان،
    ليئو آخري پوءِ به پائڻ گھُري ٿو.

    هي پـاڇو ڪڏھن ڀي سـھارو نه ٿيندو،
    اجايو ھي اُس ۾ گھمائڻ گھُري ٿو.


    جنھن سان منھنجو وير آ.

    جنھن سان منھنجو وير آ.
    تنھن سان تنھنـجو خير آ.

    تنهنجي چال ڏَسي پئي،
    تنھنجي مـن ۾ مير آ.

    توبن ڪجهه به نه آهيان،
    جـيون خاڪ جو ڍير آ.

    پنھنجا ســـــڀ ٿيا اوپرا،
    بس ‘‘مھراڻ’’ انڌير آ.


    جاڳ کٽي آ، ننڊ اچي ٿِي.

    جاڳ کٽي آ، ننڊ اچي ٿِي.
    ھوءَ رٺي آ، ننڊ اچي ٿي!

    راتِ کُٽي آ اڀ تڪيندي،
    باک ڦٽي آ، ننڊ اچــي ٿي.

    توکي چاھي ھن جيون ۾!
    کوڙ سٺي آ، ننڊ اچي ٿي.

    ڪڪرن سان ڄڻ رِيس رکي ٿس،
    اک وُٺي آ، ننڊ اچـي ٿي.

    ‘‘مھراڻ’’ محبت جا ليکا؟
    عمر ڪٿي آ، ننڊ اچي ٿي.


    ٽور تنھنجي پرين ٿي وڻي واھه تي.

    ٽور تنھنجي پرين ٿي وڻي واھه تي.
    چنڊُ ڪانڀو ڪري ڄڻ ھليو گاھه تي.

    لات لنوندي وڃي، خيال پنھنجي ۾ گم،
    واٽ آھي وتي ڪنھن ســڌي چاھ تي.

    آسمان ۾ اڏيو ٿي پکي بي ڊپو،
    پير ڌرتيءَ پيس ۽ اڏيو ٽاھ تي.

    قرب جيڏو ونڊين ڪوئي ڪاٿو نه ڪر،
    ڀروسـو آھـــي ڪھڙو، پرين ساھ تي.

    ساڙ جي پاڙ ‘‘مهراڻ’’ کوٽي ڪڍون،
    پـيار پوکيون گلابن جيان راھ تي.


    توسـان ھـجي ڪا رات ڪٿي.

    توسـان ھـجي ڪا رات ڪٿي.
    پنھنجي اهڙي ذات ڪٿي.

    ھر پل تنھنجي خبر رکان،
    توکي منھنجي تات ڪٿي.

    ساريان توکي ڏينــھن سڄو،
    رات ســڄي اڌ رات ڪٿي.

    اڱڻ سـمـورو اوندھ آ،
    منھنجي گھر پرڀات ڪٿي.

    قـضيو ٿيو ‘‘مھراڻ’’ اندر،
    شھنايــون بارات ڪٿي.


    جئين ساهه جي لئه هوا لازمي آ.

    جئين ساهه جي لئه هوا لازمي آ.
    تيئين تات تنھنجي مٺا لازمي آ.

    جئين لھر کي ڪو ڪنارو ٿـو گھرجي،
    تئين سڀ دلين لئه وفا لازمي آ.

    جئين رات پويان سحر جو آ سجدو،
    تئين هر بندي لئه خدا لازمي آ.

    جئين ٿر تي بادلن وسڻ ٿا وسارن،
    تئين هر بشر لئه خطا لازمي آ.

    جئين ڪنھن به پياسي کي پاڻي ٿو گهرجي،
    تئين درد جي لئه دوا لازمي آ.


    ڀلي وڃو، رلايـو نه.

    ڀلي وڃو، رلايـو نه.
    اسان کان موڪلايو نه.

    ھي آخري ملڻ ھوندو،
    ائين پرين ھُلايو نه.

    جيئين وڻيوَ ڪيو ڀلجان،
    اسان کي بــس ڀُلايو نه.

    رڳو روئاريو ڇو ٿا؟
    ڀلي اوھان کلايو نه.


    ڀرجي آيـو نيڻين پـاڻي.

    ڀرجي آيـو نيڻين پـاڻي.
    يار نه چئه تون آ موڪلاڻي.

    ڪنھن جي سھاري ھــيڏو جيون،
    سوچ ته ڪر ڪجھ، ڇڏ ٻاراڻي.

    دردن جي لهرن ۾ ھـلندي،
    عشق جي ٻيڙي ٿي آ ساڻي.

    توبن ڪيئن ته گهاريندس مان،
    ترس نه وڃ ڪجهه ٿـــيءُ سياڻي.

    نيڻ نه روڪي لڙڪ سگھيا اڄ،
    يـاد ڪـا آئـــي ڳالهه پراڻي.


    جي بيٺا ھُياسـين ته ميلا ھياسين.

    جي بيٺا ھُياسـين ته ميلا ھياسين.
    ڪري جئن اٿياسين اڪيلا ھياسين.

    انڌيرو ته ھاڻي سفر ۾ اچِي ٿيو،
    هليا پاڻ گھر کان سويلا ھياسين.

    ويـا رنگ رونـق الائي ته ڪاڏي،
    ھيو وقت ڪوئي جھميلا ھياسين.

    الائي ته هُن در بنديو هو سنجهي سان،
    الائي اسان ئي اويلا ھياسين؟

    لڪل ئي رھيا سين اسان ھن جي دل ۾،
    دنيا جي نظر ۾ ڀاڳيلا ھياسين.


    سڄي زندگي جيئن مـرضيءَ جيـئو.

    سڄي زندگي جيئن مـرضيءَ جيـئو.
    ٻه ٽـي پل اڌارا، اسان کـي ڏيو.

    اوھان جي آ مرضِي مڃو نه مـــڃو،
    اسان هٿ ٻڌي دل سندو عرض ڪيو.

    اوهان ساڻ آهيو ته دل ٿي گهري،
    لهي سج جيڪر ٻري پئـي ڏيئو.

    مڃو هاڻ منٿون کڻي مانُ ڏيو،
    ڇڏيو ضد پنهنجو خدارا ڇڏيو.


    مڃو ڪين ٿا پر پڪا ٿي ويا ھو.

    مڃو ڪين ٿا پر پڪا ٿي ويا ھو.
    اچڻ ۽ وڃڻ کان جھڪا ٿي ويا ھو.

    مڙئي بس کلو ٿا، مڙئي بس ملو ٿا،
    سچي جي پڇو ٿا، رکا ٿي ويا ھو.

    کلياسين، رناسين، نه ماڻا نه منٿون،
    ملڻ کان اڳي ئي جدا ٿي ويا ھو.

    اسـان جي محبت ۾ اهڙو به ڇا هي!
    ويا رنگ مٽجي، ڦڪا ٿي ويا ھو.

    خطا بس اسان جي اکين کان ئي ٿي آ،
    غصي ۾ اچي ڇو اڀا ٿي ويا ھو.

    گھليو واءُ ‘‘مھراڻ’’ ڪھڙو اوھان تي،
    اوهان هئو ته ساوا، سڪا ٿي ويا ھو.


    ڪيڏو به ڪنھن کي چاھيون اسان.

    ڪيڏو به ڪنھن کي چاھيون اسان.
    پوءِ بـه اڪـيلا آھـيون اسان.

    توکي ڪڏھن ڀي نه وڻنداسي،
    ڪيڏو ڀي پـاڻ کي ٺاھيون اسان.

    دل ۾ اٿئي جو چئي ڏي سڌو،
    چنڊ ۽ ستارا به لاھــيون اسان.

    خيرات ناهي، گهرون ٿا وفا،
    پينو، گداگر ته ناھــيون اسان.

    ڪنهن ڏي اچڻ آ نه ڪنهن ڏي وڃڻ،
    اڃان ڪئن خود کي مٽايون اسان.


    رازق، رب، رحمان پرتو.

    رازق، رب، رحمان پرتو.
    دلبر پرتو جھان پرتو.

    ڀاڳ اسان گھر ڀيڙي آيو،
    رنج رھيل مھمان پرتو.

    ھن جو توبھه زاري ڪئي آ،
    ھـن جي اندر انسان پرتو.

    مرڪي مون در ‘‘مھراڻَ’’ آيو،
    خـوشين جو ســامان پرتو.


    ائين زنــدگيءَ مان هو نڪري وئـي آ.

    ائين زنــدگيءَ مان هو نڪري وئـي آ.
    جئين ڳالھه ڪنھن کان ڪا وسري وئي آ.

    اسان جي اڱڻ تي ڪڏھن ڪونه ايندي،
    اها ڪونج پياري جا اڏري وئي آ.

    گهلڻ ڏي ھوائن کي مرضيءَ سان پنھنجي،
    هونءَ ڀي ته هر شيءِ وکري وئي آ.

    وري وصل جي تانگهه آهي رلايو،
    وري دل اوهان لاءِ سنبري وئي آ.


    زندگيءَ کي گيت سمجھي گنگناءِ.

    زندگيءَ کي گيت سمجھي گنگناءِ.
    درد پيا ايندا ۽ ويندا، دل نه لاءِ.

    خيرآ جي ناھي ڪوئي ڀرجھلو،
    نفرتن کي سيني لائي مسڪراءِ.

    ڪو نه ايندو ڪو اسان جي شھر ۾،
    ٿو تڪين تون واٽ بيٺو ڪنھن جي لاءِ.

    درد مليا موٽ ۾ ڇا ٿي پيو،
    ٿيندو آهي، موٽ ۾ تون گل ورھاءِ.

    مينھن کي جي ناھي وسڻو نه وسي،
    کولِ اکڙين جا ڪڪر، هر هر وساءِ.


    شھر نـنڊ پـيو آ، بحر ننڊ پـيو آ.

    شھر نـنڊ پـيو آ، بحر ننڊ پـيو آ.
    ٿي جاڳي ضعيفي، قھر ننڊ پيو آ.

    ڪري ڪير قائل سگھيو آھي ڪنھن کي،
    چپن تي اچي ڇو زھر ننڊ پيو آ.

    جڏھن وار کولـيا اوھان پنھنجا ڪارا،
    تڏھن کان گهٽا جو سحر ننڊ پيو آ.

    جڏهن کان اوهان جو هي جلووآ جاڳيو،
    ستارا سمهي پيا، قـمر ننڊ پيو آ.


    فقير آ، طبيعتن.

    فقير آ، طبيعتن.
    اسان جو من حقيقتن.

    نه هاڻ بس رنجائجو،
    چئون پيا نصيحتن.

    هيس بلا جي سرڪشي،
    جھڪي پيـــو ضرورتن.

    جڏهن به حُسن آئيو،
    اٿي پيس فضيلتن.


    ڪن ۾ والي ، پينگهه لــڏي ٿي.

    ڪن ۾ والي ، پينگهه لــڏي ٿي.
    لب تي لالي ، پينگهه لــڏي ٿي.

    ٿر تـي برسي ڪيڏو خوش آ،
    مند جھڙالي، پينگهه لڏي ٿي.

    ڪنھن جي خوابن منجهه رھي ٿي،
    سونھن خيالي، پينگهه لڏي ٿي.

    واءُ گهلي ٿي، گل لڏن ٿا،
    ڄڻ چٽسالي پينگهه لڏي ٿي.

    پيار پڳو ‘‘مھراڻ’’ اڱڻ تي،
    سڪ سوالي، پينگهه لڏي ٿي.


    گم ٿي ويو ھان گھر ۾ ھوندي.

    گم ٿي ويو ھان گھر ۾ ھوندي.
    تنھنجي گھر جي ڀر ۾ ھوندي.

    پوءِ به ڇا لئه اڃ مرون ٿا!
    پنھنجون پاڙون جر ۾ ھوندي.

    گد گد ويٺو خوب ٿيان مان،
    پنھنجي ئي مان پرَ ۾ ھوندي.

    تو وٽ ڪڏهين ڪين پڳس مان،
    توڙي تنهنجي تر ۾ ھوندي.


    سڳنڌون هوا ۾ ڀريندي رھي ھوءَ.

    سڳنڌون هوا ۾ ڀريندي رھي ھوءَ.
    جڏھن ٽھڪ تي ٽھڪ ڏيندي رھـي ھوءَ.

    ھي ڪيڏو غضب جـــو نظارو ڏٺوسين،
    گلن کي گلن سان پٽيندي رھي ھوءَ.

    ڪڏھن سج سامھون ڪڏھن رات ٿي پئي،
    جو ذلفن سان چهرو ڍڪيندي رھي ھوءَ.

    اسان ڀي ادائن ۾ گم ٿي وياسين،
    کِلي چيچ ڏندن ۾ ڏيندي رھي ھوءَ.

    بڻي ننڊ ‘‘مھراڻ’’ پنهنجي منور،
    سڄي رات سپنن ۾ اينـدي رھي ھوءَ.


    ‘‘مھراڻ’’ جي طبيعت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.

    ‘‘مھراڻ’’ جي طبيعت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.
    ھن حال جي حقيقت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.

    بيحال ٿي ويا ھـو، منھنجي وئي پڄاڻان،
    منھنجو ھجڻ غنيمت ، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.

    نيتي نماز کي ھــو ڪـاڏي ھليو ويو آ،
    محبوب جي فضيلت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.

    ڪنھن کي به ناھي ٻڌڻو، ڪنھن کي نه سمجھنداسي،
    ڪو قول ڪا نصيحت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.

    ھر ڪوھڻي ٿو هامون، ‘‘تولاءِ سڀ ڪيان ٿو’’،
    انسان جي اذيت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.


    ھـر رنگ ۾ جيـئو ته مان مڃان مڃان مڃان.

    ھـر رنگ ۾ جيـئو ته مان مڃان مڃان مڃان.
    اوندھ ۾ ٿيو ڏيئو ته مان مڃان مڃان مڃان.

    مونکي چــــوين ٿو تو ۾ صـفا ماڻھپو نه آ،
    پٿر پاڻ ڀي پيهو ته مان مڃان مڃان مڃان.

    ڌرتيءَ جـو درد دل ۾ رکي، روڊ تي اچي،
    ڌرڻو ھڻي بيھو ته مـان مڃان مڃان مڃان.

    ھيءَ زندگي آھـــــي پــرين دردن جي چؤدڳي،
    ھر واٽ تان لنگھو ته مان مڃان مڃان مڃان.

    نروار تنھنجي پيار ۾ ‘‘مھراڻ’’ ڪيترو ،
    تون پاءِ هڪ ليئو ته مان مڃان مڃان مڃان.


    تنهنجي پاسي ڀيرا ڇا جا!

    تنهنجي پاسي ڀيرا ڇا جا!
    منـھنجــي من کي ڦيرا ڇا جا!

    سالن کان ڪـو آيو ناھي،
    ڇا جي نشاني، پيرا ڇا جا!

    ڪمري ۾ ڪو ڏيئو ناھي،
    مون لئه هاڻ سويرا ڇـا جا!

    واڍيءَ کي پرواھ نه ڪائي،
    پکين جا، آکيرا ڇا جا!

    هيل به سانوڻ ناهي برسيو،
    بٽئي ڇا جي ديرا ڇا جا!


    اوهان کان او جانان جو وڇڙي وياسين.

    اوهان کان او جانان جو وڇڙي وياسين.
    مٽي ٿي مٽيءَ ۾ ئي کنڊري وياسين.

    اسان جون اڏارون نه سمجهي سگهيو ڪو،
    پکـين جئن ھوائن ۾ اڏري وياسين.

    اسان کي ڀلا ڪوئي ساري به ڇالئه،
    سچيتن سکن کان به وسـري وياسين.

    اسان سڀ سان کلڻا ۽ ملڻا ھياسين،
    مگر هاڻ چپ چاپ گذري وياسين.


    دوست هيو پر دشمن جھڙو.

    دوست هيو پر دشمن جھڙو.
    ھـِير، ته ڪـڏھين جھولن جھڙو.

    ڪنهن پل گٿل گفتن جهڙو ،
    ڪـڏھين شاھ جي ٻولن جھڙو.

    رات جيان چپ چاپ رهي ٿو،
    ڪـڏھين وڄندڙ دھلن جھڙو.

    اوکا اوکا سوال به آهي،
    سنهنجو سولن جملن جھڙو.


    وکريل ماڻھو ڳولي ڇا ڇا؟

    وکريل ماڻھو ڳولي ڇا ڇا؟
    وڇڙيل ماڻھو ڳولي ڇا ڇا؟

    ھيڏي ساري دنيا آهي،
    ھـيکل ماڻھو ڳولھي ڇا ڇا؟

    سمنڊ آ، ڪائي ڍنڍ ته ناھي،
    ڀٽڪيل مـاڻھو ڳولھي ڇا ڇا؟

    درد خوشيون ٻئي ڏور رهن ٿا،
    پيادل ماڻھو ڳولھي ڇا ڇا؟


    ھير گھلي ته سڪون ملي پيو.

    ھير گھلي ته سڪون ملي پيو.
    ھوءَ کلي ته سڪون ملي پيو.

    سالن کانپوءِ جيون دڳ تي،
    مرڪي ملي ته سڪون ملي پيو.

    پـھريون ڀيرو پيار منجهاران،
    ٻکجي ھلي ته سڪون ملي پيو.

    تنھنجي هان ‘‘مھراڻ’’ چيائين،
    ڳالهه هلي ته ســڪون ملي پيو.


    وري شام ورندي، وري باک ڦٽندي.

    وري شام ورندي، وري باک ڦٽندي.
    وري ياد ايــــندي، مگر هُوءَ نه ورنــدي.

    وري سـج لڪن مان اٿي ڏور ڏسـندو،
    وري دل جي ڌڙڪن وڌي زور ويندي.

    وري ياد ڪـائي وڇوڙي جي ورندي،
    وري هيءَ جدائي به جهوري ڇڏيندي.

    وري ذھن جوالا جئين هاڻ ٻرنـدو،
    وري ياد تنـھنجي به ويتر وڍيندي.


    ٻـاھر عـاليشان ھُيو ھُو.

    ٻـاھر عـاليشان ھُيو ھُو.
    اندر ڪٿ انسـان ھُيو ھُو؟

    آئــيني جـــــي آڏو بيھي،
    ڪـيڏو پشيمان ھُيو ھُو.

    عالم جو ٿي ڍونگ رکيائين،
    ســـچ ۾ ڪو شيــطان ھيو ھو.

    ظاھر ۾ آ امن جي پاسي.
    انـدر ۾ گهمسان ھُيو ھُو.

    سڀ ڪجھ هوندي هٿ سوالي.
    حالت تي حيران ھُيو ھُو.

    هونءَ گداگر جهڙو ماڻهو،
    دنيا لئه سلطان ھُيو ھُو.

    علم عقل کان عاري ڄڻ ڪو،
    گلن بنا گلدان ھُيو ھُو.


    ٻول ته تنـھنجي ذات خبر پئي.

    ٻول ته تنـھنجي ذات خبر پئي.
    ڪـھڙي تنهنجي ڏات خبر پئي.

    تنھنـجي ڏاڍي دھـــشت آھــي،
    آءُ ھلي تون رات خبر پئي.

    خـاموشي آ ايڏي ڇا لئه؟
    ڪر ته پکي ڪا لات خبر پئي.

    تون به ته ڪنھن سان پيار ڪرين ٿو،
    ڪنھنجي توکي تات خبر پئي؟

    من ۾ ڇا ‘‘مهراڻ’’ آ تنھنجي؟
    وائي ڪـھڙي وات خبر پئي.


    پن ڇڻن ۽ لـڙڪ ڪرن ٿا.

    پن ڇڻن ۽ لـڙڪ ڪرن ٿا.
    هجر هوا جا جهونڪا لڳن ٿا.

    چهري جو رنگ مٽيل آهي،
    خيال به ھيڏي ھوڏي ڦرن ٿا.

    ڪين ڪو ايندو ھاڻ اسان ڏي،
    تاڪ اجايو دل جا کلنِ ٿا.

    رانديڪا ڀي روح رنجائن،
    ساجن، ساجن، ساجن ڪن ٿا.

    مان ‘‘مهراڻ” اڪيلو آهيان،
    لڙڪ اکين جا پل نه رُڪن ٿا.


    تنھنجي جڏهن ڀي پار ۾ آھيان.

    تنھنجي جڏهن ڀي پار ۾ آھيان.
    ڏس نه ڪيڏو قرار ۾ آھيان.

    جڏهن ڀي ملندين مان ائين ھوندس،
    عمر ساري مان پيار ۾ آھيان.

    نـفرتن لاءِ وقت ئي ناهي،
    سونهن جي سير تار ۾ آھيان.

    لذتون زندگيءَ جون ڇا معنيٰ!
    ھن جي سڪ ۽ سار ۾ آھيان.


    توکي روزو، نـماز جي آهي.

    توکي روزو، نـماز جي آهي.
    مونکي نوڙت نياز جي آهي.

    تـوکي ڪعبو، مزو ڏي قبلو،
    مونکي دلبر نياز جي آهي.

    توکي ڀلجان هجي فڪر پنهنجو،
    مونکي هر رنگ، ساز جي آهي.

    مون کي پٺتي ڇڏي کلڻ وارا،
    مون کي پرواز باز جي آهي.

    توکي ڏيکاءَ تي ڀروسو آ،
    مونکي لڪ ۽ راز جي آهي.

    ڳالهه ‘‘مهراڻ’’ تنهنجي ماڻهن ۾،
    ڪنهن انوکي انداز جي آهي.


    ڪڏھن تـو ۾ ‘‘مھراڻ’’ تبديلي ايندي.

    ڪڏھن تـو ۾ ‘‘مھراڻ’’ تبديلي ايندي.
    سندءِ سوچ آخر ڪڏهن اک پـٽيندي.

    هتي دوکيبازن جو وهنوار آهي،
    دنيا پنـهـنجي ريتون نه رسمون مٽيندي.

    اڃان ڪنهنجِي دل ۾ پئي سار جاڳئي؟
    اجائي اھا پـيـئي توکي ڏنگـيندي.

    هتي سڀ جو اندر ڏکن سان سٿيل آ،
    سندءِ دل ڀلا ڪيترا سُک ونڊيندي.

    ڏکن واري ڏوري هٿن ۾ آ جيــسين،
    حياتي ھـيءَ ‘‘مھراڻ’’ پيـئي پٽيندي.


    جيڪو آھي تنھنجو آھـي.

    جيڪو آھي تنھنجو آھـي.
    منھنجو مون ۾، ڪجهه ڀي ناھي.

    تـن من تو تان واري ڇڏيو آ،
    سِيس به پنهنجو ڏيان مان لاھي.

    سـوچن، جذبن خــوابن ۾ تـون،
    تولئه مَنُ اوتـارو آھي.

    منھنجي گيــتن، غزلن ۾ تون،
    ڏات پَسِي آ توکي چاھي.

    مون کي پنھنجو نانءَ ڏئي تو،
    مون کي ڇـڏيو ‘‘مھراڻ’’ بڻائـي.


    ڪڪر ڀي ڪري ڇــــانو گذري ويو.

    ڪڪر ڀي ڪري ڇــــانو گذري ويو.
    وســــڻ تـي ھـيو ھــُو ته وکري ويو.

    اسان به اڏيـو دل تي آکيـرو هو،
    پـکي هو پرين پر سو اڏري ويو.

    ڀلا ڪيئن روئي ها محفل ۾ هو؟
    اکين ۾ جـھلي لڙڪ نڪري ويو.

    نه ڄاڻ ڪاڏي ويو گم ٿي،
    هيو ٻارُ مڪتب لاءِ سنبري ويو.

    عجب آ ادا هيءَ ڀي ‘‘مهراڻ’’ جي،
    وٺي نانءُ چوي ٿو ته وســـري ويو.


    ڪوئي وٺي مان دل ٿو کپايان.

    ڪوئي وٺي مان دل ٿو کپايان.
    جاتي چــوي مان پاڻ پڄايان.

    سور ڏسـي ٻين جا ٿي روئي،
    ھن جھنـجھٽ مان جان ڇڏايان.

    ھن جي بدلي ٻيو ڪو ڏئي دل،
    دل جي بدلي دل ٿو مٽايان.

    تـوســان منهنجو ليکو ناهي،
    تـوکان ڇا ‘‘مـھراڻ’’ لڪايان.


    ڪـي ڪـي ماڻھو ويندي ويندي ڌوڙ اڏائي ويندا ھنِ.

    ڪـي ڪـي ماڻھو ويندي ويندي ڌوڙ اڏائي ويندا ھنِ.
    ھڪڙا ماڻـھو خوشبو جو ماحول سجائي ويندا ھنِ.

    ڪي ڪي ماڻھو راھ ۾ پنھنجو ھٿ ڇڏائي ويندا ھنِ،
    ھڪـــڙا مـاڻھو توڙ نڀائي، ماڳ رسائي ويندا ھنِ.

    ھـڪڙا مــاڻھو بادل بڻجي مينھن وسـائي وينــدا ھنِ.
    ڪـي ڪي مـاڻھو ٿــــر جي واري جيئن تپائي ويندا ھنِ.

    ڪـي ڪي مــاڻھو ھمت ڏئي درياءُ ٽپائي ويندا ھنِ.
    ھـڪڙا مـاڻھو مانجهي بڻـجي ناوَ ٻوڙائي ويندا ھنِ.

    ھـڪڙا اکـــــڙين منــجهه ويھاري پيار پسائي ويندا ھنِ.
    ۽ ڪي ماڻھو پيرن مان ڌرتي کسڪائي ويندا ھنِ.


    پائي جــهاتيون لــڪي ويون.

    پائي جــهاتيون لــڪي ويون.
    اکڙيون آتيون لڪي ويون.

    عــشق جون جاڳون ڏئي اسان کي،
    ڇو پرڀاتيون لڪي ويون.

    ماڻهوءَ وحشت نچي پئي،
    سڀئي ذاتيون لڪي ويون.

    ڏينهن ٻه ٽـي هو چهچٽو،
    پوءِ سڀ باتيون لڪي ويون.

    ڏينهن چٽا ڪيا گناھ سڀ،
    باقي راتيون لڪي ويون.


    اوهان سان ملياسين وڌيا حوصلا.

    اوهان سان ملياسين وڌيا حوصلا.
    جو گڏجي هلياسين وڌيا حوصلا.

    وڇوڙي جي واٽن ٿي تنها گهمي،
    وري هڪ ٿياسين وڌيا حوصلا.

    ٿي مـايوسين کان پري ڪا گهڙي،
    گلن جان ٽڙياسين وڌيا حوصلا.

    سنڌوءَ جي ڪناري تي ‘‘مهراڻ” ٻئي،
    ڏئي هٿ گـهمياسين وڌيا حوصلا.


    هرڪــو هن تي فدا هيو.

    هرڪــو هن تي فدا هيو.
    هن جي اکين ۾ ڇا هيو.

    نياپن سنديون چٺيون هيون،
    لمحو ڄڻ با وفا هيو.

    محبت جي هن مـريض لئهِ،
    راحت هو، ڄڻ دوا هيو.

    وسري نه سگهيو ‘‘مهراڻ’’،
    دلبر هو ڄڻ خدا هـيو. 


    اڃــان ياد آهـــن تباهيءَ جا منظر.

    اڃــان ياد آهـــن تباهيءَ جا منظر.
    وساريا نه آهن جدائي جا منظر.

    چــڱو مـوڪـلاڻي جڏهن تو چيو هو،
    فضا ۾ چٽا ٿيا ٻسائيءَ جا منظر.

    گهڻو ڏور تائين پسارون ڪيون سين،
    ٿڪاوٽ ۾ کن پل جي ساهيءَ جا منظر.

    اوهانجي وئي ڪجهه نظر ڪونه آيو،
    اکين ۾ اسان جي سياهيءَ جا منظر.


    مُلهه مـنهنجو ڪٿي نه هو؟

    مُلهه مـنهنجو ڪٿي نه هو؟
    پــر مــٽيءَ کان مــٿي نه هــو.

    پنــهنجو رستـو کٽـو اتـي،
    ماڳ ڪوئي جـتي نه هـو.

    کيس ڳولهيم جتي ڪٿي،
    هُو جتي هو، اتي نه هو.

    ڪيئن ‘‘مهراڻ’’ گهر پڄين؟
    پيچرو سـج لٿي نه هـو.


    درد جــي ســٽ، سهي نه سگهنداسي.

    درد جــي ســٽ، سهي نه سگهنداسي.
    ٻن منجهان ڪٽ، سهي نه سگهنداسي.

    پاڻ کان ڌار هن جو پاڇولو،
    هيڪڙي جهٽ، سهي نه سگهنداسي.

    پنهنجي سامهون ڪوئي چوي هن کي،
    لفظ يا سِٽِ، سهي نه سگهياسي.

    ڪوئي گلشن مان هاڻي گل نه ڇني،
    دل تي هي ڦٽ سهي نه سگهنداسي.


    ڪيڏو ڪوئي ھيکل ھيکل.

    ڪيڏو ڪوئي ھيکل ھيکل.
    خواب اکين ۾ پيدل پيدل.

    ڪيڏا رنـگ مٽيندو اڳــتي،
    من آ پنـھنجو چنچل چنچل.

    ڪنھن کـي الائي ٻوڙي ويندو،
    آب اکيـن جو بيٺل بيٺل.

    منزل جي ڪا خبر ئي ناھي،
    رسـتو به آهي ڀٽـڪيل ڀٽڪيل.

    ‘‘مھراڻ’’ اهو ئي چـھرو ســـاڳيو،
    پـــر ڇـو لـڳي ٿو مٽيل مٽيل.


    منهنجي من کي پچاءِ ڪنڀر.

    منهنجي من کي پچاءِ ڪنڀر.
    ڀورَ ٿيڻ کان بچاءِ ڪنڀر.

    ڳوهي مٽي عمر سڄي تو،
    رنگ نئون ڪو رچاءِ ڪنڀر.

    ڦوڪي سگهين ٿو پساه ان ۾؟
    رانديڪڙو مَنُ، نچاءِ ڪنڀر.

    ڪاريگري هي ڪمال تنهنجي،
    پيو مٽيءَ کي سجاءِ ڪنڀر.

    تنهنجي هٿ ۾ آ ‘‘مهراڻ’’،
    جيئڻ وڻئي تيئن واهاءِ ڪنڀر.


    ھاڻـي ڪنھن سان نه واسطو آھي.

    ھاڻـي ڪنھن سان نه واسطو آھي.
    ھـڪڙو مـاڻھو ئي قافلو آھي.

    جيڪي گھريوسي، اڄ ھٿن ۾ آ،
    ڪيڏو گھٽجي ويو فاصلو آھي.

    تـون اجايو پيو تڪين سائين،
    ھن جو ۽ منھنجو مــعاملو آھي.

    مرڪ آ مک تي، دل آ خوش ‘‘مھراڻ’’،
    ھن سان پل پل جـو رابطو آھي.


    يـاد هن جي وڏي وندر آھـي.

    يـاد هن جي وڏي وندر آھـي.
    ھونئن ته سڀ ڪـجهه اسان جي گھر آھي.

    ڪو ڪشالـو نه ٿو پوي ڪرڻو،
    هوءَ منهنجي ئي دل اندر آھي.

    ڪو نــظارو نه ٿي سگھيو اھڙو،
    سونھن ۾ ســــڀ کان معتبر آھي.

    ڪيئن هن کان پري گذاريندس،
    هوءَ هاڻي ٿي همسفر آھي.

    هاڻ ‘‘مھراڻ’’ هر طرف هوءَ آ،
    جيــسيـتائين وئـــي نـــظر آھي.


    ھر خوشي وينـــدي ڏسي، زندگي روئندي رھي.

    ھر خوشي وينـــدي ڏسي، زندگي روئندي رھي.
    پنھنجي لـڙڪن ۾ پسي، زندگي روئندي رھي.

    اڄ اکين ۾ لڙڪ ھِن، سک جو ناھي نشان،
    مـرڪ وئي آھـي رسي، زندگي روئندي رھي.

    پيار جي بدلي مٺي، تو جفائون ئي ڏنيون،
    درد دل ۾ دل دکي، زندگي روئندي رھي.

    ڏس ھليو ‘مھراڻ’ ويو تنھنجي محفل مان اٿي،
    اڄ ڏسي محفل ٻسي، زندگي روئندي رھي.


    زاهد گل جي آواز ۾ ڳايل


    ويـــٺي ويــٺي وڃائجي ٿا وڃون.

    ويـــٺي ويــٺي وڃائجي ٿا وڃون.
    تـوکي ســـوچي وڃائجي ٿا وڃون.

    ڀٽڪي ڀٽڪي اسان سمورو شھر،
    توکي ڳـولـي وڃائجي ٿا وڃون.

    هوءَ ننڊ مان اچي اٿاري ٿي،
    نيڻ کولي وڃائجي ٿا وڃون.

    هوش آهي مگر تصور ۾،
    عڪس اوتـي وڃــائجي ٿا وڃون.

    پاڻ چاھيو جڏھن سڪون رتِي،
    نيڻ ٻـوٽي وڃائجي ٿا وڃون.


    ٿورو چپ ڪر خيال سوچيندا.

    ٿورو چپ ڪر خيال سوچيندا.
    زندگـــيءَ جا سوال سوچيندا.

    تو ڪئي خوب توکي بخشيوسين،
    تـرس هاڻي بيحال سوچيندا.

    جي چڙهي ويا عروج جون چوٽيون،
    هاڻ تن لئه زوال سـوچيندا.

    ڪو نه ڊاهي اسان جا نقش ِ پا،
    آئيندي جا مثال ســوچيندا.

    تو کي ڪهڙا ڏجن خــطاب سڄڻ،
    ويڻ، مهــڻا، ملال سـوچيندا.


    دل جي دروازي تي آهي دسـتڪ اڃان.

    دل جي دروازي تي آهي دسـتڪ اڃان.
    ڪو پڇي ٿو پرين مان، اچان يا وڃان.

    يا ٿي خــوشبو هوا ۾ مان اڏري وڃـــان،
    يا خـزان بڻجي هاڻي مان پن پن ڇڻان.

    مـونجـهه آهـي اندر ســوچ کي لوچ آ،
    تـون مـٽيو آن ته مان هاڻي مــٽجي پوان.

    آءُ هيڪر اڱڻ تـي تون ‘مهـــراڻ’ جي،
    مست منظر نچن، مان به جهومي نچان.


    مڙِي آيو آ جهڙ نيڻين لڳي ٿو مينهن وسڻو آ.

    مڙِي آيو آ جهڙ نيڻين لڳي ٿو مينهن وسڻو آ.
    اسان جـا نيڻ چاهن ٿا، اڱڻ تنهنجو به ڀِڄڻو آ.

    وٺا ناهن اڃا آهن سندءِ ديدار لاءِ آتا،
    مگر هي نيڻ وسڻا هن، سکن جو گهر جو ٻڏڻو آ.

    اڃا ڪا ياد اچڻي آ، اڃا ڪو خيال آ دڳ ۾ ،
    وريا آهن ڏئي ڦيرا اندر ٻيهار ٽٽڻو آ.

    اکـين جو قيمتي پاڻي، وڃائڻ ڏي محبت ۾،
    ڀلي ‘‘مهراڻ’’ قابو ڪر، اکين جو دڳ ته کلڻو آ.


    جڏهن تنهنجي يادن ۾ پاتي مون جهاتي.

    جڏهن تنهنجي يادن ۾ پاتي مون جهاتي.
    امالڪ اکـــين مان ڳــوڙهن ڊڪ پاتــــي.

    ائيــن خــيال وکـــريل پـــيا هـا پٽن تي،
    سمرڻي تي لمحن جي ڦيري ڪنهن ڪاتي.

    گهڻا سـال گذريا، مهينا اسان کي،
    جـتي جيــئن هــــئي اڄ اتــــي آ حياتي.

    جـهريو جـــيءُ ڪـيڏو آ ‘‘مهراڻ’’ پنهنجو،
    جـــڏهن تنـــهنجي هــٿڙن تي وئي ميندي لاتي.


    مٽيءَ کي مٽيءَ سان گڏيندو هـــجان.

    مٽيءَ کي مٽيءَ سان گڏيندو هـــجان.
    متان مان ئي مون کي اڏيندو هــجان.

    تلاشيان ٿو جنهن کي، مــلي ڪو نه ٿو،
    متان پاڻ کي مان ڳولهيندو هجان!

    نشاني وٺڻ وقت سيني چيو،
    متـــان تيـــر مـان ئي جهليندو هجان،

    پڙاڏا مسلسل اچن ٿا ائين،
    صدين کان اوهان کي سڏيندو هجان.


    ائيـــن اڄ ڏسين ٿو رليا ڄڻ نه آهيون.

    ائيـــن اڄ ڏسين ٿو رليا ڄڻ نه آهيون.
    ڪڏهن زندگيءَ ۾ مليا ڄڻ نه آهـيون.

    پـرين حال پنــهنجا ٿـــي اهڙا ويا هن،
    جيئن سال گــذريا کليا ڄڻ نه آهيون.

    ائــين پيــار کان ٻئي پري ٿي ويا سين،
    ڪڏهن پاڻ سڪ ۾ جليا ڄڻ نه آهيون.

    تڪي ويٺو ‘‘مهراڻ’’، حيرت منجهان اڄ،
    ڏئي هـٿ هٿن ۾ هليا ڄڻ نه آهيون.


    بــي قراري وڌي رهي آهي.

    بــي قراري وڌي رهي آهي.
    هن سان ياري وڌي رهي آهي.

    شوق سان چاهتون وٺڻ جي لئه،
    هــا تيـــاري وڌي رهـي آهي.

    پير منهنجي اڱڻ ڌريندي هوءَ،
    انتـــظاري وڌي رهــــي آهي.

    پيار اڀريو آ منهنجي اندر ۾،
    رات ڪــاري وڌي رهــي آهي.

    ڪهڙو ‘‘مهراڻ’’ گهر جو رستو آ،
    اڄ خماري وڏي رهي آهي.



    سليم رضا ڪنڀر جي آواز ۾ ڳايل


    اسان ۽ اوهان ۾، وٿيون ڪيتريون هن.

    اسان ۽ اوهان ۾، وٿيون ڪيتريون هن.
    زمين آسمان ۾، وٿيون ڪيتريون هن.

    ڪٿي ڪو رهي ڪو ،ڪٿي ڪير آهي،
    سموري جهان ۾، وٿيون ،ڪيتريون هن.

    جي وس ۾ هجي ها ته پل ۾ پڄان ها،
    اڃان آجيان ۾، وٿيون ڪيتريون هن.

    هٿن تائين هن جي نه پهچي سگهياسين،
    هٿن جي نشان ۾، وٿيون ڪيتريون هن.

    اسان کي نه منزل ملي آهي ‘‘مهراڻ’’،
    زمان ۽ مڪان ۾، وٿيون ڪيتريون هن.


    هيڏي هــن دل پــار او سائين.

    هيڏي هــن دل پــار او سائين.
    ڏاڍي تنهنجي سار او سائين.

    ايندا رهندا ويندا رهندا،
    لڙڪ ٿي موتين لار او سائين.

    تــنهنجي لهجي سان ٿي ويا هن،
    جـــيون ۾ سو ڏار او سائين.

    خـــالي آهـــي خــالي رهندو،
    دنيا کان من ڌار او سـائين.


    جنهن کي آهي سو ٿو ڳاهي.

    جنهن کي آهي سو ٿو ڳاهي.
    جنهن کي ناهي، تنهن کي ڇاهي.

    روئي پيو آ پنهنجي منهن سان،
    ماڻهن کـي هو خوب کلائي.

    درد سندو درمان نه ڪوئي،
    ڪاٿي پهتو عشق الائي.

    ڀيـٽي ٿـو هو هـر پل ويٺو،
    اڳيون پـــويون يادون مـلائي.

    گذريل پيڙهين جي رشتي ۾،
    قرض مٿان هي قرض ٿو لاهي.


    حياتيءَ ۾ بڻجي ڪوئي ڀرجــهلو.

    حياتيءَ ۾ بڻجي ڪوئي ڀرجــهلو.
    اسان کي به گهر جي مٺا حوصلو.

    چيو ڪنهن نه گڏجي هـــلڻ لاءِ آ،
    اکــين جـــي اڳيان ويو هليو قافلو.

    سهيڙِي، سنڀالي سگهياسين نه ڪجھ،
    سموري حياتي رهيو ٿرٿــلو.

    ويو نيٺ ‘‘مهراڻ’’ هارائجي،
    جفا جي اڳيان جوش جو ولولو.


    مينهن وسن، مــــال چرن ، سنڌ سـڄي ۾.

    مينهن وسن، مــــال چرن ، سنڌ سـڄي ۾.
    گل ٽڙن گاھ ڦٽن، سنڌ ســڄي ۾.

    اسر اٿن ڪانڀ ٻڌن، چيلهه پنهنجي سان
    شام ورن، جهومي جيئن، سنڌ سڄي ۾.

    وهٽ ڪاهي جاٽ جوڙي، کيت سنوارن،
    عمر سڄي ڀاڳ کڙن، سنڌ ســــڄي ۾.

    گهر اچي مهمان، ڏين جيءَ ۾ جايون،
    ڪڪڙ ڪسن، طعام پچن، سنــڌ سڄي ۾.

    ساڳ، پليون، ڦوٽا ڦريون، ڪڻڪ ۽ ٻاجهر،
    ماکي مکڻ، کير پيئن،سنڌ سڄي ۾.


    تنها تنها ڇاهي مــاڻهو؟

    تنها تنها ڇاهي مــاڻهو؟
    ڪنهن کي هتڙي چاهي ماڻهو.

    پريــــت جي رستي هلندو رهجي،
    پــل به نه هڪڙو ســـــاهي ماڻهو.

    هـڪ پل آ ۽ ٻـــيو پل ناهي،
    آهــي ڀي يا ناهـي مــاڻهو.

    نيـٺ ته ڊهـــڻو آ ‘‘مهراڻ’’،
    پاڻ کي ڪيسين ٺاهي ماڻهو.


    باهه جـو هي مچ ڇـــاهي؟

    باهه جـو هي مچ ڇـــاهي؟
    ڪـو ٻڌائي سچ ڇاهي؟

    رسـتو رستو ئي رهي ٿو،
    رسـتي جو هــي وچ ڇاهي؟

    ســر تــي آئــي هــاڻي وڙهبو،
    مان پڇان ٿو بچ ڇاهي؟

    هــڪ گهڙيءَ ۾ مٽجي ويو هو
    شـريف اندر هـي لچُ ڇاهي؟

    رانــد رچــائڻ جـــي خـــاطر،
    ڌرتيءَ تي هي گهچ ڇاهي؟

    مري ويو بک ڪوئي ڀرسان،
    گــنديءَ ۾ ان ڳــچ ڇاهي؟

    نــوٽن سـاڻ خريدي هن کي،
    هاڻي چويس ٿو نچ ڇاهي؟


    موٽي ڀل جوُ هلڻو ناهي،

    موٽي ڀل جوُ هلڻو ناهي،
    پنڌ اسان جو کٽڻو ناهي.

    سنڌ امڙ جو قسم کنيو آ،
    هــاڻي پــيارا هٽڻو نــاهي.

    ڪــيڏو ڀي ڀل ٿــڪ ٿئي پر،
    دم ڪٿي ڪو پٽڻو ناهي.

    پار ڪنداسين اهنجو سهنجو،
    سچ جو رســـتو مٽڻو ناهي.

    گهڻو تڪيوسين هيڏي هوڏي،
    هــاڻي ڪــنهن ڏي تڪڻو ناهي.


    تمـــاشي تي تاڙي نه ٿي.

    تمـــاشي تي تاڙي نه ٿي.
    جوان ٿيءُ ڀاڙي نه ٿي.

    رکو نياز نوڙت اندر،
    جبل جيڏي چاڙهي نه ٿي.

    مــهل جي اچــي مڙس ٿي،
    ڪُات ٿي ڪياڙي نه ٿي.

    وقت ڏسي پوءِ وک وڌاءَ،
    حوالي ۽ ڊاڙي نه ٿي.


    شھر نـنڊ پـيو آ، بحر ننڊ پـيو آ.

    شھر نـنڊ پـيو آ، بحر ننڊ پـيو آ.
    اسان تي اچي ڇو قھر ننڊ پيو آ.

    ڪري ڪير قائل سگھيو آھي ڪنھن کي،
    چپن تي اچي ڇو زھر ننڊ پيو آ.

    اسان کان ھليو ھـو وڏي جوش ۾ پر،
    اوھان کـي ڏسي ڇو اثرُ ننڊ پيو آ.

    جڏھن وار کولـيا اوھان پنھنجا ڪارا،
    تڏھن کان گگن تي سحر ننڊ پيو آ.

    تڪي توکي بيٺو وڏي سڪ سان ٿو،
    چپن تي رکي ھٿ قـمر ننڊ پيو آ.


    چـــئبو منـــهن تــــي ســـچ ســٿي.

    چـــئبو منـــهن تــــي ســـچ ســٿي.
    پــــوءِ ته ڀـــلي ڪو مــــچ مــــچي.

    ڪير پـــڇي ۽ ،ڪير ڪڇي ،
    ڪير ٻـــڌي ڀل ڇير نــچي.

    ڪنهن ڏي پاڻ نه وينداسي،
    پاڻ ڏي ڪوئي ڀل اچي.

    سينو سامهون پنهنجو آ،
    پٺ ڏئي ڪـــو ڀاڙي ڀڄي.


    ماڻهن جو محلاتون ملڪيت.

    ماڻهن جو محلاتون ملڪيت.
    مون لئه تنهنجون يادون ملڪيت.

    ڪن لاءِ ڪار ۽ بنگلو، مون لئه،
    تنهــنجون ئي سوغاتون ملڪيت.

    ڪـــن کــــي گيت ســنگيت وڻن ٿا،
    مون لاءِ تنهنجون لاتيون ملڪيت.

    ڪن کي گرميون وڻنديون آهن،
    مون لئه ٿڌيون راتيون ملڪيت.


    درد ڏيـــــو ڀــــل لاهــــي پاهــــي.

    درد ڏيـــــو ڀــــل لاهــــي پاهــــي.
    سمجهو مون ۾ سمجهه ئي ناهي.

    منــهنجا جـذبا ڪجهه به نه آهـن،
    مــون لئهِ ڇــــا احــساس الائـــــي.

    ڏيڻ مهل ڪا ڳڻپ نه رکجو،
    دل هــيءَ پنــهنجي دريـــا آهــــي.

    پنهنجو هلــڪو بار ڀلي ڪــر،
    منــهنجي مـــن تـــي سڀ اڇلائي.

    مان ‘‘مهراڻ’’ نه چوندس ڪجهه ڀي،
    ڪير اچي ٿو ڊاهي يا ٺاهي.


    مــٿي اڀ ڪـــڪرن ۾ روئــي ڏنــو آ.

    مــٿي اڀ ڪـــڪرن ۾ روئــي ڏنــو آ.
    اســان هــيٺ اکــــرن ۾ روئـــي ڏنــــو آ.

    ڪڏهن بيت، وايون، غزل، ڪافي، نوحا،
    اســان ايئـــن شـــعرن ۾ روئـــي ڏنــــــو آ.

    جـــڏهن ايئن چيائين پرين موڪلاڻي،
    تــڏهن هــن جـــي پيرن ۾ روئــي ڏنو آ.

    رڳو ڳوٺ وارن کي ڳوٺن جون ڳالهيون،
    اچــي ڪنهن ته شـــهرن ۾ روئــي ڏنـــــو آ.

    اکيون دل، ذهن کي ها تــڪليف ڏيـئي،
    اســان ايئين ٽــڪرن ۾ روئـي ڏنو آ.

    هي ‘مهراڻ’ ســـوچــي ٿو يادون پراڻيــــون،
    سکــيءَ رات ســهرن ۾ روئـــي ڏنـــــو آ.


    خـــواهشــون دل ۾ ويهاري.

    خـــواهشــون دل ۾ ويهاري.
    ڪوئي ڪهڙي ڪهڙي مـاري.

    ســـال گذريا آسري ۾،
    هـڪڙو ڀيـــرو من نــهاري.

    روئـــي پيـــو آ دوستن سان،
    ڪنهن کي ڪوئي ڏاڍو ساري.

    ڪلهه ته موجن ۾ هئي،
    ڇـــو پئـــي اڄ لڙڪ لاري.


    وياسين ته پنهنجا نه هوندا نشانا،

    وياسين ته پنهنجا نه هوندا نشانا،
    اسان جي تون ڳولا ۾ ٿڪبين زمانا.

    ڏنئه جيڪي الزام ڪافي نه آهن!
    اڃا ڀي ستائڻ جا ڳوليو بهانا.

    جڏهن ياد اينداسين ساراهباسي،
    اسان کان پو رهندا اسان جا فسانا.

    سدا سنڌ ڪعبو، سدا سنڌ اوچي،
    رڪاوٽ ڇا ٿيندا اهي قيد خانا.

    نه پرکي سگهيو ڪير ‘‘مهراڻ’’ سائين،
    اسان جي اندر ۾ خوشين جا خزانا.


    سونهن جا پاڻ يار ٿي وياسين.

    سونهن جا پاڻ يار ٿي وياسين.
    لوڪ تي ڄڻ ته بار ٿي وياسين.

    آيو منهنجي اندر لهي ويٺو،
    زرخريدي نثار ٿي وياسين.

    هڪڙو پل ڌار ڄڻ قيامت هئي،
    هن جي ٻانهن جا هار ٿي وياسين.

    ڪيڏو هن کي وري وري پيتو،
    سرت ناهي خمار ٿي ويا سين.

    هاءِ ‘‘مهراڻ’’ کي خبر ناهي،
    ڪيئن اسان اشڪبار ٿي وياسين.


    هـــوائن ۾ خوشبوءِ گهولي وڃو.

    هـــوائن ۾ خوشبوءِ گهولي وڃو.
    اچــو ٻول مٺڙا ڪي ٻولي وڃو.

    وري زندگيءَ سان بهارون گڏيو،
    اچـــو تـــن کـــي ٻيهر ته رولي وڃـو.

    وڏي ناز سان سور پالي رکيا،
    اچو کين هاڻي ٺٺولي وڃو.

    اوهان کي ته اڌما سنڀالن پيا،
    نوان سور پهچي ڪي سوري وڃو.


    اسان ۽ اوھان ۾ وڏو فرق آھي.

    اسان ۽ اوھان ۾ وڏو فرق آھي.
    چريو من ٿو چنڊ کي ڇهڻ يار چـاھي.

    مقدر ۾ پنھنجي لکيو ئي ائين آ،
    اوھــان سان ملڻ وارو ليڪو ئي ناھي.

    نه دولت نه شھرت، ڪجھه به ته ناھي،
    ڀلا ھو اسان سان ائين ڇو نڀاھي؟

    نه سمجھي ٿو ھي ڪجهه به ‘مھراڻ’ کي ڇو؟
    اندر ۾ انھن جي الائي ته ڇاھي؟


    اوھان کي ڏسڻ سان اکيون بند ٿي ويون.

    اوھان کي ڏسڻ سان اکيون بند ٿي ويون.
    صـدين کان پيل ڄڻ وٿيون بند ٿي ويون.

    اوهان کي لڪائي ۽ سانڍي ڇڏيو سين،
    ذھن، دل اندر جـون سِڪون، بند ٿي ويون.

    هُو چمـڪي ٿو چھرو، شـعاع اٿن ٿا،
    قدرت جون سڀئي سٽون بــند ٿــــي ويون.

    جڏھن پـير پائڻ اسان سـوچيوسِي،
    اوھانجي شھر جون گھٽيون بند ٿي ويون.

    اسانجي خوشيءَ جي به حد ناھي ‘‘مھراڻ’’،
    اکيون تنھنجي پھتي وٺيون بـند ٿـي ويون. .


    جڏهن ڀي جتي ڀي چاهيوسي اسان

    جڏهن ڀي جتي ڀي چاهيوسي اسان
    پنهنجو پاڻ کي پاڻ ٺاهيوسي اسان

    اڀ ۾ ڏٺو نه رکيون ڪنهن ۾ آسون
    پنهنجو ڳاه پاڻ ئي ڳاهيوسي اسان

    نه محتاج ڪنهنجا ڪڏهن ڀي رهيا سي
    سدا ڳاٽ اوچو هي ڀانيوسي اسان

    همٿ سان هيڪل ئي دنيا فتح ڪئي
    ڪڏهن ڪونه ڪنهن ڏي واجهايوسي اسان

    پنهنجي لاءِ اتساهه پاڻ ئي بڻياسي
    ڪنهنکي ڪو نه رهبر ڪو ٺاهيوسي اسان


    جنهن وٽ سڪ جو سٽ ناهي

    جنهن وٽ سڪ جو سٽ ناهي
    انسان جو سو پٽ ناهي

    ظالم ٿوري سوچ ته ڪر
    ماڻهوءَ جو ڪو مٽ ناهي

    هروڀرو نٽائي پيو هو
    سمجهي پيو سڀ ڄٽ ناهي

    ڀرجي ويو آ هاڻي هاڻي
    نشان آ بس ڦٽ ناهي


    خودڪشيءَ جو خيال آيو آ

    خودڪشيءَ جو خيال آيو آ
    عاشقيءَ جو خيال آيو آ

    تنهنجو چهرو اکين جي آڏو آ
    زندگيءَ جو خيال آيو آ

    بت سهڻو ڏسي هي پٿر جو
    بندگيءَ جو خيال آيو آ

    سهڻي تنهنجي اکين جي گهورڻ جو
    سادگيءَ جو خيال آيو آ


    ڪـنهن کي ايڏو ياد نه ڪر.

    ڪـنهن کي ايڏو ياد نه ڪر.
    ياد ڪري ڇا ورڻو آ.

    مرڻـو هيو سو مري ويو،
    باقي ڇا جو ڌرڻو آ.

    ياد ته ايندي رهندي آ،
    ياد کي ڇا ڪجهه ڪرڻو آ.

    خال آ منهنجي جيون ۾،
    جــيڪو مور نه ڀرڻو آ.


    وايون

    چنڊ اچي ڀل جھول ڪري ،

    چنڊ اچي ڀل جھول ڪري ،
    تارو تارو وک وکري .
    تنھنجي ڪمي پر ڪير ڀري !

    مينھن وسي ڀل کنوڻ کجي،
    اڀ تي انڊلٺ رنگ ڀري ،
    تنھنجي ڪمي پر ڪير ڀري !

    دنيا جا سڀ ساز وڄن ،
    غزل چوي، ڪو گيت چوي،
    تنھنجي ڪمي پر ڪير ڀري !

    ماڪ گلن جا مُک چمي،
    خوشبو ڀل چؤڦير ڦري،
    تنھنجي ڪمي پر ڪير ڀري !


    تون ته نه ٿي اوپرو،

    تون ته نه ٿي اوپرو،
    اڪيلا ٿي ويندا سين.

    جھڙو آھين سھڻو آھين،
    روپ نه رکجانءِ ٻيو،
    اڪيلا ٿي ويندا سين.

    پنھنجا پاڇا ساٿ نٿا ڏين،
    اوھــان به جي ساٿ ڇڏيو،
    اڪيلا ٿي ويندا سين.

    اونداھيءَ ۾ ھٿ نه ڇڏجو،
    جيـسين ٻــري ڏيئو،
    اڪيلا ٿي ويندا سين.


    توسان منھنجي ملڻ جو،

    توسان منھنجي ملڻ جو،
    ڌرتيءَ چنڊ چمڻ جو .
    تصور ئي آهي رھيو.

    ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالھ تي،
    تنھنجي زور کلڻ جو،
    تصور ئي آهي رھيو.

    ڪارين ڪارين راتين ۾،
    روشن چنڊ ڏسڻ جو،
    تصور ئي آهي رھيو.

    مان لکندس توڏي پيو،
    تنھنجيءَ موٽ ملڻ جو،
    تصور ئي آهي رھيو.

    تنھنجيءَ ياد سوا ھڪ پل،
    گھريءَ ننڊ سمھڻ جو،
    تصور ئي آهي رھيو.

    اڳتي پيو“مھراڻ” ھلي،
    پوئتي وقت ورڻ جو،
    تصور ئي آهي رھيو.


    مٺي سڀ مٺيون،

    مٺي سڀ مٺيون،
    مونکي موٽائي ڏي.

    فوٽو، خط ۽ ڊائري ،
    لکيل سڀ چٺيون،
    مونکي موٽائي ڏي.

    ڏک ويا هن ڏنڀ ٿي،
    منھنجون سڀ خوشيون،
    مونکي موٽائي ڏي.

    مرڪندڙ “مھراڻ” جون ،
    ٻهڪندڙ سي اکيون،
    مونکي موٽائي ڏي.


    روشنين جي پٺيان،

    روشنين جي پٺيان،
    رات ڀر شھر ۾،
    ڪير رلندو رھيو.

    ناوَ ساڙي ڪٿي،
    ھيڏي ھن بحر ۾،
    ڪير رلندو رھيو.

    ڪنھن کي ڳولڻ جي لئه،
    شام جي پھر ۾،
    ڪـير رلندو رھيو.

    زندگي درد هئي،
    درد جي لــــھر ۾،
    ڪير رلندو رھيو.

    غم گھٽائڻ ھليو،
    جام جي زھـر ۾،
    ڪير رلندو رھيو.


    اونداھين راتين کان،

    اونداھين راتين کان،
    مونکي ڊپ لڳي ٿو آءُ.

    تون نه ورندين مورڳو،
    ماڻھن جي ڳالھين کان،
    مونکي ڊپ لڳي ٿو آءُ.

    بيھڻ جي ڪا ڪار نه ٿن،
    پنھنجن آلين اکـڙين کان،
    مونکي ڊپ لڳي ٿو آءُ.

    ڪوته اڪيلي ساڻ رھي،
    پنھنجي ڀريل ڀتين کان،
    مونکي ڊپ لڳي ٿو آءُ.


    زندگيءَ کان سٺي،

    زندگيءَ کان سٺي،
    دوستي جيئن لڳي،
    تنھنجي ڳاڙهي سڳي.

    ھٿ مُنھن تي رکي،
    ڪوڪ چئي وئي لڪي،
    تنھنجي ڳاڙهي سڳي.

    ھا اچان پئي اچان،
    ڪُوڙ، ڪيڏي ٺڳي،
    تنھنجي ڳاڙهي سڳي.

    ڪيڏو ويجھو اچي،
    ڊڪ پائي ڀڳي،
    تنھنجي ڳاڙهي سڳي.

    تون ته سينگار ۾،
    توکان اڳ ۾ پڳي،
    تنھنجي ڳاڙهي سڳي.

    ھاءِ ”مھراڻ“ کي،
    ڪيڏي سهڻي لڳي،
    تنھنجي ڳاڙهي سڳي.


    سپنن ۾ ھا تو سان پرچي.

    سپنن ۾ ھا تو سان پرچي.
    بندِ اکين جا بند ٽٽي پيا.

    ھيکل ھيکل ڏاڍو گھاريو،
    جـيءَ جڏھن آيو ھي ڀرجي.
    بندِ اکين جا بند ٽٽي پيا.

    ڌرتي ساري سڪ جهڙي آ،
    بادل ڳالهه ڪري پيو ٿر جي،
    بندِ اکين جا بند ٽٽي پيا.

    دنيا جا سڀ ناتا ٽوڙي،
    ڪنڍي ڏيئي ويٺو در جي،
    بندِ اکين جا بند ٽٽي پيا.


    سکڻو اجرڪُ نه چـهءُ،

    سکڻو اجرڪُ نه چـهءُ،
    سکڻيِ ٽوپي نه چـهءُ،
    سـنڌ پيو پائي گھمان،
    سنڌ پيو ويڙھي گھمان.


    شاھ جي بيتن کي،
    سيني لائي گھمان.
    سـنڌ پيو پائي گھمان،
    سنڌ پيو ويڙھي گھمان.

    امن جا پيو سدا،
    گيت ڳائي گھمان.
    سـنڌ پيو پائي گھمان،
    سنڌ پيو ويڙھي گھمان.


    مونکي ايندي ڏسي

    مونکي ايندي ڏسي
    تنهنجي گهر جو ڪڙو
    مسڪرائي پيو

    سهڻيءَ سانڀر ڪئي
    ڏسي ڪچو گهڙو
    مسڪرائي پيو

    ڀاڳ ڀوريءَ ڀلو
    مينهن ڪنڍيءَ چڙو
    مسڪرائي پيو

    ڪارا ڪڪر ڏسي
    ڀٽ،ٿريءَ جو پڙو
    مسڪرائي پيو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258317
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386414
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ