مختلف موضوع

سنڌي ٻولي ۽ ثقافت

ھيءُ ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھه ادارن مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ سنڌي شعبن جي نه کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ_ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجهه ٻيا مضمون شامل آھن. ڪتاب جو چوٿو حصو انگريزي لکڻين تي ٻڌل آھي.
Title Cover of book سنڌي ٻولي ۽ ثقافت

مهاڳ: سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ جي بقا لاءِ منفرد ڪاوش : محمد سليمان وساڻ

نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پاران مونکي ھن ڪتاب جي مھاڳ لکڻ جو حڪم مليو آھي. مون لاءِ ھي بلڪل نئون، منفرد ۽ ڏکيو ڪم آھي، ڇو جو مون اڳ ڪنھن به ڪتاب جو مھاڳ ناھي لکيو ۽ جي لکان پيو ته اھو به ٻوليءَ جي ماھر، محقق ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ جي ڪتاب تي پيو لکان. پر ان جو ھڪ پسمنظر اھو به آھي ته اسان جو فورم سنڌ سلامت ۽ منھنجي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۽ مان پاڻ به ٻوليءَ جي بقا ۽ بھتري لاءِ جاکوڙ ۾ رھيا آھيون، تنھنڪري ئي ڊاڪٽر ڪمال صاحب ھجت رکي مونکي لکڻ لاءِ چيو آھي، جيڪو مون لاءِ ھڪ اعزاز پڻ آھي.
اسان وٽ سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ جتي ٽائيم پاس ڪرڻ، تفريح ۽ ھڪٻئي سان رابطي رکڻ ۽ منفي پروپيگنڊا جو ذريعو آھي اتي کوڙ دوستن ٻوليءَ جي بھتري، ثقافتي سرگرمين سان گڏ مثبت سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي جاري رکيو آھي. اھڙن ماڻھن مان ھڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به آھي. ھو منھنجي ضلعي خيرپور جو ھجڻ ڪري پاڙيسري ته آھي ئي پر منھنجي ساڻس سڃاڻ سندس ڪتاب پڙھي ٿي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ اسان کي پاڻ سان جڪڙي رکيو آھي.
ليکڪ ھن کان اڳ 40 هن کان وڌيڪ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ڏئي چڪو آھي پر ھيءُ ھڪ منفرد ڪتاب آھي، جنھن ۾ موجود مضمون ۽ ليک گھڻو ڪري سوشل ميڊيا جي زينت رھيا آھن. اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙھائڻ يا سنڌي ٻوليءَ کي پاسيرو ڪرڻ ۾ ڌارين سان گڏ پنھنجن به ناھي گھٽايو. ادارن ۽ پنھنجن ماڻھن جي اھڙيءَ روش خلاف ئي گذريل ڪجهه سالن کان ليکڪ خاص تحريڪ ھلائي، ڪيترائي مضمون لکيا ۽ سيمينار پڻ ڪرايا، جن ۾ مون سميت ٻين سڄاڻ دوستن پڻ سندس ساٿ ڏنو. ان ئي سبب کيس تڪليفون ڏسڻيون پيون، سندس ڪردار ڪشي ٿي ۽ سندس خلاف سوشل ميڊيا تي لکيو ويو ۽ ڪجهه ادارن ۾ سندس رستا روڪ ڪري دروازا پڻ بند ڪيا ويا. تنهن هوندي به ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جهُڪيو ناھي ۽ نه ئي وڪاميو آھي، پر ھو مسلسل لکندو رھيو آھي، اڻٿڪ ڪوشش ڪندو رھيو آھي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو عاشق آھي. ڊاڪٽر ڪمال ۽ سڄاڻ ڌرين جي مسلسل جدوجھد، اخباري ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ساٿ سان ڪجھه ڪاميابيون پڻ مليون آھن، جن مان ڪجهه ڪاميابين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه سنڌي شعبو کوليو، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ سنڌي مضمون جي شروعات ڪئي. ان ھلايل تحريڪ جنھن ۾ سنڌ جي اديبن، سياستدانن، سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌين جي اٿيل آواز جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ وزير تعليم جي ڪوششن سان ڪجهه خانگي اسڪولن سنڌي پڙهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آھي.
ھيءُ ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھه ادارن خاص ڪري سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ مدرسي اسڪول مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ نواب شاهه ۾ سنڌي شعبن جي نه کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ان کان علاوہ انٽرميڊيٽ بورڊن ۾ سنڌيءَ جو مضمون نه پڙھائڻ، شاھ لطيف تي ڪيل اجائي تنقيد، استادن جو اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ ڪري تعليم متاثر ٿيڻ، تحقيق لاءِ ڪيل اڌورن ۽ اڻپورين سھوليتن بابت ليک سميت ٻيا به کوڙ مضمون شامل آھن. مون سڀ ليک اڳ به پڙھيا ھئا ۽ وري پڙھيا آھن ۽ انھن تي ڪيل تنقيد ۽ ليکڪ بابت ڪيل منفي پروپيگنڊا بابت به باخبر آھيان. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪمال دليلن سان پنھنجي ڳالھه مڃائي آھي. ھو ھڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”يونيورسٽين ۾ ٻولين جا شعبا ڪمائڻ لاءِ ناهن هُوندا. پنھنجيءَ ٻوليءَ سان محبت، ادب، ثقافت ۽ تھذيب جي واڌاري، سُڃاڻپ ۽ ماڻھپي پيدا ڪرڻ لاءِ هُوندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي شعبو به آهي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ته بنگالي شعبو به آهي، جنھن ۾ شاگرد نه هُئڻ برابر آهن. ڪراچي يونيورسٽي به مالي خسارن ۾ رهندي آهي تنھن هُوندي به بنگالي شعبي بند ڪرڻ جو نه سوچيو ويو آهي.
لياري يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ مدرسي جا همراهه سنڌي ٻوليءَ جا شعبا نه کولي خبر ناهي ته ڪھڙي بچت ڪرڻ چاهن ٿا؟ خبر ناهي ته کين سنڌي شعبن کولڻ سان ڪھڙو نُقصان ٿيندو؟“
ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. جن ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نواب شاهه ۾ سنڌي شعبو کُلڻ، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي پڙهائڻ جي شروعات، ڪراچي گرامر اسڪول ۾ سنڌي مضمون جي شروعات ڪرڻ، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ وارا ليک شامل آھن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ھنن ادارن جي سربراھن سان ڪو ذاتي جھيڙو يا بغض ته آھي ئي ڪونه، پر سڀ ان کي ذاتي دشمني سمجھن ٿا. ليکڪ انھن ادارن پاران سنڌي ٻوليءَ جا دروازا کولڻ تي سندن ٿورا مڃيا آھن ۽ سندن واکاڻ ڪئي آھي. ھڪ مضمون ۾ ھو لکي ٿو:
”ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سنڌي مضمون جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي ڪوشش تي سچ پڇو ته تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.
ان ۾ تعليم جي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز جون هدايتون ته شامل آهن ئي پر ميدان تي جاکوڙڻ وارو ڪردار اديءَ رفيعه ملاح جو آهي. هُن خانگي اسڪولن جي انتظاميا سان مسلسل لک پڙهه ۽ گڏجاڻيون ڪيون آهن. نوڪريءَ کان وڌيڪ ذاتي دلچسپي وٺي هن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. رفيعه ملاح صاحبه هن وقت سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن/ڪاليجن جي رجسٽرار آهي. ڪاش اسان جي تعليم کاتي جا ٻيا آفيسر به رفيعه ملاح وانگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪن.
اميد آهي ته سائين سردار شاهه سرڪاري يونيورسٽين کي به سنڌي شعبن کولڻ جو حڪم جاري ڪندو. اسان سندس هر مثبت قدم کي ضرور واکاڻينداسين.“
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ_ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجهه ٻيا مضمون شامل آھن. الطاف شيخ بابت مضمون ۾ ڪمال ڄامڙو صاحب لکي ٿو:

”اڄ ڪلهه الطاف شيخ صاحب جو سمورو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذري ٿو. هو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم/مضمون سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ لکندو رهي ٿو . ٻُڌايائين ته تازو مون کي دل جي تڪليف ٿي، ڊاڪٽرن وٽ ويس، ڊاڪٽرن علاج ڪيو، جيڪو جاري آهي.
هنن چيو ته دل جو سُور خطرناڪ هوندو آهي، ان لاءِ مختلف آپريشن پڻ ڪيا ويندا آهن ۽ مريض تمام گهڻو گهٻرائيندا آهن پر اوهان جي مُنهن تي اهڙي ڳالهه نظر نه ٿي اچي. ان جو ڪهِڙو ڪارڻ آهي؟ شيخ صاحب چيو ته مون هنن کي وراڻيو ته دل جو خير آهي، ٻين عضون جي بيماري به مون لاءِ مسئلو ناهي، بس منهنجي لاءِ رڳو مسئلو هٿن جو آهي.“
ڪتاب جو چوٿو حصو انگريزي لکڻين تي ٻڌل آھي جنھن ۾ ليکڪ جي ڪيل تحقيق، ھوجمالي بابت ڊان کي لکيل ليک ۽ ڊائريڪٽر آغا خان بورڊ کي سنڌي مضمون جي شروعات لاءِ لکيل خط شامل آھي.
ھيءُ ڪتاب تعليم، ثقافتي مضمونن، تحقيق بابت لکڻين، تدريس بابت مضمونن، تنقيد جي راھن، ٻوليءَ جي ترقي، پاڻ ۾ اتحاد ۽ جدوجھد ذريعي ڪاميابي ماڻڻ، دلچسپين ۽ ڄاڻ سان ڀريل آھي.
اميد ته ھيءُ ڪتاب پڙھندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ سان گڏ انھن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ رڪاوٽن بابت دلچسپ ڳالھيون اڳيان آڻيندو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نوان گس نروار ڪندو. ساڳي وقت سوشل ميڊيا تي وڏا وڏا تبصرا ۽ مضمون لکندڙن لاءِ اھا راھ ھموار ڪندو ته ھو به پنھنجي سوشل ميڊيا ليکن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ ڇاپرائن.

[b] محمد سليمان وساڻ
[/b] مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام