سنڌي مضمون جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن تي تعليم کاتي کي جس هُجي
سائين سردار شاهه جا اڪثر ويجها دوست مون تي ڪاوڙيل آهن ته تون سدائين سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي مامري ۾ سائين سردار شاهه کي نشانو بڻائيندو آهين. مان کين چوندو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي معاملن تي تعليم جي وزير جو نالو نه کڻبو ته ڀلا ڪنهن جو کڻبو؟
حقيقت اِها آهي ته مان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي مسئلن تي لکڻ وقت اهو نه ڏسندو آهيان ته مون کي ڪهڙو نقصان ٿيندو يا تڪليف ايندي. پوءِ به ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي.............
ساڳيءَ ريت ڪو ادارو يا فرد جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ وِک کڻندو آهي ته ان جي دل کولي آجيان ڪندو آهيان.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي مختلف نجي اسڪولن جي انتظاميا پاران پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جا اعلان ۽ واعدا لکت ۾ سامهون آيا آهن، انهن جي آجيان ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ به پنهنجو فرض سمجهان ٿو. انهن اسڪولن ۾ ماما پارسي بي وي ايس، ڪيٿولڪ بورڊ جا اسڪول، حبيب اسڪول وغيره شامل آهن. ڪيمبرج سسٽم وارا ڪجهه اسڪول به اچي وڃن ٿا. اهي اسڪول ٽئين درجي کان ايندڙ سيشن کان سنڌي مضمون پڙهائڻ شروع ڪندا. اهي سمورا اسڪول گهڻي ڀاڱي آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ جا الحاقي آهن.
منهنجون نياڻيون ماماپارسي گرلس اسڪول ۾ پڙهيون آهن. منهنجيءَ وڏيءَ نياڻيءَ سُرهاڻ جي جڏهن داخلا ٿي هئي ته هنن چيو ته اوهان جي ڌيءُ جون ٽيسٽ ۾ تمام سٺيون مارڪون آهن، تنهن ڪري ڪيمبرج سسٽم ۾ داخلا ڏينداسين . مون کانئن پڇيو هو ته ان ۾ سنڌي مضمون آهي؟ هنن وراڻيو ناهي. ميٽرڪ سسٽم ۾ سنڌي مضمون شامل آهي. مون چيو ته منهنجيءَ نياڻيءَ کي ميٽرڪ سسٽم ۾ داخل ڪريو! ، جنهن تي انتظاميا چيو ته اسان کي ماڻهو منٿون ڪندا آهن ته ڇوڪريءَ کي ڪيمبرج سسٽم ۾ داخلا ڏيو ۽ اوهان چئو ٿا ته ميٽرڪ سسٽم کپي! مون چيو مون کي پنهنجن ٻارڙن کي سنڌي مضمون لازمي پڙهائڻو آهي. پوءِ اڳتي هلي آغا خان بورڊ کُليو ۽ ماما پارسيءَ سرڪاري بورڊ کي ڇڏي ڇڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ماما پارسيءَ جي ميٽرڪ سسٽم مان سنڌي مضمون به ختم ٿي ويو.
ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سنڌي مضمون جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي ڪوشش تي سچ پڇو ته تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.
ان ۾ تعليم جي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز جون هدايتون ته شامل آهن ئي پر ميدان تي جاکوڙڻ وارو ڪردار اديءَ رفيعه ملاح جو آهي . هُن خانگي اسڪولن جي انتظاميا سان مسلسل لک پڙهه ۽ گڏجاڻيون ڪيون آهن. نوڪريءَ کان وڌيڪ ذاتي دلچسپي وٺي هن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي . رفيعه ملاح صاحبه هن وقت سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن/ڪاليجن جي رجسٽرار آهي. ڪاش اسان جي تعليم کاتي جا ٻيا آفيسر به رفيعه ملاح وانگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪن.
اميد آهي ته سائين سردار شاهه سرڪاري يونيورسٽين کي به سنڌي شعبن کولڻ جو حڪم جاري ڪندو. اسان سندس هر مثبت قدم کي ضرور واکاڻينداسين.
***
03 ين اپريل 2019ع