سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي شروعات
نيٺ سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ به سنڌي مضمون جي اهميت کي مڃي ورتو، سڀني کي مبارڪون هجن
سنڌي مضمون جي تعليم رڳو ٻوليءَ، ادب، ثقافت ۽ لوڪ ڏاهپ وغيره بابت علم ۽ ڄاڻ جو وسيلو ناهي پر انسان ۾ ماڻهپي پيدا ڪرڻ سان گڏ ٻوليءَ جي تعليم انسان جي هڪ واڌاري يا اضافي صلاحيت يا اسڪل پڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته نه رڳو بين الاقوامي تعليمي ادارا پرملڪي ادارا به ٻولين کي وڏي اهميت ڏيندا آهن.
ان سلسلي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو مثال ڏيان ٿو، جتي خاص ڪري ماس ڪميونيڪيشن، آءِ آر ۽ آرٽس جي ٻين شعبن جي سنڌي شاگردن کي بي ايس سطح تي سنڌي ٻوليءَ جا ٻه مضمون (هڪ سنڌي لازمي ۽ ٻيو سنڌي اختياري) پڙهايا ويندا آهن. بي بي اي، ڪامرس، فزڪس، ڪيميسٽري ۽ بي ايڊ وغيره جا سنڌي شاگرد سنڌي لازمي مضمون پڙهندا رهندا آهن. ان جو وڏو مقصد اهو آهي ته شاگرد جڏهن عملي ميدان ۾ وڃن ته ٻوليءَ جي معاملي ۾ کين سهولتون ملن. بي ايڊ پاس استاد کي سنڌي مضمون به پڙهائڻو هوندو آهي. ماس ڪميونيڪيشن وارو سنڌي اخبارن ۽ چينلن تي به ڪم ڪري سگهي ٿو، جتي سنڌي مضمون جي تعليم کيس وڏو ڪم ڏيندي. اهڙيءَ ريت بزنس ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ڪارگر ثابت ٿئي ٿي.
انهن ڳالهين کي سامهون رکندي سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ بزنس مينيجمينٽ جي شاگردن لاءِ سنڌي ۽ چيني ٻولي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان هن موقعي تي يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر نثار احمد صديقيءَ کي جس ڏيون ٿا ته هن وقتائتو قدم کنيو آهي. مون پاران سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي قائم ڪرڻ جي گهر تمام گهڻي پراڻي آهي، مون کي اميد آهي ته جلد ئي ان يونيورسٽيءَ ۾ مڪمل سنڌي شعبو قائم ڪيو ويندو.
صديقي صاحب کي هڪ گذارش اها به ڪريان ٿو ته سائين اوهان پنهنجيءَ يونيورسٽيءَ ۾ بي ايڊ به ڪرايو ٿا، ان ۾ به سنڌي مضمون شامل ڪريو.
ان کان سواءِ اوهان آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج به هلايو ٿا، جن جو الحاق آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ سان ٿيل آهي، بورڊ کي مجبور ڪريو ته هو ميٽرڪ سان گڏ انٽرميڊيئيٽ ۾ به سنڌي مضمون جو امتحان لازمي شامل ڪري.
مليل ڄاڻ موجب سکر آءِ بي اي يونيورسٽي آگسٽ کان ڪجهه شعبن ۾ سنڌي مضمون جي شروعات ڪندي. نثار صديقي صاحب کي هڪ ڀيرو ٻيهر عرض آهي ته سائين مڪمل سنڌي شعبو قائم ڪيو وڃي ته جيئن بهتر ۽ معياري طريقي سان سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي تعليم جو بندوبست ٿي سگهي.
***
09 ين مئي 2019ع