احمد مغل جي جذبي کي سلام
نوٽ: جڳ مشهور قومي راڳي احمد مغل صاحب سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي حيدرآباد ۾ 24 هين فيبروري 2019ع تي ٿيل جلسي ۾ هڪ ڏکائتي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هُن منهنجو نالو کڻي چيو ته مون رحمان مغل کي پنجابي لکيو آهي، ان جو فيس بڪ تي لکيل جواب هيٺ ڏجي ٿو.
سرمد سنڌيءَ ۽ احمد مغل جي سنڌ سان محبت ۽ سچائيءَ تي ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي. کين منهنجو سلام آهي. مون سرمد سنڌيءَ کي ڪڏهن به پنجابي نه لکيو آهي. تنهن هوندي به منهنجي ڪنهن به لکڻيءَ سان احمد مغل کي ڪا تڪليف پهتي آهي ته اُن جي معافي گهران ٿو.
جنهن ڪتاب جي احمد مغل صاحب ڳالهه ڪري ٿو، اهو ڪتاب “ سنڌي ثقافت جا امر آواز” 2003ع ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي اڄ کان لڳ ڀڳ 16-15 سال اڳ شايع ڪرايو هو. مون اهو ڪتاب پنجن ستن سالن ۾ لکي تيار ڪيو هو.احمد مغل صاحب کي سرمد سنڌيءَ تي لکيل منهنجون جيڪي ڳالهيون نه وڻيون آهن، انهن جي وضاحت به هتي ضروري آهي.
1. سرمد سنڌيءَ سان منهنجي به نياز مندي هئي، مون پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ گهڻيون ڳالهيون کانئس پڇي پوءِ لکيون هيون. جنهن ڳالهه کي دوستن پنهنجي انداز سان سمجهيو آهي، اُها منهنجيءَ نظر ۾ هُن جي عظمت ۾ واڌارو آڻي ٿي ۽ ٻين لاءِ سبق پڻ آهي . مون ڪتاب ۾ سرمد صاحب جي ٻُڌايل ڳالهه کي هن ريت لکيو آهي ته ”سندس مادري ٻولي پنجابي هئي پر هُن همراهه جي سڄي خاندان پنهنجو پاڻ سنڌ کي ارپي ڇڏيو هو. هنن پاڻ کي سنڌ جا نمڪ حلال پٽ ثابت ڪيو. “ ( صفحو 170)
منهنجي خيال ۾ ان جملي سان سرمد سنڌيءَ جي عزت ۾ واڌارو ٿئي ٿو . سندس مانَ ۾ ڪنهن به قسم جي گستاخي يا غلط بياني ظاهر نه ٿي ٿئي.
2. احمد مغل صاحب لاءِ اڄ کان ويهارو سال اڳ منهنجي راءِ به ان مضمون ۾ شامل آهي . مون لکيو هو ته ، ”رحمان مغل جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ احمد مغل ڳائڻ شروع ڪيو آهي پر ان ۾ اها ڳالهه ناهي. ڳائڻ توڙي رويي ۾ هُن ۽ رحمان ۾ وڏو فرق آهي.“ (صفحو:170)
هن وقت احمد مغل پاڻ کي سڄيءَ دنيا ۾ مڃرايو آهي. منهنجو کيس سلام آهي پر اڄ کان ويهه سال اڳ ۾ احمد مغل ڪيئن هو، ان وقت مون پنهنجيءَ ايمانداريءَ سان راءِ لکي هئي، جيڪا دُرست هُئي.
ان راءِ کي اُن دور جي راءِ سمجهيو وڃي. تحقيق ۾ اضافا ٿيندا رهندا آهن. ڇاڪاڻ ته راءِ ، رويو ۽ صلاحيت هڪ هنڌ بيهڻ وارا عمل ناهن، انهن ۾ تبديليون ۽ واڌارا ٿيندا رهن ٿا. احمد مغل تي جڏهن مان هِن دور ۾ لکندس ته هِن وقت سندس جيڪا مڃتا ۽ مانُ مرتبو آهي ، اُن کي ئي سامهون رکندس .
3. صحافين ، ليکڪن ۽ محققن کي احساس هوندو ته هر ممڪن ڪوشش جي باوجود ڪا نه ڪا غلطي رهجي ويندي آهي. سرمد جي نياڻيءَ ۽ گهرواريءَ جي نالي ۾ پروف جي غلطيءَ تي معافي گهران ٿو.
ثقافت کاتي جي اڳوڻي سڪيريٽري محترم شمس جعفراڻيءَ سان به ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ، جنهن سان طئه ٿيو هو ته ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ وضاحتون ۽ ضروري دُرستيون شامل ڪيون وينديون.
هڪ محقق جي حيثيت ۾ مان جيڪو به لکندو آهيان ، ان لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ثبوت يا حوالي کي سامهون رکندو آهيان . ان ۾ ڪابه غلطي ٿي سگهي ٿي. ان غلطيءَ ۾ منهنجي ڪم علمي ۽ اڻڄاڻائي ته ٿي سگهي ٿي پر بدنيتي ۽ بدديانتي ذري برابر به شامل نه هوندي آهي. مان پنهنجي هر ڪتاب ۾ گذارش ڪندو آهيان ته منهنجي تحقيق حتمي ناهي، ان ڪري ٻيا محقق ان کي اڳتي وڌائن ۽ نشاندهي ڪن ته جيئن ٻئي ايڊيشن ۾ ان کي درست ڪري سگهجي.
***
25 هين فيبروري 2019ع
نوٽ: ثقافت کاتي يا ٻئي ڪنهن اداري جڏهن منهنجو اهو ڪتاب ٻيهر ڇپرايو ته ان ۾ ضروري درستيون ڪيون وينديون.